فوڪاگاوا جي گهنڊڻي
”آئون ناول نويس ٿيڻ چاهيان ٿو.“ آئون ورندي ڏيندو هوسانس.
اينگوء کي ٻين جي همت ۽ افعال پرکڻ جي ٿوري ٿوري قابليت هئي ۽ هن جي حساب موجب آءٌ ’ليکڪ‘ جهڙو ڪئريئر کڻي نٿي سگهيس سو هن هر وقت اها صلاح ڏني ٿي تہ آءٌ اڃا ننڍو آھيان ۽ اهو ليکڪ ٿيڻ وارو ارادو دل مان ڪڍي ڇڏيان.
”هڪ ناول نويس ٿيڻ وارو شوق جوکائتو آهي. اهڙا ماڻھو جيڪي لکڻ مان پيٽ پالين ٿا هڪ هٿ تي ڳڻڻ جيترا بہ ڪي مس ٿيندا. بابا اهو جوکم وارو ڪم آهي ۽ هڪ غريب جي ٻار کي ان بابت صلاح بہ نٿي ڏئي سگهجي. سمجهہ کڻي تہ تنھنجو ڪوبہ ناول، مضمون، ليک وغيره نٿو هلي، پوءِ ڇا ڪندين؟ هيءَ دنيا چڙهئي جي تہ آهي پر ڪرئي کي ڪير بہ نٿو پڇي. لکڻ جهڙو شوق تون تڏهن ئي ڪري سگهين ٿو جڏهن پٺيان ڪو ڪمائڻ وارو ويٺو هجئي ۽ توکي هر وقت کارائيندو رهي. سو ان بابت توکي اڳواٽ سوچڻ کپي.“ بھرحال اها اينگيوء جي روزمره جي تقرير هوندي هئي جنھن مان هن بابت صاف ظاھر ٿيندو هو تہ هو ڪنھن بہ شيءِ مان پراميد ناهي. هو ڪنھن بہ نئينءَ ڳالھہ ۾ هٿ وجهندي گهٻرائي ٿو ۽ شاهوڪار ماڻھن کي ئي پسند ڪري ٿو جن جو مستقبل محفوظ آهي. ”شاهوڪار ماڻھو ڪڏهن بہ توهان کي تڪليف نہ ڏيندا. ماڻھو کڻي ڪيڏو بہ سٺو هجي پر پئسن بنا ٻئي جو محتاج آهي. پئسو اڌارو گهرڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا خراب ڳالھہ ناهي. پر غريب ماڻھو ان بابت ڪڏهن سوچيندو بہ نہ آهي.“ هن کي اهڙا ماڻھو هرگز نہ وڻندا هئا، جيڪي بڇڙا حال ڪريو پيا هلن ۽ پنھنجي ڪپڙي لٽي جو بہ خيال نٿا رکن يا جيڪي رڳو خيالي دنيا ۾ گم هوائي محلن جون اوساريون کڻندا وتن. ان ڪري هن منھنجي ادبي شوق جي مخالفت ڪئي ٿي.
”جيڪڏهن ڪو ليکڪ چمڪي نٿو سگهي تہ دنيا ۾ ان کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالھہ ٻي آهي ڪانھ. جيڪڏهن تون اديب ٿيڻ بہ چاهين ٿو تہ ڀلي ٿي. آءٌ ڪو جهليانءِ ڪونہ ٿو. آءٌ توکي رڳو اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو تہ اديب کي ٻيو ڪو روزگار هجڻ ضروري آهي جو لکڻ مان هو ايترو نٿو ڪمائي سگهي جنھن مان هو ٻچا ٻار ۽ پنھنجو پيٽ پالي سگهي. سو پھرين کان نوڪري ڳولجي. هڪ دفعو ڪمائڻ جو ذريعو ملي وڃي تہ لکڻ پوءِ ئي شروع ڪجي.“
هن ان بابت پنھنجي راءِ ڪڏھن بہ نہ بدلي، انھن ڏينھن ۾ واقعي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اديب لکڻين مان پئسو ڪمائي سگهندو هو ۽ نوجوان اديبن کي پئسي پونجيء جي معاملي ۾ پنھنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پھرين ڪا نوڪري ڳولڻي پوندي هئي ۽ اينگيو کي اهو عجيب لڳو ٿي تہ مون جهڙو گهٽ قابليت وارو ماڻھو جنھن جي اڀرڻ جي ڪا اميد نہ هئي ليکڪ ٿئي.
”آءٌ انھن مان نہ آهيان جو توکي خراب صلاح ڏيان.“ جيسين آءٌ ٿڪجان نہ تيسين هو چوندو رهيو ٿي، ”اهڙو ڪو ڌنڌو ڳول جنھن سان پيٽ ڀري سگهين.“
مون ۾ ايترو اعتقاد نہ هو جو کڻي ورندي ڏيان يا وري جڏهن ڪنھن ڌنڌي ڳولڻ لاءِ چوندو هو تہ مون کي سمجهہ ۾ نہ ايندو هو تہ ڇا ڪريان. آخر هڪ ڏينھن بيزاريءَ مان پڇي ويٺس: ”توهان ڇا ٿا چاهيو تہ مون کي ڇا ڪرڻ کپي؟“
لڳو ٿو تہ هي ڪو منھنجي ان قسم جي سوال جو اڳھين منتظر هو، ”شيون وڪڻڻ وارو ماڻھو (دڪاندار) هميشہ مضبوط پوزيشن ۾ رهي ٿو. تون بہ اهوئي چاهيندين تہ توکي جيڪر پنھنجو ڪو هٽڙو يا دڪان هجي ها – پرواھہ ناهي ننڍڙو ئي سھي.“
”دڪان تہ گهڻن ئي قسمن جا جتي ڪٿي پيا آهن.“
”جي پئسي جي سگهي سگهي آمد چاهين ٿو تہ کائڻ پيئڻ جي شين جو ڪو دڪان يا هوٽل کول. روز جي وڪري جا پئسا ۽ فائدو روز ايندو رهندو. بس ڪو کاڌي جي شين جو دڪان کڻي کول.“
”اهو ڪو ڪم اهڙو تہ سولو ناهي. ننڍو يا وڏو بھرحال هر صورت ۾ ڏوڪڙن جي ضرورت پوندي ئي پوندي.“
”مون کي هڪ هنڌ سجهي ٿو جتان تنھنجو اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، ۽ تون آسانيءَ سان ان دڪان تي ڪم ڪري سگهين ٿو. اهو هڪ ’سوشي يا‘ (مڇيءَ جو دڪان) آهي ۽ آهي بہ وري بھترين هنڌ تي، سوزاڪي پاڙي جي ٻاھران جتان شھر جو چڪلو شروع ٿئي ٿو. ان کي هلائڻ سان ان ئي وقت ڪمائي ٿي سگهي ٿي.“
”سوزاڪي پاڙي ۾ مڇيءَ جو دڪان ’ياڪو‘ نالي سڏجي ٿو؟“
”ڇا توکي ان دڪان جي خبر آهي؟“
”ان دڪان کي ڪير نہ سڃاڻي، سندس مالڪڻ ’ايتو سان‘ هتي ڪا ڌارئين تہ نہ آهي.“
”ايتري ڄاڻ سڃاڻپ ئي تولاءِ جهجهي آهي. بس پوءِ تہ مون کي تنھنجي ۽ هن جي وچ ۾ شادي ڪرائڻ واري جو پارٽ ادا ڪرڻو پوندو.“
جيئن اسان هوش سنڀاليو آهي تہ سوزاڪي پاڙي ۾ اهو ياڪو نالي سوشيء جو دڪان ڏٺو اٿئون. هن جو پھريون مالڪ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندو هو پر سندس اداڪاري ڪا خاص نہ هلي ۽ رٽائرڊ ٿيڻ تي هن هي مڇيءَ جو دڪان ڪڍيو. پوءِ پاڻ تہ مري ويو. سندس ڌيءُ ۽ ان جو مڙس هن کي هلائيندا رهيا. ڪجهہ عرصي کان پوءِ مڙس سلھہ وگهي جهٽ پٽ مري ويو ۽ سندس پويان هن جي زال ايتو کي اڪيلي سر اهو دڪان پنھنجي ۽ پنھنجن ٻارن ڪارڻ هلائڻو پيو. هن عورت اڪيلي سر پنھنجن ٻارن: چئن سالن جي ڌيءُ ۽ ٻن سالن جي پٽ جي بہ سارسنڀال لڌي ٿي تہ دڪان جو ڪاروبار بہ سنڀاليو ٿي – يعني مڇي خريد ڪرڻ کان وٺي سوشي تيار ڪرڻ ۽ خريدارن کي ڏيڻ تائين. اينگيو هن مان تمام خوش هو ۽ هن لاءِ ڪنھن سٺي مڙس جي ڳولا ۾ هو.
