(چ)
هـَـڏ ڪـَپ ويري، دشمن.
هيءُ پهاڪو، چانڊڪا پرڳڻي جي پيدائش آهي، جنهن کي هينئر لاڙڪاڻو ضلعو چون ٿا.
چانڊيا ۽ مگسي، ٻئي بلوچ قوم جا جابلُو ماڻهو آهن ۽ هڪ ٻئي سان دنگئي پَلئي پڻ.
هڪ روايت مطابق، جڏهن چانڊڪا جاگير، ميان آدم شاهه (عباسي) ڪلهوڙي کي، مغلن کان ملي، تڏهن سندس ڪار پرداز غيبي خان هو. اُن وقت جهَلَ جو سردار زَئي خان هو، جنهن کي عام طرح مگسي خان ڪري چوندا هئا. (3) جهَل جو پرڳڻو (خِطو)، پوءِ ميان شاهل محمد عباسيءَ هٿ ڪيو، سو به چانڊين جي مدد سان. ميان شاهل محمد عباسيءَ جي ڪاهه جو فقط اهو سبب هو، جو مگسي، ميان جي فيصلن موجب نه هلندا هئا، جنهن کي ميان صاحب پنهنجي بي عزتي سمجهندو هو. اگرچ چانڊيا توڙي مگسي، ٻئي سندس مريد به هئا. مگسين کي انهيءَ تي مَٺيان لڳي ته ڇو گيگهيرن (ساڳيو گهَگهو ڍڪيندڙ هم ذات يا چانڊين بلوچن)، ميان شاهل محمد جي چُرچ تي اسان تي چڙهائي ڪئي؟ جيتوڻيڪ مگسي، ظاهر طرح خاموش رهيا، پر اندروني طرح منصوبا سٽيندا رهيا ته ڪهڙيءَ طرح به چانڊين کان وير وٺجي. انهيءَ ڪري ٿوري گهڻيءَ تان پاڻ ۾ اٽڪندا هئا.
سندن عداوت جو ٻيو سبب اهو معلوم ٿيو آهي ته چانڊڪا جو هڪ امير ماڻهو، جهَل مان هڪ خاندان تي سخت حملو ڪري آيو. مگسين، وري اهڙا ڏهه حملاڪيا. انهيءَ ڪري گويا جهنگ کي باهه لڳي ويئي. ٻنهي جي وچ ۾ وڏو جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ ايترا ماڻهو مئا، جو ميدان ئي رت سان رڱجي ويو! انهيءَ واقعي کي تَرَ جا ماڻهو “ماهو” سَڏڻ لڳا. آخر ٻنهي ڌرين جو فيصلو، ميان شاهل محمد عباسيءَ جي جَرڳي ڏنو.
(نگران سنده. باب قديم اقوام سنده.)
69. چَٽي چَنيجَن جِي پرڻ تي پيئي:
چنيجا ۽ پَرڻ، موري تعلقي (ضلعي نواب شاهه) ۾ ٻه ڳوٺ آهن، جي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن. چنيجن ۾ هڪڙو هِندو سيٺيو رهندو هو، جنهن جي ڪن ماڻهن سان اڻبڻت ٿي پيئي. انهن ماڻهن کي، هر وقت اهو خيال رهندو هوته سيٺئي جو سر کڻجي. هڪ دفعي سيٺ کي ڌاڙو هڻڻ ويا، پر رات جي وڳڙي ۾ رستو ڀلجي، وڃي پَرڻ تي ڪڙڪيا. ڌاڙو ته هنيائون، پر سندن مطلب سِڌ نه ٿيو. ڪنهن انهيءَ واقعي کي ٻڌي، ائين چيو.
مطلب: جڏهن هڪ جو ڏوهه، ٻئي تي اچي، تڏهن ائين چئبو آهي.
70. چڱو جن لِکيو، مَدو سي نه پَسن، توڙي رِڻ رهن، ته به کنڊون کائين کير سان:
جن جي قسمت ۾ چڱو لکيل آهي، سي ڪٿي به هوندا ته سک پيا پَسندا.
چون ٿا ته هڪڙي بادشاهه، جهنگ ۾ محلات ٺهرايو هو. جڏهن راڻيءَ سان شڪار تي ويندو هو، تڏهن اُتي آرامي ٿيندو هو. هڪ دفعي شڪار ڪندي، راڻي ۽ بادشاهه جدا ٿي ويا. راڻيءَ ته جلد ئي محلات ڳولي لڌو، پر بادشاهه اڃا نه آيو.
هڪ مسافر، بادشاهه جي محلات وٽ لنگهيو. مسافر کي ٿَڪَ ماندو ڪري وڌو، جنهنڪري محلات جي ڪُنڊڙيءَ ۾ کٽ تي سمهي پيو. جڏهن اُٿيو، تڏهن بک بي حال ڪيس. محلات جي الماري کولي ڏٺائين ته منجهس کنڊ ۽ کير پيا آهن. کير کنڊ پي، وري سمهي پيو. اتفاق اهڙو ٿيو، جو بادشاهه به اتي آيو. ڏسي ته هڪ ماڻهو، کٽ تي آهِليو پيو آهي. وري مٿي وڃي ڏسي ته سندس راڻي پلنگ تي سُتي پيئي آهي. بادشاهه کي غيرت آئي، مسافر کي اُٿاري، پنهنجي شهر ڏانهن سزا ڏيارڻ خاخر، وزير ڏانهن هڪ خط لکي ڏنائينس. جڏهن شهر پهتو، تڏهن وزير کي اهو خط ڏنائين. وزير پڙهندي، هڪدم اڌ حڪومت جو کيس ڏنو. قدرت ڪريم جي، جيڪي اکر بادشاهه، غريب جي سزا لاءِ لکيا هئا، مثل سزاوار آهي = ٻي معنيٰ لائق آهي، سي انعام جي صورت ۾ تبديل ٿي ويا. غريب جي اها ڳالهه ٻُڌي، ڪنهن ائين چيو.
