الطاف شيخ ڪارنر

جپان رس

جپان جي ادبي تاريخ جي فڪري لاڙن جي پس منظر ۾ جڏهن الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب “جپان رس” ۾ شامل جپاني ڪھاڻين جي ترجمي کي پڙھجي ٿو تہ، اھي جپاني ادب جي ڏيڍ صديءَ وارن ٽن ادبي دؤرن، جيڪي حڪومتن جي تبديلين سان سڃاڻپ رکن ٿا، جو اولڙو محسوس ٿين ٿيون. هنن ڪھاڻين جي خوبصورتي ۽ مفھوم ان ڪري بہ ضربجي نہ سگهيو آھي، جو الطاف شيخ صاحب اھي سڌوسنئون جپاني ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آھن. جڏھن تہ هن هر ڪھاڻيڪار جو مختصر پر جامع تعارف ڏيئي، جتي ڪھاڻيءَ کي بامعنيٰ بڻايو آھي، اتي ڪھاڻيءَ جي دؤر کي پڻ واضح ڪيو آهي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ ۾، دؤر جي مناسبت سان پلاٽ، ڪردارنگاري، منظر نگاري، ٻولي، خيال ۽ ان جي ٽريٽمينٽ پڻ پڙھندڙ تي چٽي ٿي بيھي ٿي. ڪتاب ۾ چونڊ جپاني شاعريءَ جو ترجمو پڻ شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 81
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپان رس

عشق جو آزار

شاديءَ کان اڳ ڇڙي رهڻ واري زندگيءَ ۾ پنھنجو لطف آهي. پر زال بنا رات جي اڪيلائي مڙسن کي کايو رکي. اها ڳالھہ هڪ ”جنتريون ٺاهيندڙ“ ڪنواري همراھہ بہ محسوس ڪئي، جنھن عمر جو ڳپل حصو گذارڻ بعد بہ اڃا شادي نہ ڪئي هئي. شھر ۾ ڪيتريون ئي سھڻيون عورتون هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار هيون پر هن ڪنھن اهڙيءَ سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي جيڪا نہ فقط سونھن سوڀيا ۾ پر مان شان ۾ بہ اتاهين هجي. آخر تنھائيءَ جي زندگيءَ کان بيزار ٿي هن پنھنجن دوستن ساٿين تي ڪم رکيو تہ هن لاءِ ڪا ڪنوار ڳولھين. هنن هن کي تنھن زماني جي ناٽڪ ٿيئٽر جي ھڪ اھڙي حسين اداڪارا سان ملائڻ جو بندوبست ڪيو جنھن شھر جي نوجوانن جي دلين تي راڄ ٿي ڪيو.
جنتريون ٺاهيندڙ همراھہ کي هوءَ پھرين نظر ۾ ئي وڻي وئي. ”ههڙي ئي تہ عورت آءٌ گهران ٿو.“ هن دل ئي دل ۾ چيو ۽ وڌيڪ ڪنھن ٻئي کٽراڳ ۾ پوڻ بنان يڪدم شاديءَ جي تيارين ۾ لڳي ويو. سنڱ ڳولڻ ۽ مٽي مائٽي ڪرائڻ لاءِ هڪ وچ واري اهڙي عورت کي هٿ ڪيو ويو جيڪا ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ اهڙن ڪمن اڪلائڻ ۾ سڀ کان سياڻي سمجهي وئي ٿي. ان سڄو ڪم خير اسلوبيء سان سرانجام ڏنو ۽ آخر ۾ گهوٽ طرفان ڪنواريتن کي سنڱ ڏيڻ جي خوشيءَ ۾ ساڪي شراب جي گهگهي ڏني وئي. مقرر ڏينھن تي ”اوسان“ نالي اها ڪنوار پنھنجي نئين گهر ۾ بہ اچي ويئي. گهوٽ خوش ٿي سندس آڌرڀاءٌ ڪئي.
