لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڪن جي پاڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون لوڪ ادب جو اهم حصو آهن. اوهان اڳيان نامياري محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلي جو ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ بي اي ۽ ايم اي سنڌي جي ڪورس ۾ پڻ شامل آهي.
Title Cover of book پھاڪن جي پاڙ

(ڏ)

84. ڏاچي هَڻي ڏَهه، ته توڏِي هَڻي تيرنهن:
جڏهن سوڍي (راڻي)، مومل ماڻي، تڏهن روزانو رات جو ڀليءَ ڏاچيءَ تي چڙهي، وڃي مومل جو مهمان ٿيندو هو ۽ رات اتي گذاري، صبح جو موٽي، ماڳ ايندو هو. اهو ڳجھه ڳوهه وارو قصو آخر کلي پيو، جنهنڪري همير سومري کي مٺيان لڳي ۽ ڪاوڙ وچان، راڻي جي سواريءَ واريءَ ڏاچيءَ کي، پيرن ۾ ڪِيرَ هڻائي، منڊو ڪرائي ڇڏيائين. هينئر راڻي لاءِ، زندگي ٿي پيئي، سو لڳو ڪاڪ هلڻ لاءِ گهاٽ گهڙڻ. آخر ڏاچيءَ واري جَتَ کي گهرائي، کانئس ٻيءَ ڪنهن اهڙيءَ ڀَليءَ ڏاچيءَ يا اُٺ لاءِ پڇا ڪيائين. جت چيو ته “سائين، ان ڏاچيءَ جي هڪڙي توڏي آهي، جنهن کي پڻ، ماءُ جهڙا پاڻي آهن.” راڻي چيو ته، “متان وِچ تي ويلو وجهي؟” جت چيس ته، “سائين، اوهين خيال نه ڪريو، توڏي ننڍي آهي، مگر وکن ۾ ماءُ کان به وڌيڪ آهي. ڪا پرواهه نه ڪريو. ڏاچي، ڏهه هڻندي هئي ته توڏي، تيرنهن هڻندي.” پوءِ راڻو، روزانو انهيءَ سواريءَ تي مومل سان ملڻ ويندو هو.
شاهه ڀٽائي به اهڙو ذڪر ڪيو آهي:
ننڍو تان ڪوهه، پر وِکين آهي وِترو،
اچيو ڪاڪ ڪنڌين ۾، پهس پکيءَ جان پوءِ،
ان ڪُرَ منجهان ڪو، ميو ماٺو نه ٿئي.[1]

85. ڏِسجي ته اُٺ، ڪهڙيءَ ڪَڙيءَ ٿو ويهي:
ڏسجي ته ڇا ٿو ظاهر ٿئي، معاملو ڪهڙي صورت ٿو وٺي ۽ نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري.
ڪنهن سبزي فروش ۽ ڪُنڀار گڏجي، ڀاڙي تي هڪڙو اُٺ ورتو. هڪڙي پاسي، سبزيءَ واري پنهنجون ترڪاريون لَڏيون، ته ٻئي طرف وري ڪنڀار پنهنجا برتن ڀريا. رستي تان هلندي هلندي، اُٺ پنهنجي گردن موڙي، ڀاڄيون کائيندو پئي ويو، جنهنڪري ڪنڀار دل ۾ خوش پئي ٿيو. ڪنڀار دل ۾ چيو ٿي ته، “ڏاڍو چڱو ٿيو، جو مان ته نقصان کان بچي ويس، ڇاڪاڻ ته بازار ۾ ٻنهي کي، پنهنجو پنهنجو مال وڪڻڻو هو.
جڏهن بازار جي منهن وٽ پهتا ۽ جَتَ، اُٺ کي ويهاريو ٿي، تڏهن سبزيءَ واري چيو ته، “ڏسون ته اُٺ، ڪهڙيءَ ڪَڙيءَ ٿو ويهي!” هوڏانهن ويهڻ لاءِ اُٺ، پهريائين بدن کي انهيءَ پاسي کي اُڇل ڏني، جنهن ڏانهن مٿس ڪنڀار جا برتن رکيل هئا. اُٺ جي ويهڻ سان، ڪنڀار جا ڪيترائي ڀانءُ ڀڄي پُرزا پُرزا ٿي پيا.
سبزيءَ واري، جڏهن پنهنجي ۽ ڪنڀار جي نقصان جو اندازو لڳايو، تڏهن ڏٺائين ته ڪنڀار جو وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. انهيءَ وقت کان اها چوڻي مشهور آهي.

