رڙھندڙ ڪڪر
بونظو، ويچاري بدنصيب انسان کي، گهمڻ يا بھار جي موسم جا گل ڏسڻ لاءِ ڪوبہ شوق نہ ھو. هن وقت اوسيئيءَ جو نئون عاشق - ھونڊا نوبورو، جيڪڏھن هڪ کڙيل گلاب جي گل جيان لڳي رھيو هو تہ ھي بونظو ٿوھر جي سڪل ٽاري ٿي لڳو. ھن دل ۾ ئي فيصلو ڪيو تہ جيڪڏھن ھنن جي وڃڻ جو پروگرام نہ ٺھي تہ سٺو پر جي ويا تہ بہ ھي پاڻ ھنن سان وڃي ذليل ٿيڻ نہ چاهيندو. ھن چاهيو ٿي تہ حالتن موجب ڀلي جيڪو ٿيڻو ھجي سو ٿئي. پاڻ هيروکڻي نه، شھيدن وانگر ماٺ ۾ رھي سگهيو ٿي.
ھڪ ڏينھن اڳ جڏھن نوبورو ساڻن هلڻ لاءِ کيس دعوت ڏني ھئي تہ ھن ان ئي وقت سوچيو هو تہ ٿڏي تي انڪار ڪندو. پوءِ ان مھل کان هو پنھنجو منھن وٺي ماٺ ۾ ويٺو رهيو.گهمڻ لاءِ وڃڻ تي ڪو خوش ھجي يا نہ هن لاءِ اھا اھڙي معمولي ڳالھہ ھئي ڄڻ ڪنھن ٻئي جي آنڊي جو سور.
پر ھو اندروني طرح سڪون ۾ نہ هو. ٻين کي خوش ٿيندوڏسي هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿي رھي ھئي. ماضيءَ جا خوبصورت ڏينھن ياد ڪري هن ٿڌو ساھہ ٿي کنيو. مئي مھيني جي اداس ۽ گهميل آسمان وانگر ھن جا جذبا ھئا. سندس اندر ۾ ڪنھن درد جي پيڙا هئي، ۽ اھا پيڙا ڇو نہ هجي. ڪالھہ کانئس سندس چاچيءَ جي ڌيءَ (جيڪا ڪجهہ ڏينھن اڳ تائين کيس دل و جان سان چاهيندي بہ هئي) اوسيئيءَ هن کان پڪنڪ تي هلڻ لاءِ جڏھن پڇيو تہ هن هلڻ کان کڻي انڪار ڪيو. ان تي هوءَ تمام ٿڌي نموني سان ”سچ ٿو چوين.“ چئي هلي وئي.
۽ اھو ڇا هن لاءِ گهٽ عذاب هو. بونظو اھوئي محسوس ڪيو تہ جيڪڏھن هوءَ چاھي ھا تہ هي بہ ھلي تہ ھوءَ هن کي اتي ضرور منٿون ميڙيون ڪري ھا ۽ اڃا بہ جي هو ضد ڪري ها تہ اوسيئي ڪجھ هيئن چوي ها:
”چڱو جيڪڏھن تون نٿو ھلين تہ پوءِ مون کي بہ هلڻ لاءِ ڪو لاچار ڪونھي پيو. آءٌ بہ ھتي تو وٽ ئي ترسي ٿي پوان.“
”پر مون کي ساڙ نہ ڪرڻ گهرجي.“ بونظو پنھنجي طبيعت کي ٺاھڻ لاءِ پاڻ وندرايو. پر تڏھن بہ ڪجهہ هو جنھن جو سنھو سنھو چيھڪ هو دل اندر محسوس ڪري رهيو هو.
ھن وڃڻ بہ نٿي چاهيو ۽ ساڳي وقت گهر ۾ رھڻ بہ نٿي چاهيو. اھو ھڪ اھڙو مونجھارو هو جو هن کي چيڙائي رهيو هو. ھن کي اجائي ڪاوڙ لڳي رهي هئي، جيتوڻيڪ ڪنھن خاص ھڪ ماڻھوءَ تي بہ نه. ھڪ هنڌ سک سان ويھڻ بہ نٿي پڳس. رکي رکي ائين پاسا ورائڻ لڳو ڄڻ ڪا ضروري ڳالھہ ياد اچي وئي ھجيس.
