ٽوڪيو
اھڙي طرح ھڪ جاءِ ۾ ريو ليئو پائي ڏٺو تہ سامھون رنگ لڳل لوھہ جي تارن جا ڍير نظر آيس ۽ ان جي ڀر ۾ ھڪ کوکي جي ڪئبن جنھن ۾لڳل شيشي جي در مان صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو تہ اندر باھہ ٻري رھي آھي. ڪئبن جي در وٽ ھڪ ھمراھہ ڪم جي ڪپڙن ۾ بيٺو هو. مٿي تي ڳاڙھو رومال ويڙھيل ھوس.
ريو کي ھن ڊگهي ماڻھوءَ ۾ ڪا لڪل خوبي محسوس ٿي ۽ ھمت کان ڪم وٺي ھوڪو ڏنو:
”چانھہ ويڪو. سائين چانھہ وٺنداؤ؟“
”چانھه؟“ ماڻھوءَ پڇيو.
”ھائو.“ ريو ڦڪي مرڪ چپن تي آڻي وراڻيو، ”ھا. شيزوڪا چانھہ اٿم.“
جاءِ جي ڀت ۾ ٺھيل لنگھہ ٽپي ريو اندر آئي ۽ پٺيءَ سان ٻڌل ڳوڻ جا پٽا کولي ان کي ڪئبن اڳيان رکيو. ڪئبن اندر ھن ڏٺو تہ چلھو ٻري رھيو ھو جنھن جي باھہ تي ڪيٽليءَ ۾ ٿيندڙ گرم پاڻي جي ٻاڦ جو آواز نڪري رھيو ھو.
”سائين ڳالھہ ٻڌو.“ ريو چيو، ”توهان دل ۾ تہ نہ ڪندا جيڪڏھن آءٌ اندر اچي ڪجهہ باھہ جو سيڪ وٺان. ٻاھر قهر جو پارو پيو وسي ۽ مون صبح کان ميلن جا ميل پنڌ ڪيو ھوندو.“
”ڀلي تون اندر اچ.“ ماڻھوءَ چيو، ”در بند ڪري اچي چلھہ وٽ ويھه.“
ھن سامھون رکيل اسٽول تي ويھڻ لاءِ چيوجيڪا سڄي ڪمري ۾ واحد فرنيچر جي شيءِ ھئي. پاڻ ڪنڊ ۾ رکيل سامان جي کوکي تي ٿي ويٺو.ريو پھريائين گهٻرائي پر پوءِ ڳوڻ کي اندر ڪئبن ۾ ريڙھي پاڻ باھہ جي ڀرسان بيھي ھٿ سيڪڻ لڳي.
”ھتي اسٽول تي وڌيڪ سولي ويھي سگهندينءَ.“ ھن ماڻھوءَ چيو ۽ سندس ڦاٽل ڪپڙن ۽ پرڪشش چھري ڏي ڏٺو جيڪو ٻاھران ٿڌ مان ٿي اندر باھہ جي سيڪ تي ڳاڙھو ڳٽول ٿي پيو ھو.
”ھا منھنجي خيال ۾ تنھنجو ھي روزمره جو ڪم ناھي - منھنجو مطلب آھي در در تي چانھہ وڪڻڻ.“
”ھا منھنجو اھو ئي ڪم آھي جنھن مان پيٽ گذر ڪريان ٿي.“ريو چيو، ”مون کي ٻڌايوويو ھو تہ ھي سٺو پاڙو آھي. پر آءٌ صبح کان وٺي پئي ھلان پر اڃا تائين فقط ھڪ دٻو چانھہ جو وڪڻي سگهي آھيان. آءٌ ھينئر گهر موٽڻ تي هيس پر سوچيم تہ رستي تي ڪٿي ماني کائيندي وڃان.“
”مڙيئي خير آھي. تون ڀلي ھتي ماني کائيندي وڃ.“ ماڻھوءَ چيس، ”۽ توکي اھو ارمان ھرگز ڪرڻ نہ کپي اڄ تنھنجي وڪري نہ ٿي.“ ۽ پوءِ مرڪندي هن وڌيڪ چيو: ”توکي خبر آھي تہ اھا سڀ ڀاڳ جي بازي آهي! سڀانڪو ڏينھن ٿي سگهي ٿو تولاءِ سدورو ثابت ٿئي.“
ايتري ۾ ڪيٽليءَ جو پاڻي ٽهڪڻ لڳو. جنھن کي لاھڻ لاءِ ھي اٿيو ۽ ريوکي پنھنجي چوڌاري ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. ھن ننڍڙي ڪئبن جي ڇت تختن جي ٺھيل ھئي جيڪا باھہ جي ڪارنٺ سان سڄي ڪاري ٿيل ھئي. دريءَ اڳيان ھڪ لکڻ جو بورڊ رکيل ھو ۽ ڀت ۾ لڳل تختي تي ڪٽنب جا ديوتارکيل ھئا ۽ ڀرسان ھڪ سڪاڪائيء جو ٻوٽو. ماڻھوءَ، ٽيبل تان ويڙھيل ڪاڳر کنيو جنھن کي کولي منجهانئس مڇيءَ جو ٽڪر ڪڍيو ۽ ٿورن منٽن بعد سڄي ڪئبن ۾ پڪل مڇيء جي خوشبوءِ پکڙجي وئي.
”اچ.“ ماڻھوءَ چيس، ”آرام سان ٿي ويھہ پنھنجي ماني کاءُ.“
ريو ڳوڻ مان پنھنجي مانيءَ جي ننڍي ڳنڍ ڪڍي اسٽول تي ٿي ويٺي. ”شيون وڪڻڻ ۾ ڪو مزو ناهي. ڪيئن؟“ ماڻھوءَ چُلھہ تي مڇيءَ کي گرم ڪندي چيو، ”اھو ڀلا ٻڌاءِ، تہ چانھہ جي سؤ گرامن جا توکي گهڻا پئسا ٿا ملن.“
”ان لاءِ مون کي پنجٽيھہ يين فائدو ملڻ کپي. پر جيڪي ماڻھوءَ مون کي وڪڻڻ لاءِ چانھہ موڪلين ٿا، سي خراب چانھہ بہ ملايو ڇڏين، سو ان صورت ۾ ٽيھہ يين بہ مليو وڃن تہ خوش قسمتيءَ جي ڳالھہ آھي.“
ريو جي ڳنڍ ۾ مڇيءَ جا ٻہ ننڍڙا ٽڪر ۽ ڪجهہ اوٻاريل جَوَن جو ڀت ھو. ھن کائڻ شروع ڪيو.
”تون ڪٿي ٿي رھين؟“ ماڻھوءَ پڇيو.
