Futabatei Shimei
لڳي ٿو تہ ڪا تيلگو، مليالم، پنجابي يا
سنڌيءَ جي ڪھاڻي هجي.
فوتا باتيئي شميئي (ناول نويس) 1864ع ۾ ڄائو، 1909ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ناول ”يوڪيگومو“ (رڙھندڙ ڪڪر) 1888ع ۾ ڇپيو. يعني ميئجي دور شروع ٿيڻ کان پوءِ سگهوئي. جپان ۾ ميئجي شھنشاهيت جو دور 1868ع کان 1912ع تائين ھليو. (ڊاڪٽر اقبال مٿئين ڪتاب ڇپجڻ وقت ٻارهن سالن جو هو، ۽ ھڪ سال اڳ، يعني1887ع ڪراچيءَ ۾ پھريون سنڌ ڪاليج ٺھيو هو. مٿيون سال 1888ع مولانا ابوالڪلام آزاد جو جنم سال پڻ آهي.)
جپان جي نئين دور ۾ هي پھريون اھم ناول سمجهيو وڃي ٿو. اھو سڄو ناول فوتا باتيئيءَ، ڪتابي ٻولي بدران ان زبان ۾ لکيو آھي، جيڪا جپان ۾ انھن ڏينھن ۾ عام مروج ھئي ۽ گهرن گهٽين ۾ ڳالھائي وئي ٿي. مغرب جو اثر جيڪو ميئجي دور کان جپان ۾ شروع ٿيو ان جي نمايان جهلڪ ھن ۾ ملندي. مزي جي ڳالھہ اھا تہ هن ۾ ڪيتريون ئي اھڙيون ڳالھيون نظر اينديون، جيڪي ائين لڳنديون ڄڻ اسان جي ننڍي کنڊ جون ھجن. ڪردارن جون ڪي ڪي ڀاونائون، احساسات ۽ ڳالھايل جملا اھڙا آھن جو هي ناول کڻي ڪھڙي بہ زبان ۾ ترجمو ڪيو وڃي، پر پڙھندڙن کي صاف ظاھر لڳندو تہ ھن ڪھاڻيءَ/ ناول جو واسطو مشرق سان آھي ۽ تعجب جي ڳالھہ اھا تہ ان زماني جو جپاني ماحول اسان جي ماحول سان ڪيترو ملندڙ جلندڙ لڳي ٿو. هي ناول پڙھندي ڪيترا دفعا مون کي ائين محسوس ٿيو تہ آئون ڪوتيلگو، مليالم، پنجابي يا سنڌي گجراتيءَ جو ناول پڙھي رهيو ھجان.
ناول جو مرڪزي ڪردار، جنھن کي جيتوڻيڪ هيرو تہ نٿو ڪوٺي سگهجي، ’يوتسومي بونظو‘ آھي جيڪو ھڪ بدنصيب نوجوان آھي جنھن جي سرڪاري عھدي واري نوڪري کسجي وڃي ٿي. فقط ان ڪري جو هو پاڻ کان وڏن عھدي وارن صاحبن جي چمچاگيري نٿو ڪري. هن جي چاچي، عوماسا، جنھن جي گهر ۾ هو ٽڪيل آهي، پھرين تہ چاھي ٿي تہ هن سان سندس ڌيءُ‘اوسيئي’ جي شادي ٿئي پر پوءِ بونظو جي نوڪري وڃڻ ڪري هوءَ نہ فقط پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ جو ارادو بدلائي ڇڏي ٿي پر کيس اھا پھرين واري عزت بہ نٿي ڏئي. ساڳي وقت سندس ڌيءَ سوسيئي پڻ، جنھن کي پنھنجي پڙھائي تي ٽيڙي آهي ۽ پاڻ کي روشن خيالن ۽ مغربي ڳالھين جي آدرش ڇوڪري سمجهي ٿي، بونظو کان منھن موڙي ڇڏي ٿي ۽ ھڪ ٻئي ھمراھ ’ھونڊا نوبورو‘ سان عشق جا پيچ ڳنڍي ٿي، جيڪو غلام ذھنيت ۽ چمچاگير قسم جو موقعي پرست آهي. نئين دور جي حڪومت ۾ سرڪاري عملدار پڻ آھي، سو ان جي لئه ۽ ٺٺ ٺانگر مان هي ماءُ ڌيءَ متاثر آھن.
سڄو ناول دلچسپ ڪردارن ۽ نظارن سان ڀريل آھي جيڪي جپان جي ارڙھين صديءَ جي زندگيءَ جي هوبھو عڪاسي ڪن ٿا. افسوس جي ڳالھہ رڳو اھا آھي تہ هن ليکڪ ھن ناول کي مڪمل نہ ڪيو ۽ اڌو گابرو ڇڏي ڏنو.
ھتي ناول مان ٻہ چار صفحا نموني خاطر آھن، جيئن اسان جا پڙھندڙ هن ناول جي سونھن جو اندازو لڳائي سگهن. هي ٽڪرا ان وقت جا آھن جڏھن چاچي جي ڌيءَ ’اوسيئي‘ هونڊا توبورو جي ٺٺ ٺانگر ۾ اچي وئي آھي.