شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

جو سنڌ جو سورهه سچو، جو سنڌ جو ارڏو ٻچو،

جو سنڌ جو سورهه سچو، جو سنڌ جو ارڏو ٻچو،
سو سنڌ لئه لڙي پيو، سو سنڌ لئه مري پيو.

چمن سنديون وطن سنديون،حقن سنديون حفاظتون،
ننگن سنديون دنگن سنديون، نه طلبجن وضاحتون،
شهادتون شهادتون، سعادتون سعادتون،
جو رنگ انهي ۾ رتو،
سو سنڌ لئه لڙي پيو، سو سنڌ لئه مري پيو.

ڪمندَ قيدَ بندَ هِي، زنجير نيٺ ٽوڙبا،
هي تخت تاج ڇٽ سڀئي، ڪيرائي هيٺ ٽوڙبا،
انا جا بت ڀڃي ڀڃي، سمونڊ ۾ سي ٻوڙبا،
اٿس يقين سو پڪو،
سو سنڌ لئه لڙي پيو، سو سنڌ لئه مري پيو.

آ سنڌ جو سپوت هي، ٿو ماءُ خوش ڏسڻ گهري،
نئون سماج سنڌ ۾، پيار جو اڏڻ گهري،
مبارڪون مبارڪون، ڏيڻ گهري وٺڻ گهري،
“خاطي” نه سو جهڪيو کَـتو،
سو سنڌ لئه لڙي پيو، سو سنڌ لئه مري پيو.