”شتايا جي علائقي ۾. دراصل مون کي ٽوڪيو جو هڪ حصو ٻئي کان الڳ نٿو لڳي. مون کي ھتي آئي ڪي ٿورا ئي ھفتا ٿيا آهن. منھنجي ھتي ھڪ ساھيڙي آهي جنھن مون کي ھتي ٽِڪايو آهي، جيسين آءٌ ڪا بھتر جاءِ ڳولي وٺان.“
مڇي سوڪ ٿي چڪي هئي. ھن ڪپ سان ان جا ٻہ ڳترا ڪري ھڪ ريو کي ڏنو. ان سان گڏ ڪجهہ پٽاٽا ۽ چانورن جو ڀت پڻ ڏنو. ريو مرڪيو ۽ ٿورو مڃڻ لاءِ جھڪي ’مھرباني‘ چئي. پوءِ ڳوڻ مان چانھہ جو ھڪ دٻو کڻي ان مان ڪجهہ چانھہ ڪاڳر جي رومال تي ليٽائي.
”اچي ھيء چانھہ پنھنجي ڪٽليءَ ۾ وجهو.“ ھن ھائوڪار ۾ پنھنجو ڪنڌ ڌوڻيو ۽ مرڪڻ وقت پنھنجا اڇا ڏند ظاهر ڪندي چيو: ”ھهڙي عمدي چانھه! نہ بابا ھيء تہ تمام مھانگي ھوندي.“
ھن جي جهلڻ کان اڳ، ريو ڪٽليءَ جو ڍڪ لاهي چانھہ ان منجھہ وڌي. ماڻھو ٽهڪ ڏيندي اٿيو ۽ تختي تان چانھہ جو ڪوپ ۽ مگ لاٿو.
”تنھنجي مڙس جي ڏي خبر؟ تون شادي شدہ آهين يا نہ؟“
”ھا. آئون آھيان. منھنجو مڙس اڃا تائين سائبيريا ۾ آھي. ان ڪري مون کي پورهيو ڪرڻو پوي ٿو.“
ريو جون سوچون ان مھل پنھنجي مڙس ڏي اڏامي ويون جنھن کان گذريل ڇهن سالن ۾ ھن وٽ ڪا خبر چار نہ آئي ھئي. ھاڻ تہ ھن جي شڪل يا ڳالھائڻ جو آواز ياد ڪرڻ لاءِ بہ ھن کي دماغ تي زور ڏيڻو پيو ٿي. ھر روز صبح جو اٿڻ مھل هن کي ھن دنيا جي خالي ۽ پوراٽيل ھجڻ جو احساس ٿيو ٿي. ھاڻ تهريو کي ائين لڳو ٿي ڄڻ سندس مڙس سائبيريا جي ٿڌي رڻ پٽ ۾ ڄمي برف جو جن يا ھڪ سنھو اڇو ٿنڀو ٿي ويو ھجي. هيڏي عرصي گذرڻ ڪري ھاڻ تہ جنگ جي ڳالھہ ئي ماڻھن جي ڌيان تان لھي وئي ھئي. سو کيس پنھنجي مڙس بابت ٻڌائيندي شرم ٿي آيوتہ هو اڃا اتي سائبيريا ۾ آھي.
”ڪمال آھي.“ ماڻھوءَ چيو، ”حقيقت اھا آھي تہ آءٌ بہ سائبيريا جي جيل ۾ ھوس! مون ٽي سال ’امور‘ نديءَ وٽ وڻن جون ڪاٺيون ڪپيندي گذاريا - بس گذريل سال ئي منھنجي اتان جان ڇٽي. اھا ڀاڳ جي ئي ڳالھہ آھي. تنھنجي مڙس تي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن آيل ٿا ڏسجن پر ساڳئي وقت توتي پڻ ڏکيا ڏينھن اچي ويا.“
”چئبو تہ تون بہ سائبيريا ۾ ئي هئين، پر تنھنجي حالت ڪا خراب نٿي لڳي.“ريوچيس.
”اھا تہ مون کي خبر ناھي.“ ماڻھوءَ ڪلھن کي لوڏي چيو.”بھرحال، جيئن توکي نظر اچي پيو، آءٌ اڃا جيئرو آھيان.“
ريو پنھنجي مانيءَ جي ڳنڍ ٻڌي ۽ انھيء دوران ھن ماڻھوءَ کي پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي. منجهس ڪا سادگي ۽ سڌائي ھئي، جيڪا گهڻو پڙهيل ماڻھن ۾ نہ ھوندي آھي جنھن ڪري ساڻس دل کولي ڳالھائڻ ۾ آر نٿي لڳو.
”ٻار ٻچا اٿئي؟“ ھن پڇيو.
”ھا ھڪ ڇهن سالن جو پٽ آھي. ھن جي اسڪول وڃڻ جي عمر آھي پر ھتي ٽوڪيو ۾ نالو داخل ڪرائڻ، ڏکيو ڪم آھي. هي آفيسر چاهين ٿا تہ ماڻھن لاءِ زندگي ڪيئن عذاب بڻائجي.“
ماڻھوءَ ويڙھيل ڳاڙھو رومال کوليو ۽ ان سان ڪوپ ۽ مگ اگهي انھن ۾ چانھہ وڌي.
”تمام عمدي چانھہ آهي.“ وڏي آواز سان چانھہ جون سرڪون ڀريندي ماڻھوءَ چيو.
”ڪيئن وڻي ٿي؟ اھا ڪا خاص اعلي قسم جي چانھہ تہ ناھي. ٻڌي اگھہ تي فقط ٻہ سؤ ڏھہ يين ھڪ ڪلو جا. پر تون سچ ٿو چئين _ ھيء بہ چڱي آھي.“
سندن ڳالھائڻ دوران ھوا اڃا بہ تکي ٿيندي وئي. رکي رکي ڪئبن جي ٽين جي ڇت تان ھوا جا سوسڙاٽ ٻڌڻ ۾ اچي رھيا ھئا. ريو دري کان ٻاهر ڏٺو ۽ گهر تائين پھچڻ لاءِ ڊگهي پنڌ جو سوچيو.
”آءٌ توکان ڪجهہ چانھہ وٺندس _ ست سؤ پنجاھہ گرام.“ اھو چئي ھن قميص جي کيسي مان ٻہ مروٽيل سروٽيل سؤ سؤ يين جا نوٽ ڪڍيا.
