شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

پيار پڪو هي ميجڪ هوندو،

پيار پڪو هي ميجڪ هوندو،
بي حد هوندو، بيشڪ هوندو.

ڪيئن ڪٿيندو محبت جا مڻ،
جنهن وٽ ماپو سيرڪ هوندو.

ماءُ مٽي مارو نه سڃاڻي،
بي غيرت ۽ بي نڪ هوندو.

ماڻهو پنهنجي مزاجن پڌرو،
چندن هوندو، جي اڪ هوندو.

ٽيهين ڏينهن ته ڦاسي پوندو،
اوڻٽيهن جو هيرڪ هوندو.

قوم سان گڏجي جهومي تڙپي،
خاطي جهڙو ليکڪ هوندو.