(ڄ)
ڪنهن سِڪايل کي، سالن کان پوءِ الله نوازيو. وڏا شادمانا ڪيائين. ڀلا جو پيڙهيءَ ۾ ڪَڻ پيدا ٿيس، پوءِ خوشي ڇو نه ڪندو! ڇوڪرو، اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو، اچي جوان ۽ شاديءَ لائق ٿيو. پڻس وڏي دل ڪري، ڪنهن بنيادي گهر مان شادي ڪرايس. ڪجهه وقت ته صلح سانت ۾ گذريو، پر پوءِ آهستي آهستي سَسَ ۽ نُنهن وچ ۾ ترشِي وڌندي ويئي. آخر حالت اچي اُتي بيٺي، جو گهر ۾ سڄو ڏينهن گَهپِي ۽ ڪِلڪِل لڳي پيئي هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن پيءُ، پٽ کي چيو ته، “ابا، زال تي ضابطو رک” پُٽ وراڻيو ته، “بابا، اوهان زور آور آهيو، هوءَ ويچار گُگدام! اما، هر گهڙيءَ پيئي لوئيس ۽ وڙهيس، ته به ويچاري ڪُڇي ئي ڪين، اوهين پاڻ پنهنجي زال تي ضابطو رکو!”
جڏهن پڻس اهي لفظ ٻڌا، تڏهن چيائين ته:
“ڄائو پُٽ لَٿِي سِڪَ، پَرڻيو پُٽ پيئي ڀِڪَ!”
67. ڄَٽيءَ سُٽ پُسايو، واڻئي وِڌَس وَٽِي، ڄَٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻئي ڄَٽِي:
اڳي دستور هوندو ته ائٽ تي سُٽُ ڪتي، زالون دڪانن تي وڃي وڪڻنديون هيون.
ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ڄَٽيءَ (اڻ پڙهيل زال)، سُٽ ڪتي، پاڻيءَ ۾ پسائي رکيو. جڏهن ٿوروڙ سُڪو، تڏهن واڻئي جي دڪان تي کڻي ويئي. واڻئي هڪدم سهي ڪري ورتو، تنهنڪري مقرر وزن بدران ڳَري وزن وارو وٽُ، تارازيءَ جي ٻِئي پُڙَ ۾ وڌائين. ڄَٽي ويچاري خوش ٿي ته واڻئي کي ڦُريو اٿم. جڏهن پئسا وٺي گهر موٽي، تڏهن ڪنهن عاقل سان اها ڳالهه ڪيائين ته مان واڻئي کي، هن نموني ڦرُي آئي آهيان. واڻئي جي حرفت کان هو بخوبي واقف هو، تنهن ڪري چيائين ته.
ڄَٽيءَ سُٽ پُسايو، واڻئي وِڌَس وَٽِي،
ڄَٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻئي ڄَٽِي،
مٺي سا ئي ڄَٽي.