”چريو نہ ٿي.“ ريو چيس، ”ايتري تہ مان توکي ائين ئي ڏئي سگهان ٿي.“
”مفت ۾ تہ آءٌ بہ نہ وٺندس. واپار واپار آهي.“ ھن اھي ٻہ نوٽ ھن جي ھٿن تي زوريءَ رکيا ۽ چيو. ”باقي ھيڏانھن تنھنجو وري لنگھہ ٿئي تہ جهاتي ضرور پائجانء.“
”ھا. ضرور.“ ريو چيو ۽ پوءِ ان ننڍڙي ڪئبن ڏي چوڌاري وري نهاري چيو: ”پر تون شايد ھتي رھين تہ ڪونہ ٿو.“
”نه. رھندو ھتي ئي آھيان. سامھون رکيل لوھہ جي آءٌ چوڪيداري ڪندو آھيان ۽ ان کي ٽرڪن ۾ چاڙھائڻ مھل مزورن جي مدد پڻ ڪندو آھيان.“
ھن تختي ھيٺان وارو دروازو کوليو تہ سامھون ھڪ ننڍڙي کوليءَ ۾ صاف سٿرو ھنڌ نظر آيو.
”تہ ھي سائين جن جو آرامگاھہ آهي.“ ھن مرڪندي چيو، ”پورو تنھنجي ماپڻ جيترو.“
ھن دل ۾سوچيو تہ ھن جي ڄمار ڇا ٿي سگهي ٿي. ان ڏينھن کان پوءِ ريو ھر روز ان علائقي ۾ چانھہ وڪڻڻ لاءِ ايندي ھئي ۽ هر دفعي ان ڪئبن ۾ بہ ٿوري دير لاءِ ترسندي هئي. هن کي هاڻ خبر پئجي وئي تہ ماڻھوءَ جو نالو ’سورو‘1آھي. گهڻو ڪري ڏھاڙي هو ھن جي مانيءَ تي ڪانہ ڪا چھر وٺي رکندو هو، جيئن تہ آچار ذرو، تريل ڳائي گوشت جي ٻوٽي، مڇيءَ ڳڀ وغيره. ريو جو ڌنڌو بہ ھاڻ چڱو ٿيندو ويو ۽ ڪي گراھڪ تہ ھن جا پڪا ٿي ويا.
پھرين ملاقات کي ھفتو کن گذرڻ بعد، هڪ ڏينھن هوءَ پاڻ سان پنھنجو پٽ رائيوڪيچي وٺي آئي. سوروء ھن ٻار سان ٿوري دير ڳالھايو ٻولھايو پوءِ پاڻ سان چڪر تي وٺي ويس. واپسيءَ تي رائيوڪيچيء جي ھٿن ۾ ھڪ فروٽ ڪيڪ هو.
”ھي تنھنجو نينگر کائڻ جو مڙس ماڻھو آھي.“ سوروء ڇوڪري جي ٽڪڻ تي ٿپڪي ڏيندي چيو.
ريو ائين ئي سوچڻ جي ڪوشش ڪئي تہ آيا سندس نئون دوست شادي شدہ آھي يانہ. دراصل ريو هن جي ٻين بہ ڪيترن ئي پھلوئن تي سوچڻ چاهيو ٿي. هوءَ هاڻ اوڻٽيھن سالن جي هئي ۽ ھن شروع کان ئي محسوس ڪيوتہ ھي پھريون دفعو آھي، جڏھن مڙس کان علاوه ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ ۾ ھن سنجيدگيء سان دلچسپي ورتي آھي. سوروء جو بي فڪراڻي ۽ مستن واري نموني ھن جي دل ۾ ڏاڍو موھ پيدا ڪيو هو پر هن ان احساس کي پاڻ تائين خبرداريءَ سان سنڀالي رکيو ۽ صفا ظاهر نٿي ڪرڻ چاهيو.
ٿوري دير بعد سوروء صلاح ڏنن تہ ڪنھن موڪل واري ڏينھن تي هو ريو ۽ رائيو ڪيچيء کي اساڪسا2 گهمائڻ لاءِ وٺي ھلڻ چاھي ٿو. ’اوئينو‘ اسٽيشن وٽ معلومات واري دخل تي هو سڀ مليا. سوروء کي هڪ پراڻو سوڙھو ناسي سوٽ پاتل هو ۽ ريو کي آسماني رنگ جو ڪمونو ۽ مٿان ھلڪو ناسي ڪوٽ. غريباڻن ڪپڙن ھوندي بہ هوءَ ريلوي اسٽيشن تي ماڻھن جي ميڙ ۾ وڻي رھي ھئي جو منھن مھانڊن ۾ موچاري هئي ۽ عمر ۾ پڻ جوان جماڻ. ڳري جسم ۽ وڏي قد واري سوروء جي ڀرسان هوءَ ائين لڳي رھي ھئي ڄڻ ڪا اسڪول جي شاگردياڻي، موڪل وارن ڪپڙن ۾ ھجي. پاڻ سان کنيل ڳوٿريءَ ۾ سندن منجهند جي ماني ھئي: ڊبل روٽي، سنگتڙا ۽ ڀت سان گڏ سامونڊي ڪک پن.3
”بس اللھ ڪري، تہ مينھن نہ وسي.“ سوروء پنھنجي ٻانھن ريو جي چوڌاري ورائي، کيس ماڻھن جي ميڙ مان پار اڪاريندي چيو.
هو زمين دوز گاڏيءَ رستي اساڪسا اسٽيشن تي پھتا، پوءِ پنڌ متسويا ڊپارٽمينٽ اسٽور کان وٺي نائيتين شنتو دروازي تائين سوين ننڍا ننڍا دڪان لتاڙيائون. هن علائقي بابت جيڪي ڪجهہ ريو سوچيو هو ان کان مختلف ھو. سوروء آڱر جي اشاري سان ريو کي سامھون ڳاڙھي رنگ جو ننڍڙو مندر ڏيکاريو جيڪو رحم جي ديوي اساڪسا جو گهر هو. هوءَ اھو ڏسي وائڙي ٿي وئي. پري پري کان واڄن ۽ نغارن جون رکي رکي دانھن جھڙا آواز پئي آيا جيڪي سڪاڪائي جي پراڻن وڻن مان سيٽيون وڄائيندي ھوا جي سوساٽ سان ملي ٿي ويا.
هو پراڻن ڪپڙن جي لنڊا بازار مان ٿيندا اچي کاڌي جي اسٽالن سامھون اساڪسا حوض وٽ بيٺا، جتي ماڻھن جي چپ چپان لڳي پئي هئي ۽ ھوا ۾ تيل جي سڙڻ جي خوشبوءِ هئي. سوروء ھڪ دڪان تان نينگر کي کٽمٺڙن جي لڙي آڻي ڏني، جيڪا هو آھستي آھستي کائڻ لڳو ۽ ٽئي ھڪ سوڙھي گهٽيءَ مان لنگهڻ لڳا، جتي ٻنھي پاسي هوٽلن، ڪلبن ۽ سئنيما ٿيٽرن جا آمريڪن نموني جا اشتھار ۽ بورڊ لڳل هئا. ريو جي سوروءَسان ڄاڻ سڃاڻ کي اڃا مھينو بہ ڪو مس ٿيو هو پر کيس ايڏي تہ پنھنجائڀ محسوس ٿي رھي هئي جو ڄڻ تہ سڄي عمر جي واقفيت ھجي.
