لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڪن جي پاڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون لوڪ ادب جو اهم حصو آهن. اوهان اڳيان نامياري محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلي جو ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ بي اي ۽ ايم اي سنڌي جي ڪورس ۾ پڻ شامل آهي.
Title Cover of book پھاڪن جي پاڙ

( ڪ )

100. ڪُتي جو ڪارو ُمُنهن، رَٻَ اوتري جِي اوتري؛
هڪڙي رن زال، رٻ جو ڪنو رڌي، هيٺ لاهي رکيو. ٻاڦ نڪرڻ لاءِ، مٿان ڍڪڻ نه ڏنائين. ڀرسان ويٺل ڪتي ۾ ٻوٿ وجهي،کائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پريان مالڪ، زور سان هڪل ڏنيس، جنهن ڪري ڪتي، رٻ نه کاڌي ۽ جيئن تڪڙ ۾، ٻوٿ ٻاهر ڪڍيائين، تئين ڪتي جي پاسن کي لڳي ويس ۽ ٻوٿ ڪارو ٿي پيس. مالڪياڻيءَ کان کِل نڪري ويئي ۽ ائين چيائين.
مطلب: ٻچاپڙي ۽ چغل خور لاءِ، ائين چئبو آهي، جو ٻين کي وڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جڏهن ڳالهه کُلي ظاهر ٿئي ٿي ته اُهي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿيو وڃن.

101. ڪَننَ جي ڳالهين، مير بِجار مارايو:
ڪن جي سُس پُس يا لڪ ڇپ جي ڳالهين مان، خراب نتيجا نڪرن ٿا. جڏهن مير بجار خان، 1190هه مطابق 1777ع ۾، حج تان واپس وريو، تڏهن چار هزار بلوچ ۽ ٻي قوم کيس مجبور ڪيو ته ميان غلام نبيءَ سان جنگ ڪجي، ڇاڪاڻ ته هن، مير بجار خان جي پيءَ مير بهرام خان کي مارايو هو. آخر عمرڪوٽ ڀرسان جنگ لڳي، جنهن ۾، ميان غلام نبي مارجي ويو ۽ سندس لاش حيدرآباد آندو ويو.[2] مير بجار، سنڌ جي حڪومت پاڻ قبول نه ڪئي ۽ غلام نبي جي ڀاءُ، ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي حاڪم ڪيو.[3]
هينئر ميان عبدالنبي کي، مير بجار خان جو، هر وقت خوف رهندو هو ته مبادا وجهه وٺي کيس مارائي، ڇاڪاڻ ته مير بجار خان، وزير هو ۽ صحيح معنيٰ ۾ حڪومت جو چرخو ئي پاڻ هلائيندو هو ۽ ميان عبدالنبي نالي ماتر حاڪم هو. تنهن ڪري ميان صاحب کي اهائي آنڌ مانڌ هئي ته ڪنهن پرَ، مير بجار جو انت آڻجي. آخر جوڌپور جي مهاراجا بجيسنگ کي، عمر ڪوٽ ڏيڻ جو واعدو ڪري، مير بجار خان جي قتل ڪرائڻ تي آماده ڪيائين.
مهاراجا بجيسنگ، ٻه راٺوڙن هَر ناٿ سنگ ۽ موڪوم سنگ کي خط سان، ميان عبدا لنبي ڏي، جوڌپور مان، وڪيل بڻائي، خدا آباد روانو ڪيو.
مصنف تاريخ سنڌ لکي ٿو.[4]
“ ٻن راٺوڙن سان، ٻيا به ڪَي ما ڻهو هئا. اهي ڪيترائي ڀيرا، ميان صاحب ۽ مير بجار سان، الڳ الڳ مليا هڪ دفعي، انهي مير کي عرض ڪيو ته اسانجي مهاراجا کان اجهو هينئر خط آيو آهي، ان ۾ اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن، جي اوهان کي اڪيلائيءَ ۾ ئي ٻڌائي سگهبيون. خط ۾ لکيل آهي ته: ميان عبدالنبي، اوهان جي خلاف ڪيترائي خط، مهاراجا کي لکيا آهن. مهاراجا جو خط، هنديءَ ۾ آهي. جيئن ته اوهان مان ڪو به هندي ڪونه ڄاڻندو آهي، تنهنڪري اجازت ملي ته اسان خلاصگيءَ ۾ خط پيش ڪريون. مير صاحب سڀني کي ٻاهر ڪڍيو ۽ فقط هڪ ملازم اِيسَر کي پاڻ وٽ رکيائين...... هڪ وڪيل، مير جي ڀرسان اچي، خط پڙهڻ لڳو. پڙهندي پڙهندي، دوکيبازي دل ۾ رکي چيائين ته، “هي لفظ منهنجي سمجهه ۾ نٿا اچن”. ائين چئي، جهٽ ٻِئي کي گهرائي ورتائين. اهڙيءَ طرح انهن ٻنهي، مير کي خط پڙهڻ ۾ رڌل رکي، اوچتو ئي اوچتو مٿس تلوارن جا وار شروع ڪري ڏنا. جيتوڻيڪ مير صاحب زخمي ٿي چڪو هو، ته به اڪيلي سِر، ٻنهي قاتلن کي ماري وڌائين.”
هڪ روايت مطابق ته: مير بجار خان کاٻيءَ اک کان ڪاڻو هو ۽ ان ئي طرف کان مٿس پهريون وار ٿيو.
منشي ٻالچند، مير بجار خان جي شهادت جو سال، هن طرح ڏئي ٿو:
مَحفلِ شهدا جلوه کرد مير بجار.
1114هه
“لُبِ تاريخ وارو، شهادت جو سال (1194هه)، هيٺئين بيت مان ڪڍي ٿو:
از سر افسوس گفتا هاتفم،
مير شد از جمدر هندو شهيد.

102. ڪوڏي حرام ٿي بُجڪو حَلال:
هڪڙي ماڻهوءَ گهٽيءَ مان، هڪڙي ڪوڏي ۽ هڪ بُجڪو لڌا. گهر اچي ڏٺائين ته بُجڪي ۾ هيرا جواهر پيا آهن. ايڏو مال ڏسي، دل هِرکيس ته جيڪر اهو مال ڦٻايان، پر وِويڪ جا وَڍَ لڳس. چي، “اهو ڪُڌو ڪم ٺيڪ نه آهي”. انهيءَ ٻُڏان تَران ۾، ٻه _ ٽي ڏينهن پئجي ويس. آخر انهيءَ فيصلي تي پهتو ته ساڳي گهٽيءَ ۾ بيهي، وڏي واڪي چئجي ته هيءُ بجڪو ۽ هيءَ ڪوڏي ڪنهن جي آهي؟ جيڪو مالڪ هوندو، سو پاڻيهي ظاهر ٿيندو.
هڪڙي ڏينهن گهٽيءَ ۾ بيهي، وڏي آواز چوڻ لڳو، “ڪنهن وڃائي آهي هيءَ ڪوڏي؟ (۽ هوريان چوڻ لڳو) ۽ هيءُ بُجڪو” ٽي ڀيرا آواز ڏنائين، پر مالڪ ڪو به ڪونه جاڳيو. ڀلا، ڪوڏيءَ جهڙي خسيس شيءِ لاءِ ڪير اچي! جيڪا ماليات هئي، سا هئي بُجڪي ۾. ان جو نالو وڏي آواز ٻڌايائين ڪونه ٿي. هن کي مڙيوئي مال پنهنجي لاءِ “ڪوڏي حرام ۽ بُجڪي کي حلال” سمجهي، گهر ۾ رکڻو هو، سو ائين ڦٻايائين.