”وري بہ سوچي وٺ. ٻارن کي پنھنجي پيءُ ملڻ خوش نصيبي ٿيندي. ساڳي وقت ايتو سان شادي ڪندي افسوس توکي بہ نہ ٿيندو. ايتو هڪ سٺي قسم جي عورت آهي. ’سو شي يا‘ هجڻ ڪري ٿي سگهي ٿو هن کي توسان ٺھڻ ۾ ڪجهہ وقت لڳي پر اها ڪا ڏکي ڳالھہ ناهي ۽ سندس دڪان جهڙو ڄميل ڌنڌو ڪو هڪ رات ۾ نہ ٺاھي سگهندو. تولاءِ هو بلڪل آدرش رهندو. تون پڙهڻ جهڙو شوق بہ پورو ڪري سگهندين تہ پنھنجو پيٽ قوت بہ حاصل ڪري سگهندين.“ اينگيوء بلڪل سنجيدگيءَ سان سمجهايو. مون کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا جواب ڏجي. ’سوشي-يا‘ واري ايتو شڪل شباهت ۾ ڪا اهڙي خراب بہ نہ هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ سندس ڏند ڪجهہ ڦڏا سڏا هئا پر ٽنگون ايڊو شھر جي ٻين ڇوڪرين جھڙيون ڊگهيون، سھڻيون ۽ لسيون هيون. جسم ڀريل ۽ مردن لاءِ موهيندڙ هو. اينگيوء جي صلاح موجب ان کان وڌيڪ سٺي ساٿيءَ جو ملڻ مشڪل هو ۽ نہ مون اميد ٿي رکي.
”تولاءِ اهو چوڻ تہ سولو آهي پر آءٌ سمجهان ٿو تہ ايتو ڪا مون کي گهڻو پسند نٿي ڪري.“
”جي تون راضي هجين تہ آءٌ هن سان ڳالھہ چوريان.“
”پھرين ڀلا مون کي سوچڻ ڏي.“
مون اهوئي سوچيو تہ هڪ اهڙي بيوھ سھڻي عورت سان سنڱ ڪرڻ ۾ ڀلا مون کي ڪھڙو آر ۽ ان کان وڌيڪ بھتر سنڱ مون کي ڪو ٻيو ملي بہ تہ نٿي سگهيو. هڪ ڪم ڪيم جو اينگيو کي ٻڌائڻ بنا آءٌ ايتو جي دڪان تي هليو آيس. اهو دڪان سوزاڪي پاڙي سان ملائيندڙ گهٽيءَ ۾ ٻين سستي قسم جي هوٽلن ۾ شراب گهرن جي وچ ۾ هو. هي سڀ دڪان ڪي خاص سينگاريل نہ هئا.بس چڪلي ۾ وڃڻ کان اڳ ماڻھو هتان جلدي جلدي ۾ ڪجهہ کائي پي ويندا هئا. ايتو جي دڪان جي اندرين پٽ ۽ ٻاهرين آڳنڌ ۾ پاڻي جي ڇڻڪار ٿيل هئي ۽ هر شيءِ صاف سٿري پئي لڳي. دروازي وٽ لڳل پڙدن کي ريڙهي اندر گهڙيس. مئي مھيني جي وچ وارا ڏينھن هئا ۽ ايتوء کي هلڪين پٽين وارو ڪمونو اوڍيل هو جنھن جون ڊگهيون ٻانھون مٿي ورائي هن هيڊي رنگ جي ربن ٻڌي ڇڏي هئي. وارن ۾ لڳل قيمتي ڳھہ پري کان نمايان هئا. ان وقت دڪان ۾ ڪوبہ گراهڪ موجود نہ هو ۽ هوءَ ڪائونٽر وٽ سامان ميڙي دڪان بند ڪرڻ جي تيارين ۾ هئي.
”اچو. اچو. ڀلي ڪري آيائو.“ چانورن ڇڙڻ جي نموني ۾ هن ڪلھن کي جهٽڪو ڏيندي چيو. ”خير تہ آهي. اڄ ڪيئن تو جھڙي ماڻھوءَ ڀلجي هيڏانھن جو رخ ڪيو آهي؟“
”بس ائين ئي. اڄ سوشي کائڻ جو شوق ٿيو.“
هن ايڊو واري کل کلندي چيو: ”تہ پوءِ ان لاءِ ٿوري دير ويھڻو پوندء جيسين تيار ڪري وٺان جو هينئر هينئر دڪان بند ٿي ڪيم.“ هن پنھنجن ڪلھن مٿان نهاريندي چيو، ”سامھون ساڪي رکيو اٿئي، پاڻ کي ڪوسو رکڻ چاهين تہ ڪڍي پيءُ. پر جي بيئر پيئڻ چاهين تہ اهو برف جي پيتيءَ ۾ رکيو اٿئي.“ خوشيءَ وچان هوءَ وري کلڻ لڳي.
”تنھنجي مدد ڪرڻ لاءِ دڪان ۾ ٻيو ڪو ڪونهي؟“
”بس اهو ئي مسئلو آهي. ڪنھن مرد کي دڪان ۾ رکڻ خطري واري ڳالھہ ٿيو پوي ۽ هن دڪان جو ڪم وري اهڙي نوعيت جو آهي جو عورت جي جاءِ ناهي.“
”واقعي توکي اڪيلي سر منھن ڏيندي شابس هجي. ڀلا گراهڪن جي آرڊر جو سامان ڪيئن گهرائين؟“
”پٺيان شراب جي دڪان واري نوڪر کان اهو ڪم وٺان. هونءَ ڪم ڪار لاءِ هڪ ڇوڪري رکي اٿم پر اها ٻارن جي ئي سارسنڀال لھي ٿي.“
”شابس هجنئي. توکي ڏسي تعجب لڳي ٿو تہ هيڏو پورهيو ڪيئن ٿي ڪرين.“
”ائين نہ سمجهہ تہ هي سڀ پورهيو ڪرڻ سان مون کي ڪو مزو ٿو اچي. بس مجبوري آهي. مڙس مري ويو. سنھا ٻچا، گهر کي هلائڻ لاءِ پورهيو نہ ڪنديس تہ پوءِ ڀلا ڪيئن گذر ٿيندو.“
”اها ڳالھہ صحيح آھي ۽ واقعي قابل تعريف جو تون بنا ڪنھن ٻئي جي مدد جي اڪيلي سر ٻن ٻارن کي بہ نپائي رهي آهين.“
”ٻي ڪا خبرچار ٻڌاء.“
”تون واقعي مثالي ۽ همدردي جي لائق عورت آهين.“
”مھرباني. پر ان همدرديءَ بدران ٿي سگهي تہ مون کي ڪو مڙس ڳولي ڏي.“
”تون شايد چرچا پئي ڪرين. تو جھڙي سھڻي ۽ محنتي عورت کي شاديءَ لاءِ تہ ڪنھن وقت بہ سٺو مرد ملي سگهي ٿو.“
”هاڻ وري شايد تون پيو چرچا ڪرين. هڪ پوڙهي عورت ۽ ٻن ٻارن جي ماء کي ڪير پسند ڪندو.“
”منھنجي خيال ۾ تہ هرڪو. وچ بازار ۾ ههڙو هلندڙ دڪان، ٻيو ڇا کپي.“
”تنھنجي معني منھنجي دولت کي ڏسي مون سان شادي ڪندو؟“
”نه. منھنجو مطلب آهي دولت ۽ محبت ٻنھي کي ڏسي.“ هن گفتگو دوران مون اٿي ساڪي شراب کڻي پيتو ۽ هڪ ٽيبل تي اچي ويٺس. هن هڪ وچولي ٿالھي کنئي، جنھن ۾ جلدي جلدي ڪپ سان مڇيءَ جا ڳترا ڳترا ڪري ٿالھي مون ڏي وڌائي. ”منھنجي خيال ۾ اها تولاءِ کوڙ ٿيندي.“ باقي مڇي ڇٻيء ۾ وجهي پٺيان ساڪيء جي دڪان ۾ رکڻ وئي.
”معاف ڪجانءِ. تون اڪيلائي محسوس ڪري رهيو هوندين.“ هوءَ وري ڪمونو جو ٻانھون کنجي منھنجي سامھون ٿي ويٺي. ”اينگيوء جو ڪھڙو حال آهي؟“
”بس هن بھار جي رت ۾ هو هميشہ چاق نظر اچي ٿو.“
”۽ پوءِ جيئن ئي هن جي صحت سڌرڻ لڳي ٿي تہ زبان خراب ٿيو وڃيس.“
”اها حقيقت آهي.“
”سال پٺيان سال پوڻ تي ويتر خراب ٿيندي وڃيس.“
”پر هو تنھنجو ڏاڍو خيال رکي ٿو ۽ هر وقت تولاءِ فڪرمند رهي ٿو.“
”اها هن جي مھرباني آهي. آءٌ تہ هن جو ٿورن هيٺ دٻجي رهي آهيان، سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڪھڙو جواب ڏيانس.“ هن پنھنجي لاءِ ڪوپ ۾ ساڪي اوتيندي چيو، ”۽ ساڳي وقت توکي پڻ.“ هن مٿي مون ڏي نهاريو. ”منھنجي خيال ۾ تہ هن توسان ڳالھہ ڪئي هوندي پڪ هن توکي چيو هوندو تہ مون سان شادي ڪر.“ هن پنھنجو ڦڪو چھرو منھنجي ويجهو آڻيندي چيو. آءٌ منجهي پيس تہ کيس ڪھڙو جواب ڏيان. هن اڳتي چيو، ”مھينو ڏيڍ کن اڳ هن مون کي تو بابت ٻڌايو هو.“
”ڇا ٻڌايو هئائين تہ؟“
”بس هو تعريف ڪري رهيو هو.“ هن ٽهڪ ڏنو ۽ سندس وات کلڻ تي اندر ڄاڙيءَ جي آخر ۾ هڪ سونو ڏند ڏسڻ ۾ آيو. ”هن ٻڌايو تہ تون هڪ ناول نويس ٿيڻ چاهين ٿو. پر ان لاءِ حالتون سازگار نہ آهن. هن ٻڌايو تہ توکي دڪان هجڻ گهرجي جتان خرچ پکي جو پئسو ايندو رهي ۽ پوءِ تون سڪون سان هڪ مَنو ٿي جيڪر ويھي لکين تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ سٺو نتيجو نڪري سگهي. هن کي ياد هو تہ مون بہ ڪنھن زماني ۾ هڪ ٻہ هائيڪو (شعر) لکيا هئا، سو هن جي خيال موجب آءٌ تنھنجي لاءِ صحيح جوڙ ٿي سگهنديس. بس سمجهہ تہ توکي ’سوشي يا‘ (مڇيءَ جي دڪان) جو مالڪ ٺاهي ڇڏينديس ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ بہ مھلون مھيا ڪنديس.“
”هن اهو توکي بہ ٻڌايو ڇا؟“
”۽ توکي پڻ. انھيء ڪري تہ تون اڄ هلي آيو آهين.“
ڪجهہ بہ ذهن ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا جواب ڏيانس. سو چئبو تہ اينگيو اسان ٻنھي سان ڳالھائي چڪو آهي. اها هن جي مھرباني چئبي جو هو اهڙو بندوبست اڳواٽ ڪري چڪو آهي، جيئن منھنجو ادب لاءِ شوق قائم رهي سگهي. پر تنھن هوندي بہ هن جي اها صلاح مون کي نٿي آئڙي تہ هيءَ محترمہ ’سوشي يا‘ ٻن ٻارن سان گڏ هڪ مڙس کي بہ پالي.
