لکي گيت قومي ڏئي حوصلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو.
قلم ساڻ ٻاري ڏيئا روشنيءَ جا،
وهائي ڪي واهڙ علم جي نديءَ جا،
سجاڳيءَ جو ساري سچو سلسلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..
لکي انقلابي غزل گيت وايون،
ضميرن جي ڪٽ تي هلائي سراڻيون،
ڪريو تيز جذبا، وڌي ولولو.
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..
اسان جي علم ۽ ادب سان عداوت،
رهن شل زمينون زبانون سلامت!
مليو ماٺ جوآ اهو ئي صِلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..
اهي روز گلشن کي ساڙڻ گهرن ٿا،
اسان جي گهرن کي اجاڙڻ گهرن ٿا،
ويهين وقت اهڙي متان ويسِلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..
ڪوي ٿيندو قومن جو سالار آهي،
قلم تو سندي آڏو تلوار ڇا هي!؟
قلم ظالمن لئه زارِي زلزلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..
ڏئي ڏات کي تون ڏهوڻائي ڇيرا،
دليون دشمنن جون ڪري ٻيرا ٻيرا،
غدارن ـــ گهرن ۾ وجهي ٿرٿلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..
سچل شيام ساميءَ وارو وٺي گس،
اياز ۽ بخاري اٿئي سونهون بيوس،
اٿئي ساڻي سهڻو لطيف لاڏلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..
هي تنوير طالب ۽ امداد احمد،
هي سرويچ مدهوش شمشير ارشد،
اٿئي سڀ سي رهبر ناهين هيڪلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..
قمر نياز منشي ۽ آڪاش باغي،
هي راشد ادل مير سرڪش او خاطي!
اهو تاجَ گلَ وسيم جو قافلو،
ستل قوم جو ڪر قوي ڪو بِلو..