لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پھاڪن جي پاڙ

پهاڪا ۽ چوڻيون لوڪ ادب جو اهم حصو آهن. اوهان اڳيان نامياري محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلي جو ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ بي اي ۽ ايم اي سنڌي جي ڪورس ۾ پڻ شامل آهي.
Title Cover of book پھاڪن جي پاڙ

( و )

118. واتُ ته مُئي، نه ته پـُئي:
ڪن عورتن، پاڻ ۾ ويٺي، سينگار جو ذڪر ڪيو. ڪنهن چيو ته، “وارَ ته ڦَڻِي، نه ته ڪُوڙاءِ کڻي”. ڪنهن چيو ته، “اَک ته ڪَجَل، نه ته خِجل”. ڪنهن چيو ته، “عورت ته چوٽو، نه ته مٿو ڄڻ لوٽو”. هڪڙيءَ ٻڍڙيءَ چيو ته، “وات ته مُئي، (ڏندڻ) نه ته آهي پُئِي”.
مطلب: جهڙي نموني، ٿانوَن کي مَلِڻ لاءِ، مُئِي هڻبي آهي، اهڙي نموني وات کي صفا رکڻ لاءِ به مُئِي (مُساڳ، ڏندڻ وغيره) ضروري آهي. جيڪڏهن وات جي صفائي نه ڪبي ته پُئِي (پائخانه) جهڙي ڌَپ پيئي ايندي.

119. واڙيءَ ٻارنهن، هَٽَ اٺارنهن، گهر ويٺي ويهه:
هڪڙو شخص، واڙيءَ تان واڱڻ وٺڻ ويو ته اتي کيس پئسي ۾ ٻارهن واڱڻ مليا. پوءِ جڏهن هُو بازار کان لنگهيو، تڏهن معلوم ٿيس ته هٽ وارا پئسي ۾ (اٺارنهن) ارڙهن ڏين ٿا. مگر جڏهن گهر موٽيو، تڏهن گهورڙِيي، هڪ پئسي ۾ ويهه ڏيڻا ڪيا.
مطلب: جيڪڏهن ڪا شيءِ وٺڻ وڃجي ته مهانگي ملندي، پر جيڪڏهن ڪو، اها شيءِ وڪڻڻ ايندو ته سستي ڏيندو.

120. وَهڻ مُند ئي ناهي، دَلو پڇي نار کي:
سنڌ ۾ دلوراءُ، هڪ بداخلاق ۽ ذليل ذهنيت وارو حاڪم ٿي گذريو آهي. سو ايڇ. ايم. ايلئٽ، تاريخ “طاهري” جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:[1]
“الور ۽ محمد طور ڳوٺن جي درميان جيڪو به ملڪ هوندو هو، تنهن تي راجا دلوراءَ راڄ ڪندو هو. هو وڏو ظالم۽ زاني هو ۽ سڀ ڪنهن رات، دوشيزه سان همبستر ٿيندو هو. جيڪي به سوداگر، هندستان کان، سامان جا ٻيڙا ڀرائي، ديبل بندر ڏانهن ويندا هئا، تن کي لازمي طور الور کان لنگهڻو پوندو هو. دلوراءَ، کانئن، مال جي اڌ جيترو محصول وٺندو هو، جنهنڪري سوداگرن جنسي ويل هوندو هو. آخرڪار اُتان هڪڙو وڏو سوداگر اچي لنگهيو، جو محصول جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جو ٻڏي، تپرس ۾ پئجي ويو.
اهو سوداگر ڪير هو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، تنهن لاءِ “تحفة الڪرام” وارو لکي ٿو:[2]
هڪڙو عزت وارو ۽ ناليرو سوداگر، جو سيف الملوڪ جي نالي سان مشهور هو ۽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هو اصل ۾ شهزادو هو، جو سوداگرن جي لباس ۾ بيت الله ڏانهن وڃي رهيو هو. هو هِن جي نالائق ڪارنامن کان بي خبر هو، سو اچي سندس ملڪ مان لنگهيو. ساڻس گڏ “بديع الجمال” نالي هڪ سهڻي زال به هئي”.
