الطاف شيخ ڪارنر

جپان رس

جپان جي ادبي تاريخ جي فڪري لاڙن جي پس منظر ۾ جڏهن الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب “جپان رس” ۾ شامل جپاني ڪھاڻين جي ترجمي کي پڙھجي ٿو تہ، اھي جپاني ادب جي ڏيڍ صديءَ وارن ٽن ادبي دؤرن، جيڪي حڪومتن جي تبديلين سان سڃاڻپ رکن ٿا، جو اولڙو محسوس ٿين ٿيون. هنن ڪھاڻين جي خوبصورتي ۽ مفھوم ان ڪري بہ ضربجي نہ سگهيو آھي، جو الطاف شيخ صاحب اھي سڌوسنئون جپاني ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آھن. جڏھن تہ هن هر ڪھاڻيڪار جو مختصر پر جامع تعارف ڏيئي، جتي ڪھاڻيءَ کي بامعنيٰ بڻايو آھي، اتي ڪھاڻيءَ جي دؤر کي پڻ واضح ڪيو آهي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ ۾، دؤر جي مناسبت سان پلاٽ، ڪردارنگاري، منظر نگاري، ٻولي، خيال ۽ ان جي ٽريٽمينٽ پڻ پڙھندڙ تي چٽي ٿي بيھي ٿي. ڪتاب ۾ چونڊ جپاني شاعريءَ جو ترجمو پڻ شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 81
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپان رس

هڪ سياح – اعزاز جنھن جي ڳولا ۾ آهن

جھڙي طرح ويھين صدي جي ”سنڌي شعري ادب“ ۾ سنڌ ”شيخ اياز“ کان وڏو ٻيو ڪو شاعر پيدا ناهي ڪري سگهي، اهڙي طرح ”سنڌي سفري ادب“ ۾ سنڌ ”شيخ الطاف“ کان وڏو ٻيو ڪو ليکڪ پيدا ناهي ڪري سگهي. منھنجي ذاتي راءِ آهي تہ اهي ٻئي ”سنڌي ادبي وطن“ جا اهڙا خوشنصيب حڪمران آهن جن مان هڪ جي حڪومت گذريل 50 سالن کان ۽ ٻئي جي گذريل 30 سالن کان پنھنجي پنھنجي ”ادبي پرڳڻي“ تي قائم آهي ۽ موجوده حالتن جي اعليٰ عدالت جو اهو verdict آهي تہ ايندڙ ايڪويھين صديءُ جي گهٽ ۾ گهٽ اڌ تائين سندن حڪومتن کي ڪو بہ معطل ڪري نہ سگهندو.
الطاف شيخ اهو ديوانو آهي، جيڪو گذريل ٽن ڏهاڪن کان چرين وانگر، ٻاهرين ملڪن جي هر قسم جي ڄاڻ جو خزانو چورائي، پنھنجيءَ سنڌ جا جهول ڀريندو رهيو آهي. پوءِ بہ ان ثواب عيوض هن ڪڏهن بہ ڪنھن Reward جي تمنا ناهي ڪئي ۽ اها حقيقت آهي تہ جيڪو شخص اعزاز جي تمنا بنا پنھنجي جنوني عشق سان سڀن جي لاءِ ريشم جا تاڪيا ٺاهيندو رهي ٿو، اعزاز هڪ ڏينھن ان جي گهر جي چائنٺ تي ضرور سجدہ ريز ٿين ٿا، ڪم ڪجي بہ اهڙو جو محبتون ماڻھوءَ جي ڳولا ۾ ۽ اعزاز ان جي قبوليت جا منتظر هجن. سنڌ پنھنجي الطاف شيخ کي بلڪل اهڙي طرح ڳولھي محبت ۽ مڃتا جون مالھائون پارايون آهن.