”اجهو آخر مينھن بہ اچي ويو.“ سندس ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺندي سوروءَ چيو. ريو مٿي نهاريو، جتان ڀورن ڪڪرن منجهان مينھن جا ڦڙا ڪري رھيا ھئا. ’سو ھاڻ سير جو مزو ئي ويو‘ريو سوچيو.
”سو ٿيندوتہ ھتي ھلي ويھون.“ سوروءَ، سامھون ھڪ دڪان ڏي اشارو ڪندي چيو، جنھن جي ٻاھران هڪ پراڻي زماني جو لالٽين لڙڪي رهيو هو ۽ بورڊ تي ڪانجي اکرن ۾ ”دلبھار چانھہ گهر“ لکيل ھو. هو ھڪ ٽيبل جي چوڌاري ٿي ويٺا، مٿان ڇت تي ھٿ جا ٺھيل گل لڳل ھئا. چوڌاري عجيب ڌاريون ماحول لڳي رھيو ھو. پر مڙيئي ٿيو جيئن تيئن وقت سٺي نموني گذارڻو. ھن چانھہ جو آرڊر ڏنو ۽ ريو ھڙ مان کائڻ جو سامان: ڊبل روٽي، سنگتڙا ۽ سامونڊي ڪک پن (Nori)ڪڍي ھڪ ٻئي ۾ ورھايا. کائي پي بس ڪيائون تيسين مينھن ھيڪاندو اچي وڏ ڦڙو ٿيو.
”سٺو ٿيندوتہ اسان اڃا بہ ٿوري دير ھتي ترسون جيسين مينھن ختم ٿئي، پوءِ آئون توھان کي گهر وٺي ھلندس.“
ريو تعجب مان سوچيوتہ خبر ناھي هي ڪھڙي گهر لاءِ ٿو چوي. سندس گهر يا ھن جو گهر. هوءَ تہ پنھنجي ساهيڙيءَ جي ڀڳل سڳل گهر ۾ ئي مسافر وانگر رهيل آھي ۽ کيس ڪو ڪمرو بہ ذاتي ناھي، جنھن کي کڻي ھوءَ پنھنجو سڏي. سندس اھڙي گهر کان تہ بھتر ٿيندو جي ھوءَ سوروء جي ان ننڍڙي ڪئبن ۾ موٽي هلي - پر اھا بہ ايڏي وڏي تہ ھئي ڪانہ، جنھن ۾ ٽي ڄڻا ماپي سگهن. پنھنجو پرس ڪڍي، ٽيبل ھيٺان پئسا ڳڻڻ لڳي. ست سؤ يين چڱو تعداد آھي جنھن جي بدران کين ڪنھن مسافرخاني ۾ ڪجهہ ڪلاڪن لاءِ اجهو ملي وڃي.
”خبر اٿئي تہ آءٌ ڇا چاهينديس؟“ ھن چيو.”آءٌ اھو چاھينديس تہ پاڻ ڪا فلم ھلي ڏسون، ان بعد ڪنھن مسافرخاني ۾ ماني کائي ھڪ ٻئي کان موڪلايون. پر ٿي سگهي ٿو اھو مھانگو پوي.“
”ھا. مون کي بہ ائين ٿو لڳي.“ سوروء کلندي چيو ”پر اچو تہ پاڻ اھو ئي ڪريون.“
مينھن کان بچڻ خاطر، سوروء پنھنجو ڪوٽ لاھي ڇوڪريءَ جي
مٿي تي رکي، رستي جي ھن پاسي سئنيما ڏي وٺي ڊوڙ پاتي. اندر سئينما ۾ ويھڻ لاءِ تہ سيٽ نہ ھئي سو بيھڻو ئي پيو. فلم ڏسندي ڇوڪري کي ننڊ اچي وئي ۽ سوروء کيس پاڻ تي جهڪائي ڇڏيو. سئينما گهر ۾ اندر بہ محسوس ٿي رهيو هو تہ ھوا وڃي پئي گهاٽي ۽ ڪوسي ٿيندي ۽ ڇت تي مينھن جو شپڪو ويو ٿي زور وٺندو.
فلم ختم ٿيڻ تي جڏھن هو ٻاھر نڪتا تہ اوندھہ ٿي چڪي ھئي.مينھن جي ڦڙن جو رستي تي ڪرڻ سان آواز ائين ٿي نڪتو، جيئن تکي هوا ۾ ڪيلي جي سڪل پنن مان نڪرندو آھي. آخرڪار ھنن ھڪ مسافرخانو ڳولي لڌو. جنھن جي مالڪ کين گلم وڇايل ورانڊي مان لنگهائي آخري ڪنڊ وارو ڪمرو ڏنو. ريو پنھنجا آلا جوراب لاھي رکيا. ڇوڪرو ان ئي وقت ڪنڊ ۾ وڃي ستو ۽ ليٽڻ سان ننڊ کڻي ويس.
”اچي ھي وھاڻي طور کڻي رک.“ سوروء ھڪ ڪرسيءَ تان گادي کڻي ڇوڪري جي مٿي هيٺان رکندي چيو.
دريءَ مٿان ٺھيل ناري مان پاڻي هيٺ ورانڊي ۾ ائين ڪري رهيو ھو ڄڻ ڪنھن جبل تان آبشار ڪري رهيو ھجي.
سوروءَ رومال کولي ريو جا آلا وار اگهيا. سوروءَ ڏي ڏسي ريو جي دل ۾ خوشيءَ جا جذبا اڀري رھيا ھئا.ريو کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سالن جي اڪيلائي هن مينھن ڌوئي ڇڏي ھجي.
ھوءَ کاڌي جي بندوبست لاءِ ٻاھر نڪتي تہ ورانڊي ۾ مغربي ڪپڙن ۾ ھڪ نوڪرياڻي مليس، جيڪا چانھہ جو خومچو کڻي پئي وئي. ريو کيس ٻہ پيالا اسپاگهيٽيءَ جا آڻڻ لاءِ چئي اچي سوروءَ جي سامھون ويھي جپاني چانھہ پيئڻ لڳي. وچ تي سگري ٻري رھي هئي. ٿوري دير بعد سورو اتان اٿي هن جي ڀرسان پٽ تي اچي ويٺو.4 ٻئي ڀت کي ٽيڪ ڏئي سامھون ڪاري ۽ مينھوڳي واري آسمان ڏي ڏسڻ لڳا.