”پاڻ ٻنھي جي ساڳي عمر آھي – مون کي پڪ آھي تہ پاڻ هڪ جيڏا آهيون.“ ايتوء چيو.
”ڇا واقعي؟“
”تون مون سان شادي ڪرڻ چاهيندين؟“
”توکي ائين سنئون سڌو تہ پڇڻ نہ کپي.“
”ڇو؟ پاڻ ڪي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي تہ نہ آهيون. دراصل پاڻ کي تہ ھڪ ٻئي جي حال جي تمام گهڻي ڄاڻ آهي. جيڪڏهن آءٌ توکي پسند نہ آهيان تہ تون سنئون سڌو انڪار ڪر. آءٌ دل ۾ هرگز نہ ڪنديس. توسان شادي ڪري پاڻ مون کي گهڻو پورهيو ڪرڻو پوندو. حقيقت ۾ اينگيو کي آءٌ اهو جواب ڏئي نٿي سگهان جيڪو هو گهري ٿو.“
”تہ اها ڳالھہ آهي. آءٌ تولاءِ ڪنھن بہ ڪم جو نہ ٿيندس.“
”ڪنھن ڪم جو – ائين سمجهہ تہ تون منھنجي ڳچيءَ ۾ لڙڪندڙ پٿر وانگر هوندين.“
”تون ڪجهہ تکو ڳالھائي رهي آهين.“
”پر ڇا اها حقيقت ناهي؟ هڪ ليکڪ ’سوشي يا‘ جي ڪم ئي ڪھڙو اچي سگهي ٿو؟“
”آءٌ گهٽ ۾ گهٽ تنھنجي دڪان ۾ چانور اوٻاري سگهان ٿو.“
”تون وري چرچا ڪري رهيو آهين. ماڻھوءَ کي جي چانور اوٻارڻ اچي وڃن تہ پوءِ هو سمجهہ تہ پڪو ’سوشي يا‘ ٿي ويو. ان ڪم سکڻ لاءِ تہ توکي گهٽ ۾ گهٽ پنج سال گهرجن، چاهي کڻي ڪيتري بہ محنت ڪرين.“
”چانورن اوٻارڻ ۾ پنج سال گهرجن تنھن جي معني تہ گراهڪن اڳيان پيش ڪرڻ جي آداب سکڻ ۾ پنج سال ٻيا گهرجن؟“
”بلڪل. ۽ پنج سال مڇي خريد ڪرڻ جي سڃاڻپ ۾ ۽ پنج ٻيا سال ان کي ٺاهڻ لاءِ.“
”تيسين تہ آءٌ پوڙهو ٿي ويندس.“
”چڱو جو ٻڌائي. پوءِ تہ مون کي توسان سنڱ ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي.“ اسين ٻئي کلڻ لڳاسين. مون ڪجهہ سوشي کاڌي ۽ ساڪي پي گفتگو جو رخ اداس ۽ کهرين ڳالھين تان کسڪائڻ لڳس.
”منھنجي دڪان تي ڏينھن جي وقت گهڻو ڪري گراهڪ نہ هئڻ جي برابر هوندا آهن. ٿي سگهي تہ ڪڏهن وري ليئو پائيندو رهجانءِ. پوءِ کڻي شادي ڪرين يا نه.“ هن مون ڏي ڌتاريندڙ نگاهن سان نهاريو.
۽ پوءِ آءٌ سندس دڪان تي ساڪي پيئڻ لاءِ منجهند ڌاري ايندو رهيس. انھيءَ دوران اسان جي وچ ۾ سوالن جي ڏي وٺ پڻ هلندي هئي. سوزاڪي جھڙي پاڙي ۾ رهي هن جو ڳالھائڻ بي ڊپو ۽ بي حجاب ٿي پيو هو. بحث دوران ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ هن کي لڄ يا هٻڪ نٿي ٿي. ويندي زال مڙس جي جنسي رشتن تي ڳالھائيندي پڻ. اڪثر ائين ٿيندو هو جو ڪنھن ڪنھن ڳالھہ تان پاڻ مون کي شرم اچي ويندو هو. هوءَ پيئڻ جي بہ مڙس ماڻھو هئي ۽ سٺو ساٿ ڏنائين ٿي.
”منھنجي گهڻي اچڻ تي ماڻھو اعتراض تہ نٿا ڪن؟“
”ڇا اها ڳالھہ توکي منجهائي ٿي؟“
”مون کي تہ نه، آءٌ تو بابت ٿو پڇان؟“
”ذرو بہ نه. منھنجو مڙس هليو ويو آهي ۽ پنھنجي حفاظت ۽ جذبات لاءِ مڙس ڳولڻ جو پورو پورو حق اٿم. ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي فطري ڳالھہ ٿي سگهي ٿي تہ مڙس ٿيڻ لاءِ مون وٽ اميدوار ايندا رهن.“
”تنھن جي معني آءٌ بہ هڪ اميدوار ٿيس.“
”ٿي سگهي ٿو تنھنجي دل ۾ ڪا ٻي ڳالھہ هجي.“
”نه. ٻي تہ ڪانہ آھي.“
”پر تون ’سوشي يا‘تہ ٿيڻ نٿو چاهين. تون لکڻ پڙهڻ ئي چاهين ٿو، توکي مان ڪو گهڻو بہ نٿي وڻان، پر ضرورت خاطر تون مون سان شادي بہ ڪرڻ چاهين ٿو.“
”پر آءٌ توکي چاهيان ٿو.“
”مون کي ٻہ ٻار بہ آهن.“
”مون کي خبر آهي تہ توکي ٻہ ٻار آهن.“
”بس پوءِ تہ تون لکڻ شروع ڪري سگهين ٿو، ائين نہ؟“
”اها ڳالھہ نہ ڪر. آءٌ توکي ٻڌائي چڪو آهيان تہ اهو ڪو سبب ناهي.“
”سٺو ڪھاڻيڪار يا ناول نويس ٿيڻ ۾ توکي ڪيتري پئسي جي ضرورت آھي؟“
”ان ۾ ڪو پئسي جو سوال ناهي. ڪجهہ سال پڙهڻ يا لکڻ سان ضروري ناهي تہ هرڪو ماڻھو وڏو ليکڪ ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪو خوشنصيب آهي ۽ سندس لکڻيءَ ۾ جان آهي تہ هو ٻئي ڏينھن ئي مشھور ٿي سگهي ٿو پر جي ڀاڳ سٺو نہ اٿس تہ پوءِ ڏهن سالن جي محنت بعد بہ ماڻھو ڄڻ تہ تري ۾ گتو پيو آهي.“
”منھنجي خيال موجب لکڻين جي معاملي ۾ ڪيترن ماڻھن جو ڀاڳ سٺو نہ ھوندو هو.“
”اهو سوچ جو طريقو ڏڍ ڏيندڙ آھي.“
”توکي ٻن سالن اندر جي پاڻ ڏسڻو آھي تہ ايترو وقت آءٌ تنھنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ هوءَ اها ڳالھہ کل چرچي ۾ نہ ڪري رهي هئي. ”باقي سڄي عمر جو سانگو نٿي کڻي سگهان.“
”اهو ائين ناهي جيئن آئون ڪو ڪورس ڪري رهيو هجان ۽ ان دوران تون منھنجي مدد ۽ خذمت چاڪري ڪرين.“
”پر سچ تہ تنھنجو سوچي مون کي ڏک ٿئي ٿو جيڪو پڙهڻ خاطر هڪ ’سوشي-يا‘ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو.“
”مون کي خبر ناهي تہ اينگيو مون بابت توکي ڇا چيو آهي پر آءٌ سڀڪجهہ ائين نٿو سوچيان. لکڻ پڙهڻ الڳ شيءِ آهي ۽ توسان تعلقات الڳ. جيڪڏهن ان بابت تون دل ۾ نٿي ڪرين تہ ٻن ٻارن جو پيءُ ٿيڻ لاءِ آئون بہ دل ۾ هرگز نٿو ڪريان.“ هن جي سنجيدگيءَ کي ڏسي آئون بہ سنجيدو ٿي پيو هوس.