سنڌ جي هن هڪ ايمبيسيڊر، پنھنجي فيلڊ ۾ ايترو تہ گهڻو ڪم ڪيو آهي، جيڪو سنڌ جا مڙئي ادبي ۽ ثقافتي ادارا گڏجي بہ نٿا ڪري سگهن. هن دنيا جي مختلف ملڪن جي تهذيبي، سياسي، ادبي، سماجي، اقتصادي، سائنسي ۽ جاگرافيائي علمن کي سنڌ جي نئين شعور سان جوڙي ڇڏيو آهي. الطاف شيخ دنيا جي لڳ ڀڳ سمورن ملڪن کي سنڌ جا ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ ٺاهي، سنڌي ماڻھن جي ذهنن جي صدين کان بند ذهنن کي زوردار ڌڪ هڻي، انھن کي ٽوڙي، کين انھن ڳوٺن کان واقف ڪرايو آهي ۽ دنيا- شناسائي ڏني آهي.
الطاف شيخ جي حاوي حيثيت جيتوڻيڪ سفرنامن جي ليکڪ واري ئي آهي، پر ان سان گڏ هن دنيا جي مختلف ٻولين جو شاهڪار ادب پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ انھن ترجمن جا هن وقت تائين سندس پنج ڪتاب ”سوزي سان پيار“، ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“، ”اناميڪا“، ”لنڊن تائين لفٽ“ ۽ ”جپان رس“ پڻ شايع ٿي چڪا آهن، پر سندس انھن ادبي ڪتابن جي حيثيت سندس سفرنامن جي هيٺان ائين دٻجي ويئي آهي، جيئن شيخ اياز جي ڪھاڻين جي حيثيت سندس شاعريءَ جي هيٺان دٻجي ويئي آهي.
سنڌي اديبن جي تاريخ نويسن جي راءِ آهي تہ جڏهن 19هين صديءَ جي ٻئي اڌ جي شروع ۾ سنڌي نثري ادب جي لکڻ جي شروعات ٿي تہ دنيا جي مختلف ٻولين جو چونڊ ادب پڻ سنڌيءَ ۾ ڪثرت سان ترجمو ٿيڻ لڳو. جنھن جو بنيادي مقصد اهو هو تہ سنڌ کي دنيا جي ڪلاسيڪل توڙي همعصر ادب کان واقف ڪرائجي ۽ ائين سنڌي پڙهندڙ جي سوچ جي ڌارائن کي تيز ۽ بھتر موڙ ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ تہ ترجمي ڪرڻ وقت هنن ٻن ڳالھين جو لازمي طور تي خيال رکيو ويندو آهي: هڪ تہ ترجمو ٿيندڙ اسم (Item) ان ٻولي جنھن ۾ اهو ترجمو ٿي رهيو آهي جي پڙهندڙن جي لاءِ ڪيترو معلوماتي (Informative) آهي ۽ ٻيو تہ ان جي اوپري ماحول سان ڪيتري مطابقت (Relevancy) آهي. جيئن تہ هر دور ۾ هڪ قوم ٻي قوم کي لازمي طور تي سمجهڻ چاهيندي آهي تنھن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جي جيڪا 19هين صدي ۾ ضرورت محسوس ڪئي ويئي هئي، اها اڄ ويھين صديءَ جي آخري سال ۾ بہ ساڳي معنيٰ ۽ شدت ۾ موجود آهي.
انساني ارتقا جيئن تہ ٿوري گهڻي فرق سان هڪ ئي انداز ۾ ٿي آهي،تنھن ڪري مختلف انساني معاشرن جي تشڪيل کانپوءِ مختلف نسلن/گروهن/قومن جي تهذيب، ثقافت، ادب، سماجيات، ريتن رسمن ۽ سوچڻ ۾ پڻ معمولي فرق سان، هڪ جهڙائي موجود رهي آهي. ان ڪري جيڪڏهن الطاف شيخ جپاني ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿو تہ، اهي جپاني قوم جي تهذيب، ثقافت، ريتن رسمن، رواجن، اخلاقيات، سوچ، فڪر ۽ سماجي حالتن جو آئينو هئڻ سان گڏ اهي قديم توڙي جديد سنڌي سماج جي صورت پڻ محسوس ٿين ٿيون.