ٿورن ئي ڏينھن ۾ هن جوڙي جو پاڻ ۾ ايترو تہ سمجهوتو ۽ پيار ٿي ويو جو مڙس کي ٻي ڪنھن بہ ڳالھہ جي پرواھہ نہ هوندي هئي. هر وقت پنھنجي سھڻي زال جي ئي تات هئي، پوءِ کڻي بھار جي مند هجي يا سرء جي، چانڊوڪي يا اوڻٽيھن جي اونداهي. ساڳي طرح زال بہ هن سان سچي ٿي بيٺي ۽ ٽن سالن کان پنھنجي مڙس ۽ گهر لاءِ اھو سڀڪجهہ ڪندي رھي جيڪو هڪ شادي شدہ عورت کي پنھنجي گهر لاءِ ڪرڻ کپي. رڌ پچاءُ ڪرڻ، سُٽ ڪَتي ڌاڳو اُڻڻ لاءِ نوڪرياڻين حوالي ڪرڻ، گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ۽ ٻهاري ڪرڻ، پگهار مان اهڙي طرح خرچ هلائڻ جو پورت ٿي وڃي، مڙس جي شڪل صورت ۽ بيهڪ جو خيال رکڻ، بچت خاطر ڏيئي ۾ پورو تيل وجهڻ ۽ وٽ کي ننڍو رکڻ. ان کان علاوه مڙس جو ليکو چوکو ۽ حساب ڪتاب صحيح ۽ پورو رکڻ. مطلب تہ هوءَ اهڙي تہ سگهڙ ۽ سليقي شعار عورت هئي جو ان جھڙي زال لاءِ شھر جو هرڪو ماڻھو سڌون ڪري سگهي.
سندس گهر ڏينھون ڏينھن خوشحال ٿيندو ويو. انھن ئي ڏينھن ۾ اوچتو واپار وڙي سانگي سندس مڙس کي ٻئي شھر ”ايڊو“ ۾ وڃڻو پيو. مڙس جي عارضي جدائيءَ جو زال کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر ڏک ڪرڻ سان ڇا هڙ حاصل. وڃڻ کان اڳ هو پنھنجي سھري – اوسان جي پيءُ کان بہ موڪلائڻ ويو، جيڪو ان ئي شھر ڪيوٽو جي ٻئي حصي ۾ رهندو هو. اوسان جي پوڙهي پيءُ کي پنھنجي ڌيءَ جو ڏاڍو اونو رهندو هو. خاص ڪري سندس مڙس جي غير حاضريءَ ۾ ڪم جي جهجهائي ۽ حساب ڪتاب جي فڪر ڪري هن سوچيو تہ جيڪر ڪو اهڙو شريف ۽ محنتي ماڻھو ملي وڃي، جيڪو سندس ناٺي اوسان کي گهر جي ڪم ۾ بہ مدد ڪري سگهي. اهڙو هن وٽ هڪ ڇوڪرو ”مومون“ نالي هو، جيڪو ڪيترن سالن کان ايمانداري سان هن وٽ نوڪري ڪري رهيو هو. ان نوڪر کي هن پنھنجي ناٺيء جي گهر اماڻيو.
هي ڇوڪرو مومون نهايت ايماندار ۽ ڪفايت شعار هو. ايتري قدر جو گهر جي ڪم ڪار ۾ هن کي پنھنجو بہ هوش نہ رهندو هو تہ منھن ڌوتل آهي ۽ ڏاڙهي لٿل آھي يا نه. ۽ پڪائيء ۾ بہ ايتري حد درجي جو، جو ڪپڙا ڦاٽي ويندا هئس تہ بہ انھن مان ئي ڪم ڪڍندو رهندو هو. گهر ۽ ٻاھر جو حساب ڪتاب ۽ ليکو چوکو ڪندي جتي ايندوهوس اتي وهاڻي بدان سوروبان مٿي هيٺان رکي سمھي رهندو هو. شايد رات جو خواب ۾ بہ حساب ڪتاب ۽ پئسن جي ڏيتي ليتي ڪرڻ ٿي چاهيائين.