86. ڏيک مولهي دا توڏا:
هڪڙي جت کي نياپو آيو ته تنهنجي ڏاچي (مولهي) ويائي آهي، جنهن توڏو ڏنو آهي. جَت تيار ٿيو ته ڏاچيءَ (جا واهه جي ٻيءَ ڀَر تي، جهنگ ۾ ويائي هئي) کي ڏسي اچان، پر سندس لاڏلو نينگر چوي ته، “مان به مولهيءَ جو توڏو ڏسان”. آخر ٻئي تيار ٿيا. جڏهن واهه جي ڪناري تي آيا، تڏهن پُٽ کي چيائين ته، “تون منهنجي ڪُلهي تي چڙهي ويهه ته پار هلون.” جڏهن واهه جي وچ تي آيو، تڏهن پاڻيءَ جي زور کان، تَري تَري ٿڪجي پيو ۽ چِڙَ وچان پٽ کي چيائين ته، “ڏيک مولهي دا توڏا، توکي مون جهليو، ته نه مڙئين، هينئر ٻنهي جو سِرُ ٿو وڃي”. آخر ٿڙي ڦٿِڙي ڪناري تي آيو.
مطلب: جڏهن ڪو ضد ڪندو آهي ۽ باز نه ايندو، تڏهن ان کي ائين چئبو آهي.

87. ڏيک ياران دي ڦيري، ماءُ تيرِي ڪي ميرِي:
هڪڙا ٻه زال مڙس هئا، هڪڙي دفعي زال، پنهنجي مڙس جي، پاڻ سان محبت آزمائش وٺڻ جي خيال کان، ڪوڙ ڪري بيمار ٿي پيئي. ويچاري مرد، کيس سچ پچ بيمار سمجهي، سندس گهڻا ئي علاج ۽ سُتيون ڦَڪيون ڪرايون، مگر زال اهڙو مَڪر رٿيو هو، جو مرد کي ڪو به فرق نظر نه آيو. آخر هڪ ڏينهن زال چيس ته، “،مون کي هڪڙي درويش جو ڏسُ مليو آهي ته، جيڪڏهن تون پنهنجي سسُ جي مٿي جا وار، پنهنجي مٿي هيٺان رکي سمهندينءَ ته يڪدم چڱي ڀلي ٿي پوندينءَ، ٻيءَ صورت ۾، مري ويندينءَ!”
مرد، اها ڳالهه ٻڌي، تاڙي ويو، ته “بيماري وغيره ڪانه آهي، مگر منهنجي آزمائش لاءِ، مَڪر ڪيو اٿس، ته آءٌ سندس لاءِ، پنهنجي ماءُ جي مٿي جا وار، آڻي سگهان ٿو يا نه؟” سو پنهنجيءَ سس وٽ ويو، چيائينس ته “تنهنجي ڌيءَ جي چڱي ڀلي ٿيڻ لاءِ، هڪڙي درويش جو ڏسُ مليو آهي ته جي تنهنجي سَسُ پنهنجي ڌيءَ کي سندس مٿي جا وار، مٿي هيٺان رکي سمهڻ لاءِ ڏيندي، ته پوءِ يڪدم چڱي ڀلي ٿي پوندي، ٻيءَ صورت ۾ سندس بچڻ محال آهي.” ويچاريءَ ماءُ، اهو حال ٻڌي، پاڪيءَ سان، پنهنجو مٿو صاف ڪرائي، هَڙ جا هڙ وار، پنهنجي ڌيءَ ڏي ڏياري موڪليا.
جڏهن مرد، پنهنجي سَسَ جا وار آڻي، پنهنجي زال کي ڏنا، تڏهن هو خوشيءَ کان، مٿي هيٺان رکي سمهي پئي ۽ هڪدم چڱن ڀلن جهڙي ڏيکاري ڏيڻ لڳي.
اهو حال ڏسي، اهو شخص ڊوڙندو پنهنجي ماءُ ۽ سَسُ ٻنهي کي زال وٽ وٺي آيو. اُن وقت انهن ڏي اشارو ڪري، زال کي چيائين ته، “ڏيک ياران دِي ڦيرِي، ماءُ تيرِي ڪِي ميرِي؟”
____________