”جپان جنھن جو ”بياني نثر“ اٺين صديءَ ۾ لکيو ويو ۽ ”افسانوي بيان“(Fictional Narration) ڏهين صديءَ ۾ تحرير ٿيو، ان جي ادب کي يارهين صديءَ ۾ لکيل ”گينجي مونوگاتري“ (گينجيءَ جي ڪھاڻي) عروج تي پھچائي ڇڏيو.“
جپاني ادب جي نقادن جو خيال آهي تہ، جپاني ادب جو وڏو حصو ”شخصي سجاڳي“(Awareness of the self) ۽ ”انفرادي نظريي“(The Ideology of Individualism)، جيڪو اولھہ جو فڪر آهي، جو ترجمان رهيو آهي، پر 18هين صديءَ جي آخر ۽ 19هين صديءَ جي شروع واري جپاني ادب، خاص طور تي ائيدا اڪيناري (Ueda Akinari. 1734-1809) ۽ تاڪيزاوا باڪن (Takizawa Bakin 1767-1848) جي تحريرن ۾ ادب جو سمان سان جڙيل تعلق ملي ٿو (حوالو: Far Eastern Literature in the 20th Century)
”ٻئي طرف سڄي دنيا وانگر، جپاني ادب بہ طبقاتي تقسيم جو شڪار رهيو آهي ۽ اهڙي ورهاست واري ادب کي اول ”اعليٰ لکڻيون“(Gabun) ۽ عام رواجي لکڻيون (Zokuban)چيو ويو. بعد ۾ اها ورهاست خالص (Pure) ادب (Jun- bungaku) ۽ پاپولر ادب (Taisho-bungaku) جي نالن سان سڃاپجڻ لڳي. ان تقسيم جي هڪ ٽئين شڪل تنڪا (Tanka) ۽ هائڪو (Haiku) جي صورت ۾ ظاهر ٿي، جنھن ۾ تنڪا کي درٻاري شاعري ۽ هائڪو کي عوامي شاعري قرار ڏنو ويو.“ پر ويھين صدي سنڌي ادب وانگر جپاني ادب لاءِ پڻ شاندار رهي آهي. هن صديءَ ۾ جپاني ادب کي پنھنجو خاص گهاڙيٽو مليو ۽مغربي ادب کي جپاني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ خاص ۽ مناسب محاورا پڻ ايجاد ڪيا ويا، اهو ڪريڊٽ جپان جي مشھور ناول نويس فتابيتيءَ شمي (Futabatei Shimei 1864-1909) ڏانھن وڃي ٿو. هيءُ اهو جپاني اديب آهي جنھن 1881ع ۾ ”ٽوڪيو اسڪول آف فارين لينگويجز“ جي رشين شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ روسي ادب سان سندس ايترو تہ لڳاءُ ٿي ويو، جو هن خاص طور تي مشھور روسي اديب ترگنيف جي ڪھاڻين جو جپاني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري شھرت ماڻي. جڏهن تہ هن جي شھرت جو هڪ ٻيو ڪارڻ سندس ماڊرن ناول ”يوڪي گومو“(Ukigumo) هو. جنھن جا ڪجهہ ٽڪرا هن ڪتاب ۾ ”رڙهندڙ ڪڪر“ جي عنوان سان شامل آهن. سندس ان ناول بابت نقادن جو چوڻ آهي تہ:”اهو ناول زمان، مڪان ۽ ڪردارن جون حدون متعارف ڪرائي ٿو.“ هن ليکڪ جو موت روس مان سامونڊي جهاز ۾ جپان واپس ايندي رستي تي بيمار ٿيڻ سبب 10 مئي 1909ع تي ٿيو.
