لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڪن جي پاڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون لوڪ ادب جو اهم حصو آهن. اوهان اڳيان نامياري محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلي جو ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ بي اي ۽ ايم اي سنڌي جي ڪورس ۾ پڻ شامل آهي.
Title Cover of book پھاڪن جي پاڙ

( ب )

24. بُڇڙو ڪتو، ڌڻي پڻائي:
ڪنهن گهر وٽان، ڪي ٻه ڄڻا لنگهيا ته ڪتي مٿن رومڙ (اُلر) ڪئي. هڪ دوست، بجو (ڀونڊو) ڏيئي، چيس ته “لک لعنت هجي، تنهنجي ڌارينديءَ (ڌاريندڙ _ مالڪ) کي”. پر ڪتي بهڻ کان بس نه ڪئي پوءِ، ٻهٿڙي لٺ پيو کوڙيس، تڏهن ٻئي دوست چيس ته، “هي ڪتو، فلاڻي دوست جو آهي، متان دل ۾ ڪري!” تنهن تي لٺ ڍري ڪري، ڪتي کي چيائين ته، “ڪتا، تو نه لڄ، پر تنهنجي ڌڻيءَ لڄ”. يعني اي ڪتا، تنهنجي لڄ نٿي ماري، پر تنهنجي ڌڻيءَ جي!
مطلب: جيڪو بڇڙي هلت هلي ٿو، سو پنهنجن ڌڻين کي پڻائي (گاريون ڏياري، گهٽ وڌ ڳالهرائي) يا بدنامي ڪري ٿو.

25. بَخت ڏِئي ڀِيڙو، ته دال مان سِيرو:
دال مان سيرو يعني اڻ هوند مان يا سڃائيءَ مان آسودگي.
ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن پوليس عملدار سان، سندس وڏو آفيسر ايترو ناراض هو، جو هو کيس پوليس ٿاڻي تي ويٺو به نه سهندو هو. اڃا هڪڙي پاسي کان نوڪري ڏيئي، ٿاڻي تي مس پهچندو هو ته سندس آفيسر، وري کيس، ڪنهن نئين ڪم پويان ڀڄائيندو هو. مطلب ته سندس سارو ئي مهينو ائين گذرندو هو.
هڪڙي دفعي اهو ننڍو عملدار، رات جي وقت اڃا ٿاڻي تي پهتو ئي مس ۽ ماني کائي، پورو ٿڪ به نه ڀڳو هئائين ته وڏي عملدار گهرائي چيس ته، “فلاڻو ماڻهو، ڪنهن ڏوهه ۾ گهربل آهي، وڃي کيس پڪڙي اچ”. هي ويچارو، حڪم جو بندو! “حاضر سائين” چئي، گهوڙي تي لانگ ورائي روانوٿيو. بيگاهه وقت جي ڪري، سڙڪ ڇڏي، جهنگ مان هڪڙي ڦٽل ڪڙيي جو ڪپ ڏيئي، اُن ڳوٺ ڏانهن ٿي ويو، جنهن ۾ گهربل ماڻهوءَ، جو ڏس مليل هوس. اوچتو گهوڙي جي سنبت، ڪنهن اهڙيءَ سخت شيءِ سان لڳي، آواز ڪيو، جهڙو ڪنهن ٽامي جي برتن کي ڌڪ لڳڻ سان، آواز ٿيندو. هو اُهو آواز ٻڌي هڪدم گهوڙي تان لهي پيو. اڃا هٿن سان، مٽي هيڏا نهن هوڏانهن هٽايائين ته کيس هڪڙي ديڳ نظر آئي، جا ساري سونين مهرن سان ڀريل هئي! خرزين ۽ توبرو ڀريائين. کيس به پُر ڪيائين ۽ بچي پيل مهرون هڙ ڪري ٻڌائين! مطلب ته ديڳ ۾، ڪانه ڇڏيائين نالي ڪاڻ ڪا هڪڙي مهر! سندس ڳوٺ اتان ميل_ ٻن پنڌ تي هو، جنهن ڪري راتو واه سارو خزانو گهر رکي، وري پوئين پيرين موٽيو ۽ جنهن ماڻهوءَ کي پڪڙڻو هوس، تنهن کي پڪڙي عملدارن جي حوالي ڪري، پنهنجي استعفا جي عريضي ڏيئي گهر هليو آيو.
گهر ۾ ته، غيبي خزانو موجود هوس، جنهن مان، زمين ۽ ٻي ملڪيت خريد ڪري، اميراڻو گذر ڪرڻ لڳو.ماڻهن ۾چوپچو شروع ٿي ته هيءُ اڳ ۾ هڪڙو رواجي سپاهي هو ۽ هينئر امير بنجي ويو آهي! تنهن تي ڪنهن سالڪ چيو ته:
“ادا، جي بخت ڏئي ڀيڙو، ته دال مان ٿئي سيرو”.

26. بي شرمي دي سِيري ڪَنُون، ساڳ سَرِنهن جا چوکا:
ڪو ماڻهو پراڻي سڏ تي ويو. هن ويچاري کي، ٻين غريبن وانگر رواجي کاڌو مليو، ليڪن وڏيرن ۽ بيٺلن ماڻهن کي ٻوڙ پلاءَ، چاشني، سيرو وغيره مليو. هن ويچاري به سيري جي گهُر ڪئي، ليڪن ڪونه مليس. جڏهن گهر ويو، تڏهن گهر واريءَ سان اها ڳالهه ڪيائين، جنهن هڪدم سيرو تيار ڪري کارايس ۽ مٿيون پهاڪو ڏنو.
مطلب: پرائي ٻوڙ پلاءَ کان، پنهنجي رُکي سُکي به ڀلي. پرائو سيرو گهُري کائڻ، سو آهي پنهنجو شر م وڃائڻ، تئين کان گهر جو رڌل ساڳ صد بار بهتر آهي.
“ڀَلِي بُک ڀَرم جِي، شال نه وڃي شان.”
__________