نيٺ بونظو اھو سوچيو تہ دل کي ان خيال کان ھٽائڻ لاءِ ڪجهہ ويھي پڙھجي. سو ٽيبل تي رکيل ڪتابن مان جيڪو مٿان رکيل مليس، کڻي پڙھڻ لڳو. هن پنھنجي ڌيان کي ڪتاب ۾ گهڻو ئي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ذھن هر دفعي ڪتاب تان پري هليو ٿي ويس. ڪتاب ڪو ايڏو ورچائيندڙ نہ هو پر پھرين ئي باب جون شروع واريون سٽون هن ڪيترا دفعا وري وري پڙهيون، پوءِ بہ ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ آيس. اوسيئي، پري ورانڊي ۾ بيھي جيڪي ٽھڪ ڏئي رهي هئي، اھي کيس صاف ۽ چٽا ٻڌڻ ۾ پئي آيا ۽ ھڪ دفعو اوسيئي جو آواز سندس ڪنن ۾ پيو ٿي تہ ڪيتري دير لاءِ ڄڻ اھي آواز سندس دماغ مان نڪتا ئي نٿي. نيٺ چڙ ۾ اچي ڪتاب کي کڻي ٽيبل تي اڇلايائين ۽ ڪاوڙ مان هيڏانھن هوڏانھن گهورڻ لڳو. وري مٿي تي ھٿ رکي سوچڻ لڳو.
”ٿي سگهي ٿو ھنن جي وڃڻ جو پروگرام پاڻ مرادو ڪئنسل ٿي وڃي.“ ھن چپن ۾ آھستي ڀڻڪيو.
پر افسوس، بونظو جي رقيب نوبورو جو رستي تي ڪو حادثو بہ نهٿيو ۽ پوري ھڪ بجي پھچي ويو ۽ سڄي محفل ۾ جھڙوڪر هيرو پئي لڳو. موقعي ۽ مھل مطابق اڄ هو ڪپڙا بہ اھڙي جپاني نموني جا پائي آيو هو. ناسي ريشم جو ڪمونو، ان مٿان ڪارو ڪوٽ - ھميشھ وانگر هو اڄ بہ ٽاپ فئشن جي وڳي ۾ ھو. زور زور سان ڏاڪڻيون چڙھندو سڌو بونظو جي ڪمري ۾ آيو ۽ بنا ڪنھن کيڪار کڙيءَ جي ھن بونظو کي ائين چتائي ڏٺو ڄڻ آرسيءَ ۾ پنھنجو نڪ ڏسي رهيو ھجي ۽ پوءِ نيٺ ڪڇيو: “ڇا ڳالھہ آھي بونظو؟ تون ائين پيو لڳين ڄڻ ٻڏي بچيو ھجين.“
”بس ٿورو مٿي ۾ سور اٿم.“
”سچي؟ يا ڪٿي چاچي پوڙهيءَ ڪو سور ڏنو اٿئي.“
اھڙي ردي قسم جي ڳالھہ ٻولھه، بونظو کي بيزار ڪري رهي هئي. هن پنھنجي بي عزتي محسوس ڪئي، پر ڌڪ پچائي ماٺ ۾ رهيو.
”ڀلا گهمڻ هلڻ جو ڇا پروگرام آھي؟ پڪ تون تہ نہ ھلندين.“ نوبورو پڇيو.
”آئون نٿو سمجهان تہ ڪو آئون ھلندس.“ بونظو وراڻيو.
”وڏو ڪو ضدي آهين. تون شايد اھو ٿو چاهين تہ آئون توکي هلڻ لاءِ منٿون ڪريان، ائين نہ؟“ ھن کليو ۽ وري چيو: ”پر آئون ڪجهہ بہ نٿو ڪري سگهان سواءِ کلڻ جي. ۽ نہ وري منھنجو ڪو چوڻ توتي اثر ڪندو.“ هو ڪتي جي ڀؤنڪ وانگر وري کلڻ لڳو.
هونڊا نوبورو ڪجهہ وڌيڪ منٽ بونظو سان اھڙي ڳالھہ ٻولھہ ۾ لڳو رهيو، جنھن کي نہ چرچو سڏي سگهجي نہ گار، تہ ايتري ۾ اوچتو اوسيئي سڏ ڪيو:
”ھونڊا سائين!“
”ڇا ڳالھہ آھي، من!“
”رڪشائون اچي ويون آهن، سو جيڪڏھن تون تيار آهين ته...“
”بس ھلو تہ ھلون.“
”تہ پوءِ جلدي ڪريو.“
”اوسيئي؟“
”جي؟“
”مون هنن کي چئي ڇڏيو آھي تہ اھو بھتر ٿيندو تہ پاڻ ٻئي گڏ ھڪ رڪشا ۾ ويھون. هنن اھڙوئي بندوبست ڪيو آھي. توکي دل ۾ تہ نہ ٿيندو نہ؟“
جواب ۾ اوسيئيء ڪجهہ نہ وراڻيو. بس اڇت وکن سان هيٺ لھي ويئي.