جپاني ٻوليءَ ۾ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ (1952-1948ع ۾) آيل سڌارن کي پڻ جپاني ادب جي عروج جو هڪ ذريعو قرار ڏنو پيو وڃي. هن صديءَ جتي جپاني ٻوليءَ ۾ حسن آندو، اتي ان نون نظرياتي لاڙن ۽ بحثن کي پڻ جپاني ادب ۾ متعارف ڪرايو، جنھن ۾ نيچرلزم (Naturalism) ۽ سوشلزم سر فهرست آهن. 1960ع ۾ جيئن نيچرلزم کي فروغ مليو تہ، ان رومانويت پسندي جي جاءِ والارڻ شروع ڪئي. هن ٿيوريءَ جي پيروڪارن جو موقف هو تہ: ”زندگي جيئن آهي، ان ئي ائين بيان ڪيو وڃي.“نيچرلزم جي پوئلڳ اديبن ۾ ڪونيڪيڊا ڊوپو (Konikida Doppo)، شمازاڪي توسون (Shimazaki Toson) ۽ تياماڪاتائي (1930ع-1871ع) ۽ اوانو هومي (Iwano Homei- 1873-1919)، توڪودا شوسي (Tokuda Shusei-1871-1943)جا نالا وڌيڪ نمايان آهن. جڏهن تہ هن فڪري تحريڪ جي مخالفت ۾ ناتسومي سوسيڪي (Natsumi Soseki) ۽ موري اوگائي (Mori Ogai) جهڙا سينئر ليکڪ ميدان تي نڪري آيا. ناتسومي جو موقف هو تہ: ”جيڪو شخص پنھنجي واندڪائيءَ وارا لمحا آرٽ ۽ ادب کي ارپي ٿو، اهي سندس وجود کي تڪليفن کان ڇوٽڪارو ڏيارين ٿا ۽ فطرت پسندن جي نظريي جي ابتڙ سندن ويساھہ کي اتانھون بڻائين ٿا.“ بعد ۾ هن جي خيالن کي ”ادب براءِ ادب“ جو نالو ڏئي ان کي ٻڌمت جي ويجهو قرار ڏنو ويو.
ٻئي طرف روسي ليکڪن دوستو وسڪي، ٽالسٽاء، جرمن ليکڪ روڊالف. سي. اوڪن (Rudolf C.Eucken) ھينري برگسان، ٽيگور، آسڪروائيلڊ ۽ ايڊگر ايلن پو (Edger Allen Poe) جھڙا ليکڪ پڻ ترجمن ذريعي جپاني ادب ۾ داخل ٿي پنھنجو پنھنجو فڪري اثر ڇڏڻ لڳا. ھن ئي صديءَ ۾ جپاني ليکڪ ڪواباتا (Kawabata) ادب جو نوبل پرائيز حاصل ڪيو.
ھوڏانھن داخلي طور تي، گذريل ڏيڍ صديءَ واري جپاني ادب جا جتي ٽي دؤر، ميجي دؤر (Meiji Era - 1868-1912)، تائشو دؤر (Taisho Era - 1912-1926) ۽ شووا دؤر (Showa Era)، جيڪو 1926ع کان اڄ ڏينھن تائين جاري آهي، ٻڌايا وڃن ٿا، اتي ويھين صديءَ جي ابتدائي ٻن ڏھاڪن دؤران دنيا ۾ آيل نظرياتي ۽ سياسي تبديلين پڻ جپاني ادب تي پنھنجا گھرا اثر ڇڏيا. خاص طور تي 1917ع ۾ روس ۾ آيل سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ جپان ۾ ترقي پسند ادب جو اڀار ٿئي ٿو ۽ اھڙي ادب جا ٻہ وڏا نالا - ماياما ياشيڪي (Mayama Yoshiki - 1894-1945) ۽ڪوباياشي تاڪيجي (Kobayashi Takiji - 1903-1933)، باوجود جپاني شھنشاھيت جي ظلم ۽ ڏاڍ جي اڀري اچن ٿا. جڏهن تہ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند اديب جيڪي جپاني حڪومت جي ڏاڍ ۽ ٻي عالمي جنگ جي ڪري خاموش ٿي ويا هئا، سي جنگ جي خاتمي ۽ جپان جي شڪست کان پوءِ ٻيھر منظر عام تي آيا، جن ۾ ناڪانو شيگيھارو (Nakano Shigeharu)، ھيراباياشي تائڪو (Hirabayashi Taiko - 1905-1972)، مياموتو ڪينجي (Miyamoto Kenji) ۽ ھياشي فوميڪو (Hayashi Fumiko) مرڪزي حيثيت رکن ٿا. ھي ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ وارو اھو دؤر آھي، جڏهن سنڌ ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، اياز قادري، غلام رباني آگرو ۽ محمد ابراهيم جويو جن ترقي پسند فڪر جي رھنما جي طور تي منظرعام تي اچن ٿا. ٻئي طرف مٿي ڄاڻايل ترقي پسند جپاني اديبن جي مقابلي ۾جيڪي رجعت پرست اديب اڀريا، انھن ۾ ھوري تاسو (Hori Tatsuo - 1904-1953) ۽ ڊزائي اوسامو (Dazai Osamu) نمايان ليکيا وڃن ٿا.