”ريو، تنھنجي عمر ڇا ھوندي؟“ سوروءَ ھن کان پڇيو.”منھنجي ڌڪي موجب تہ پنجويھن سالن جي ٿيندينء.“
ريوکليو.”نہ اھا نہ اٿم، سورو. آئون تہ پوڙھي ٿي چڪي آھيان. آئون اٺاوھين جي آھيان.“
”چئبو تہ تون مون کان سال وڏي آهين.“
”۽ تون تہ بنھہ ننڍو نڪتين.“ريو چيو. ”مون پئي سمجهيو تہ تون گهٽ ۾ گهٽ ٽيھن جو ھوندين.“
ريو ھن جي گهاٽن ڀرن ۽ ڪارين اکين ڏي چتائي ڏٺو. هو ٿورو شرمائڻ لڳو ۽ پوءِ اڳيان جهڪي هن پنھنجا آلا جوراب لاٿا.
مينھن جو وسڪارو جاري ھو. خذمتگار ڇوڪري ٺريل اسپاگهيٽيءَ جو پيالو ۽ سوپ کڻي آئي. ريو ڇوڪري کي اٿاري کيس سوپ جو پيالو ڏنو. هو اڃا ننڊاکڙو هو ۽ پيئڻ مھل بہ گِڏي رهيو هو.
”ڏس ريو.“ سوروءَ چيو، ”ٿي سگهي ٿو تہ پاڻ کي اڄ جي رات ھتي مسافرخاني ۾ ٽڪڻي پوي. هينئر پاڻ مينھن ۾ تہ گهر موٽي نٿا سگهون.“
”واقعي نه.“ريو چيو، ”منھنجي خيال ۾ تہ نه.“
سورو ڪمري کان ٻاھر نڪتو ۽ گاديلن ۽ سوڙن جا ويڙھا کڻي آيو.ريو ھڪ ويڙھي ۾ پنھنجي پٽ کي ٺاھي سمھاريو، جنھن کي ان ئي وقت گهري ننڍ وٺي وئي. پوءِ بتي وسائي پاڻ ڪپڙا لاھي اگهاڙي ٿي ھڪ ٻئي بستري ۾ سمھي پئي. ٻيءَ ڪنڊ مان سوروءَ جا آواز اچي رھيا ھئا جيڪو پنھنجي لاءِ ھنڌ ٺاھي رهيو هو.
”منھنجي خيال ۾ تہ هن مسافرخاني جا ماڻھو پاڻ کي زال مڙس ٿا سمجهن.“ سوروءَ ڪجهہ دير کان پوءِ چيو.
”ھا، مون کي بہ ائين ئي لڳي ٿو. اھا پنھنجي سٺي ڳالھہ ناھي جو کين بيوقوف ٺاھي رھيا آهيون.“
ھوءَ جيتوڻيڪ اهو ائين ئي چرچي ۾ چئي وئي پر جيئن تہ ھن وقت ھوءَ بستري ۾أگهاڙي ستي پئي هئي سو پھريون دفعو پاڻ کي منڌل ۽ ڏوھاري محسوس ڪيائين. ھيترن سالن ۾ مڙس کي ايترو ويجهو نہ ڀانئيائين، پر هينئر ڪن سببن ڪري ھن کي ائين پئي لڳو ڄڻ ھو ھن جي ويجهو، پھريدار جيان بيٺو ھجي. پر ھوءَ ھتي انھيء ڪري ٽِڪي پئي آھي جو مينھن کيس گهر تائين پھچڻ نٿي ڏنو - ھن پنھنجو پاڻ کي ياد ڏياريو... ۽ پوءِ سندس خيال هيڏانھن ھوڏانھن پُرلطف فضا ۾ ڦرندا رھيا ۽ ڪنھن مھل کيس اک بہ لڳي وئي.
جڏھن ھوءَ سجاڳ ٿي تہ اڃا اونداھہ ھئي. سورو پرئينءَ ڪنڊ کان آهستي سندس نالو وٺي رهيو هو. هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ويٺي.
”ريو، ريو، آئون تو وٽ ٿوري دير لاءِ اچي ڳالھيون ڪري سگهان ٿو؟“
”نہ سورو.“ريووراڻيس، ”تنھنجو منھنجي ڀر ۾ اچڻ صحيح نٿو لڳي.“
ڇت تي مينھن جي شپڪي جو آواز اڃا پئي آيو پر طوفاني بارش جو اھو زور گهٽجي چڪو هو. نارا بہ هاڻ ڍرا ٿي ويا ھئا، رڳو سنھي لار پئي ٽمي. مينھن جي ان آواز هوندي، ھن کي ٻڌڻ ۾ آيوتہ سورو جهڙوڪر ٿڌا ساھہ کڻيرهيو آهي.
”سورو!... ٻڌ!! “ ھن ٿورو ساھہ پٽي چيو، ”مون توکان ھن کان اڳ ڪڏھن بہ نہ پڇيو ھو، پر ڇا تون شادي شدہ آهين؟“
”نه. هاڻ نه.“ سوروءَ چيو.
”ڇا تون هئين؟“
”ھا. آئون ھوس. جڏھن آرميءَ مان واپس آيس تہ پنھنجي زال کي ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ سان رھندي ڏٺم.“
”توکي - ڀلا ڪاوڙ لڳي؟“
”ڪاوڙ؟... ھا...شايد ڪاوڙ لڳي هئي. پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. هن مون کي ڇڏي ڏنو هو. پوءِ باقي ڳالھہ ۾ رهيو ئي ڇا.“
ان کان پوءِ هو وري ماٺ ٿي ويا.
”سورو، تون ڪھڙيون ڳالھيون ڪرڻ ٿو چاهين؟“ريو پڇيس.
سورو کليو.”بس، ڪا خاص ڳالھہ تہ ڪانہ آھي. جيڪا اسپاگهيٽي پاڻ سمھڻ مھل کاڌي ھئي سا خاص نہ ھئي، يا ھئي؟“
”نه. ان کي تہ ڪو سٺو چئي نہ سگهندو ۽ ھن ھڪ پيالي جا سؤ يين پاڻ کان ورتا.“
”ريو ڪيترو تہ سٺو ٿئي جيڪر توکي ۽ رائيوڪيچيء کي رهڻ لاءِ پنھنجو ڪمرو ھجي ھا.“ سوروءَ چيو.