”ھن جي اھا ادا ڪيڏي تہ پياري آھي جو جواب ڏيڻ بنا ڊوڙيو پئي وڃي.“ نوبورو جا اھي لفظ بونظو تي آخري حملو هو، جيڪي چوڻ بعد هو بہ هيٺ لھي ويو. بونظو ھن کي ويندو ڏسندو رهيو ۽ پوءِ زور سان چيو: ”گڏھہ ڪنھن جاءِ جو.“ پر سندس لفظن جي پڙاڏي کان اڳ،سندس ذھن ۾ اوسيئيء جو خيال گونجڻ لڳو. ھن کي اھي ڏينھن ياد آيا جڏھن اوسيئي هن سان گڏ پڪنڪ ملھائڻ ۽ بھار ۾ کڙيل گل ڏسڻ لاءِ هلندي هئي. هو پوءِ بنا ڪنھن سبب جي اٿي بيٺو.ڪجهہ دير چوڌاري گهورڻ کان پوءِ هن سامھون ٻرندڙ باھہ ڏي نھاريو. ڪجهہ خيال دماغ ۾ گڏ ڪري وري اچي ساڳيءَ جاءِ تي ويٺو، ۽ وري چڙ مان چوڻ لڳو: ”گڏھہ ڪنھن جاءِ جو.“ هن دفعي ھن اھا گار پاڻ کي ڏني.
منجھند کان ٿڌي هير لڳڻ شروع ٿي ۽ موسم سٺي ٿي وئي. ويتر آچر جو ڏينھن موڪل هجڻ ڪري دانگوساڪا ۾ بھاري لڳي پئي ھئي. جتي ڪٿي آيل ماڻھن جي پيھہ پيھان ھئي. ڇا تہ ماڻھن جو ميڙو متل هو. ڪن عورتن جا وار ولائتي نموني ۾ ٺھيل هئا تہ ڪن جا شيمادا نموني جا. ڪي وار کولي پئي هليون تہ ڪن ٻہ چوٽيون کڻي ٺاهيون هيون. مئڊم ”ب“ بہ اچي اتان نڪتي ھئي، جيڪا ڪنھن پڙهيلن جي سوسائٽيءَ جي سيڪريٽري آهي، پر لڳي ڏائڻ يا پوڙھي ٻلي ٿي، ۽ مس ”ت“ پڻ موجود ھئي، جنھن کي ڄانڀي جي ٻج جيتروميڄالو ڪو مس آھي - سو بہ پير جي کڙيءَ ۾. ان کان علاوہ اسپتالن جون نرسون نظر اچي رهيون هيون تہ سھڻيون ڇوڪريون پڻ. ڪي نيم ولائتي وڳن ۾ فئشن واريون عورتون گهمي رهيون هيون تہ ڪي عورتون ائين ٿي لڳيون جو انھن کي ڏسڻ سان پڪ ٿئي ٿي تہ اڄ بہ ماڻھو ھڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري رھيا آھن. ڇا تہ ميڙ ھو. گل وڪڻندڙ ڇوڪرا هوڪا ڏئي رهيا ھئا تہ مندرن جا مٿي ڪوڙيل ٻاوا بہ ڦري رھيا هئا، تہ ڊگهن وارن وارا موالي نموني جا پڻ ۽ اھي پڻ ڦري رھيا ھئا جيڪي هاڻ ديوتائن کي بہ پيارا ھئا تہ ماڻھن کي بہ - منھنجو مطلب آهي جيڪي ماضيءَ ۾ تہ ڪجهہ بہ نہ هئا پر هاڻ نئين حڪومت ۾ سڀني جا صاحب ٿي پيا هئا ۽ پاڻ کي ’ڪامورا‘ ٿي سڏايائون. انھن کان علاوه واپاري قسم جا ماڻھو ھلي رھيا هئا تہ پت وائکي ٿيل سياستدان پڻ - جن جو اصول آھي تہ ڪنھن جي بہ اکين ۾ اکيون ملائي نہ ڳالھائجي. لڳو ٿي سڄي دنيا اچي گڏ ٿي آھي، هر قسم جا مھانڊا، ڪپڙن ۽ جسم مطابق ٺھيل وارن جا نمونا، ڪپڙا گنديون، ۽ ھر قسم جي عطر جون خوشبوئون، پر مون کي ايتري واندڪائي ڪانھي جو اھي سڀ ڳالھيون هتي ويھي لکان. ان کان علاوه رستو ھتي ايڏو سوڙھو آھي جو ماڻھن جي ڌڪ ڌڪان ناقابل يقين آھي. بس سمجهو تہ دانگو ساڪا ماڻھن جي عجيب گوڙ گهمسان ۾ ٻڏل هو.