وقت گذرندي مينھوڳيء جي موسم اچي ويجهي ٿي ۽ هڪ رات سخت طوفان مومون کي ڌيان ۾ ڳالھہ آندي تہ اجهو تہ سيارو بہ شروع ٿيو ۽ سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ کيس هينئر ڪو بندوبست ڪرڻ کپي. هن ان کي منھن ڏيڻ لاءِ موڪسا ڪرائڻ ٿي چاهيو. گهر ۾ ڪم ڪندڙ ٻانھين مان هڪ رين نالي ٻانھي تيل ۽ جبل ٻوٽيون ساڙي مالش ڪرڻ ۾ هوشيار هئي. تنھن کي هن ان ڪم لاءِ چيو. ان ٻانھيءَ پنھنجي ڊريسنگ ٽيبل تي چادر وڇائي ان تي مومون کي اونڌو ڪري سمھاريو ۽ ڪپھہ جا پھا انھن دوائن ۽ تيل مان ٻوڙي مالش ڪري اگهاڙن پٺن کي باھہ سان سيڪ ڏنو. پھرين پھرين هڪ ٻہ دفعو تہ ان جو سور سھڻ کان ٻاهر هو. سو ڏند ڀيڙي سور پي وڃڻ لاءِ کيس منھن ٺاهيندو ڏسي ٻين ٻانھين، آيائن ۽ گهر جي نوڪرياڻين کان کل نڪري وئي. جڏھن هڪ ٻئي پويان مالش جو دور هليو تہ هن کي ايترو تہ اچي سور ٿيو جو مالش ختم ٿيڻ کان اڳ آخر ۾ لوڻ ٻرڪڻ لاءِ بہ ترسي نہ پئي سگهيو. ايتري ۾ ڇا ٿيو، جو ٻرندڙ باھہ جي کوندي مان ڪپھہ جو ٽڪر سندس پٺن تي اپاڪي ڪري پيو ۽ سندس بدن جو اهو حصو سڙڻ ڪري گهنججي ويو. پر جيئن تہ ٻانھيءَ کان اهو ڪم بي خياليءَ ۾ ٿي پيو هو جنھن ۾ هن جو رتيءَ برابر بہ ڏوھہ نہ هو سو مومون دانھون ڪرڻ بدران اکيون پوري صبر سان سور پچائي ويو. رين کي هن تي ڏاڍو رحم آيو ۽ يڪدم پٺيءَ تي ٻرندڙ ٽانڊو هٿ سان پري ڪري کڻي ڀاڪر پاتس. رين کي ڪھڙي خبر تہ سندس اهو ڇهاءُ هن جي دل ۾ مومون لاءِ پيار جي باھہ ڀڙڪائيندو. اهو راز پھرين تہ هوءَ پنھنجي دل ۾ سانڍيندي رهي پر پوءِ نيٺ هڪ ٻن جي واتان ٿيندو مالڪياڻي اوسان جي بہ ڪن تائين پھتو.
رين پنھنجي دل ۾ جڏهن مومون لاءِ پيار دٻائي نہ سگهي تہ ھن ان آڳ جي سيڪ کان مومونءَ کي بہ واقف ڪرڻ چاھيو. پر ان جو اظهار ڪنھن طرح ڪيو وڃي جو کيس خط لکڻ تہ ڇا پر مکي در جي درٻان جيترو بہ لکڻ نٿي آيو، جيڪو اڪثر ياداشت خاطر پني تي اونڌا ابتا اکر لکندو هو. هن درٻان کان پڇيو تہ جيڪڏهن هو خط لکي سگهي تہ هڪ پيار جو خطڙو سندس فلاڻي محبوب لاءِ لکي ڏئي، پر درٻان ماڳھين پاڻ ڪو عشق جي موڊ ۾ هو سو لڳو پنھنجو پيار جتائڻ.
سو رين جي اندر جي آڳ سندس اندر ۾ ئي رهي ۽ آهستي آهستي ڏينھن گذرڻ لڳا ۽ اچي سيارو بہ ڪڙڪيو. هڪ ڏينھن اوسان پنھنجي مڙس کي ’ايڊو‘ ڏي جهڙو خط لکي بس ڪيو تہ چرچي ۾ نوڪرياڻي رين کان پڇيو تہ جيڪڏهن هوءَ چاهي تہ سندس يار ڏي خط لکي ڏيئس. رين ڏاڍي خوش ٿي ۽ اوسان برش سان ڪجهہ پريت ڀريون سٽون پني ڀور تي لکي لفافي ۾ بند ڪري ٻاهران: ”ملي مو – کي، از طرفان جيڪا دل و جان سان چاهي ٿي.“ لکيو. رين خط وٺي ڏاڍي خوش ٿي ۽ هاڻ موقعي جي ڳولا ۾ هئي تہ جيئن ئي وجھہ ملي تہ ھن جي حوالي ڪري. ايتري ۾ ٻاهران دڪان تا مومون جو آواز سندس ڪن تي پيو، جيڪو تماڪ دکائڻ لاءِ ٻرندڙ ڪاٺي گهري رهيو هو. خوش قسمتيءَ سان ان وقت ٻيو ڪو ماڻھو ڇيڻو موجود نہ هو. هن جلدي رڌڻي مان هڪ ٻرندڙ اماڙي ڪڍي، خط سان گڏ هن جي حوالي ڪئي.