محصول جي عملدارن، سيف الملوڪ جي مالڪ کي نهايت قيمتي ۽ بيش بها سمجهي، ڳرو سُڱ هڪ طرف رکيو ۽ ٻئي طرف وري سندس زال کي راجا جي محلات ۾ پهچائڻ جو ارادو رکيو. جڏهن راجا ٻڌو ته سوداگر سان گڏ، سندس زال، پري جمال، حسن ۾ بي مثال ۽ باڪمال به آهي، تڏهن ڇِتو ٿي پيو. هوَسَ جو ڀوت، سندس گردن تي ايتريقدر ته سوار ٿيو، جو ويچاري سوداگر کي سندس ماڻهو خوامخواه به تنگ ڪرڻ لڳا. آخر سوداگر، عرض ڪيو ته، “ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيوم، تنهن بعد محصول ۽ بديع الجمال پيش ڪندس”.
“سيف الملوڪ، انهن ڏينهن ۾، هڪ پاسي خالق اڪبر کي ستائڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي پاسي وڏا وڏا ڪاريگر، جي سرنگهه هڻڻ ۽ جبل ٽاڪڻ ۾، فرهاد جا استاد ۽ سد سڪندريءَ جهڙي ٻَنڌ ٻڌڻ ۾ اڻ گس هئا، تن کي ڪوٺائي، دل گهريا انعام اڪرام ڏنائين. سوداگر جو مطلب هو ته الور کان هڪڙو مضبوط بن ٻڌن، جنهنڪري درياهه پنهنجو رُخُ ڦيرائي، بکر ڏانهن وهڪرو ڪري. اهي ڪمي ۽ ڪاريگر، راتين جون راتيون جاڳي، جديءَ جي پيٽ ۾ بند ٻڌي چڪا. هڪ رات ۾ درياهه پنهنجو اڳوڻو وهڪرو ڦيرائي، سيوهڻ ۽ لڪيءَ ڏانهن اهڙي زور شور سان وهڻ لڳو، جو خدا جي قدرت سان سوداگر سيف الملوڪ جا غوراب، ظالم دلوراءَ جي پرڳڻي کان نڪري ويا. صبح جو ظالم راجا ۽ سندس رعيت ننڊ مان اٿي ڏسن ته مار! جتي پاڻي پئي وهو، اتي رڳي گپ لڳي پيئي آهي. رعيت ۽ راجا حيران ٿي ويا.[3]
“تحفته الڪرام” وارو لکي ٿو ته، “هي سارو ڪم هڪ رام ۾ ٿيو.[4]
“اگرچ هي ٻئي ڪم، انساني طاقت کان ٻاهر هئا، ليڪن خدائي مدد سان، عبرت طور يادگار رهڻ لاءِ، هيءُ سڄو منصوبو هڪ رات ۾ عمل ۾ اچي ويو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته تقدير جا ڪار پرداز هن سڄي ڪم جا باني ٿيا هجن”.
شري دوارڪا پرساد شرما لکي ٿو:[5]
“ڪن جو چوڻ آهي ته 1922ع ۾، هڪ زاهد مسلمان مڪي ڏانهن ويندي، پنهنجي ڌيءُ سان اچي، اروڙ کان نڪتو راجا دلو راءَ، جو ان وقت اتي جو حاڪم هو، تنهن جي انهيءَ سهڻي مسلمان ڇوڪريءَ تي نظر پيئي. انهيءَ مسلمان کان، سندس ڌيءَ جو سڱ گهريو. مسلمان اٺن ڏينهن جي مهلت گهري. انهيءَ وچ ۾ اهو مسلمان، خدا کي ياد ڪرڻ لڳو ته، “يا خدا، مون کي هن آفت کان بچاءِ!” انهيءَ ڪري هڪ ئي ڏينهن ۾ درياهه اوچتو ئي اوچتو اتان غائب ٿي ويو”.