جديد جپاني اديب، جيڪو ٻين ٻولين ۾ وڌيڪ ترجمو ٿيو آهي، اهو ابي ڪوبو(Abe Kobo)آهي، جڏهن تہ جنھن ليکڪ نوجوانن ۽ ٻين معاشرتي معاملن تي سگهاري انداز ۾ لکي ماڻھن جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪايو آهي، اهو 1935ع ۾ جنم وٺندڙ اوڪينزا بورو (Oekenzaburo) آهي. هيءُ ناول نگار، شارٽ اسٽوري رائيٽر ۽ مضمون نگار آهي. موراڪامي ريو(Murakami Ryu) ۽ انچي فوميڪو (Enchi Fumiko) پڻ جديد جپاني افسانوي ادب جا وڏا نالا تصور ڪيا وڃن پيا.
جپان جي ان ادبي تاريخ جي فڪري لاڙن جي پس منظر ۾ جڏهن الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب “جپان رس” ۾ شامل جپاني ڪھاڻين جي ترجمي کي پڙھجي ٿو تہ، اھي جپاني ادب جي ڏيڍ صديءَ وارن ٽن ادبي دؤرن، جيڪي حڪومتن جي تبديلين سان سڃاڻپ رکن ٿا، جو اولڙو محسوس ٿين ٿيون. ھن ڪتاب ۾ ڪل ست ڪھاڻيون شامل آهن، جن مان ٻہ ڪھاڻيون ”ڪوئي جا ڪم“ ۽ ”عشق جو آزار“ هڪ ئي ليکڪ سائيڪاڪو هارا (1693-1642 - Saikaku Hara) جون لکيل آهن، جيڪي سترهين صديءَ واري جپاني معاشري جون هوندي بھ، اڄ بہ ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ اهي اڄوڪي معاشري، (بشمول سنڌي معاشري) جون ڪھاڻيون هجن، باقي ڪھاڻيون اڻويھين صديءَ جي آخري اڌ ۽ ويھين صديءَ جي شروعاتي پنجن ڏهاڪن دؤران لکيل آهن. ڇاڪاڻ تہ انھن ڪھاڻين جي ليکڪن جي ڄم ۽ موت وارو عرصو پڻ اهو ئي آهي.
ويھين صديءَ جپان جي لاءِ خطرناڪ تباهي آندي، اتي ان ئي صديءَ جپان کي سرد جنگ جو فاتح ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو صنعتي ملڪ پڻ بڻائي ڇڏيو. ھيءُ ملڪ ٻي عالمي جنگ ۾ ائٽمي بمن ذريعي خاڪ ٿيو تہ، ان خاڪ مان ققنس وانگر جيئرو ٿي اٿيو. ھن جنگ جا ھلڪا ھلڪا اشارا پڻ ھنن ڪھاڻين ۾ موجود آھن.
ھي ڪھاڻيون سڌريل ملڪ بڻجڻ کان اڳ واري جپان جي سماجي صورتحال، روين، لاڙن ۽ ثقافتي اھڃاڻن جون نشانيون پڻ آهن. اھي پنھنجي اندر موضوعاتي عالمگيريت رکندي بہ مقامي سطح واري عوامي لھجي ۽ سادگيءَ سبب ڪمونو پاتل جپاني ڇوڪريءَ جھڙيون خوبصورت ۽ وڻندڙ محسوس ٿين ٿيون.