”چڱو ڀلا، توکي پاڻ سان شادي ڪرڻ جي موڪل ڏيان؟“ هوءَ وري چرچا ڪرڻ لڳي. ”جيڪڏهن تون شادي ڪرڻ چاهين تہ ڀلي ڪر.“
”آءٌ واقعي ڪرڻ چاهيان ٿو. آءٌ ان بابت بلڪل سنجيدو آهيان.“
”فقط سنجيدو ٿيڻ سان اهو ڪم نہ ٿيندو.“
”ڇا تون مون کي پسند نٿي ڪرين؟“
”نه. منھنجي خيال ۾ تہ هرگز نه. ۽ ساڳي وقت تون مون کي تمام گهڻو وڻين بہ ٿو.“
”تعجب آهي.“
”واقعي ڪمال آھي.“
ان رات اسان وري پيئڻ شروع ڪيو. آءٌ ڪو گلاس بہ ساڪيء جو مس ٿي پي سگهيس. پر ايتو ان مقابلي ۾ مون کان تکي هئي. ٻہ چار گلاس چاڙهڻ بعد جھڙي ٻرندڙ ڳاڙھو ٽانڊو. بھرحال اسان ٻئي ان ڳالھہ جا شوقين هئاسين.
”هن عمر ۾ مون کي اسڪول وڃي پڙهڻو ناهي، مون کي فقط لکڻ لاءِ فرصت ۽ ماحول گهرجي.“
”پر تون ڪٿي بہ رهي لکي سگهين ٿو. ضروري تہ ناهي تہ ڪنھن ’سوشي يا‘ سان شادي ڪئي وڃي؟“
”جي کڻي آء لکان بہ تہ بہ آءٌ پنھنجين لکڻين جي عيوض دولت تہ نٿو ڪمائي سگهان.“
”توکي هڪ دفعو لکڻين ذريعي جي مشھوري ملي وڃي تہ پوءِ تون دڪان تي ويھي شيون وڪڻي سگهين ٿو.“
”مصيبت اها آهي تہ ان گهڙي تائين پھچڻ لاءِ گذارو ڪيئن ڪجي. اينگيو چواڻي شروع ڪرڻ کان پوءِ شيون وڪڻڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي.“
”سو تنھن جي معني تہ جيسين تون وڪڻڻ شروع ڪرين تيسين کائڻ جي بندوبست جو مسئلو آهي.“
”خير ائين تہ ڪو آءٌ ايترا ڏينھن لنگهڻ تي بہ نہ ھوس. آئون ايترو ڪمائي سگهان ٿو جو پنھنجي پورت ڪري وڃان. پر موريشيتا جي علائقي ۾ جتي آءٌ اينگيو جي گهر رهان ٿو اتي فقط هڪڙو ڪمرو آهي، ۽ مون کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪابہ جاءِ ناهي. آءٌ اهو ئي پيو سوچيان تہ ڪنھن ٻئي هنڌ ڪمرو مسواڙ تي وٺي اڪيلو وڃي رهان ۽ موريشيتا ۾ فقط ڏينھن جي وقت ويندو ڪريان.“
”تنھن جي معني توکي هن وقت ضرورت هڪ ڪمري جي آھي، جنھن ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪري سگهين.“
”اڄڪلھہ مسواڙ تي جاءِ ملڻ ڪا سولي ڳالھہ ناهي.“
”مون وٽ مٿي ٻہ ڪمرا آهن. هڪ تون کڻ. آءٌ توکي ننڍڙو ڪمرو مسواڙ تي ڏئي سگهان ٿي. اينگيو کي دل ۾ نہ ڪرڻ کپي. آخرڪار هو توکي مون سان شادي ئي ڪرائڻ چاهي ٿو.“
”آئون بہ نٿو سمجهان تہ ڪو هو دل ۾ ڪندو، پر...“
”پر هتي رات جي وقت ايترو ماٺ مٺوڙو نہ هوندو جو چڪلي ڏي ويندڙ ماڻھو شام جي وقت هتان لنگهي وڃن ٿا. پر تنھن هوندي بہ هو تنھنجي ڪم ۾ خلل انداز نہ ٿيندا. جيڪڏهن تون ڪنھن ٻئي هنڌ ڪمرو وٺندين تہ پوءِ وري رڌ پچاءَ جو مسئلو درپيش ايندء. پر هتي رهڻ ڪري اسين تنھنجو خيال رکنداسين. هوٽل جي ڌنڌي ۾ هڪ يا ٻن وڌيڪ ماڻھن جي کائڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. خير وڌيڪ ٻي ڪا تہ اسين تولاءِ خذمت ڪري نٿا سگهون پر مون کي پڪ آھي تہ توکي هتي رهڻ ۾ ايترو ئي مزو ايندو جيترو ڪنھن سٺي گهراڻي ۾ رهڻ سان.“ هوءَ ان بابت تمام گهڻو سنجيدي هئي، ۽ مون کي ان قسم جي خيرات حاصل ڪرڻ جي ڪا اميد بہ نہ هئي، پر هينئر بہ مون کي سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ مون جھڙي هڪ ڪنواري لاءِ هڪ بيوه عورت ايتو جي گهر ۾ سندس ٻن ٻارن ۽ نوڪرياڻيءَ سان رهڻ صحيح بہ ٿيندو يا نه.
”توکي اينگيو کي ايترو سو ٻڌائڻو پوندو تہ تون اڳتي هلي مون سان هڪ ڏينھن شادي ڪرڻ ٿو چاهين ۽ لکڻ ڪارڻ تون هي ڪمرو مسواڙ تي وٺي رهيو آهين، هي اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو.“
”پر منھنجو توسان رهڻ ڪجهہ سٺو نہ لڳندو.“
”ڇو نہ؟ پاڻ مون لاءِ سٺو آهي تہ ڪو مرد ماڻھو مون وٽ ٽڪيل هجي.“
”ڇا تون واقعي ائين چاهين ٿي؟“
”بلڪل. اهو تولاءِ بہ بھتر آهي تہ مون لاءِ پڻ. بس سامان کڻ اڄ ئي هليو اچ.“
اينگيوء وٽ پھچي هن سان سڄي ڳالھہ ڪيم.
”واھہ سائين واهه! رھہ هينئر اچي، شادي ڀلي پوءِ ڪجانءِ.“ هي ٽوڪ طور کليو. ”تمام سٺو. پر هڪ ڳالھہ آهي. اتي ماڻھو دير تائين جاڳندا رهن ٿا. تون پاڻ ۾ اها دير تائين جاڳڻ جي عادت هرگز نہ وجهجانء.“
جيئن تہ اسان ٻئي ھڪ ڪمري ۾ ڏکيائيء سان رهيا پيا هئاسين ۽ هو پاڻ بہ ڪوشش ۾ هو تہ مون کي ڪو الڳ ڪمرو ملي وڃي، سو هيءَ ڳالھہ ٻڌي هن يڪدم کڻي هائوڪار ڪئي. سندس زال جو جيتوڻيڪ اهو خيال هو ته‘سوشي يا’ جي مٿان رهي ڪري آئون لکڻ پڙهڻ جو گهڻو ڪم ڪري نہ سگهندس. يا تہ هن ائين ئي ٿي چيو يا تہ منھنجي خيال ۾ تہ هنن سان گهڻو وقت رهڻ ڪري آئون بہ ڄڻ سندن ڪٽنب جو هڪ ڀاتي ٿي ويو هوس ۽ چرچو ڀوڳ گڏ لڳو پيو هوندو هو ۽ هاڻ هنن کي منھنجي جدا ٿيڻ جو ڏک هڪ قدرتي ڳالھہ هئي.
”توکي ايتو جي گهر وڃي رهڻ نہ جڳائي.“
پر آءٌ پڪو ارادو ڪري چڪو هوس. ايتوء مان آءٌ گهڻو متاثر هوس جيڪا فوڪاگاوا ۾ ڄائي نپني ۽ جيڪا خوش مزاج ۽ مردن جھڙي سخت جان ۽ پورهيت هئي. مون پنھنجو ٿورو جيڪو سامان هو ان کي ميڙيو چونڊيو. نوڪر گهرائي گاڏيءَ ۾ رکايو ۽ ايتو جي گهر – سوشي-يا مٿان اچي رکايو. اڄڪلھہ سوزاڪي جو علائقو اهو اڳيون نہ رهيو آهي پر ٻي وڏي لڙائيءَ جي آخر وارن ڏينھن تائين سمنڊ جي ڪناري تي هي علائقو رونق، سونھن ۽ ماڻھن جي کل خوشيءَ کان بلي بلي هو. سمنڊ کان ٿڌي هير لڳڻ ڪري هي علائقو وچ شھر کان ٿڌيرو ۽ رومانيت سان پُر هو. بھرحال موريشيتا – جتي پھرين رهيل هوس ان کان تمام سٺو هو، اسان واري گهٽي جيڪا چڪلي ڏي وئي ٿي، ان جي ٻنھي پاسن کان وڻن جون ڊگهيون قطارون هيون جن جون ٽاريون ڄڻ تہ لڏي سمنڊ جي پاڻيءَ سان ڳالھيون ڪري رهيون هجن. هيءَ جاءِ ۽ سامھون ايندڙ نظارا هڪ ماڻھوءَ کي ليکڪ ٿيڻ لاءِ آدرش ۽ اتساهيندڙ هئا. ايتوء جي هيءَ جاءِ جيڪا صديءَ جي شروع ٿيڻ کان اڳ ٺھڻ ڪري، سڄي ٿنڀن ۽ گاڊرن تي ٻڌل هئي. مون پنھنجي لکڻ جي ٽيبل دريءَ اڳيان رکي جتان هر وقت قدرت جو نظارو بہ ٿي سگهيو ٿي. مون کي جيتوڻيڪ اهو فڪر هو تہ پاڙيسري مون جھڙي هڪ ڌارئين ماڻھوءَ کي هڪ نوجوان رن زال سان گڏ رهندو ڏسي ڇا سوچيندا. پر ايتوء کي انھن جي ڪا پرواھہ نہ هئي. ”انھن کي تون ڇڏي ڏي جيڪي وڻين سو چوندا رهن. ان سان پاڻ تي ڪوبہ اثر نٿو پوي. توکي هڪ شاهڪار لکڻ لاءِ ڪرسيءَ تي گاديلو رکي ويھڻ گهرجي.“ هن هڪ ڪشن ميڪر کي گهرائي مون لاءِ هڪ ٿلھو گاديلو ٺھرايو جنھن تي سلڪ جو پوش چاڙهائي ڏنو. هڪ خوبصورت ڪوپ گهرائي چانھن جي ٻئي سامان سان گڏ خومچي تي رکي ڏنو. هوءَ منھنجو ڪم ڪار ائين ڪرڻ لڳي ڄڻ هن گهر ۾ پنھنجي لاءِ واقعي مڙس آندو هجي. هوءَ هر ڳالھہ ۾ خوشي محسوس ڪرڻ لڳي. جيتوڻيڪ مون کي ڪجهہ ڪجهہ مونجھہ ۽ بي چيني محسوس ٿي ٿي.