پڙھندڙن لاءِ: مٿين ڳالھہ ھڪ رٽائرڊ ھمراھہ جي ڏٺل ذاتي ڏيک موجب سمجهجو. ڇو تہ مھربان پڙھندڙ بور ٿي سگهن ٿا.
وري اچون پنھنجيءَ ڪھاڻيءَ تي:
ٻہ رڪشائون ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻنديون دانگوساڪا پھچي، جھٽڪي سان ھڪ هنڌ اچي بيٺيون. رڪشائن مان اسان جا پراڻا يار: نوبورو (ھونڊا)، اوسيئي ۽ سندن ماءُ لٿا. نوبورو جي ڪپڙن جو ذڪر اڳھين ٿي چڪو آھي.
عوماسا کي ڪارو، چيني عورتن جھڙو وڳو پھريل هو ۽ هيٺان ناسي رنگ جو ڪريپ جي ڪپڙي جو نمونو. سندس ڌيءَ اوسيئيء کي ڦڪي هيڊي رنگ جو ڪمونو ۽ ناسي بلو رنگ جي سئش ھئي - مختصر طور هي تہ ھوءَ تمام سھڻي نموني سان سينگاريل هئي ۽ سھڻا ڪپڙا پھريل هيس. ماڻھو نہ فقط سندس ڪپڙن کي جانچي رھيا هئا، پر سندس سڄي بيھڪ ۽ قد بت کي پڻ ڏسي رھيا هئا. کيس ميڪ اپ تمام ھلڪو ٿيل هو جو ھن جي چوڻ مطابق منھن تي گهڻو رنگ روغن هڻڻ سان اھا قدرتي ڳالھہ نٿي رھي. سندس وارن جو نمونو جيتوڻيڪ يورپي هو پر اھڙي طرح جوڙو ٺھرايو هئائين جو ماڻھو ڀلجي ٿي پيا تہ شايد ڪو خاص جپاني نمونو ھجي.
ماڻھو ھن جوڙي تي ريس بہ ڪري رهيا ھئا تہ پنھنجي منھن اھو بہ چئي رھيا ھئا: ”شايد زال مڙس آھن.“
”ٿي سگهي ٿو اڃا شادي نہ ٿي هجين ۽ مڱيندا ھجن.“
”ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ ھڪ ٻئي جا دوست ھجن.“
اھي جملا ٻڌي نوبورو بہ دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو هو.
اوسيئي اڄ تمام خوش نظر اچي رھي هئي. ھن جي هلڻ چلڻ ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ اڄ ھڪ عجيب ناز نخرو ھو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪو ننڍڙو پکي پڇري مان ڀڄي نڪتو ھجي.هن کلڻ ٿي شروع ڪيو تہ بس ڪرڻ جو نالو نٿي ورتائين. نوبوروء ڪا بيھودي ڳالھہ ڪئي ٿي تہ ان تي بہ ٻڌا ٽھڪ ڏنائين ٿي. ان ڪري نہ تہ ڪو ان ڳالھہ ۾ اھڙو چرچو هو، پر بس ائين ئي. هوءَ ايتري خوشي محسوس ڪري رھي ھئي جنھن جو ڪو حساب نہ هو.
عوماسا ماٺ ۽ تحمل سان هلي رھي هئي. بس وڌ ۾ وڌ ڪٿي گل ڏنائين ٿي تہ ايترو چيائين ٿي: ”ڪيڏا تہ سھڻا آھن.“ ظاھري طرح ڪنھن کي چتائي ڏسڻ بدران سڀني لنگهندڙن کي ائين ئي مٿاڇري نظر وجھي رھي ھئي پر دل ئي دل ۾ سندس ڌيءَ اوسيئي جي عمر جي ڪا ڇوڪري لنگهي ٿي تہ هن ھُن جي منھن، وارن جي نموني، ڪپڙن، پيرن ۽ ھلڻيءَ کي غور سان ڏٺو ٿي. ان بعد ٽيڏيءَ اک سان پنھنجي ڌيءَ اوسيئيء کي ڏسي ساڻن ڀيٽ ڪئي ٿي جيڪا انھن ۾ سمارٽ لڳي رھي هئي.
