منهنجي محبوبڙي، پدمڻي، گل سِڻي،
چمڪڻي، چلڪڻي، مرڪڻي، مهڪڻي.
گل ڏسي، گل سِنگهي، واسجي، ڀؤنر ٿي،
دل چري سونهن تي، ٿي پئي هرکڻي.
رُوحُ هرڻي بڻي، اڃ اجهائڻ ڀڳو،
باههِ برُ، ڀڙڪڻي، تَڙَ ڏنس تڙپڻي.
دَمُ وَڌي، جي ڪو ماهِرُ مَٽَي چُهنبَ ها،
زِندَگي ڄَڻُ ته آ لاَٽِڻي، کِرکِڻِي.
بِي سهاري، ڪناري، ڏِسان پارَ ڏي،
مَنَ اُڪارِين ڪَري تون، رحم پَاتِڻي.
گهرَ اڏِيندي ثقافتَ لڳي سنڌ جي،
ڄڻ مِٽيءَ جي لڳي، مورتي اوڏڻِي.
شل ڪچهري ڪرڻ رات سپني اچي،
ڳالهه هڪڙي امڙ سان اٿم اورڻي.
هِت حميرن نه هلندي، ٿِجان مينڌرو،
ڪاڪ مومل جي ٿئي، ور وڪڙَ تِرڪڻِي.
ڏاڍ جي ڏار ۽ ڊوهه جي ڊاهه لئه،
شاعري ڪا سگهاري اٿم سرجڻي.
هِت رعيتَ ٿي بُکن ۾ ڳري ڄڻ لَڪُڻ،
پر حڪمران ٿيا، مال کائي ڊڻي.
سنڌ منهنجي سلامت رهي شل سدا!،
سنڌ جي سوچ خاطي اٿئون سوچڻي.