هنن ڪھاڻين جي خوبصورتي ۽ مفھوم ان ڪري بہ ضربجي نہ سگهيو آھي، جو الطاف شيخ صاحب اھي سڌوسنئون جپاني ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آھن ۽ اھي پڙھندڙ کي ان ڪري بہ آسانيءَ سان سمجهہ ۾ ايندڙ آھن، جو الطاف شيخ ھر ڪھاڻيءَ ۾ شامل ڏکين نالن، شھرن يا لفظن ‏۽ محاورن جي تشريح / وضاحت ان جي شروع ٿيڻ کان اڳ ڏيندو ويو آھي. جڏھن تہ هن هر ڪھاڻيڪار جو مختصر پر جامع تعارف ڏيئي، جتي ڪھاڻيءَ کي بامعنيٰ بڻايو آھي، اتي ڪھاڻيءَ جي دؤر کي پڻ واضح ڪيو آهي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ ۾، دؤر جي مناسبت سان پلاٽ، ڪردارنگاري، منظر نگاري، ٻولي، خيال ۽ ان جي ٽريٽمينٽ پڻ پڙھندڙ تي چٽي ٿي بيھي ٿي.
تخليقي ادب، دراصل ڪنھن قوم جي مزاج، تھذيب، تمدن، ثقافت، ريتن رسمن، فڪر ۽ سماجي ترقيءَ جو لفظن جي صورت ۾ اسٽل فوٽوگراف ھئڻ سان گڏ ھڪ دستاويزي فلم پڻ ھوندو آهي.
ھن ڪتاب ۾ شامل جيتوڻيڪ سڀئي ڪھاڻيون پنھنجي ڪيميائي ۽ فزيڪل ترڪيب ۾ تمام سٺيون آھن، پر خاص طور تي ”ٽوڪيو“، ”حان جو ڏوهه“، ”فوڪا گاوا جي گهنڊڻي“، ”ناروتو جو ڪئپٽن“ ۽ ”عشق جو آزار“ پڙھندڙ جي دل ۽ دماغ تي ھڪ ڊگهي عرصي تائين قبضو ڪري ويھڻ واري طاقت رکندڙ آھن. پر انھن سڀني مان بہ جيڪڏھن ھڪ سٺي ڪھاڻيءَ جي چونڊ ڪجي، تہ اھا 47 سال ڄمار ماڻيندڙ جپاني ليکڪا هاياشي فومي ڪو جي ڪھاڻي ”ٽوڪيو“ ئي ٿي سگهندي. هيءَ ڪھاڻي سائبيريا ۾ جنگ وڙھي واپس وريل فوجي سپاھي ”سورو“‏ ۽ جنگ تي ويل سائبيريا ۽ ڇھن سالن گذرڻ کان پوءِ بہ واپس نہ وريل ھڪ ٻئي فوجي سپاهيءَ جي زال ’ريو‘جي حسين تعلق تي لکيل مختصر عشق جي ھڪ طويل اثر ڇڏيندڙ ڪھاڻي آهي. ’سورو‘ سائبيريا کان واپس وريو آھي تہ، سندس زال ڪنھن ٻئي شخص سان کري چڪي آهي، نتيجي ۾ اُھا ھن کان الڳ ٿي ھن کي اڪيلو ڇڏي وڃي ٿي ۽ ’ريو‘ جو مڙس ھن جوان ۽ حسين عورت کي پٺتي ڇڏي ڇھن سالن کان واپس ناھي وريو. ’ريو‘ کي ھڪ ننڍڙو پٽ بھآهي. هوءَ چانھہ کپائيندي ھڪ ڏينھن ’سورو‘ سان اوچتو اچي ملي ٿي ۽ ائين ھڪ ئي معنيٰ واري حادثي جو شڪار ٿيل ھي ٻئي وجود ھڪ ٻئي جي ويجهو اچي وڃن ٿا.