حالتن جو جائزو وٺڻ جي باوجود بہ مومون سمجهي نہ سگهيو تہ اهي اکر ڪي سندس مالڪڻ اوسان جا آهن. هن سمجهيو تہ رين اهڙي قسم جي ڪا هالو چالو ڇوڪري آهي جيڪا وتي ههڙي قسم جا خط جنھن تنھن کي لکندي. سو بنا ڪنھن رک رکاء جي جهڙو تهڙو جواب لکي رين جي حوالي ڪيائين، جنھن کي پڙهڻ تہ آيو ڪونہ ٿي انڪري مالڪڻ اوسان جي سٺي موڊ جو انتظار ڪرڻ لڳي، جنھن کان پڙهائي سگهي.
تنھنجو ھي اوچتو ۽ اڻ مدائتو خط – جيڪو پڙهي مون جهڙو جوان شايد جذبات جي وهڪري ۾ وهي وڃي، پر آءٌ ڪو اهڙو تهڙو نہ آهيان جو تنھنجين ڳالھين ۾ اچي توتي عاشق ٿي پوان. هن خط ذريعي آءٌ توکي رڳو اهو چتاءُ ڪندس تہ تنھنجيون اهي حرڪتون اڳتي هلي جيڪي مسئلا پيدا ڪنديون، انھن کي منھن ڏيڻ لاءِ هڪ عدد دائيءَ جي بہ ضرورت پئجي سگهي ٿي. پر تون جيڪڏهن ان حادثي ۾ پيش ايندڙ خرچ پکي: ڪپڙا، ٽوال، بلاڪيٽ، صابڻ، ٻار کي وهنجارڻ جو خرچ، ويم وغيره جو ذمو کڻي ٿين تہ پوءِ مون کي ڪوبہ اعتراض ناهي ۽ آءٌ پنھنجي پوري قابليت سان تنھنجي ڪم اچي توتي احسان ڪرڻ ۾ عيب نہ سمجهندس.
”ڇا تہ وڏائي ۽ ٽيڙي اٿس.“ٻانھي رين ڏي لکيل اهڙو شوخ قسم جو خط پڙهي مالڪڻ اوسان تعجب کاڌو، ”دنيا ۾ مردن جي ڪا ايتري بہ کوٽ ناهي ۽ رين تہ ڪا اهڙي شڪل صورت ۾ صفا ويل بہ نہ آهي. مومون جهڙو مرد تہ هوءَ جنھن وقت چاهي تہ حاصل ڪري سگهي ٿي.“
اوسان اهو پروگرام ٺاهي هن رين طرفان مومون ڏي رحم کائڻ ۽ دل نہ ڀڃڻ جون لڳاتار درخواستون خطن جي روپ ۾ ڪيون. آخر تہ هو بہ جوان هو ۽ خطن هن جي دل تي اهڙو اثر ڪيو جو نيٺ هن رين ڏي جواب ۾ چوڏهين مئي تي سڄي چنڊ ڏسڻ جي رسم ختم ٿيڻ بعد ملڻ جو واعدو ڪيو. مالڪڻ اوسان اهو پڙهي دل ئي دل ۾ کليو تہ پاڻ کي الائي ڇا ٿي سمجهيائين، پر هاڻ منجهانئس سڀ ڪسرون ڪڍبيون. سو سڀني ٻانھين کي گڏ ڪري چيائين: ”هاڻ پاڻ گڏجي هن جي ان رات خبر وٺنديونسين.“