محمد صديق پيرزاده جي، سنڌي قلمي نسطي “تاريخ سنڌ” ۾، مٿين روايت جي علاوه، ٻي روايت به ڏنل آهي، جا سندس عبارت ۾ ڏجي ٿي.[6]
“هن بادشاهه (دلوراءُ) جي زال، تمام حُسن واري هئي، جنهن جي حُسن جي هاڪ ملڪن ۾ مشهور ٿي ويئي. هڪ هندو بادشاهه قنڌار جو، ٻُڌيءَ ڳالهه تي، پَر پٺ عاشق ٿيو. سو، سامان سوداگريءَ جو کڻي، ٻيڙا ڀرائي، روانو ٿيو، جو اچي سنڌ ۾ پهتو. بادشاهه دلوراءُ جي شهر ۾ اچي بندر ڪيائين. بادشاهه جي سلام تي آيو. سَنڱ ڏنائين ۽ ٻيا تحفا تحائف عجيب غريب راجا وٽ آندائين. بادشاهه وٽ گهڻو ايندو ويندو هو. پاڻ ۾ دوستي ٿي وين، پر مخفي طرح مـطلب
جي ڳولا پئي ڪيائين. ڳجها وڪيل ۽ ڌُوتيون پئي موڪليائين. آخرڪار راڻيءَ جواب ڏنس ته، “مون تي تمام بندش پيل آهي، تو سان ملڻ نه ٿيندو، مگر ڪا زمين هيٺان، ڳجهي سرنگهه کڻائي، انهيءَ مان ملجي، باقي انهيءَ کان سواءِ اچڻ جو ڪو چارو ڪو نه آهي”. پوءِ انهيءَ سوداگر ڪوشش ورتي. انهيءَ بندرگاهه کان ڳجهي سرنگهه، زمين مان اندران کوٽائي، پڪين سرن سان وَنگَ ٻَڌائي، پختي ڪري گَچ هڻائي، تيار ڪرايائين، جا راڻيءَ جي ماڙيءَ ۾ اچي ٿي داخل ٿي. اتان مخفي دري ٺهرائي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن راڻي، انهيءَ دريءَ مان لنگهي، جهاز تي آئي. سوداگر، بادشاهه جي دعوت ڪئي هئي، سو بادشاهه به اتي آيو. راڻيءَ، بادشاهه جي ماني تيار ڪئي. جڏهن بادشاهه سوداگر گڏجي، ماني کائڻ ويٺا، ته بادشاهه کي شڪ پيو ته ماني گهَرَ جي مانيءَ جهڙي آهي. وري اڃا دريءَ تي نظر ڪيائين ته ڪائي جي دري آهي، تنهن مان اوچتو راڻيءَ تي نظر پيس. خيال ڪيائين ته: هيءَ هت ڪيئن آئي؟ شايد ماڻهو، ماڻهن جهڙا آهن. پوءِ سوداگر کان پڇيائين ته، “هيءَ عورت ڪير آهي؟” سوداگر چيو ته، “هن سوداگر جي (منهنجي) زال آهي”. بادشاهه چيس ته، “سڏ ڪرينس ته اسان سان اچي ماني کائي. تنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾، ڪو ويڇو نه آهي”. پوءِ لاچار سڏيائينس. راڻي اچي ويٺي، پر بادشاهه فڪر ۾ پئجي ويو ته: هتي راڻي ڪيئن آئي؟ ۽ اسان سان گڏ اچي ويٺي آهي! جيڪس ته هن (سوداگر) جي زال آهي، شڪل به هڪ جهڙي اٿن. پوءِ پنج ئي آڱريون ٻوڙ مان ٻوڙي، ساڙهيءَ تي نشان ڪري ڇڏيائينس. جيئن ان (راڻي) کي خبر نه پوي. پوءِ جلد بادشاهه، ماني کائي روانو ٿيو ۽ راڻي به سرنگهه جي رستي مان تکي وڃي. ماڻيءَ ۾ رئو مٿي پيرن ۾ پائي، سمهي پيئي. بادشاهه، گهوڙي تان لهي تکو ماڙيءَ تي چڙهي آيو. در کولي ڏسي ته راڻي سمهي پيئي آهي. هي پوئتي ٿي موٽيو، پر وري ياد آيس ته رَئي جو نشان ته ڏسان. جان درکولي ڏسي ته نشان رئي ته چِٽو بيٺو آهي. بادشاهه موٽي شاهي دربار ۾ آيو، اميرن وزيرن کي گهرائي، احوال ڪيائين. سڀني صلاح ڏني ته، “في الحال درياهه جي اولهه ۽ اوڀر ۾ چونڪي بيهاري وڃي،پوءِ هن سوداگر کي نوڪرن سميت مارائي ڇڏجي.”