”اڄ کان وٺي هي مڙسالو پنھنجي گهر ۾ رهندو.“ هن پنھنجي ڌيءَ شين ۽ پٽ تامينوء کي چيو، ”جنھن وقت هي لکي پڙهي رهيو هجي توهان مان ڪوبہ گوڙ نہ ڪري.“
سو ڪم ائين هلڻ لڳو تہ صبح جو روز مون کي موريشيتا وڃڻو پوندو هو ۽ شام جو هيڏانھن موٽي ايندو هوس. ٽيبل تي پنا رکي ڏانئيل ڊرامي کي مڪمل ڪرڻ لڳس.
ٽوڪيو جو رهاڪو ٿي ڪري مون کي هميشہ ٿيئٽر ڊرامي لاءِ پيار هوندو هو. مون ڊرامي نويس ٿيڻ جو سوچيو. ائمپيريل ٿيئٽر انھن ئي ڏينھن ۾ ڊرامي لکڻ جي مقابلي لاءِ هڪ هزار يين ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. اڄ هزار يين جي ڪا قيمت ناهي پر انھن ڏينھن ۾ اُهي هزار يين اڄ جي پنج ملين يين برابر هئا. ڊرامي لکي ڏيڻ جي آخري تاريخ ۾ اڃا بہ ٽي مھينا هئا. مون هڪ ائڪٽ ڊرامو لکڻ جو سوچيو. هڪ سماجي ڊرامو اهڙي نموني سان لکڻ چاهيو ٿي جنھن نموني جو لکڻيون چيخوف جون مشھور آهن. مون کي پنھنجي ڳوليل پلاٽ، ڪردارن ۽ ڪھاڻيءَ ۾ اعتماد هو. موريشيتا کان سوزاڪي اچڻ شرط لکڻ ۾ اهڙو تہ جنبي ويندو هوس جو مون کي اکيون کڻي مٿي نهارڻ جي بہ واندڪائي نہ ملندي هئي. مون کي محنت ڪندو ڏسي ايتو خوش ٿيڻ لڳي هئي. رکي رکي مون کي چانھہ ۽ مٺائي آڻي ڏيندي هئي.
”ايتري گهڻي ڪم ڪرڻ سان توکي ڪو فائدو نہ رسندو. ٿوري دير توکي آرام بہ ڪرڻ کپي.“
هوءَ پنھنجي ڀرسان ويھي لکيل اسڪرپٽ کي ڏسندي ھئي. هن پاڻ بہ هڪ دفعو هائيڪو (شاعري) تي طبع آزمائي ڪئي هئي ۽ منھنجي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندي هئي. آئون موريشيتا ۾ ڪم تان ٽين بجي ڌاري واندو ٿي چئين بجي گهر پھچندو هوس ۽ رات جو ڏهين تائين لڳاتار ڪم ڪندو هوس. پھرين لکڻي پوري ڪرڻ ۾ پورو مھينو کن لڳي ويو. مڪمل ٿيڻ تي جڏهن ايتوء کي پڙهي ٻڌايم تہ هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
”تمام سٺي ڪوشش آهي.“ هن ڏک وارو اڀو ساھہ کڻندي چيو، ”تمام سٺو لکيو اٿئي.“
”تنھنجي مھرباني ٿيندي جي تون ان ۾ ڪجهہ اوڻاين جي جانچ ڪري ڏين.“
”مون کي تہ ڪا رهيل ڪسر نظر نٿي اچي. مون تہ سوچيو بہ نہ هو تہ ڪو تون ايڏو سٺو لکي سگهندين سچ تہ واھ جو لکيو اٿئي. اميد تہ تنھنجي ئي سوڀ ٿيندي.“ هن مون ڏي ڳوڙهن هاڻين اکين سان ڏٺو. مون جيئن تہ پھرين ڪڏهن ايڏي ساراھہ نہ ٻڌي هئي سو ايتوء جي واکاڻ ڪرڻ تي وائڙو ٿي ويس.
ڪھاڻيءَ کي وري وري ٺاهي جوڙي لکڻ جي دوران ڪجهہ تبديليون آڻيندو رهيس ۽ ناپسند ڳالھيون ڪڍي ٿي ڇڏيم يا درستي ٿي ڪيم. ليک ڏيڻ جي آخري تاريخ کان هڪ ڏينھن اڳ واري رات جو هڪ بجي تائين لکيل مواد کي آخري دفعو پڙهي چڪون صحيح ڪندو رهيس. هيٺ دڪان جو ڌنڌو آڌيء رات تائين ختم ٿي چڪو ھو. هڪ بجي ايتو دڪان جا پڙدا ڏئي صفائي ڪرڻ لڳي. گهر جي نوڪرياڻي رات جو ٻئي ٻار سمھاري پوءِ دڪان بند ڪرڻ وقت ڪم وارا ڪپڙا مٽائي رهي هئي، جنھن جي کرکر مون کي چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ٿڪ کان پنھنجو سڄو جسم سور ڪري رهيو هو. هڪ ننڍڙي ڊرامي ۾ مون پنھنجي سڄي محنت، سڄي جان اوتي ڇڏي هئي. پوري اعتماد سان، هاڻ پنھنجي لکڻي آخري دفعو پڙهڻ شروع ڪيم.
”ڇو. اڃا ستو نہ آهين؟“ ايتوء در کي واپس ريڙهيندي پڇيو.
”سڀاڻي آخري تاريخ آهي. ان ڪري اڄ هر حال ۾ مڪمل ڪرڻي هيم.“
”تون بہ ڪمال جو ماڻھو آهن. ڀلا ڪجهہ پيئڻ لاءِ کپي؟“
”شايد!“
”مون کي پاڻ بہ ڪجهہ پيئڻ لاءِ گهرجي.“ هوءَ وري هيٺ ڀڳي ۽ جلدي بيئر ۽ ڪرئڪر بسڪيٽ وٺي آئي. ”توکي بک بہ لڳي هوندي. ٻي ڪنھن کائڻ جي شيءِ جو آرڊر ڏئي اچان؟“
”نه، بک مون کي بنھہ نہ لڳي آهي.“
”منھنجي خيال ۾ بيئر بھتر رهندو. ٿڌو بيئر.“ هن بوتل کولي، ”ڊراما نويسيءَ جي مقابلي ۾ انعام کٽڻ جي نالي.“
ايتو پنھنجو گلاس منھنجي سان ٽڪرائي يڪ ساھہ پي وئي. هوءَ اڃايل لڳي ٿي. منھنجي قابليت کان وڌيڪ منھنجي تعريف ڪندي رھي ۽ منھنجي ڏات کي پڏائيندي رهي. آئون شڪي ٿي رهيو هوس پر خوش بہ ٿي رهيو هوس. خوشي پيار ۾ تبديل ٿيڻ لڳي ۽ پنھنجي جذبات تي قابو نہ پائيندي مون سندس ٻانھن کي پاڻ ڏي سٽ ڏني. هوءَ منھنجي مٿان ائين اچي ڪري ڄڻ ان جو هوءَ بہ انتظار ڪري رهي هئي. آءٌ پاڻ تي سندس جسم جو دٻاءُ محسوس ڪرڻ لڳس. سندس جسم جو ڪاٺ تختو جيتوڻيڪ هلڪو هو پر گوشت سان ڀريل هو. سندس ڪلھا جيڪي مون کي لڳي رهيا هئا گول ۽ لسا هئا. سندس ڪرڻ وقت جيئن ئي مون کيس ڀاڪر ۾ جهليو تہ پاڻ بہ مون سان چھٽي وئي ۽ وهندڙ جذبات جي لھرن ۾ وهڻ لڳي. هوءَ منھنجين ٻانھن ۾، ڊگها ڊگها ساھہ کڻڻ لڳي ۽ تمام ننڍن ۽ گهٽيل لفظن ۾ چيو: ”ڇا ڪير آهي، جو مون کي پيار ڪري؟“
اها گهڙي ايڏو تہ ضابطي کان ٻاهر هئي جو آئون پاڻ تي ڪنٽرول ڪري نہ سگهيس ۽ وهندڙ درياءَ جي جوش کي بئراج هيٺان لنگهڻ ئي ڏنم. اتي ئي پٽ تي ڪکن جي ٿڌي تاتامي (تڏي) تي اسان ٻئي پکين جي جوڙي وانگر پرڙا هڻي سمھي رهياسين.