پلان اها ٺاهي وئي تہ ان رات رين بدران اوسان پاڻ سوٽي ڪپڙا پائي رين جي کٽ تي وڃي سمھندي. جيئن ئي مومون رين سان ملڻ لاءِ اتي پھچندو تہ هوءَ وٺي دانھون ڪندي ۽ سڀ ٻانھيون هٿن ۾ لٺيون ۽ ڏيئا کڻي هن کي مارڻ لاءِ اتي پھچي وينديون. اهڙي طرح هر ڳالھہ جو پورو پورو بندوبست ڪيو ويو. پر اتفاق سان ان رات چنڊ کي گهڻي دير تائين ڏسڻ جي اوجاڳي ۽ ڊوڙڻ ڊڪڻ جي ٿڪ ڪري اوسان کي ننڊکڻي وئي پر ٻيون ٻانھيون بہ سندس سڏ جو انتظار ڪندي ڪندي کونگهرن ۾ لڳي ويون. سياري جي رات جي پوئين پھر ۾ جڏهن سڀ ننڊ ۾ مست پيا هئا تہ اوندھہ ڪانڀار ۾ لڪ چوريءَ مومون فقط پوتڙو ٻڌي اچي رين جي ڪمري ۾ پھتو. جلدي جلدي اهو بہ لاهي، سوڙ مٿي کڻي اگهاڙو هنڌ اندر گهڙي ويو، جتي هن سمجهيو تہ رين ستي پئي آهي. هن جي دل ڌڙڪي رهي هئي پر چپ خاموش رهيو. هوءَ نيم غشيء جي حالت ۾ ستل هئي ۽ ڪو گهڻو چري پري بہ ڪانھ. مومون جلدي جلدي واندو ٿي هنڌ مان ٻاهر نڪتو ۽ ٻليءَ پير کڻندو ڪمري کان ٻاھر نڪري آيو: ”واقعي هن عورت کي زندگيءَ جي لاهين چاڙهين جي خبر هوندي. مون تہ ھن کي ڪنواري ٿي سمجهيو پر لڳي ٿو تہ مون کان اڳ بہ هتي مردن جي قطار لڳل آھي.“ ۽ هو پڪو ارادو ڪري اچي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ نڪتو تہ هاڻ ڪنھن بہ صورت ۾ ھن جي عشق محبت جي ڄار ۾ وڌيڪ ڦاسڻو ناهي.
هن جي وڃڻ کان ٿوري دير پوءِ ننڊ پوري ٿيڻ تي اوسان سجاڳ ٿي تہ هن کي ڪجهہ عجيب عجيب لڳو. هوءَ اهو ڏسي وائڙي ٿي وئي تہ مٿي هيٺان رکيل وهاڻو بہ اتان غائب هو ۽ کٽ جي پيرانديء وٽ پيو هو، سندس ڪمونو جو سئش (اڳٺ) پڻ کليو پيو هو ۽ سڄو هنڌ چادر سميت گهنجيو پيو هو. آهستي آهستي هن کي سموري ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي وئي. شرم ۽ حيا کان هوءَ پاڻي پاڻي ٿي وئي، ۽ هاڻ هن اهو پڪو پھہ ڪيو تہ هن خواريءَ کان بچڻ لاءِ فقط هڪ ئي طريقو آهي: ”اڄ ڏينھن کان پوءِ مون کي پنھنجو پاڻ کان بہ پري ٿيڻ کپي جو هاڻ جڏهن عزت ئي نہ رهي تہ ھن دنيا ۾ رهڻ مان ڪھڙو فائدو ۽ هاڻ هن دنيا کي هميشہ لاءِ الوداع چئي ٻي دنيا جي سفر تي وڃڻ لاءِ مومون کي بہ پنھنجو ساٿي بڻائجي.“
سو جيڪي ڪجهہ ٿي گذريو هن جو سربستو احوال هن مومون کي ٻڌايو ۽ پنھنجي اڳتي جي ارادي – يعني آپگهات کان پڻ واقف ڪيو ۽ جيسين ان تي عمل ٿئي، تيسين هوءَ ماڻھن جي پرواھہ ڪرڻ بنا هر رات مومون کي پاڻ وٽ گهرائيندي رهي ۽ مومون سندس اها خذمت بہ اهڙي ئي دل ۽ جان سان ڪرڻ لڳو، جهڙو ٻيو گهر جو ڪم ڪار.
