( هه )
هيءُ پهاڪو ڪلهوڙن جي دور جي پيدائش آهي. جڏهن ميان شاهل محمد ڪلهوڙي، 1025هه مطابق 1675ع ۾ گهاڙ واهه کڻايو هو،[7] تڏهن درياهه کان ويندي، گهاڙ واهه جي ڇوڙ تائين، لاڙڪاڻو هڪڙو ئي مشهور شهر ۽ بندر هو. واپاري، ايران ۽ ڪوهستان کان ڪَهي، هت اچي، واپار ڪندا هئا ۽ لاڙڪاڻي کي ٻيڙين جي رستي، ٻين شهرن سان ملائي، گويا مرڪزي حيثيت ڏني ويئي هئي، جتي اناج ۽ ٻين شين جا قافلا اچي، منزل انداز ٿيندا هئا. انهيءَ هنڌ کي “قافلا سراءِ” سڏيندا هئا، گهاڙ واهه جي ڏائي ڪپ تي، اڄ به “قافلا سراءِ” نالي سان مشهور محلو آهي، جو انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي.
“سچ پچ ته سنڌ ۾ ڪلهوڙن، رستن ۽ واهن ٺهرائڻ جي وڏي خدمت ڪئي. قريباَ َ پنجاهه هزار ميل رستا ۽ پنجويهه هزار ميل واهه جاري ڪيائون”. (نگيران سنڌ). انهيءَ ڪري لاڙڪاڻو سبزي ۽ ساوڪ ۾ ايترو ته وڌي ويو، جو ڪيترا سياح ان کي “سنڌ جو عدن” سڏڻ لڳا.
جنهن جاءِ تي ٻيڙيون، مختلف طرفن کان اچي لَنگَرُ هڻنديون هيون، اُتي رات ڏينهن ماڻهن جي گپاگيهه لڳي پيئي هوندي هئي. خشڪيءَ جي رستي، ڪيترائي قافلا ۽ گهاڙ واهه جي رستي، سنڌو درياهه کان، مال سان ڀريل ٻيڙا ايندا ۽ ويندا هئا. واپار سبب، ڏيهي خواهه پرڏيهي واپارين کي جهجهو فائدو ٿيو ٿئي، جنهنڪري کين، پئسن سان راند ڪرڻ سولي ٿي پيئي. لنگر گاهه جي ڀرسان، هڪڙو “چَڪُلو” پيو، جتي حسن جي بازار گرم لڳي ويئي. منجهس طعام، قيام، ۽ جام جو ٺاهوڪو بندوبست هو، جنهنڪري پري پري کان شوقين ۽ عاشق مزاج انسان، پکين جيان پرواز ڪري، انساني حُسن تي اچي پرگهٽ ٿيندا هئا ۽ کَنڀ کُهائي، کيسا خالي ڪرائي، ٽَرڙ ٿي، موٽندا هئا. مسٽر برٽن لکي ٿو ته؛[8]
“مسٽر پُل ۽ هرچند، مشهور ناچڻيءَ کي هٿ ڪيو آهي، جنهن خوبصورت جو نالو “مهتاب” يعني چنڊ جو ڪِرڻو آهي. هتي، هوءَ پنهنجي ڀيڻ سان ايندي آهي. ٻَئِي ڀينرون، پنهنجي ڪجاوي ۾ اينديون آهن ۽ سندن قافلو 9 ميل ڊگهو هوندو آهي”.
“مهتاب، لاڙڪاڻي جي رنڊي، پنهنجي نالي جهڙي خوبصورت آهي. سندس انگ انگ مڪمل آهي ۽ جنهن به طرف ڏسجيس ته خوبصورت نظر ايندي. هن جي وارن ۾ جوانيءَ واري چمڪ آهي ۽ سندس سنگ مرمر جهڙي سفيد ۽ لسِي چمڙي، وات، ڀرون، اکين جا ڇَپَر ۽ خواه پنبڻيون، سڀ نوان، اڻ استعمال ٿيل ۽ اهڙا ته تازا آهن، جهڙا قدرت جي هٿ سان، تيار ٿيڻ وقت هئا! اوهين انهيءَ خواهش کي روڪي نه سگهندا، ته مُرڪ يا ڪاوڙ خواه غصو، سندس لبن کي جُنبش ۾ وجهي ۽ ڊگها ۽ جاڙا غير متحرڪ ڀرون، لرزش ۾ اچن ۽ اهو ته هوءَ، انسان وانگر نظر اچي ۽ ائين نه لڳي، جو ڄڻ چانڊوڪيءَ ۾ ڪو مجسمو بيٺو آهي”. هڪ قديم ڪارواني سردار، جو ايران کان غاليچا کڻي آيو هو، تنهن جو رايو آهي ته:
“لاڙڪاڻي جي تهذيب، ايتري اُتم آهي، جو بهترين غاليچا به، اُنهن جي اڳيان اِرزان ٿا لڳن. حالانڪ اُهي غاليچا، ايران ۾ گران ٿا لڳن. هڪ رقاصه، هزار رپئي وارو غاليچو خريد ڪري، چيو ته، “هيءَ قيمت، سندس هڪ رات جي رقص بازيءَ جي پيدائش آهي!” پارسي مطرب، اهڙو غاليچو خريد ڪري نٿو سگهي.” (ماخذ از ڪاروان زاهدان)
لاڙڪاڻي جي اهڙي ڪمال سبب، ڪيترن شاعرن پنهنجا جذبا پڻ ظاهر ڪيا آهن، جيئن حاجي خانڻ چنجڻي هڪ ڪافي جو ٿلهه ٻَڌو آهي:
“هُجئي ناڻو ته گهُم لاڙڪاڻو، نه ته وَتُ ويڳاڻو”
122. هيڪلي جو واهي الله:
اڪيلن جو مددگار الله ئي آهي، يعني هڪڙي ٻه ماڻهوءَ جو سفر تي وڃڻ خطري کان خالي نه آهي.
ڳالهه ڪندا آهن ته، دهليءَ کان ڏهه ميل پري پنڌ تي، فريد آباد جي نزديڪ، هڪڙو واهه آهي، جنهن جي ڪنارن تي ۽ آس پاس، جنهن وقت گهاٽو جهنگ هو. هڪڙي پوڙهي عورت فريدڻ نالي، پِنڻ جي بهاني سان، اتي ويٺل هوندي هئي ۽ سندس پُٽ، پوٽا ۽ ڏوهٽا به انهيءَ جهنگ ۾ لڪل رهندا هئا. اها پوڙهي، جڏهن هڪ ٻِن مسافرن کي ڏسندي هئي، تڏهن سَين هڻي چوندي هئي ته، “هيڪلي جو واهي الله”، ته اُهي لڪل ماڻهو، هڪدم نڪري، مسافرن کي لُٽي، ماري ڇڏيندا هئا، پر جڏهن اها پوڙهي، گهڻن ماڻهن کي، ايندو ڏسندي هئي، تڏهن چوندي هئي ته، “جماعت ۾ ڪرامت” اهو آواز ٻـُڌي، اهي رهزن ٻاهر ئي نه نڪرندا هئا. اها ڦـُرلـُٽ ۽ مارا ماري، مـُدت تائين جاري رهي. آخر هڪ ڏينهن، سڀ رهزن پڪڙيا ويا، جنهنڪري پوڙهيءَ ڏاڍو پڇتايو ۽ کيس پنهنجي انهيءَ اهڙيءَ ٻهروپي ۽ دو رنگي هلت کان نفرت اچي ويئي. پوڙهيءَ وٽ جيڪي پئسا هئا، تن مان واهه تي پـُل ٻڌايائين، جا سندس نالي پويان اڄ به قائم آهي.