ٻئي ڏينھن صبح جو لکيل ڊرامي جي اسڪرپٽ لفافي ۾ ويڙهي هيٺ لٿس.
”مون کي ڏي تہ آءٌ موڪلي ڏيان.“ ايتو ڏاڪڻين تائين ڊوڙي آئي. پاڻ اڃا رات جي سمھڻ وارن ڪپڙن ۾ هئي. ڳالھائڻ وقت هن وري مون کي ڀاڪر پائي ڀت ڏي ڌڪيو.
”مون آڻ مڃي.“ پنھنجو منھن منھنجي ويجهو آڻي هن چيو، ”مون آڻي مڃي.“
”پنھنجي زندگيءَ کان ڌار ٿي سگهان ٿو پر توکان هڪ پل بہ جدا نہ رهندس.“ ڪجهہ وڌاء کان ڪم وٺي مون بہ جواب ڏنو.
ايتو کي لکيل مواد ڏئي آئون موريشيتا ڏي روانو ٿيس. واپسيءَ تي هن کي پنھنجي در وٽ انتظار ڪندي ڏٺم. ”وڃ ۽ وهنجي سھنجي تازو ٿي اچ.“ هن صابڻ ۽ ٽوال مون کي ڏيندي چيو. سندس وهنوار ڪالھہ واري رات کان بدلجي چڪو هو. ”تو وارو مواد مون رجسٽرڊ پوسٽ ذريعي موڪليو آهي. تون وڃي وهنجي اچ. آءٌ تيسين ڏيئو ٿي ٻاري وٺان.“ هن مون کي ٻاهر ڌڪو ڏيندي چيو.
جڏھن آءٌ موٽيس تہ هوءَ ٻن ڄڻن لاءِ خومچو جهلي بيٺي هئي. هن گهر جي کروت ۾ ٻُڌا (گوتم ٻُڌَ جي مورتي) اڳيان ڏيئو رکيو هو ۽ اسان ٻنھي گڏجي منھنجي انعام کٽڻ جي دعا گهري.
آءٌ پنھنجو پاڻ کي هلڪو ۽ آزاد محسوس ڪري رهيو هوس. ان رات دڪان بند ٿيڻ تائين هن سان گڏ مختلف ڪم ڪندو رهيس: ساڪيء کي گرم ڪرڻ، ٿانو ڌوئڻ، ٻيا اوٽ پٽانگ جا ڪم.
”تون ايترو سٺو ڇو آهين.“ جنھن وقت گراهڪ ڪوبہ نہ هو تہ هن مون کي چيو، ”آءٌ نٿي چاهيان تہ ڪو تون مون سان ايتري سٺي روش رک.“ هن مون کي پٺيان ٻک وجهي چيو. رات اندر هر شيءِ ڪيترو نہ بدلجي چڪي ھئي.
ان ڏينھن کان پوءِ دڪان جو ڪم لاهڻ بعد هوءَ رات جو مون واري ننڍي ڪمري ۾ منھنجي ڀر ۾ اچي سمھندي هئي. مون بہ پنھنجو پاڻ ھن کي ارپي ڇڏيو هو ڄڻ تہ اسان ٻئي ساڳين جذبن جي لھر تي تري رهيا هئاسين. هن عورت ۾ همت هئي، زندھ رهڻ جي خواهش هئي، پنھنجن ٻن ٻارن پالڻ جو عزم هو ۽ ان طاقت سان گڏ کيس پيار ڪرڻ جو ڀرپور جذبو ۽ سگھہ هئي. ڪڏھن ڪڏھن تہ جوش ۾ اچي هوءَ اهڙا ڀاڪر پائيندي هئي جو ساھہ گهٽجڻ لڳندو هو. پوءِ ٻنھي تان جڏهن جوشيلي لھر لنگهي ويندي هئي تہ ساڻا ٿي ائين گهاٽي ننڊ ۾ سمھي رهندا هئاسين ڄڻ نشي جون گوريون کاڌيون هجنسون.
مون واري ننڍي ڪمري ۾ ائين گڏ سمھندي اسان کي ٻہ مھينا کن ٿيا هوندا جو هڪ رات ٻار جي دانھن تي اوچتو اک کلي. ٻار جون دانھون ڏاڪڻ جي اڌ وٽان اچي رهيون هيون. اهو آواز ايتوء جي ننڍڙي ڌيءَ ’شِين‘جو هو، جنھن جو ڄڻ تہ ڪو هٿ پير سڙي پيو هجي. ننڊ مان ڇرڪ ڀري، ڳرين اکين سان ايتو ٽپ ڏئي اٿي ۽ شين کي ڪڇ ۾ کڻي آئي. شين پڪ ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو هو. ماءُ کي نہ ڏسي ڳولڻ لاءِ ننڊ جي مَئي ۾ جهڙو اٿي هلي تہ وچڙي هيٺ ڪري پئي. هن جي هڪ اک وٽ دڪيء جي ڪنڊ لڳڻ ڪري وڍ بہ پئجي ويو هو.
”امان. امان!“ هوءَ ماءُ کي چھٽي رڙيون ڪري رهي هئي.
پر ايتوء کي ڪا پرواھہ ئي نہ هئي. ٻي رات ٻارن وٽ سمھڻ بدران هوءَ وري مون سان گڏ اچي ستي.
”شين جي وري اٿي پوي ته؟“ مون پڇيومانس.
”مون هر ڳالھہ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.“ هن مون کي پنھنجي کاٻي ٻانھن ڏيکاري جنھن ۾ سلڪ جو سنھو ڌاڳو ٻڌل هو. اڌ تي راند جي ننڍڙي گهنڊڻي لڏي رهي هئي.
هي ڇا آهي؟“
”هن ڌاڳي جي ٻي پڇڙي شين کي ٻڌي اٿم. هن جي سجاڳ ٿيڻ تي ڌاڳي کي سٽ ايندي ۽ گهنڊڻي وڄڻ جو آواز ايندو.“
هوءَ انھيء ايجاد / اٽڪل تي ڏاڍو خوش هئي، پر آئون خوشيءَ جو اظهار ڪري نہ سگهيس. هن جي مون سان چاهت کانئس ٻار بہ وسرائي ڇڏيا هئا. سندس ننڍڙي ٻار شين لاءِ گهنڊڻي ۽ ڌاڳو ڪا گهڻي مدد ثابت نہ ٿي. پيار جي دوران اسان جي چرپر ان گهنڊڻي کي لڳاتارلوڏيو ٿي. ڪنھن ڪنھن دفعي اها گهنڊڻي رات جو هڪ کان بہ مٿي ڀيرا وڄندي هئي.
”ڇا ائين نٿو ٿي سگهي تہ پاڻ اها گهنڊڻي ڪڍي ڇڏيون؟“
”ڇو ٺيڪ تہ آهي. ڀلا هن جي وڄڻ ڪري توکي ڇا ٿو ٿئي.“
”خبر ناهي ڇو مون کي اها ڳالھہ نٿي وڻي.“ مون چيومانس.
”جان! وقت گذرڻ تي تون ان جو عادي ٿي ويندين.“
ايتو رڳو کلي ۽ پوءِ اسان روز رات جو اها گهنڊڻي وڄائيندا رهياسين. منھنجي ڪنن ۾ هينئر بہ ان خاموش ڪمري ۾ وڄندڙ ننڍڙي پتل جي گهنڊڻيء جو آواز ٻُري رھيو آھي. هڪ رات اسان جي سمھڻ کان پوءِ بہ اها گهنڊڻي وڄندي رهي. ڇرڪ ڀري کڻي ڏسون تہ شين پنھنجي کٽ تي ويھي، ان گهنڊڻي جي ٻيءَ پڇڙيء کي ڇڪي خوش ٿي رهي هئي. ٻار هاڻ مون سان هري ويا هئا. آئون پاڻ کي گهر جو ماڻھو محسوس ڪرڻ لڳس ۽ سوزاڪي پاڙي جي هن ’سوشي يا‘ جي مٿين ماڙ کي باقي زندگيءَ جو رهائش گهر سمجهڻ لڳو هوس. اونهارو گذري سرء آيو.
”نڪري ويو. نڪري ويو.“ هڪ رات نومبر جي آخري ڏينھن ۾، ايتو مون وٽ چرين وانگر ڊوڙندي آئي. هن جي هٿن ۾ شام جي اخبار هئي. نتيجي جي اعلان ٻڌڻ لاءِ منھنجو خود ڪجهہ ڏينھن کان ساھہ هيٺ مٿي هو. ڏڪندڙ هٿن سان کانئس اخبار ڦري انعام جو نتيجو پڙهڻ لڳي. ٿيئٽر واري صفحي جي ڪنڊ تي ڏهن انعام يافتہ ڊراما نويسن جا نالا ڏنل هئا. لسٽ تي منھنجو نالو ٻي نمبر تي هو. ڪنھن بہ هڪ کي پھريون انعام نہ ڏنو ويو هو. ڏهن ڊرامن کي هڪ جيترو ئي انعام، ٽي ٽي سؤ يين ڏيڻ جو اعلان ڪيل هو.
