لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڪن جي پاڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون لوڪ ادب جو اهم حصو آهن. اوهان اڳيان نامياري محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلي جو ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ بي اي ۽ ايم اي سنڌي جي ڪورس ۾ پڻ شامل آهي.
Title Cover of book پھاڪن جي پاڙ

(ر)

88. رام ڪهاڻي:
ڳالهه کي اجائي ڊيگهه وٺائڻ يا اِنگهائڻ. ٿوري جواب جي بجا گهڻي بَڪ ڪرڻ.
رام، راجا دسرٿ جو وڏو پُٽ هو. راجا دسرٿ کي 3 زالون هر هڪ ڪوشليا، سُمترا ۽ ڪيڪئي هيون. ڪوشليا مان، رام، سُمترا مان لڇمڻ ۽ شَترگهن ۽ ڪيڪئي مان ڀرت هوس. هڪ دفعي راجا دسرٿ کي، ڪو زهر آلوده تير لڳي ويو هو، جنهن جو زهر، راڻي ڪيڪئي، پنهنجي زبان سان چوسي ڪڍيو هوس. راجا، سندس ايڏي خدمت مان خوش ٿي، کيس وچن ڏنو ته، گهُر جيڪي گهُرڻو اٿئي. راڻي ان وقت عرض ڪيو ته، “مون، جنهن وقت ضرورت محسوس ڪئي، تڏهن پنهنجو انعام گهرنديس.” راجا چيس ته، “چڱو، توسان وچن آهي، توکي جيڪي به ۽ جڏهن به گهرجي، تڏهن گهُرجانءِ ته توکي ملندو.”
راجا جو وڏو ۽ ولي عهد پُٽ، رام هوپ. راڻي ڪيڪئيءَ کي اچي لالچ ٿي، ته راجا کانپوءِ گاديءَ تي منهنجو پٽ ڀرت ويهي. اهو خيال ڪري، راجا کي وڃي وچن ياد ڏياري، پنهنجي پٽ ڀرت لاءِ، گاديءَ جي گهُر ڪيائين ۽ اُن سان گڏوگڏ رام چوڏهن ورهين بَن (جهنگل) ۾ وڃڻ جو شرط پيش پڻ ڪيائين. هاڻي ويچارو راجا به ڄڻ بن باهين ۾ اچي ويو! جي وچن ٿو پاڙي ته هڪ لائق پُٽ جي جدائي ٿي ماريس، پر جي وچن ٿو وساري ته پوري ڀارت ورش ۾ ڪوڙو ٿو ليکجي! هاڻي وڃي، سو وڃي ڪيڏانهن!
هوڏانهن رام کي جڏهن انهيءَ قصي جي خبر پئي، تڏهن سڌو پيءُ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس ته، “پتا جي! اوهان جو وچن اوس پورو ٿيڻو آهي. آءٌ چوڏهن ورهيه بنواسي ٿيڻ لاءِ تيار آهيان ۽ گادي پڻ بيشڪ پرت کي ملي. آءٌ انهي ۾ خوش آهيان. ائين چئي، روئندڙ ۽ غم زده پيءُ کي پيرين پئي، کانئس موڪلايو اڃا ٻاهر مس نڪتو، ته سندس استري (زال) سيتا ۽ ڀاڻس لڇمُڻ جي پڻ تيار بيٺا هئا، سي ساڻس هلڻ لاءِ تيار ٿيا. رام، کين گهڻوئي سمجهايو ته، بن ۾ هي تڪليفون آهن، هي مصيبتون آهن وغيره، مگر ڪيتري سمجهائڻ جي باوجود به، هو نه مُڙيا ۽ ساڻس گڏ روانا ٿيا. اُهي چوڏهن ئي سال، هن ڏاڍيءَ تڪليف سان، دکڻ هندستان جي جهنگلن ۾ گذاريا. هڪ دفعي رام جي استري سيتا کي، بن ۾ اڪيلو ويٺل ڏسي، سلون جو راجا راوڻ، کڻي ويو، جنهن سان لڙائي ڪري، دکن هندستان جي راکا سُگريو ۽ سندس وزير هَنُومان جي مدد سان، سيتا کي هٿ ڪيو ويو ۽ انهيءَ لڙائيءَ ۾ راوڻ مارجي ويو. راوڻ جي مارجڻ ڪري، “دَسهڙو” ملهايو ويندو آهي.
چوڏهن ورهيه بنواس جي مُدي پوري ٿيڻ کانپوءِ، رام، پنهنجي راڄڌاني (تختگاهه) ۾ موٽي آيو. ڀاڻس پرت، جو اصل ۾ پاڻ کي راجا جو نائب سمجهي، سندس چاکڙي، تخت تي رکي، حڪومت جو ڪاروبار هلائي رهيو هو، سو رام جي پيشوائي ۾ وڃي، وڏي عزت سان کيس وٺي آيو. انهيءَ رات ساري شهر ۾ چراع بندي ڪئي ويئي. ڏياري، انهيءَ موقعي جو يادگار آهي.
جڏهن ٿوري احوال ڏيڻ جي بجا، لنبو چوڙو جواب ڏبو آهي، تڏهن عام طرح ائين چيو ويندو آهي: اِها “رام ڪهاڻي” ڇڏ، يعني ڊيگهه ڇڏ، پنهنجو کُليل مقصد ظاهر ڪر.
ڪي وري “دُک ڀري ڪهاڻي” لاءِ به، ائين چوندا آهن.

