(ڇ)
ڳالهه ڪرڻ وقت، اجائي، اينگهه ڪرڻ، بيجا ڳالهائڻ، اجائي بَڪَ ڪرڻ.
ڇَتو، رامڻ ڪوريءَ جو شاگرد هو. چون ٿا ته ساهتي پرڳڻي جو ويٺل هو. جڏهن پنهنجي استاد رامڻ ڪوريءَ وٽ اڻاوت جو ڪم سکندو هو، تڏهن به ڳالهائڻ وقت، اجائي ڊيگهه ڪندو هو. هڪ دفعي رامڻ پَٽڪو لاهي، پاسي ۾ رکي لڳو اُڻڻ. سندس ڇِڪَڻ وارو حُقو پڻ، پَٽڪي ڀرسان رکيو هو. اتفاقاَ َ هڪڙي چِڻنگ وڃي، پَٽڪي تي پيئي. ڇَتو، اهو حال ڏسي، وسائڻ جي بجاءِ، رامڻ جو ڌيان، اينگهه ڪري، هن طرح ڇِڪائڻ لڳو.
جَناب حضرت، استادَ رامَڻَ جي،
حُقي مان، هڪڙي چڻنگ اڏامي،
وڃي دستار مبارڪ تي پيئي آهي!
جيسين ڇَتي، اهي لفظ چئي پورا ڪيا، تيسين رامڻ جي پَٽڪي جو ڳپل حصو سڙي ويو.
جڏهن ڪم سِکي رهيو، تڏهن جوڙيون کڻي، وڪڻڻ ويندو هو. ٻيا ڪوري پنج پنج جوڙُيون کپائي اچن، پر هيءُ مڙس، هڪ جوڙي به مس کپائي، ڇاڪاڻ ته ڊيگهه ڪرڻ، سندس عادت ٿي ويئي هئي. جوڙي وڪڻندي، وٺي پنهنجي اُڻيل ڪپڙي جي تعريف ڪندو هو. چي: “هيءَ جوڙي مضبوط آهي، سندس ٺِڪرِي پَڪي آهي. ڌاڳو پَڪو اٿس، گهاٽي اُڻيل آهي، تمام گهڻو چوڙُ ڏيندي، ڏاڍي سَستِي آهي، بَرُ به وڏو اٿس ۽ کار ۾ سڳو نه ڳرندس وغيره!”
ڀَلا، جيڪڏهن هر هڪ گراهڪ سان، ايڏي ڊيگهه ۽ بَڪ شَڪ ڪبي ته ڪم جو جلدي اُڪلاءُ ڪيئن ٿيندو!