هڪ ڏينھن هوءَ خودڪشي ڪرڻ جي ارادي سان گهر ڇڏي اچي شيگا شھر (بي وا ڍنڍ جي ڏکڻ اولھہ ڪناري تي، شھنشاھہ ٽيفجي 682ع - 666ع جي ڏينھن ۾ جپان جي گاديءَ جو هنڌ) پھتا. پنھنجي موت جو سوچي هنن جو منھن لھي ويو ۽ شيراهگي درگاھہ ۾ اچي ديوتائن جي آخري دفعو پوڄا پاٺ ڪئي.
”دراصل ڏٺو وڃي تہ جيتري گهڻي ڊگهي عمر اوترا گهڻا پاپ ۽ ڏک غم.“ اوسان هن کي چيو. ”اچو تہ پنھنجو پاڻ کي ڍنڍ ۾ اڇلي پنھنجو پاڻ ٻڌا جي حوالي ڪريون.“ پر مومون، جنھن، جيتوڻيڪ پنھنجي زندگيءَ جي پرواھہ تہ ڪانہ ٿي ڪئي پر ساڳي وقت کيس اها بہ تہ پڪ نٿي ٿي تہ موت کان پوءِ جي زندگيءَ ۾ ڇا ٿيندو. ”منھنجي دماغ ۾ هڪ اٽڪل آئي آهي.” هن چيو، “اچو تہ پاڻ ٻئي پنھنجي ڳوٺ وارن ماڻھن کي خط لکون تہ اسان پنھنجو پاڻ کي هن ڍنڍ ۾ ٻوڙي انت آندو آهي ۽ موت کان پوءِ ٻئي جهان ۾ اسان ٻئي هميشہ لاءِ هڪ ٻئي جا ٿي رهنداسين ۽ اسان جو پوءِ ڪو بني بشر وار بہ ونگو نٿو ڪري سگهي.“
اوسان اها صلاح ٻڌي خوش ٿي. ”گهر ڇڏڻ وقت آءٌ پڻ اهوئي سوچي نڪتي هيس. انھيء ڪري هلڻ مھل بئگ ۾ پنج سؤ سونيون گنيون وجهي ڇڏيون هيم، جيڪي پاڻ کي هاڻي ڪم اچي سگهن ٿيون.“
اها ايتري دولت هئي، جنھن سان واقعي نئين زندگيءَ سولائيءَ سان شروع ٿي سگهي ٿي.
”ڳوٺ خط لکڻ ۾ اسان کي پورو پورو خبردار رهڻ کپي، جيئن ڪنھن کي بہ شڪ نہ ٿئي.“ مومون اوسان کي آگاھہ ڪندي خط لکايو: ”شيطاني خيالن ۾ ڦاسي اسان جيڪو زنا جهڙو پاپ ڪري ويٺا آهيون ان لاءِ قدرت طرفان مقرر ڪيل سزا کان اسين ڀڄي نٿا سگهون. هن جهان ۾ هاڻ وڌيڪ رهڻ خاطر اسان لاءِ ڪابہ جاءِ ناهي سو اڄ اسين هن دنيا کي سدائين ڇڏي وڃڻ لاءِ موڪلايون ٿا.“ خط لکي پوءِ اوسان پنھنجي ڳچيءَ ۾ گوتم ٻڌ جي تصوير وارو پاتل لاڪيٽ لاٿو – جيڪو مصيبتن کان بچڻ لاءِ هميشہ سندس ڳچيءَ ۾ هوندو هو، پنھنجي ڪارن وارن جون ڪجهہ چڳون ڪتريون. مومون ٻانھن ۾ ٻڌل پتل جي پتلي واري لڙهي لاٿي. اهي شيون هنن خط سان گڏ ڪناري تي ئي ڇڏڻ ٿي چاهيون، جيئن پويان خط ۽ اهي شيون ڏسي سڃاڻي وٺن تہ هنن درياءَ ۾ واقعي پاڻ کي ٻوڙي آپگهات ڪيو آهي، ۽ اڃا بہ ڪم پڪو ڪرڻ لاءِ هنن پنھنجا ڪوٽ ۽ بوٽ بہ لاهي اتي ئي ڦٽا ڪيا ۽ جيئن تہ ڍنڍ جي ڪناري تي ڪيترائي مھاڻا رهندا هئا، جيڪي تمام سٺا تارو هئا سو هنن ٻن مھاڻن کي پئسا ڏئي پنھنجو پلان سمجهائي ڇڏيو تہ ڇا ڪرڻو آهي ۽ پاڻ شھر جي پوئين پاسي کان روانا ٿي ويا.