ھڪ ڏينھن ’ريو‘، سندس ننڍڙو پٽ ۽ سندس نئون محبوب ’سورو‘گهمڻ لاءِ پھريون دفعو گڏجي نڪرن ٿا. برسات پئجي وڃي ٿي. رات ٿي وڃي ٿي ۽ ھي مجبور ٿي ھڪ هوٽل ۾ ترسي پون ٿا. ھڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ کان پوءِ هيءَ سندن پھرين رات آهي، جيڪا هو هڪ جاءِ تي گڏ گذاري رھيا آھن. پر هي ٻئي هڪٻئي کان پري ستل آھن. ’سورو‘ ھڪ وقت تي پاڻ تي وس نہ ھلائيندي ’ريو‘ کي ليلائيندي چوي ٿو:
”ريو، ريو، آئون ٿوري دير جي لاءِ تو وٽ اچي، توسان ڪي ڳالھيون ڪري سگهان ٿو...؟“
ريو انڪار ڪندي کيس چوي ٿي:
”نہ سورو، تنھنجو منھنجي ويجهو اچڻ صحيح نٿو لڳي!“
پر جڏھن رات کٽي ٿي تہ ھڪ ڳالھه’ريو‘ کي بيچين ڪري ۽ پڇتاءُ جي احساس ھيٺان کيس چيڀاٽي وجهي ٿي!
ريو دريءَ جي ٻاھران ڏٺو تہ، پرھہ ڦٽيءَ جي ھلڪي هلڪي روشني ظاھر ٿي رھي ھئي. اھو سوچي ھن کي ڏک ٿيو تہ، گڏ گهاريل رات نيٺ گذري وئي! ھڪ خيال کان ھن چاھيو ٿي تہ، سورو سندس چيو (انڪار) مڃي. ايترو جلديءَ ۾ ماٺ ڪري ويھڻ بدران (منھنجي ويجهو اچڻ جي لاءِ) ضد ڪري ھا...
ڪھاڻي جي پڄاڻي ٻن ڏينھن کان پوءِ ’سورو‘ جي، ھڪ پل تي ٽرڪ جي اونڌي ٿيڻ سبب ٿيل موت تي ٿئي ٿي ۽ ڪچڙي محبت/ نسرندڙ محبت ابتدا ۾ ئي مرجھائجي وڃي ٿي. ھن ڪھاڻيءَ جي جيتري ٻولي ۽ سبجيڪٽ سٺو آھي، اوتري ان جي منظرنگاري ‏۽ ڪردارنگاري پڻ ڪمال جي آهي.
”عشق جو آزار“ جيتوڻيڪ سترھين صديءَ جي لکيل ڪھاڻي آھي، پر ان رومانوي ڪھاڻيءَ جو ڪلاسيڪل موضوع اڄ بہ وقت سان ٺھڪندڙ لڳي ٿو.هن ڪھاڻي ۽ ’ٽوڪيو‘ ڪھاڻيءَ جا موضوعاتي پاند ڪٿي ڪٿي پاڻ ۾ ملن ٿا، خاص طور تي ’ٽوڪيو‘ جي ’ريو‘ٴ ۽ ”عشق جو آزار“ جي عورت ڪردار ’اوسان‘ جي زندگيءَ ۾ نئون موڙ پيدا ڪندڙ واقعو، ٻنھي جي مڙسن جو پنھنجن گهرن کان ٻاھر هئڻ آھي. مڙس جي غيرموجودگيءَ ۾ ’اوسان‘ پنھنجي نوڪر کي خوار ڪرڻ جي لاءِ جيڪا ڪوڙڪي اڏي ٿي، ان ‏۾ پاڻ ڦاسي پوي ٿي. ٻنھي جي حادثاتي عشق جي پڄاڻي پڻ ٻنھي جي سرعام ڦاسيءَ واري حادثي تي ٿئي ٿي. هن ڪھاڻيءَ ۾ جپاني معاشري ‏۾ ٻڌمت جي زيراثر ٿيندڙ اجتماعي ھاراڪِري (آپگهات) جي پڻ ھڪ جهلڪ ڏيکاري وئي آھي. تازو جپان مان اھي پڻ خبرون آيون ھيون تہ، اتي جي ماڻھن اھو چئي اجتماعي ھارا ڪري پئي ڪئي تہ، ”ھيءَ دنيا هاڻي رھڻ جي قابل ناھي رھي، اچو تہ اڳئين جھان ھلئون.“
”فوڪارا گاؤ جي گهنڊڻي“ ھڪ ڪنگلي ۽ اديب ٿيڻ جي خواهشمند شخص ۽ هڪ خوشحال پر رنڙ عورت جي نرالي لاڳاپي جي ڪھاڻي آهي. اديب کي دولت گهرجي ٿي ۽ عورت کي مڙس گهرجي ٿو. ٻئي ھڪ ٻئي جي تمام گهڻو ويجهو اچن ٿا. ان وچ ۾ ڪنگلو شخص ھڪ ڊرامي لکڻ کان پوءِ ناليوارو اديب بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪھاڻيءَ جو ڊراپ سين ائين ٿئي ٿو تہ، عورت پنھنجي حيثيت واري ھڪ شخص سان اھو سوچيندي شادي ڪري ڇڏي ٿي تہ، ”اديب سان گڏ جالي سگهڻ ڏکيو آھي.“ اھڙي طرح هن ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪھاڻيون بہ پنھنجي نرالي اسلوب ۽ موضوع جي لحاظ کان دائمي نقش چٽيندڙ آھن.