”مبارڪون هجن. آخرڪار تون کٽي وئين.“ هن پنھنجو پاڻ مون تي کڻي ڇڏيو. سندس اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا.
”اهو سڀڪجهہ تنھنجي ڪري ٿيو.“
”نه. اهو سڀ ڪجهہ تنھنجي محنت جو نتيجو هو، تو تمام سٺو لکيو هو. واقعي تمام سٺو لکيو هو. ان کي ڪيترا دفعا تہ وري وري ٺاهي لکيئي – راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري.“ هوءَ پنھنجو منھن منھنجي ڇاتيءَ تي رکي روئندي روئندي سڏڪن ۾ اچي پيئي. ان رات اسان ٻنھي کي هڪ موڙ تي آندو هو. ۽ هاڻ زندگيءَ جو جيڪو اسان باب کوليو هو ان کي ڪير بہ ڇڏي نٿو سگهي.
”ڇا توکي پڪ آھي تہ اها حقيقت آهي؟“
”بلڪل اها حقيقت آهي. تو اڪيلي جو تہ نالو آهي ڪونه، ۽ ڪوڙي خبر ڇاپڻ مان فائدو بہ ڪھڙو.“
”سو هاڻ مون کي ٽي سؤ يين تہ ملي ويندا.“
”فقط پئسن جي ڳالھہ تہ نہ آهي، وڏي ڳالھہ اها آهي تہ تون هاڻ شاهڪار لکي سگهين ٿو. تون هاڻ ناليرو ليکڪ بنجي سگهين ٿو.“
”پر في الحال ٽي سؤ يين بہ وڏي ڳالھہ آهي. آئون ٻارن لاءِ ڪپڙا وٺندس ۽ تو لاءِ نئين سال جو ڪمونو. آئون ٽئي سؤ توتي خرچ ڪري ڇڏيندس.“
”نه، توکي خرچڻ نہ کپن. پر وڌيڪ پڙهڻ ۾ استعمال ڪرڻ کپن.“ هن مون کي ڇينڀيندي چيو. پوءِ آهستي چيو: ”ائمپيريل ٿيئٽر ۾ اڄ ڪو ڊرامو هلي ڏسجي؟“
”ڪھڙي خيال کان؟“
”بس ائين ئي، اڄ دل ٿي چوي. تنھنجو ڊرامو بہ هڪ ڏينھن ان هال ۾ ڏيکاريو ويندو ۽ ڇو نہ ان هال کي بہ هلي ڏسجي. اٿ تہ هلون.“
”۽ دڪان جو ڇا ٿيندو؟“
”بس اڄ رات کڻي ٿا موڪل ڪريون. هڪ رات لاءِ دڪان بند ڪرڻ سان ڪو خاص فرق نٿو پوي. تبديليءَ خاطر بس جيئن آئون چوانءِ ٿي ائين ڪر.“
هن اٿي دروازا بند ڪيا ۽ اسان ڊرامي ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. سوزاڪي پاڙي کان ويھن منٽن جي پنڌ تي ائمپيريل ٿيئٽر هو. ٿيئٽر سڄو بتين سان جهنجهيو پيو هو ۽ کير جھڙين اڇين سرن جي عمارت ڄڻ تہ پاڻيءَ تي تري رهي هئي.
منجهس ڊرامو ڏسڻ بعد اسان ٿوري دير هبييا پارڪ ۾ هلندا رهياسين. اها سياري جي رات هئي. سيءُ ايترو هو جو اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي گڏ گڏ هلي رهيا هئاسين. رات جو يارهين بجي ڌاري گهر آياسين ۽ انعام جي خوشيءَ ۾ ڪا دير ساڪي پي کلندا ۽ دانھون ڪندا رهياسين.
آخرڪار هڪ ڏينھن انعام جا پئسا ۽ ان بابت خط ائمپيريل ٿيئٽر طرفان مليو ۽ واقعي هي ايترا پئسا هئا جو ڪڏھن بہ مون هڪ وقت پاڻ وٽ نہ ڏٺا هئا. جيتوڻيڪ مون وارو اهو لکيل ڊرامو ڪڏهن ٿيئٽر ۾ پيش نہ ڪيو ويو. ٽيھن کان بہ مٿي سال گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين اهو ڊرامو اسٽيج جو منتظر آهي. بھرحال منھنجي ان سان همت افزائي ٿي وئي ۽ آئون ان وقت کان شاهڪار لکڻ لڳس. منھنجو لکيل ٻيو ڊرامو ”نئون صبح“ ناڪازا ٿيئٽر اوساڪا ۾ پيش ڪيو ويو. ڊرامي جي پھرين رات جي جشن لاءِ آءٌ پڻ اوساڪا ويس.
”تون بہ ڇو نٿي گڏ هلين؟“ مون ايتوء کان پڇيو.
”آئون نٿي هلي سگهان.“ هن ٿورو ڏک مان وراڻيو.
”پر ڇا اها خوشيءَ جي ڳالھہ ناهي.“ هن هلڪي آواز ۾ وڌيڪ چيو، ”تہ تون هڪ مشھور ليکڪ ٿي ويو آهين.“
”نہ اڃا ڪٿي مشھور ٿيو آهيان. آئون سمجهان ٿو تہ ايترو آهي جو هاڻ لکڻين ذريعي ٿورو گهڻو پيٽ گذر ڪري سگهان ٿو.“
”مون کي خوشي آهي تہ آءٌ تنھنجي ڪم اچي سگهيس.“
”اوساڪا کان موٽڻ تي آئون توسان شادي اچي ڪندس.“
ايتو ان جو ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
نازاڪا ٿيئٽر ۾ اهو سڄو مھينو منھنجي ڊرامي رش نہ کنئي. فقط پھرين رات اڌ کن هال ڀريل هو. پڙدي کڄڻ تي ماڻھن ڪو خاص داد نہ ڏنو. ڪي خاص تاڙيون نہ وڳيون. ڏاڍو دلشڪستو ۽ ٿورو ٿورو شرمندو ٿيس تہ اجايو ٽوڪيو کان هيڏو پنڌ بہ ڪري آيس. ٿوري دير شنشائيباشي جي پر رونق علائقي جو چڪر هڻي رات واري گاڏيءَ ۾ موٽڻ جو ارادو ڪيم. ايتو کي اوساڪا اسٽيشن تان تار ڪيم جيئن هوءَ مون کي وٺڻ لاءِ اسٽيشن تي اچي. ساڻس جلدي ملڻ جو سوچي مون کي ڪجهہ فرحت آئي ۽ دل وڏي ٿيم پر ٽوڪيو پھچڻ تي هوءَ نظر نہ آئي.
اوساڪا وڃڻ کان اڳ هن چيو هو: ”تنھنجي آڌرڀاء لاءِ آئون ٽوڪيو اسٽيشن تي اينديس. ياد ڪري مون کي تار ڪجانءِ متان وساري ڇڏين.“ هوءَ ور ور ڏئي چوندي رهي ايتري قدر جو آئون ڪڪ ٿي ٻاهر نڪري آيس. پر هاڻ اسٽيشن کان اڪيلو گهر سوزاڪي پاڙي پھتس تہ اينگيو مٿين ٻن ڪمرن مان ننڍي ۾ منھنجو انتظار ڪري رهيو هو. ايتو ۽ ٻار ٻاهر نڪري ڪي ويا هئا، نوڪرياڻي مايوس نظر اچي رهي هئي. صبح جا نو کن ٿيا هوندا، ”آئون تنھنجو انتظار ڪري رهيو هوس.“ اينگيو جي لھجي ۾ ٿوري سختي هئي. ”ڪجهہ ڳالھيون توسان ڪرڻيون اٿم.“
”ڪم بابت؟“
”ايتو بابت.“
”ايتو ڪٿي آهي؟“
”هن ڪنھن ٻئي سان شاديءَ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.“ هن آهستي ٻڌايو. ”هن کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڇا ڪجي. ان کان آئون چڱيءَ ريت واقف آهيان. توسان شادي ڪرڻ خاطر هن ويندي پنھنجو دڪان بند ڪرڻ ٿي چاهيو، پر ٻارن جي مستقبل کي نظر ۾ رکي هوءَ ائين نٿي ڪري سگهي. هڪ عورت لاءِ هن قسم جو دڪان / هوٽل اڪيلي سر هلائڻ تمام ڏکيو آهي، جيسين تنھنجو سوال آهي، سو ظاھر آهي هاڻ تون هڪ مشھور ليکڪ جي حيثيت ۾ ويھي چانور تہ نہ اوٻاريندين، ۽ ساڳي وقت تون لکڻين مان ايترو بہ ڪمائي نہ سگهندين جو هوءَ کڻي دڪان بند ڪري.“
”اهو تہ واقعي آهي.“ مون جهيڻي آواز ۾ ورندي ڏني.