”ھا واقعي، اھا تہ ڳالھہ آھي. ڇا تنھنجي گهر ڀرسان ڪو ڪمرو مسواڙ تي نہ ملي سگهندو. آئون پاڻ بہ تنھنجي ويجهو رهڻ چاھيان ٿي. سورو توکي ڪو سُجهي؟“
”اڄڪلھہ مسواڙ تي جاءِ ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آھي - خاص ڪري شھر جي وچ ۾ جتي آئون رهان ٿو. بھرحال مون کي ڪا جاءِ نظر آئي تہ ھڪدم خبر ڪندوسانءِ... تون ڪيڏي تہ سٺي عورت آهين، ريو.“
”آئون.“ريو کلندي چيس، ”چريو نہ ٿي.“
”ھا. تون واقعي سٺي آهين... واقعي سٺي.“
ريو پٽ تي پاسو ورائي اونڌي ٿي سمھي رھي. اوچتو ھن جي دل ۾ آيو تہ جيڪر سوروءَ کي ڀاڪر پائي ھن جي جسم کي پنھنجي ويجهو محسوس ڪري. ھن کي ڳالھائڻ جي ھمت نٿي ٿي ان ڊپ کان تہ ڪٿي آواز ھن جو ساٿ نہ ڇڏي وڃي. هن ساھہ کڻندي بہ تڪليف محسوس ڪئي ٿي. ھن جي سڄي جسم ۾ سيوڪاري ۽ سنھو سور ٿي رهيو هو. دريءَ ٻاھران ڪا صبح ساجهر ٽرڪ گذري.
”تنھنجا ماءُ پيءُ ڪٿي آھن، سورو؟“ ڪجهہ دير کان پوءِ ريو ڪڇيو.
”فڪوڪا شھر جي ڀرسان.“ سوروءَ وراڻيو.
”ڀلا ٽوڪيو ۾ تنھنجي ڀيڻ ٿي رھي.“ريو پڇيو.
”ھا. هوءَ تو وانگر اڪيلو سر آھي ۽ پٺيان ٻہ ٻار اٿس جن جي هن کي سارسنڀال ڪرڻي پوي ٿي. ھن وٽ سبڻ جي مشين آھي، جنھن تي مغربي نموني جا ڪپڙا سبي پورت ڪري ٿي. هن جو مڙس ڪجهہ سال اڳ مري ويو - چين واري لڙائيءَ ۾. جنگ، بس اھائي نڀاڳي نپٽ جنگ.“
دريءَ جي ٻاھران ريو ڏٺو تہ پرھہ ڦٽيءَ جي هلڪي روشني نمودارٿي رھي ھئي. اھو سوچي ھن کي ڏک ٿيوتہ گڏ گهاريل رات ذري گهٽ گذري وئي. ھڪ خيال کان ھن چاهيو ٿي تہ سورو سندس چيو مڃي ايترو جلد آسانيءَ سان ماٺ ڪري ويھڻ بدران ضد ڪري ھا. پر ٻي ڳالھہ کان ھوء اھو سوچي مطمئن ٿي وئي تہ ان ۾ ئي بھتري ھئي. جيڪڏھن سوروءَ جي جاءِ تي ڪو ٻيو ماڻھو ھجي ھا، جنھن سان هن جي سڃاڻپ نہ ھجي ھا يا جنھن جي لاءِ ھن جي دل ۾ ڪجهہ نہ هجي ھا، تہ پوءِ ھوءَ بنا ڪنھن سوچ جي پنھنجو پاڻ ھن جي حوالي ڪري ڇڏي ھا. پر سوروءَ سان ائين صحيح نہ هو في الحال ٺيڪ نہ هو.
”ريو مون کي ننڍ صفا نٿي اچي.“ سندس آواز وري ھن جي ڪنن تي پيو. ”آءٌ سوير کان جاڳي رهيو آھيان. آءٌ شايد ھن شيءِ جو عادي نہ آھيان.“
”ڪھڙي شيءِ جو؟“ريوچيو.
”اھوئي، ڪنھن ڇوڪريءَ سان گڏ، ساڳي ڪمري ۾ سمھڻ جو.“ سوروءَ وراڻيو.
”چڱو چڱو سورو، ھاڻ اھا بہ ڳالھہ نہ ڪر، ڄڻ تہ تو ڪڏھن ڪا ساھيڙي ئي نہ رکي ھوندي.“
”فقط واپاري قسم جون.“ سوروءَ جواب ڏنو.
ريو کلي ڏنو.”بھرحال ڪنھن بہ نموني سان، گهٽ ۾ گهٽ...“
هن سوروءَ جي رڙھي اچڻ جو آواز ٻڌو. جو اوچتو سندس ڀر ۾ سمھي، هن مٿان جهڪيو.ريو ڪابہ چرپر نہ ڪئي، ان وقت بہ نہ جڏھن ھن سوروءَ جون ٻانھون پنھنجي چوڌاري محسوس ڪيون ۽ سندس منھن پنھنجي منھن سامھون. اوندھہ ۾ سندس اکيون کليل ئي رهيون جن جي اڳيان جلڪندڙ روشنيون ٻري وسامي رهيون هيون. ھن جا گرم چپ سندس ڳلن مٿان زور ڏئي رھيا ھئا.
”ريو…ريو…“
”اھو پاپ آھي. سورو! توکي خبر آھي.“ ريو آھستي ڀڻڪي، ”منھنجي مڙس سان ويساگهاتي...“
پر، ذري گهٽ انھيء مھل ھن کي ائين چوندي افسوس ٿيو ۽ وڌيڪ چوڻ ڇڏي ڏنو. هلڪي سوجهري ۾ ھن جهڪيل سوروءَ جي منھن ۾ چتائي ڏٺو. هو سندس مٿان اھڙيءَ طرح جهڪي ويٺو هو ڄڻ ڪو پوڄاري، ديوتا اڳيان ويٺو ھجي. ريو پھرين ٿورو دل من هنيو پر پوءِ ٻي گهڙيءَ پنھنجيون ٽانڊن جھڙيون ٻانھون سندس ڳچيءَ ۾ وجهي کيس پنھنجي مٿان ليٽائي ڇڏيو.
پورن ٻن ڏينھن کان پوءِ ريو خوش خوش پنھنجي پٽ سان گڏ سوروءَ سان ملڻ لاءِ نڪتي. جڏھن ھوءَ ھن جي جاءِ جي سامھون پھتي تہ کيس ڳاڙھو رومال ٻڌي در اڳيان بيٺل نہ ڏسي ريو کي ڏاڍو تعجب لڳو. ھن کي گهر اندر ڏسڻ لاءِ رائيوڪيچي اڳيان ڊوڙي ويو ۽ موٽي اچي ٻڌآيو.
”امان، اندر تہ ڌاريان ماڻھو ويٺا آهن.“
بدحواسيء جي عالم ۾، ريو ڪئبن ڏي ڊوڙي اندر ليئو پاتو.ٻہ مزور ڪنڊ ۾ سوروءَ جي سامان جي هڙ ٻڌي رھيا ھئا.
”محترمہ، ڇا کپي؟“ هڪ مزور منھن ورائي پڇيو.
”آئون سوروءَ سان ملڻ آئي آھيان.“
”ڇا توکي خبر ناھي تہ سورو ڪالھہ گذاري ويو.“
”مري ويو!“ هن کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ڪجهہ وڌيڪ چوڻ چاهيو ٿي پر وات مان لفظ اڪلي نہ سگهيا.
