شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

ڀاڙيا ڀڄڻ جي ڪر تون، ڀوتار، ايڪتا ٿئي!

ڀاڙيا ڀڄڻ جي ڪر تون، ڀوتار، ايڪتا ٿئي!
هِي سمجهه موت تولئه، مُردار، ايڪتا ٿئي.

کيڙي جو کائي سوئي، سڏ جو پڙاڏو گونجيو،
صوفي شهيد واري، گونجارَ، ايڪتا ٿئي.

مرسون نه سنڌ ڏيسون، سر ساهه گهوري ويندس،
هوشوءَ شينهن واري، للڪارَ، ايڪتا ٿئي!

سورهيُه ۽ دارُ مرڪيا، گهرجي وطن، ڪفن يا،
تجديد نعري تنهن جِي، ٻيهارَ، ايڪتا ٿئي.

“آڏو ٽَڪرَ ٽري وڃ”، “سوريءَ سڏ ٿيو آ”،
ڀٽ جي ڪويءَ جا سي، اشعارَ، ايڪتا ٿئي.

آ ڏاڍ تنهنجو جهڪڻو، جنهن ڪنڌ ۾ ڪِلي ٿئي،
تنهن ڪنڌ کي ڪپڻ لئه، تلوارَ، ايڪتا ٿئي.

سنبري اچڻ سنڌين جو، مقتل ڏي ڊوڙ ڀانئج،
مينديءَ جِي سا رت ۾، مهڪارَ، ايڪتا ٿئي.

هڪ ٿِي ويا هِي هيڻا، ڏاٽا ڪهاڙيون ڏس،
هٿ ڪونه ايندءِ تنهنجا، هٿيارَ، ايڪتا ٿئي.

ريليون مشاعرا مَچَ، قومي ٻڌيءَ جا منظرَ،
“خاطي” سي عشق جا سڀ، اظهارَ، ايڪتا ٿئي.