”سو اسان کي سڄي ڳالھہ کي وري هر نقطي نظر کان ڏسڻو پيو.“
”پر ڇا تون اهو نہ آهين جنھن چاهيو ٿي تہ آئون ايتو سان شادي ڪريان؟“
”ها مون ائين ئي چاهيو ٿي، پر ان وقت مون اهو نہ سوچيو هو تہ ڪا توکي ڏات آهي.“
”مون اهڙو ڪم اڃا ڪيو تہ نہ آهي جنھن کي ڏسي اندازو لڳايو وڃي تہ مون کي ڏات آهي.“
”تون هاڻ هڪ ناليرو ليکڪ ٿي رهيو آهين، جنھن سڄي ڳالھہ کي نئون موڙ ڏنو آهي. جيڪڏهن تون ڪنھن اهڙي شاهڪار ڊرامي کي تخليق ڏئي سگهين ٿو تہ پوءِ هيءَ جاءِ تولاءِ ناهي. آءٌ توسان متفق راءِ ٿي نٿو سگهان تہ تون ٻن ٻارن کي بہ رکين جڏهن تہ تنھنجي ادبي زندگي شروع ئي هاڻ ٿي ٿئي. ايتوء کي ڇڏي ڏي. ان بابت پنھنجي طبيعت ۽ ارادي کي ٺاهه. ايتوءَ اڳھين هڪ اهڙي ماڻھوءَ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي، جنھن کي واپار جو تجربو آهي.“ هن ائين ڳالھايو ڄڻ اها تقرير هن پھرين ئي ٺاهي رکي هجي. هو منھنجو ڪوبہ اعتراض ٻڌڻ لاءِ تيار نہ هو. هن مون کي سامان ٻڌرائي گاڏيءَ ۾موريشيتا روانو ڪيو. پوءِ هي منھنجي پويان آيو ۽ مون سان گڏ کيس بہ اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
سو ان ريت آئون موريشيتا ۾ واپس موٽي آيس. مون کي ان ڳالھہ جي اجازت نہ ھئي تہ ايتو کي ڳولي معلوم ڪريان تہ هوءَ ڪيئن ۽ ڇا ٿي محسوس ڪري ۽ هن مون کي ڇڏڻ جو فيصلو ڇو ڪيو.
”مون ٻڌو آهي تہ تنھنجو هن سان نڀاھہ نہ ٿي سگهيو.“ اينگيو جي زال چيو.
”هوءَ تمام سٺي عورت آهي.“ اينگيو پاڻ ورندي ڏني، ”هن پاڻ ڏٺو تہ هي ناتو سڄي عمر هلي نہ سگهندو.“
”تو ان بابت چيو هوندس.“ مون ڪجهہ ڪاوڙ مان چيو.
”تنھنجي پھرين لکڻي ئي پڙهي هوءَ ڏڪي وئي هئي. هو پاڻ سياڻي هئي ۽ هن سمجهي ورتو تہ هوءَ تو جھڙي اڀرندڙ ليکڪ جي لائق ٿي نہ سگهندي.“
”هن مون کي ڪجهہ وڌيڪ ئي سمجهيو.“ آئون اڃا تائين کيس نٿي ڇڏي سگهيس. هوءَ مون کي ڏسڻ بہ نہ آئي. بھرحال، ان کان پوءِ ڪو گهڻو عرصو نہ گذريو هوندو جو سندس شاديءَ جي اطلاع جي خبر پيئي. اينگيو ۽ سندس زال تحفو کڻي ويا.
”تنھن جي معني اها ڳالھہ صحيح نڪتي.“ آءٌ ڏاڍو دل شڪستو ٿي پيو هوس.
”بس هوءَ ان قسم جي عورت هئي. جڏھن هن ڏٺو تہ شاديءَ بعد توهان مان ڪوبہ سُکي رهي نہ سگهندو تہ هن هڪ سلڇڻي عورت جيان ان شاديءَ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو.“
ائين لڳي ٿو تہ جيئن ئي ايتو منھنجي انعام کٽڻ جو ٻڌو تہ هن مون سان شادي ڪرڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. هوءَ واقعي عظيم عورت هئي جو هن جڏهن ڏٺو تہ اسان جو هاڻ جوڙ صحيح نہ رهندو تہ بنا ڪُرڪڻ جي ان شاديءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو. هوءَ هڪ دفعو وري محنت ۾ جنبي وئي ۽ ’سوشي-يا‘ مڙس سان ئي شادي ڪيائين، جيڪو ھن سان گڏ دڪان جو ڪم ڪري سگهي. دڪان ظاھر آهي وڌندو رهيو. آءٌ بھرحال ڪنھن نہ ڪنھن ريت ليکڪ ٿي ويس ۽ ڪيترن ئي لاهن چاڙهن بعد چڱي خاصي مشھوري حاصل ڪري ورتيم. پوڙهو اينگيو بہ هڪ ڏينھن راھہ رباني وٺي ويو. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ جنگ وارن ڏينھن ۾ مون پاڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالھيون حاصل ڪيون: ڪيتريون ئي ساراهون، الزام، لقب وغيره. هڪ فلم ڪمپنيءَ ۾ مئنيجر بہ ٿي رهيس. جنھن اسٽوڊيو کي ائڪٽر پيدا ڪرڻ لاءِ اسڪول بہ آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن آئون بہ وڃي پڙهائيندو آهيان. هڪ ڏينھن پيرڊ ختم ٿيڻ بعد هڪ نينگري مون وٽ آئي.
”آئون ساساڪي ايتو جي ڏهٽي آهيان.“ هن ٻڌايو.
”جنھن جو سوشي جو دڪان سوزاڪي پاڙي ۾ هوندو هو.“
هن تمام جهيڻي آواز ۾ ٻڌائي ڪجهہ شرمايو. ايتو جو نالو گذريل ٽيھن سالن ۾ اڄ پھريون دفعو ٻڌو هوم.
”ايتو جي تون ڏهٽي آهين؟“
”ها. شين منھنجي ماءُ جو نالو آهي.“ هن جو آواز تمام هيڻو ٿيندو ويو تہ هيءَ شين جي ڌيءُ هئي. شين ان وقت چئن سالن جي هئي جڏهن گهنڊڻيء کي ويھي ڇڪيندي هئي ۽ هاڻ سندس ڌيءَ منھنجي شاگرد آهي. وقت ڪيئن تہ تکو تکو گذري ويو، مون سوچيو ۽ زندگي ڪيڏو نہ عجيب ۽ دلچسپ ٿي سگهي ها! ڇوڪريءَ کي پاڻ سان وٺي آفيس آيس ۽ کانئس سندس ماءُ جو پڇيم.
”۽ ناني خوش آهي. هوءَ امان سان گڏ منيامي سينجوءَ ۾ ’سوشي-يا‘ هلائي رهي آهي.“
ايتو جو مڙس مري چڪو هو. شين شاديءَ بعد دڪان هلائي رهي هئي. ايتو جو پٽ تامينو سيندي شھر ۾ وزارت آمدرفت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. ايتو بابت سوچي منھنجي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا.
”پنھنجي نانيءَ کي ٻڌائجانء تہ آئون هن سان ملڻ ٿو چاهيان. چوي تہ آئون هن وٽ اچان يا هوءَ مون وٽ اچي سگهي ٿي؟ هن کي ٻڌائجانء تہ آئون گذريل زماني جي يادين بابت ڳالھيون ڪرڻ گهران ٿو.“
ڇوڪريءَ کي محنت ڪري پڙهڻ بابت نصيحتون ڪندو کيس در تائين ڇڏڻ آيس ۽ آئون گذريل وقت جي لمحن جو سوچڻ لڳس، جڏھن آئون سوزاڪي پاڙي ۾ رهندو هوس. 1923ع واري زلزلي ۽ 1945ع واري بمباريءَ بعد اتي هاڻ ڪجهہ بہ نہ بچيو آهي. پر تنھن هوندي بہ ايتو ۽ آءٌ اڃا زندھہ ۽ چاق چڱا ڀلا آهيون. آءٌ ايتو کي اڇن وارن واري پوڙهي عورت جي روپ ۾ تصور ڪرڻ لڳس. مون هن کي وري ڏسڻ چاهيو ٿي. پر جلدي مون کي آفيس ۾ هڪ خط مليو جيڪو هڪ وڏي پني تي پرتڪلف قسم جو لکيل هو. اکر لڏيل ۽ پوڙھي ماڻھوءَ جا لکيل ٿي لڳا.
”آءٌ توسان ملڻ نٿي گهران.“ ڏهٽي سان سٺي نموني ملڻ بابت شڪريو ادا ڪرڻ بعد ان ۾ لکيل هو. ”عورت وقت گذرڻ تي بہ لڄيو وڃي ۽ هن لاءِ اها شرمساري واري ڳالھہ آهي تہ هوءَ انھن ماڻھن سان ملي جيڪي ھن جي جوانيءَ جي ڏينھن جا سڃاڻا هجن. هن سان گڏ آئون پراڻي وقت جي هڪ تصوير موڪلي رهي آهيان. مھرباني ڪري ان کي پاڻ وٽ رکج ۽ گذريل ڏينھن ياد رکجانءِ.“
خط سان گڏ هڪ ڦڪو ٿيل فوٽو هو جيڪو سوزاڪي جي ڏينھن جي نوجوان ايتو جو هو. هوءَ پنھنجي ڪَڇَ ۾ شِين کي جهليو ويٺي هئي. مون ان ننڍي ڇوڪريءَ جي منھن کي غور سان ڏٺو جيڪا هڪ رات ڌڪو کائي وڃي ڏاڪڻ تي پئي هئي ۽ مون سمجهيو ٿي تہ پوڙھي ايتو مون سان ڇو نٿي ملڻ چاهي. مون سندس خط جو ڪوبہ جواب نہ ڏنو. هينئر بہ سندس اهو فوٽو منھنجي ٽيبل جي خاني ۾ ستو پيو آهي، جنھن مٿان لڳي ٿو تہ ڪا گهنڊڻي وڄي رهي آهي.