“هوڏانهن راڻي اُٿي، رئو سنڀالي ڏسي، ته ٻوڙ جا نشان بيٺا آهن. يڪدم اُٿي، خوف کان لاچار ٿي، سُرنگهه رستي، تڪڙي بندر تي آئي. اچي سوداگر کي چيائين ته، “اڄ، اسان جي حياتي پوري ٿي ويندي، جو بادشاهه کي سخت حقيقت معلوم ٿي ويئي آهي، جيڪو رستو ڀڄڻ جو اٿئي ته وَسُ ڪر، نه ته فجر سان سڀني کي ماري گهات ڪندا”. پوءِ راڻيءَ، سوداگر ۽ سڀني نوڪرن، ساري رات ڌڻيءَ جي دربار ۾ وينتيون ڪيون ۽ ٻاڏايو. ڌڻي، رحيم ڪريم آهي، جو ٻانهو، سندس در تي دل سان زاري ڪري ٿو، تنهن جي دعا قبول ڪري ٿو. حڪمت مالڪ جي سان، اَتاهون پرينءَ ڀر، هڪ واهُڙ پراڻو هو، تنهن ۾ درياهه وهي وڃي پيو! سوداگر جهاز کڻي ڇوڙي ڇڏيا، جي ديبل بندر کان وڃي، سمنڊ جو رستو وٺي ايران ڏي هليا ويا. فجر جو ماڻهو بندر تي ويا. جان ڏسن ته پڌر لڳو پيو آهي! جيئن ڪنهن چيو ته:
وَهڻ مُند ئي ناهي، دَلوُ پڇي نار ٿو!”
وري جو اچي بندر کان ڏسن ته سرنگهه لڳي پيئي آهي. سرنگهه جو رستو وٺي، اچي ماڙيءَ ۾ نڪتا.
جڏهن موٽي آيا، تڏهن بادشاهه، شاهي دربار ۾ اچي، اميرن وزيرن کي گڏ ڪري چيو ته، “سوداگر پرديسي هو، پر رعيت سان جي هُن سان شامل ٿي، اهو ڪم ڪيو، ڇو ته انهن مان ڪو نمڪ حلال نه ٿيو، جو اسان کي هيءَ خبر کڻي ڏئي ها. هاڻي انهن لاءِ ڪهڙي سزا مقرر ڪجي؟” سڀني صبر ڪيو.
بادشاهه چيو ته، “انهن لاءِ، هيءَ سزا آهي، جو جيڪو به، اعليٰ يا ادنيٰ، شادي ڪندو، ته پهرينءَ رات، ڪنوار سان بادشاهه همبستر ٿيندو”. اميرن امرائن، گهڻيون ئي منٿون آزيون ڪيون، پر راجا قبول نه ڪيو، آخر اهو ڪم هلندو آيو.
__________