لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڪن جي پاڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون لوڪ ادب جو اهم حصو آهن. اوهان اڳيان نامياري محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلي جو ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ بي اي ۽ ايم اي سنڌي جي ڪورس ۾ پڻ شامل آهي.
Title Cover of book پھاڪن جي پاڙ

(ن)

115. نادان دوست کان، دانا دشمن ڀلو:
هڪڙو گهوڙي سوار، واٽ وٺيو پئي ويو ته ڏٺائين ته نانگ، هڪ سمهيل ماڻهوءَ جي وات ۾ گهڙي. هن چيو ته، “مار! هي ويچارو ته مري ويندو”. تنهنڪري سمهيل کي ئي چهبڪن سان وٺي ويو. سُمهيل، ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيو، پر چهبڪن جا وسڪارا لڳا اچن. پوءِ ته ويچارو وٺي ڀڳو، پر سوار، پيڇو نه ڇڏيس، ۽ ڪُٽندو ويس، تان جوڳ هڪڙي صوفن جي باغ ۾ وڃي پهتا. اتي جيڪي هيٺ ڪريل ڪِنا صوف هئا، سي هن کي، زوريءَ وات ۾ وڌائين. جيتوڻيڪ هن، گهڻو ئي بَد شَد پئي ڳالهايو، پر سوار، صوفن پٺيان صوف، ويس وات ۾ دُوسيندو! پوءِ وري ويچاري کي چهبڪن سان وٺي آيو. آخر اُلٽي ڪيائين، جنهن مان نانگ نڪتو. نانگ ڏسي، سوار جي پيرن تي ڪري پيو ۽ کانئس پڇيائين ته، “تو، مون کي ننڊ مان ڇو نه اٿاريو، جڏهن نانگ وات ۾ گهڙي ويو هو؟” سوار چيس، “جيڪڏهن ائين ڪريان ها ته نانگ جي ڊپ کان، تنهنجو هِنيو ڦاٽي پوي ها، ڇاڪاڻ ته اُلٽيءَ سان نانگ، ٻاهر نه ڪڍي سگهين ها”.

116. نوانوي وارو ڌڪو:
مايا ميڙڻ جي فِڪر ۾، ڪنجوسائيءَ تي سندرو ٻڌي بيهڻ.
هڪڙي لکاپتي سيٺ جي گهر جي لڳ، هڪڙي درزيءَ جو گهر هوندو هو. سيٺ جي گهر ۾ روزانو دال ۽ سائي ڀاڄي تيار ٿيندي هئي، مگر ان مزدور درزيءَ جي گهر ۾، روزانو گوشت مَڇيون هوندا هئا!
هڪڙي ڏينهن، سيٺ جي زال، پنهنجي مڙس وٽ، شڪايت پيش ڪئي ته، “اسان کي ڌڻيءَ سڀ ڪجهه ڏنو آهي، تنهن هوندي به اسان کي چڱو کاڌو، ڪڏهن به نصيب ڪونهي! هوڏانهن هن درزيءَ (مزدور) جي گهر ۾، روزانو گوشت مڇي تيار!” سيٺ چيس ته، “درزي ۽ سندس زال، نَوانَوي وارو ڌڪو، ڪو نه کائي ڏٺو آهي، پوءِ ڇو نه مزا ماڻيندا؟” زال پڇيس ته، “نَوانَوي جو ڌِڪو ڇا آهي؟” سيٺ جواب ڏنس ته، “هڪڙي ڳوٿري کڻي، ان ۾ نوانوي رپيا وجهي، ڪنهن نموني سان وڃي، سندس گهر رکي اچ ۽ پوءِ ڏس ته ان مان ڪهڙو ٿو لقاءُ ٿئي!” سيٺ جي زال، مڙس جي چوڻ موجب، نَوانَوي رپيا ڳوٿريءَ ۾ وجهي، مالڪ جي اک وٺي، سندن هنڌ ۾، وهاڻي هيٺان، رکي آئي. درزيءَ جي زال، رات جو هنڌ پٿارڻ وقت، ڳوٿري ڏسي، چاهه مان کڻي، اچي مڙس جي آڏو رکي، چيائينس ته، “لاشڪ، اسان جون دعائون، الله سائين قبول ڪيون آهن، جو هيءَ رپين سان ڀريل ڳوٿري گهر ويٺي، ڏياري اٿس!” درزيءَ ڳوٿري کولي رپيا ڳڻيا، ته نوانوي ٿيا. زال، اها ڳوٿري، واپس وٺي چيس ته، “آخر تون به پوڙهو ٿيندين. سياڻن چيو آهي ته،”اهو ڪي ڪجي، جو مِينهَن وسندي ڪم اچي. پاڻ وٽ آهي ته سڀ ڪنهن وٽ آهي. تنهنڪري هينئر کان قناعت ڪري، ڪجهه نه ڪجهه بچائيندا رهون” درزيءَ چيس ته، “ننگ آهي، ننگيءَ تي! جنهن ساهه ڏنو آهي، سو گراهه به ڏيندو. ڇو ويٺا ڪنجوسائي ڪريون!” مگر زال چيس ته، “اسان کي داتا ڏياريا آهن نَوانَوي رپيا، جن ۾ رڳو هڪڙو رپيو وجهبو ته ٿيندو پورو سو، پوءِ سو مان ٻه، ٻِن مان چار ڪري، آخر، اسين به پاڙي واري، سيٺ جهڙا ٿِي پونداسين.”
انهيءَ ڏينهن کان وٺي، انهن به دال ۽ سائي ڀاڄي کائڻ شروع ڪئي ۽ گوشت مڇيءَ جو نالو ئي وساري ڇڏيائون! هوڏانهن مخفي طرح، سيٺ جي زال به، سندن خبر چار لهندي هئي. هڪڙي ڏينهن، سيٺ کي چيائين ته، “اوهان، هنن غريبن تي، اهڙو ڪو جادُو ڦوڪيو آهي، جو ويچارن کان چڱو کاڌو کائڻ ئي وسري ويو آهي!” سيٺ جواب ڏنس ته، “مون هنن کي نوانوي جو ڌڪو ڏنو اهي، جنهن جهڙو به ٻيو ڪو جادو!”.

117. نيڪيءَ جو بدلو برائيءَ ۾:
هڪڙو گهوڙي سوار، جهنگ مان پئي ويو ته دانهون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ آيس. ان طرف وڃي ڏسي، ته هڪڙي وڻ کي باهه لڳل آهي، جنهن جي ڏار تي هڪڙو نانگ ويٺو آهي، جو باهه جي ڄَرَ کان دل ڦُٽُيون دانهون پيو ڪري، گهوڙي سوار کي رحم آيو، هَني مان خرزين ڪڍي، لُڪڻ جي ڇيڙي ۾ وجهي، نانگ جي ويجهو ڪيائين ته، نانگ هڪدم ٽپو ڏيئي، خرزين ۾ گهڙي ويو. گهوڙي سوار، نانگ کي، خرزين مان ٻاهر ڪڍي، چيو ته، “جيڏانهن جو آهين، تيڏانهن هليو وڃ”. نانگ هڪل ڪري چيس ته، “گهر ڪنهن جا پڇين؟ توکي ۽ تنهنجي گهوڙي کي، اجهو ٿو پورو ڪريان! توکي خبر ناهي ته مان، انسان جو دشمن آهيان ۽ تو وري دشمن سان ڀلائي ڪئي آهي!” گهوڙي سوار چيس ته “جيڪڏهن اهو ثابت ڪري ڏيکاريندين ته نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ آهي ته پوءِ توکي سڀ ڪجهه مباح آهي”. اڃا انهيءَ رَدَ ڪَدَ ۾ هئا ته اتان مينهن لانگهائو ٿي، جنهن کان نانگ پڇيو ته، “چڱائيءَ جو بدلو ڇا آهي؟” مينهن وراڻيو ته، “برائي، مان جڏهن ڦر ۽ کير ڏيندي هيس، تڏهن مالڪ خوش هو، پر جڏهن پوڙهي ٿيس، تڏهن مون واري نيڪي، کانئس وسري ويئي ۽ هينئر ڪاسائيءَ جي حوالي ڪيو اٿس. ڇا، اهو نيڪيءَ جو بدلو، بُرائيءَ ۾ نه آهي؟” نانگ ڪَرَ کڻي، خوشيءَ وچان، سوار کي چيو ته، “ٻڌاءِ!” سوار چيس ته، “ڪا ٻي ثابتي به ڏي”. پوءِ نانگ، ڀرسان بيٺل وڻ کان پڇيو ته، “نيڪيءَ جو بدلو ڇا ۾ آهي؟” وڻ وراڻيو ته، “برائيءَ ۾. جڏهن قافلن وارا اچن، تڏهن منهنجي ڇانوَ ۾ آسائش ڪن ۽ جڏهن وڃن، تڏهن منهنجون ٽاريون ڪپي، اُٺن کي به کارائين ۽ ٿُلهين ٽارين مان، لَٺيون ۽ داسا ٺاهين. ڇا، اهو نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ نه آهي؟” نانگ سوار کي دَڙٻاٽي چيو ته، “هينئر سر تان اَهو کڻين ٿو يا ٻي ڪا ثابتي گهرجيئي؟” سوار چيو ته، “مذهبي قانون مطابق ٻن جي شاهدي جائز نه آهي، بلڪ ٽيون شاهد لازمي آهي”. پوءِ نانگ، لومڙ کان پڇيو، جنهن سمورو لقاءُ، بيٺي ڏٺو. لومڙ چيس ته، “ائين برابر آهي ته نيڪيءَ جو بدلو بُرائيءَ ۾ آهي، پر ڪم از ڪم، مون کي حقيقت کان، آگاهه ته ڪريو.” سوار، سارو قصو ڪري ٻڌايس. لومڙ، نانگ کان پڇيو ته، “سوار، جو ڪجهه چيو، سو ٺيڪ آهي؟” نانگ چيو ته، “ها ها، سورنهن آنا سچ آهي، هيءَ اها خرزين آهي، جنهن مان مون کي ٻاهر ڪڍيو هئائين.” لومڙ چيو ته، “اها ڳالهه، مون کي ته وِسهَڻَ ۾ ئي نٿي اچي، ته تو جهڙو، هيڏو سارو، پربت جيڏو، ههڙيءَ ننڍڙيءَ خرزين ۾، ماپي ويندو!” نانگ چيو ته، “جيڪڏهن ماپي وڃان ته پوءِ؟” لومڙ چيو ته، “پوءِ فيصلو تنهنجي حق ۾.” نانگ چيو ته، “ڏسجو”. ائين چئي ويڙهجي سيڙهجي، خرزين ۾ گهڙي ويو. لومڙ رڙ ڪري، سوار کي چيو ته، “وارو ڪر، خرزين جو منهن بند ڪر، جڏهن به دشمن وَڪڙَ ۾ اچي، تڏهن وجهه نه وڃائجي” سوار، ڳالهه جو سُرُ سَهِي ڪري ويو ۽ هڪدم خرزين جو مُنهن بند ڪري، مٿي کڻي، زور سان زمين تي سٽيائينس. اهڙيءَ طرح، ٻه _ چار دفعا هنيائينس ته نانگ مري ويو.
مطلب: دشمن کان هميشه ڪَو ڪجي، ڇاڪاڻ ته بڇڙي مان ڀلائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. جيڪڏهن دشمن وجهه ۾ اچي ته وارو نه وڃائجي.
__________