هن ڏٺو تہ ھڪ ننڍڙي ميڻ بتي، تختي تي رکيل ڪٽنبي ديوتا اڳيان ٻري رھئي هئي ۽ هوءَ ان جو غمگين مطلب سمجهي وئي.
”ھا.“ مزور چيو، ”هو ڪالھہ رات اٺين وڳي مارجي ويو. هو هڪ ٽرڪ واري سان گڏ لوھہ جون شيخون ۽ گارڊر ’اومَيا‘ ڏيڻ ويو هو ۽ واپسيءَ تي سوڙھيء پل تي سندن ٽرڪ اُٿلي پيئي. ھي ۽ ڊرائيور ٻئي ٿڏي تي مري ويا. ڪمپنيءَ جي ھڪ ماڻھوءَ سان اڄ سندس ڀيڻ، لاش ساڙڻ جي رسم تي، اومَيا وئي آھي.“
ريو پنھنجي اڳيان گهورڻ لڳي ۽ بي دليءَ سان ٻنھي ماڻھن کي سوروءَ جو سامان ٻڌندي ڏٺو. تختي تي ميڻ بتيءَ ڀرسان ھن کي اھي ٻہ چانھہ جا دٻا نظر آيا جيڪي سوروءَ ھن کان پھرين ڏينھن خريد ڪيا هئا. ھڪ ويڙھيل ھو، ٻيو اڃا کوليو ئي نہ هو.
”تون ھن جي دوست ھئينءَ، محترمہ؟ سورو دلبر قسم جو ماڻھو ھو. ھونءَ اهو سوچڻ آھي تہ نسوروئي بيوقوفي تہ ھوند هو ٽرڪ ڊرائيور کي لوھہ لاھڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ جيڪر اومييا نہ وڃي ھا. بس چريو چئبو، جيڪو جنگ ۽ سائبيريا ۽ ٻين ھنڌن تان تہ پاڻ بچائي آيو پر اچي ھتي مئو.“
ٻئي مزور اڳتي وڌي تختي تان سوروءَ جو سامان لاٿو. ريو سامھون پٽ تي سوروءَ جون شيون ٻڌندي ڏسندي رھي - ھڪ پراڻي ڪيٽلي. رڌڻ پچائڻ لاءِ ڪڻڇي، رٻڙ جا بوٽ.
جڏھن ھن جون نگاھون سامھون دريءَ وٽ رکيل بورڊ تي پيون تہ هن پھريون دفعو ڏٺو تہ ان تي ڳاڙھي چاڪ سان ڪو نياپو لکيل هو.
”ريو - مون تنھنجو انتظار ٻي بجي تائين ڪيو... شام تائين موٽي ايندس.“
ٻنھي مزورن کان هن جهڪي موڪلايو ۽ چانھہ جي ڳوڻ کي مٿڀرو ڪري، رائيوڪيچيء کي آڱر کان وٺي هلڻ لڳي. ڪئبن ڇڏيندي وقت هن کي سڄو بدن کيرو لڳي رھيو هو. ٿوريون وکون کڻڻ بعد ٻرندڙ ڳوڙھا سندس اکين مان نيسارا ڪري وھڻ لڳا.
”ڇا هو ماڻھو مري ويو، امان؟“
”ھائو. هو مري ويو.“ ريو جواب ڏنس.
”ھو ڇو مري ويو؟“
”ھو درياءَ ۾ ڪري پيو.“
شھر جي گهٽين مان لنگهندي وقت ڳوڙھا ھن جي ڳلن تان بنا جهل پل جي وھندائي رھيا. هو سُميدا نديءَ جي ڪماني واري پل تي پھچي، اھا ٽپي، نديءَ جو ڪنارو ڏئي ‘ھاڪوھو’ ڏي هلڻ لڳا.
”جيڪڏهن پيٽ سان ٿي پيئينء تہ بہ فڪر نہ ڪجانء.“ سوروءَ ان رات اساڪسا ۾ چيو، ”ڇا بہ ٿي پوي آئون تنھنجي پوئواري ڪندس، ريو.“ ۽ پوءِ موڪلائڻ کان اڳ هن چيو ھو، ”مون وٽ ڪو گهڻو پئسو ڏوڪڙ ناهي، پر تون مون کي موڪل ڏي تہ آئون تنھنجي ڪجهہ مدد ڪريان. آءٌ توکي پنھنجي پگهار مان هر مھيني ٻہ ھزار يين ڏئي سگهان ٿو.“ هن رائيوڪيچيء کي ولائتي سامان واري دڪان تان بيس بال راند جي هڪ ٽوپي خريد ڪري ڏني هئي ۽ پوءِ هو ٽئي ٽرام پٽي جي سنوت ۾، مينھن جي پاڻيءَ کان ٿيل دٻن کان پاڻ بچائيندا هليا. پوءِ، جڏھن کير واري جي دڪان ۾ پھتا، تہ سوروءَ ھرھڪ کي ھڪ وڏو گلاس کير جو وٺي ڏنو هو...
برف جھڙي ٿڌي ھوا نديءَ جي پاڻيءَ مٿان ٿيندي لڳي رهي ھئي. نديءَ جي پرئينء ڀر ڪجهہ پاڻيءَ جا پکي سيء ۾ ڏڪي رھيا هئا. وڏيون بارجون (ٻيڙيون) اوڀاريون لھواريون اچي وڃي رهيون ھيون.
”امان، مون کي مورتن وارو ڪتاب وٺي ڏي. تو وعدو ڪيو هو نہ؟“
”هينئر نه.“ ريو وراڻيو، ”آءٌ توکي پوءِ وٺي ڏينديس.“
”پر امان ڪتابن جا سڀ دڪان تہ لنگهي ويا، مون کي بک بہ لڳي آھي. امان ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيندين.؟“
”پوءِ... ڪجهہ دير کان پوءِ.“
هو، ھڪ بئرڪن جھڙي ڊگهي عمارت اڳيان لنگهڻ لڳا. اھي پڪ ماڻھن جا ذاتي گهر ھوندا، ھن سوچيو. جيڪي بہ اتي ماڻھو رهن ٿا انھن کي پنھنجا پنھنجا ڪمرا ھوندا. ھڪ گهر جي دريءَ مان چادر لڙڪي رهي هئي ۽ عورت ڪمرو پئي ٺاھيو.
”چانھہ ويڪو، چانھه.“ ريو ڌيرج سان ھوڪو ڏنو پر ڪوبہ جواب نہ ملڻ تي ريو ڪجهہ ڏاڍيان ھوڪو ڏنو
”مون کي نہ کپي.“ عورت چيو ۽ چادر ڇڪي زور سان کڻي دريءَ جا طاق بند ڪيا.