پرھہ ڦٽيءَ کان بہ چڱو اڳ، اڃا ڪڪڙن ٻانگن جو دس نہ هنيو هو ۽ چوڌاري اڃا اونداھہ لڳي پيئي هئي ۽ ڍنڍ ڀرسان ڪير بہ جاڳيل نہ هو تہ هنن مھاڻن رڙيون ڪري پاڻ کي کڻي ڍنڍ ۾ اڇليو. پاڻيءَ ۾ ڪرڻ جي شپڪي ۽ سندن دانھن تي ٻيا جاڳي ڍنڍ جي ڪناري تي آيا ۽ لاشن کي ڳولڻ لڳا تہ ڪنھن خودڪشي ڪئي آهي. گهڻو ئي پاڻيءَ جي تري ۾ ويا پر تيسين هي ٻئي مھاڻا هيٺان ئي هيٺان تري ٻئي پاسي کان ٻاهر نڪري ويا. ڪناري تي اوسان ۽ مومون جو خط ۽ سامان ڏسي سڄي ڳوٺ ۾ سندن خودڪشيءَ جي ڳالھہ مشھور ٿي وئي، ۽ ڏک ڀري خبر سندن شھر ڪيوٽو ۾ بہ پھچي وئي.
ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي مٽن مائٽن خواريءَ کان بچڻ لاءِ ان ڳالھہ کي گهڻو ئي لڪايو ۽ پاڻ تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هن دنيا ۾ جتي هر هڪ جا ڪن خبر ٻڌڻ لاءِ واجهائيندا رهن ٿا، اها ڳالھهبہ ٻڌي ورتي ۽ اها بھار جي سڄي مند ماڻھن جي وات تي گلا ڪرڻ لاءِ اوسان ۽ سندس يار مومون جي ڳالھہ هئي، ۽ هنن ٻن همراهن جيڪي ڪم ڪيو ان بابت ٽيڪاٽپڻي واقعي ختم ٿيڻ جي نہ هئي.
اوسان ۽ مومون ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي وچان ئي وچان جهنگ جهر مان اڳتي وڌندا ويا. هنن کي پاڻ لاءِ پاڻهي رستو ٺاهڻو ٿي پيو ۽ ڪنڊن ۽ کڏن کوٻن کان پاڻ کي بچائڻو ٿي پيو. آخرڪار هو هڪ اتائين چوٽيءَ تي چڙهي ويا جتان پٺيان نظر ڪرڻ تي سندس پٺتي جون منزلون ۽ ڏکيائيون نظر پئي آيون. اهو سڀڪجهہ هنن پاڻ ئي چونڊيو هو پر ان درد ۾ بہ ڪجهہ مزو هو جو مئلن جو پارٽ ادا ڪري اڳتي وڌي رهيا هئا. هنن کي اڃا بہ ڪافي اڳتي هلڻو هو پر سامھون ڪوبہ رستو يا پيچرو تہ پري پر ڪنھن ڪاٺيڙ جي پيرن جا نشان بہ ڪٿي نظر نٿي آيا، جن تي هلي اچي ڪنھن آباديءَ مان نڪرجي. بھرحال هو ڌڪي تي سامھون وڌندا رهيا. اوسان تہ هلي هلي اهڙو ٿڪجي پئي جو هاڻ سندس پير وڌيڪ هلڻ کان جواب ڏئي بيٺا هئا. نيٺ هڪ هنڌ ساڻي ٿي ڪري پيئي. سندس نبض بہ هاڻ ڪمزور ٿي وئي. مومون ڪجهہ ٻيو تہ نٿي ڪري سگهيو جو هن وٽ نہ دوا درمل هئي نہ ڪا سواري. سامھون جبل تان چشمي جو ٿڌو پاڻي ڪري رهيو هو. ٻڪن ۾ اهو ڀري هن اوسان جي مٿان ڇڻڪيو ۽ هوءَ جيتوڻيڪ ٿوري سامت ۾ آئي پر سندس بچڻ جي اميد تمام گهٽ نظر ٿي آئي. مومون هاڻ مجبور ٿي ڀرسان ويھي سندس موت جو انتظار ڪرڻ لڳو تہ سامھون کيس ڪنھن ڳوٺ جون ڪچيون جايون نظر اچي ويون. خوش ٿي ان اوسان کي ٻڌايو: ”بس همت ڪر. سامھون واري ڳوٺ ۾ پھچي هن مسافريءَ جا ٿڪ سور سڀ لھي ويندا ۽ پاڻ کي هڪ دفعو وري پيار جي زندگي گذارڻ جو موقعو ملي ويندو.“
ڳوٺ جو ٻڌي اوسان کي پنھنجي ساڻي شرير ۾ نئين جوت محسوس ٿي ۽ مومون جي ڪلھي تي هٿ رکي اڳتي هلڻ لڳي.