جپاني بنيادي طور تي فطرت پسند قوم آهي، جنھن جو اڪيلو مثال سندن شاعريءَ جي مضبوط ۽ مقبول صنف ”ھائيڪو“ آھي، جنھن جو بنياد منظرنگاري آهي. اھا قوم اڄ باوجود صنعتي سپر پاور بڻجڻ جي، پنھنجي ادبي ورثي کان الڳ ناهي ٿي ۽ مشينون سندن مزاج مان رومانويت پسندي، حسن جي پوڄا ‏۽ جذبن جي حساسيت کي ڪوري ٻاھر ڪدي ناھن سگهيون. ڪچي مڇي کائيندڙ، گرم شراب پيئندڙ ۽ صبح بدران رات جو وھنجندڙ اھا قوم، Humans Settlement ۾ ڀل باقي دنيا کان مختلف ھجي، پر مجموعي انساني احساسن، روين ۽ قدرن ڏانھن سندن اھائي ڇڪ ۽ خيال آھي، جيڪو ٻين جو ٿي سگهي ٿو.
مون کي رشڪ ايندو آھي، انھن تي ڪيترو،
جيڪي بي نيازيءَ مان پڇنديون آھن:
اھو ڪنھن جو ور آھي؟
جو وڃي رھيو آھي سرحدن جي حفاظت جي لاءِ،
فڪر ئي ناھي جنھن کي ڪو.
(ساڪيموري نومي)
ڀٽائيءَ چيو أھي:
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونھان،
تہ پڻ لڄ مران ، جي ھونس پٺ ۾.
ٻنھي شاعرن جي خيال جي مرڪزي معنيٰ ساڳي بيھي ٿي.
اھڙيءَ طرح هن ڪتاب ‏۾ شامل ڪھاڻيون جپان جون ھوندي بھ، سنڌي معاشري واري صوفيءَ جي تن تي اوڍيل رنگبرنگي رلي جون ڪي چتيون ضرور آهن.
ٻئي طرف جديد سنڌي ڪھاڻي جيتوڻيڪ پنھنجي موضوع توڙي ٽريٽمينٽ ۾ ھنن جپاني ڪھاڻين کان مڪمل طور تي مختلف آھي، پر ان جي باوجود بہ ھي ڪھاڻيون سنڌي پڙھندڙ ۽ خاص طور تي نوجوان سنڌي ڪھاڻيڪارن جي اڳيان ھڪ ٻئي ديس جي ادب جي حيثيت ۾ ھڪ آئيڊيا جي حيثيت رکن ٿيون ۽ ھنن ڪھاڻين جي پڙھڻ سان سندن دماغ جي ھڪ ڪنڊ ضرور روشن ٿيندي. هن موقعي تي محترم الطاف شيخ صاحب کان اھا اميد پڻ ڪري سگهجي ٿي تہ، هو 20ھين صدي جي آخري 50 سالن دؤران لکيل جديد جپاني ڪھاڻيون پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب جي سينگار ۾ هن ڪتاب جيان نکار آڻيندو.


انور ابڙو
25 فيبروري 1999ع
ڪراچي