شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

اڃان سنڌ جي پئي جيئي ٿي ثقافت،

اڃان سنڌ جي پئي جيئي ٿي ثقافت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا فيض جاري آ روضي ڌڻيءَ جو،
وسي وڏ ڦڙو مينهن جئن ساوڻيءَ جو،
سنڌي ٻيڙي تي هٿ انهيءَ پاتڻيءَ جو،
نڪو لهر لوڏو انهيءَ کي ڪڻيءَ جو،
ذڪرَ لولِيون جِت، اڃا روحَ راحت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

هيو هيرو سنڌي سو سورهيه سچارو،
کپي موت يا ملڪ آزاد سارو،
وطن يا ڪفن جو اڃا گونجي نعرو،
پنهل پير سوريءَ تي پهتو پاڳارو،
اڃا سائين سورهيه جي چمڪي شهادت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

ڀٽائيءَ جو روضو ڪري پيو اجالو،
اڃا راهه بي راهه جي لئه رسالو،
اڃا ڀٽ جو راڳ سجاڳيءَ حوالو،
اڃا معنى مفهوم بيتن نرالو،
اڃا عام ٿئي پئي ڀٽائيءَ جي دعوت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

هي منصور سرمد بلاول جيئي پيو،
اڃا گهور دودو ۽ دولهه ٿيئي پيو،
2_ اڃا سن مان سرڪيون وڏو ڄڻ پيئي پيو،
اڃا هوشو هيمون به هڪلون ڏيئي پيو،
اڃا جهوڪ وارو نه وسريو عنايت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا روز امڙين کي پٽڙا ڄمن ٿا،
اڃا گهوٽ اڻموٽ پيدا ٿين ٿا،
۽ غازين شهيدن ۾ ڳڻبا رهن ٿا،
مرن ٿا ڪسن ٿا، نه پر هُو جهڪن ٿا،
اڃا ٿئي ٿي ننگن دنگن جي حفاظت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا ڪن اوطاقن تي انصاف ٿئي ٿو،
گناهن ثوابن جو اعتراف ٿئي ٿو،
ڪٿي ڏنڊ ڏوهه ۽ ڪٿي معاف ٿئي ٿو،
ٿجي کير کنڊ ۽ سينو صاف ٿئي ٿو،
محبت ۾ تبديل ٿئي ٿي حقارت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

2_بشير خان قريشي

اڃا سنڌ جا ڳوٺ آباد آهن،
مسافر اوطاقن تي مانيون ٿا کائن،
۽ مهمان رحمت اوطاقي ٿا ڀانئن،
اڃا مان مهمان ساڳيو ٿا پائن،
اڃا جت سي قائم ڪچهريون سخاوت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا گهوٽ موڙون ۽ پٽڪا ٻڌن ٿا،
اڇا ويس پائي هُو سهڻا لڳن ٿا،
مرادون پڄڻ تي وڏا ڀت هُو ڪن ٿا،
انهيءَ ڪاڄ ۾ راڄ راڻا اچن ٿا،
دلي دوستن جي ٿئي ٿي شراڪت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

ٿئي فوتگي جي غريبن گهرن ۾،
اڃا سڀ ٿين گڏ ڪفن ۾ دفن ۾،
ڏين ٿا حصو سڀ گڏي ڪانڌپن ۾،
نه تڪليف ٿئي تن ٻين حاجتن ۾،
اڃا هرڪو ڏيندو تنين کي آ پاهت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا سنڌ ڄائي نياڻي نماڻي،
اڃا پنهنجي ورَ سان بڻي ٻيلياڻي،
هلائي ٿي گهر کي اها گهر ڌڃاڻي،
صبر ۽ شڪر سان سدا ٿي سياڻي،
ڏيکاري ڏکن ۽ سکن ۾ شرافت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.
اڃا هاري انبار ان جا اپائي،
۽ مزدور مِل کي همٿ سان هلائي،
۽ واڍو ۽ رازو ٿو جايون بنائي،
۽ ڀاڳيو به ٿو مال پالي نپائي،
اڃا پورهئي جي هلي ٿي ڪرامت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا داغ دل جا پون ڌوئڻا ٿا،
گلن هار ڪن لئه پون پوئڻا ٿا،
اڃا لاڳ ماڻي کلن روئڻا ٿا،
ٿئي لايو سجايو ملن ڍوئڻا ٿا،
ته ڪاريگرن کي ڏجي ٿو پو آهت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا پيون دکن ٿيون ڪنڀارن جون آويون،
۽ ڀڙڪن لهارن جي دُکڻن تي باهيون،
اڃا هُنر ساڳيا ۽ ريتون به ساڳيون،
ساڳيا ساز آواز وايون ۽ ڪافيون،
اهي ناز انداز سنڌ جي نزاڪت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا اوليائن تي ميلا لڳن ٿا،
ملهه پهلوانن ۾ دنگل ٿين ٿا،
سگهڙ پنهنجي فن کي اچي پيش ڪن ٿا،
وڏا ڏاها ادبي مقالا پڙهن ٿا،
اڃا جِت آ زندهه سڄي سنڌ جي ساهت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا ڪيوِڙي ٽُڪَ تي رَلِيون ٺهن ٿيون،
رڳو ڏس پيو ڇا ته ڀلِيون ٺهن ٿيون،
ٽوالن رومالن تي ولِيون ٺهن ٿيون،
ڀري ڀرت سان گل ۽ دلِيون ٺهن ٿيون،
سنهي سئيءَ سان ناريون رکن ٿيون نفاست،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا جِيئَريون هِن چنهر ڪوڏا ساريون،
ٿين ٿيون گُڏن ۽ گڏين جون به شاديون،
گهِٻڙ غِلَ ۽ ليڪڙ بلورن جون رانديون،
اڃا ٻار ڪن لِڪ لڪوٽيءَ جون لاتيون،
اٿن راند سان گڏ پڙهڻ سان قرابت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.

اڃا سيس سنڌ جي مٽيءَ تي جهڪي پيو،
۽ سرتيءَ جي ڳل جينءَ ڌرتي چمي پيو،
اڃا سنڌ جيئي جو نعرو لڳي پيو،
اڃا قومي جهنڊو فضا ۾ اڏي پيو،
اڃا عاشقن جي وڌي “خاطي” چاهت،
اڃا سنڌ جي سينڌ آهي سلامت.