ريو ھڪ گهرن جي قطار کان ٻيءَ تائين پنھنجي وکر جو هوڪو ڏيندي رھي، پر ڪنھن کي بہ چانھہ جي ڪا ضرورت نہ هئي. رائيوڪيچي پنھنجي ماءُ پويان ننڍڙيون وکون کڻندو ھليو ۽ رکي رکي ٿڪ ۽ بک کان دانھن ٿي ڪيائين. ريو جي ڳوڻ جون ڪناريون سندس پٺيءَ ۾ چڀي رهيون ھيون ۽ رکي رکي ڳوڻ جا پٽا سولا ٿي ڪيائين، ھڪ خيال کان ھن ان ڏک درد جي بہ آجيان ڪئي ٿي.
ٻئي ڏينھن هوءَ پٽ کي گهر ۾ ڇڏي اڪيلي شھر ڏي نڪتي. ھوءَ جڏھن سوروءَ جي پراڻي جاءِ ويجهو پھتي تہ سندس ڪئبن ۾ باھہ ٻرندي ڏٺي. ھوءَ گهر اندر گهڙي وئي. سوروءَ جي چلھہ وٽ هڪڙي پوڙھي چوڪيدار ويٺي باھہ ۾ ڇوڏا وڌا ۽ سڄي ڪئبن دونهين سان ڀرجي وئي هئي.
”توکي ڇا کپي؟“پٺيان مڙندي پوڙھي ماڻھوءَ پڇيو.
”آءٌ شيزوڪا چانھہ وڪڻڻ لاءِ آئي آھيان.“
”شيزوڪا چانھه؟ مون وٽ تہ اڳھين ان جو ڍڳ لڳو پيو آھي.“
ريو ڪجهہ چوڻ بدران پٺيان مڙي اڳتي هلي وئي. ريو چاھيو ٿي تہ هن کان سوروءَ جي ڀيڻ جي ائڊريس وٺي ھن وٽ وڃي اگربتي ٻاري ساڻس عذر خواھي ڪري. پر ھاڻ اھو سڀڪجهہ بيڪار هو.
ھوءَ واپس نديءَ ڏي وڃڻ لڳي. شام جي سج جو اولڙو نديءَ جي پاڻيءَ ۾ نظر اچي رھيو ھو. ھوءَ ڀڳل ڪنڪريٽ جي ٽڪرن تي ٿي ويٺي. ڪجهہ وال پري ھڪ مئل ٻليءَ جو لاش پيو هو. هن جا خيال وري سوروءَ ڏي وڃڻ لڳا. هن سوچيو تہ ان کان بھتر ٿئي ھا تہ جيڪر سوروءَ سان ملاقات نہ ٿئي ھا. نه، نه، ائين تہ بلڪل ناھي. ھن کي ان جو افسوس آھي تہ هوءَ ٽوڪيو ڇو لڏي آئي. هوءَ جڏھن ھتي آئي ھئي، مھينو سوا کن اڳ، تہ هن اھو سوچيو هو تہ جيڪڏھن هتي ٽوڪيو ۾ سندس روزگار نہ ٿي سگهيو تہ ھوءَ واپس هلي ويندي، پر ھاڻ هن سمجهيو ٿي تہ هوءَ ھتي ٽوڪيو ۾ ئي رھڻ چاھي ٿي جتي سورو رھندو هو.
هوءَ اٿي بيٺي، ڳوڻ کي پٺن تي صحيح ڪيو ۽ سُميدا ندي کان پري ھلڻ لڳي. هوءَ جهڙو ھڪ سوڙھي گهٽيءَ مان ھلڻ لڳي تہ هن کي ھڪ ننڍڙي جهوپڙي نظر آئي، جنھن جون تختن واريون ڀتيون ڪوڪن سان ٺوڪيل هيون. در وٽ بيهي هن ھوڪو ڏنو:
”چانھہ ويڪو. آھي ڪو چانھہ وٺڻ وارو؟“ دروازو کليو ۽ لنگھہ وٽ ئي ھڪ عورت ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا ڪپڙن ۾ ريو کان بہ گهڻو غريب هئي. ”گهڻي ڏيندينءَ؟“ عورت پڇيو ۽ پوءِ ريو جي پٺن تي ڳوڻ جو بار ڏسي، عورت چيو: ”اچ، اندر اچ مائي. چاھين تہ ڪجهہ دير فرحت ڪر. تيسين آءٌ بہ ڏسان تہ مون وٽ ڪيترا پئسا بچيل آهن. ٿي سگهي ٿو ٿوري چانھہ وٺڻ لاءِ اسان وٽ ڪجهہ پئسا ھجن.“
ريو اندر لنگهي ڳوڻ کي ھيٺ رکيو. تيل جي چلھي جي چوڌاري چئن عورتن ويٺي سبڻ جون مشينيون هلايون. اڳيان ڍير جورابن ۽ قميصن جو رکيو هو. سندن سيون تڪڙيون تڪڙيون ڪپڙي منجھہ اچي وڃي رھيون ھيون. اھي عورتون هن ئي جھڙيون لڳي رھيون ھيون غريب، مسڪين، اڪيليون. ريو ھنن ڏي نهاري سوچيو ۽ پنھنجي اندر ۾ سڪون محسوس ڪيو.
_______________________
1 دراصل سڄو نالو ’سورو اشي . يوشي او‘ ھوس پر جيئن تہ اھو جپاني نالو ۽ ذات آسان لاءِ اوپري ۽ ڏکي آهي، ان ڪري ترجمي ۾ ان ماڻھوءَ جو نالو فقط سورو استعمال ڪيو اٿم، ۽ ھونءَ بہ اصل جپاني ڪھاڻيءَ ۾ اڳتي ھلي خود ريو بہ ان نالي سان ھن کي سڏي ٿي.
2 اساڪسا - ٽوڪيو جو ئي هڪ حصو سمجهڻ کپي جيئن اسان وٽ صدر، لالو کيت، ڪلفٽن ۽ چاڪيواڙو ڪراچيءَ جا ئي علائقا آھن.
3جپاني ماڻھو سامونڊي گاھہ جيڪو سين وانگر ٿئي ۽ سمنڊ اندر ڦٽيل ڪچڙا پن کائين جي ھنن لاءِ اھڙا لذيذ آھن جهڙا اسان وٽ بھه، پلي، گئار، پٻڻ وغيره.
4 جپان ۾ جپاني گهرن ۾ توڙي جپاني نموني جي مسافرخانن ۾ ماڻھو ننڍين ٽنگن واري ٽيبل جي چوڌاري پٽ تي ٿي ويھن. سياري جي موسم ۾ چورس نموني جي سگري ان ٽيبل جي اندر وچ ۾ ٺھيل جاءِ تي رکن.