نوبورو جي هيءَ پارٽي، سڄي شھر جو چڪر هڻي آخر ۾ جبل جي قدمن وٽ ٺھيل گلن جي دڪانن وٽ اچي بيٺي. ھڪ دڪان تي رکيل مٽيءَ جي بوتي ڏي اشارو ڪري نوبورو چيو: ”ڪمال آهي ھن مسخري جو منھن بونظو سان ڪيترو تہ ملي ٿو. ڄڻ تہ بونظو اٻاسي ڏئي رهيو آهي.“ اوسيئي اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ۽ منھن تي لاڏ سان ڪمونو جي ٻانھن رکي اچي کل ۾ پيئي. وري ان بت ڏي اشارو ڪري اڳيان لوهي ٻنوڙي تي جھڪي، ٽھڪن ۾ اونڌي ٿي ويئي. رستي تان لنگهندڙ ڪنھن اسڪول جا شاگرد کيس عجب مان ڏسڻ لڳا.
آخرڪار اوسيئي پنھنجي کل کي جهليو ۽ لوھي ٻنوڙي تان ناز سان ڪنڏ مٿي کنيو ۽ مرڪندي ڀر ۾ ڏٺائين تہ نوبورو غائب ھو. تعجب مان، ھن پنھنجي چوڌاري نظرون گهمايون، ۽ پوءِ کلڻ بند ڪري سنجيدو ٿي نوبورو کي ڳولڻ لاءِ هيڏانھن ھوڏانھن وري نگاھون ڦيرڻ لڳي تہ ڏسي تہ سامھون مغربي لباس ۾ ھڪ همراھہ سان هو ملي رهيو ھو. جنھن جيتوڻيڪ کيس ايتري لفٽ نہ پئي ڪرائي پر هي هو سو ھن کي جھڪي جھڪي سلام ڪري رهيو هو.
ڌارئين مڙسالي سان گڏ جيڪي ٻہ عورتون هيون تن ۾ ھڪ وڏي عمر جي هئي ۽ سندس زال ٿي لڳي ۽ ٻي ننڍيءَ عمر جي جوان ڇوڪري - سندس ھم عمر، ھن جي ڌيءَ يا سالي ٿي لڳي. ٻئي حد کان وڌيڪ سمارٽ ۽ سھڻيون لڳي رهيون هيون. نوبورو پھرين ھن جي زال سان جھڪي مليو، ان بعد ڇوڪريءَ سان، جيڪاکيڪار جو جواب ڏيڻ بعد شرمائي رھي هئي.
اوسيئي لاء اھو تہ ممڪن نہ هو جو ايترو پري کان هنن جون ڳالھيون ٻڌي سگهي. هو ڳالھائي تہ خبر ناھي ڇا رهيا هئا، پر نوبورو جي ڳالھائڻ دوران سندس منھن تي مرڪ برقرار ھئي ۽ هنن سان ڳالھائي ٺري رهيو هو، ۽ پوءِ هن ڪا اھڙي ڳالھہ چئي جو مغربي لباس وارو صاحب پنھنجو وات وڏو پٽي، ڪلھن کي جھٽڪا ڏئي کلڻ لڳو. سندس زال جي ڳلن ۾ بہ کلڻ ڪري گهنج پئجي رھيا هئا ۽ ساڻن گڏ سھڻي ڇوڪري بہ وات تي ھٿ رکي کلي رهي ھئي. نوبورو ان کي وڏي عزت سمجهي خوش ٿي رهيو هو. نوبورو ھنن سان ڳالھائڻ ۾ ايڏو تہ مست ٿي ويو جو کانئس اهو بہ وسري ويو تہ اوسيئي ۽ عوماسا ھن لاءِ انتظار ڪري رهيون آھن.
اوسيئي بہ ان مغربي لباس واري مرد ۽ سندس زال جي سو پرواھہ نٿي ڪئي پر هن ان ڇوڪريءَ ۾ اکيون کپائي لڳاتار گهورڻ جو شروع ڪيو تہ کانئس ساھہ کڻڻ بہ وسري ويو.ائين ٿي لڳو ڄڻ سندس اکين جي گهور ھن ڇوڪريءَ جي جسم مان آرپار لنگهي ويندي. ھوءَ ايڏو تہ خيالن ۾ گم ٿي وئي جو ڀر ۾ بيٺل ماءُ جو سڏ بہ نہ ٻڌائين.