71. چورَ جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪَکُ:
چون ٿا ته هڪ قافلي مان ڪنهن سيٺ جو مال چوري ٿي ويو. سيٺ، هڪدم سڀني کي گڏ ڪري، چيو ته، “منهنجو مال چوري ٿي ويو آهي، جنهن کنيو آهي، تنهن جو پتو پئجي چڪو آهي ۽ اُن جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪَکُ آهي.” چورَ به ان مجموعي ۾ موجود هو. ان کي دل ۾ شَڪُ جاڳيو ته، مُبادا منهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک هجي، ڇو نه ڪڍي ڇڏيان. اهڙيءَ طرح چور ظاهر ٿي پيو ۽ سمورو مال مليو.
مطلب: عيبدار هميشه پنهنجي هر هڪ ڳالهه سان سڃاتو وڃي ٿو، يا شخص، ڪنهن جي طعني کي پنهنجي طرف گمان ڪري، تڏهن انهيءَ جي نسبت ائين چئبو آهي.
اُردو: چور ڪي داڙهي ۾ تنڪا.
72. چور کي چون ته گهڙينس گهر ۾، ڀاڳئي کي چون ته چور، گهر ۾ گهڙيو اٿئي:
اهو مثال، اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪم آڻبو آهي، جنهن ۾ هِنَ جي، هُنَ سان ۽ هُنَ جي، هِنَ سان گِلا يا شڪايت ڪري، ٻِن ڌُرين جي وچ ۾ جهڳڙي وڌائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي.
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙي ڳوٺ ۾، هڪڙو اهڙو شخص رهندو هو، جنهن جي عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڏسندو هو، ته ٻن ڌرين جي وچ ۾ معمولي ڇڪتاڻ ۽ جهڳڙو شروع ٿيو آهي، تڏهن ڇا ڪندو هو، جو جدا جدا وقتن تي، لِڪي ڇَپي، ٻنهي ڌرين سان پيو ملندو هو ۽ انهن کي ڪجهه سچيون ڳالهيون ته ڪجهه مرچ مصالحه لڳائي، اهڙي ته نوع سان ٻڌائيندو هو، جيئن هو پاڻ ۾ وڙهي پون! پر ٻنهي ڌرين کي اهو تاڪيد ڪندو هو ته، “بابا، مان آهيان خير وارو، مهرباني ڪري منهنجو ڀُليو ڀُلايو به نه کڻجو!”
انهيءَ شخص جي شرارت جو اهو نتيجو نڪتو، جو روزانو ٻنهي ڌُرين جي پاڻ ۾ چَڪري لڳي پيئي هوندي هئي، بعض ته رَت وَهائڻ تائين به نوبت پهچي ويندي هئي.
آخر ڳوٺ وارن کي، سندس شرارت ۽ شيطان گيريءَ جو پتو پئجي ويو، جنهنڪري ڳوٺ ئي ڇڏي وڃڻو پيس.
73. چور نه، ته چاڪي ئي سَهي:
ڪنهن ڳوٺ ۾ چوري ٿي، وقت جي قاضيءَ، پوليس تي زور رکيو، ته ڪنهن به صورت ۾، چور پيدا ڪيو وڃي. هاڻي پوليس ڇا ڪري! پيرو لڳي ته پتو پوي! جڏهن پوليس کان سچو ڏوهي لڀي نه سگهيو، تڏهن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، هڪڙي غريب چاڪيءَ کي گِهلي وٺي آيا. قاضي، اُن چاڪيءَ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو. چاڪيءَ کي آيل ڏسي، پوليس ڏانهن منهن ڪري، چيائين ته:
“چور نه، ته چاڪي ئي سَهي.”
مطلب هيءُ آهي ته: موقعي مهل تي، ڪم ٽپائڻ ۽ جند ڇڏائڻ لاءِ هڪ جِي، ٻِي ڪبي آهي، ته ان وقت اهو پهاڪو استعمال ڪيو ويندو آهي.
74. چورن مٿان مورَ:
چون ٿا ته ڪن چورن، چوري ڪري، جهنگ ۾ سامان لاٿو. جڏهن ورهائڻ شروع ڪيائون، تڏهن هڪڙو سونو هار به ڪڍي، ميدان تي رکيائون. وڻ تي مور ويٺو هو، جنهن جي نظر وڃي هار تي پيئي، سو لامارو ڏيئي، اهو هار کڻي ويو، تنهن تي چورن مان هڪڙي ائين چيو.
مطلب: جڏهن ڪو، ناجائز طريقي سان، ڪا شيءِ هٿ ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪو ٻيو ماڻهو، کانئس اها شيءِ (سڄي يا اڌ) کڻي وڃي ٿو، تڏهن ائين چئبو آهي.