(ٺ)
چون ٿا ته ڪنهن شاهوڪار جي، پيريءَ ۾ پُٺ پڌري ٿي، تنهنڪري شهر جا ماڻهو، توڙي آس پاس جا، کيس مبارڪون ڏيڻ ويا ۽ ڪيترا ته مصرين جا ٿالهه ۽ ٻيا تحفا کڻي ويا. هڪڙو مهاڻو، جو سندس در جو دائما دعاگو هو، سو به ٻه پلا کڻي، وٽس ويو، شاهوڪار جي دل ۾، هن غريب مهاڻي جي غريباڻي تحفي ايڏو ته اثر پيدا ڪيو، جو کيس ڏهه ڪَلدار رپيا ڏنائين. جڏهن ڪنهن لوڀيءَ، هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن خيال ڪيائين ته: شاهوڪار کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ، هڪڙو سادو سُودو تحفو کڻي وڃان ته جيئن ان جي عوض ڪجهه وڌيڪ ڪمائي اچان. اهو خيال ڪري، هڪڙو مَتارو دُنبو، اڍائي رپين ۾ خريد ڪري، شاهوڪار وٽ تحفي طور کڻي ويو. شاهوڪار ته هن کي ڌُرئون سڃاڻندو هو، سو عجب ۾ پئجي ويو ته ڪيئن اڄ هن دُنبو آندو آهي! پڇيائينس ته، “دُنبو گهڻي خريد ڪيو اٿئي؟” چيائين ته، “سائين اڍائي رپين ۾”. شاهوڪار قصي کي تاڙي ويو، سو هن کي چيائين ته، “تو به تحفو آندو آهي، پر مان توکي، ان کان به سٺي چيز ٿو ڏيان”. لوڀي ڏاڍو خوش ٿيو، پر جڏهن ڏٺائين ته شاهوڪار، هن لاءِ، هڪ پلو آندو آهي، تڏهن تَرو ئي لڳي ويس. شاهوڪار چيس ته، “گهيٽو اڍائي رپين ۾ آندو آهي ته مون وري هي پَلو، پنجن رپين ۾ ورتو هو، جو توکي ڏيان ٿو”: لوڀيءَ دل ۾ چيو ته، “مون به گهڻن کي ٺَڳيو، پر هن ته مون کي به ٺَڳي ورتو. جڏهن ماڻهن ۾ اها ڳالهه عام ٿي، تڏهن ڪنهن ائين چيو.
مطلب: جيڪو گهڻو لوڀ ڪندو، سو ضرور نقصان پائيندو.