نيٺ جڏھن اھي مھمان نوبورو کان موڪلائي اڳتي وڌيا تڏھن بہ نوبورو وائڙن وانگر هيڏانھن هوڏانھن نھاريندو رهيو. کانئس شايد اهو بہ وسري ويو تہ هو ڪنھن سان گڏ آيو هو.
”مسٽر نوبورو هونڊا اسين ھتي آهيون.“ نوبورو، عوماسا جي رڙ ٻڌي هنن ڏي وڌيو.
”معاف ڪجو، مون توهان کي انتظار ڪرايو.“
”هي ڪير هئا؟“
”اھو منھنجي آفيس جو صاحب ھو.“ ھن مرڪندي وراڻيو. ”مون نٿي سمجهيو تہ هو اڄ ھتي اچي نڪرندا.“
”ڀلا هوءَ عورت سندس زال ھئي؟“
”جي، ھا.“
”۽ هوءَ ننڍي نيٽي ڇوڪري؟“
”او. اھا ڇوڪري؟ اھا...“ هو ٻڌائيندي ٻڌائيندي پٺيان مڙيو،ھڪ دفعو وري ھنن کي ويندو ڏٺو، ۽ پوءِ چيو:
”اھا منھنجي صاحب جي سالي آھي. اڳئين دفعي جڏھن مون هن کي سندس گهر ڏٺو هو تہ هوءَ ايتري سھڻي نٿي لڳي. اڄ تہ واھہ جي لڳي رھي آهي.“
”ھا. تون کيس سھڻو چئي سگهين ٿو پر آءٌ سمجهان ٿي اھا سونھن سندس ڪپڙن جي ڪري آھي.“
”ٿي سگهي ٿو. اڄ تہ واقعي سھڻن ڪپڙن ڪري شھزادي لڳي رھي آهي، نہ تہ گهر ۾ ائين ڪي ميرا ڪپڙا پيا ھوندا اٿس ۽ هو کيس نوڪرياڻي ڪري ھلائيندا آھن.“
”ڀلا ڪا پڙهيل ڳڙهيل بہ آھي يا نہ؟“اوسيئيء اوچتو پڇيو.
نوبورو منجھي پيو. ”ان بابت وڌيڪ ڄاڻ نہ اٿم. پر ھوءَ گهڻو ڪجهہ پڙھي سگهي ٿي. ھوءَ ڳوٺ کان اڃا ھاڻ آئي آھي.وڌيڪ اڃا خبر نہ اٿم.“
انھن لفظن تي اوسيئيء ھڪ دفعو وري نگاھون کڻي ان ڇوڪريءَ ڏي ڏٺو جيڪا ھاڻ ھڪ گلن جي دڪان ۾ گهڙي وئي.اوسيئي ڪجهہ دير سوچ ۾ غرق ٿي وئي پر پوءِ جلدي پنھنجو پاڻ کي اصلي حالت ۾ آندائين.
ان بعد رڪشائن ۾ چڙھي ”ائينو پارڪ“ ڏي وڃي رھيا ھئا تہ عوماسا – جيڪا هينئراوسيئي سان گڏ رڪشا ۾ اچي ويٺي ھئي، چيو: ”توکي بہ هن ڇوڪريءَ جھڙو گهاٽو ميڪ اپ ڪرڻ کپي.“
”مون کي اھڙو ميڪ اپ بنھہ نٿو وڻي.“
”پر ڇو؟“ ماڻس پڇيو.
”ان ڪري جو اھو خراب ٿو لڳي.“اوسيئي وراڻيو.
”پر تون ڪا پوڙھي تہ نہ ٿي وئي آهين. تنھنجي تہ هيءَ عمر آھي. اھڙو ميڪ اپ وڌيڪ نمايان ٿو ڪري.“ ماڻس (عوماسا) سمجهايس.
”امان جيڪڏھن اھڙو ميڪ اپ توکي وڻي ٿو تہ تون پاڻ ڪري ھل. ڪمال آھي جو تون ان ڳالھہ کي سٺو ٿي چوين جنھن کي آئون ڌڪاريان ٿي.“
بھرحال ٻئي ماءُ ڌيءَ سڄي واٽ بحث ڪندي اچي ’آئينو پارڪ‘ ۾ نڪتيون.