89. راهُوجَن ۾ رات، قادر ڪنهن جي نه وجهي:
سنڌ ۾ راهوجن جا ڪيترائي ڳوٺ آهن،پر هيءُ پهاڪو تعلق رکي ٿو “ڪَچي” واري راهوجن سان، مديجيءَ جي ڀرسان، ڪچي ۾ راهوجن جو ڳوٺ آهي.
ڪنهن سمي هڪڙو سيد، اُن ڳوٺ ۾ وڃي نڪتو. واقفيت نه هئڻ ڪري، وڃي مسجد جو پاسو ورتائين. رات جو پٽڙو ڀَت مليس، تنهنڪري سندس اندر نه ٺريو، تنهن کانسواءِ هڪ گرمي ۽ ٻيو اُٻهڙ ۽ ٽيون وري مصيبت ڪچي جا مڇر! ساري رات لُڇندي گذاريائين. صبح جي نماز پڙهي موڪلائڻ لڳو ته جماعت جي ماڻهن چيس ته، “قبلا مهرباني ڪري هڪڙي ٻي به رات رهو.” جنهن تي شاهه صاحب چيو ته:
“ابا راهوجن ۾ رات قادر ڪنهن جي نه وجهي!”
ڪن جو خيال آهي ته اهو سيد، شاهه عبداللطيف هو، جو فقيرن سان گڏ، راهوجن ۾ رهيو ۽ انهن جي حالتن کي ڏسي، هي بيت چيائين:
راهوجن ۾ رات، قادر وجهي نه ڪنهن جي،
رَنون رب رُلايون، آهر اڳلي واٽ،
پليجن کان پاٽ، ڀَر جي آئي ڀت جي.
چون ٿا ته اتان جي زالن، شاهه صاحب جي فقيرن سان چرچا ڪيا هئا ۽ شاهه صاحب جي هڪ عقيدتمند، پليجن جي ڳوٺ مان، ڀَت جي پاٽ ڀرائي آندي هئي. شاهه صاحب بيت ۾ اهڙي وضاحت ڪئي آهي.

90. روهين رَلا، مٿي کَلا:[2]
ڪوهستاني ڌنار، مال جي سانگي، ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ، سدائين سبزيءَ ۽ گاهه وارو هنڌ ڳولين ته جيئن سنهو مال سکيو رهي ۽ مـَيو متارو ٿئي، ڇاڪاڻ ته سندن مکيه گذران آهي ئي مال جي پيدائش تي! انهيءَ ڪري سندن ٽپڙ، سدائين پُٺيءَ پاڏون يا مٿي تي ڏسبا. ڪنهن واٽهڙو، سانگي ماڻهن کي انهيءَ لڏ لڏاڻ واري حالت ۾ ڏسي ائين چيو:
سانگي ماڻهن لاءِ، ٻي به چوڻي آهي ته: لَڏو ئي لَٺ تي. يعني سندن گذر، سنهي مال (ٻڪري ۽ رڍ) تي آهي، جن جي پٺيان لٺ کنيو، چراوها ڳوليندا ۽ ڌڻ چاريندا ٿا وتن “لٺ” لفظ تمثيل ٿي ڪم آيو آهي يعني “لٺ” مان مراد “ڌڻ” آهي يا ته ڌراڙ سامان جي هڙ ٻڌي لٺ تي لڙڪائي ڪُلهي تي رکندا آهن.

91. رَهو حـَلال، ٻـُوٽيـُون حـَرام:
چون ٿا ته مڪتب جي شاگردن، گهٽيءَ مان ڪنهن پاڙيسريءَ جي ڪڪڙ ڦاسائي، اُستاد جي گهر موڪلي ڏني. جڏهن استاد کي، اها خبر پئي، تڏهن شاگردن کي سخت تنبيهه ڪيائين. شاگردن چيس ته، “سائين، ڪڪڙ پاڻهي مڪتب ۾ آئي. شايد ڌڻيءَ، اوهان لاءِ ئي موڪلي آهي.” استاد چيو ته، “نه بابا، نه، مون کي حرام نه گهرجي.” شاگردن چيو ته، “استاد صاحب ڀلا، هيءَ ڪڪڙ ڪنهن کي ڏيون؟” استاد چيو ته، اوهان گهٽيءَ ۾ وڃي، شريعت مطابق، زور سان ٽي ڀيرا چئو ته، “ڪنهن جي آهي هيءَ ڪڪڙ، جيڪڏهن ٽنهي ڀيرن سان، ڪو مالڪ پيدا نٿو ٿئي ته پوءِ چئبو ته موڪلي آهي.” شاگرد، گهٽيءَ ۾ وڃي، ڪڪڙ کي هٿ ۾ جهلي مٿڀرو کڻي ٽي ڀيرا چيو، “ڪنهن جي آهي (زور سان)، هيءُ ڪڪڙ (بلڪل آهستي).” ٽنهي ڀيرن سان ڪٿان به آواز نه آيو. پوءِ ڪڪڙ کي حلال ڪيائون. استاد، گهر وارن کي چيو ته، “منهنجي ڀاڱي ۾ موڪليل ٻوڙ ۾ ٻوٽيون نه وجهجو، باقي رَهو (شوروو) جائز آهي، سو ڀلي هجي”. شاگردن استاد جي اها فتويٰ ٻڌي، تڏهن هڪڙي شاگرد چيو ته، “رَهو حلال ۽ ٻوٽيون حرام.”
هڪ روايت مطابق، استاد چيو ته، “جيڪڏهن ٻوٽي پاڻهي ڏوئيءَ تي چڙهي پوي ته اها جائز آهي، باقي سعيو ڪري نه ڏجو.”