ان ڳوٺ کان ٻہ رستا ڦٽا ٿي، هڪ پڪو رستو سندس شھر ڪيوٽو ڏي ويو ٿي ۽ ٻيو سنھو رستو جنھن تان ٻہ گهوڙا بہ مس اچي وڃي سگهن جبل ڏي ويو ٿي. هڪ ڪکائين ڇت واري هوٽل ۾ هو ٿڪ ڀڃڻ ۽ چانھہ پيئڻ لاءِ اچي ويٺا، جيڪا خاص رستي جي مسافرن لاءِ هئي. هوٽل جي ٻاهران ’هتي گهر جون بھترين ٺھيل شيون ملي سگهنديون‘ لکيل هو پر چانورن جا جيڪي ٺھيل ڪيڪ رکيا هئا سي نہ فقط پاروٿا هئا پر رستي جي اڏاميل ڌوڙ ۾ انھن جو اڇو رنگ ئي لٽجي ويو هو. پاسي تي مختلف ڪٻٽن ۾ گڏيون، ٽڪيون ۽ ٻيون شيون وڪامڻ لاءِ رکيل هيون. هنن ٻنھي ڄڻن کي هتي ايتري تہ فرحت ۽ مزو آيو جو اٿڻ مھل خوشيءَ وچان اوسان هڪڙي سوني گني ڪڍي هوٽل واري کي انعام طور ڏني، جيڪا هن وائڙن وانگر ڏسي کين موٽائيندي چيو: ”مھرباني ڪري مون کي چانھہ جي قيمت پئسن ۾ ڏيو.“ هن کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ سوچيو بہ نہ ھو تہ شھر کان فقط پندرهن ميل پري ڪو اهڙو بہ ڳوٺ ٿي سگهي ٿو جنھن جي ماڻھن کي سونين گنين جي بہ خبر ناهي.
اتان پوءِ هي ٻئي عاشق معشوق ڪايابارا نالي ڳوٺ ڏي ويا جتي ڇوڪري جي هڪ پوڙهي چاچي رهي ٿي جنھن بابت جيتوڻيڪ هن کي پڪ نہ هئي تہ اڃا تائين اها جيئري بہ هوندي يا مري چڪي هوندي. هن جي گهر پھچي مومون پنھنجي وڏن جي پنھنجائپ جو ذڪر ڪيو ۽ پوڙهيءَ هنن کي پاڻ وٽ ٽڪائڻ لاءِ راضي ٿي وئي. رات جو دير تائين اها پوڙهي هن جي پيءُ ۽ ٻين وڏن مائٽن جون ڳالھيون ياد ڪري روئندي رهي. صبح جو هن کي اوچتو اوسان جو ڌيان آيو، جنھن جي سونھن ۽ شاهاڻي هلت چلت ڏسي هن کي شڪ بہ ٿيو. ”هيءَ وري ڪير آهي؟“ چاچيء پڇيو. مومون پنھنجي چاچيء جي اهڙن سوالن لاءِ پاڻ کي تيار ڪري نہ آيو هو سو هن جي اوچتي سوال تي منجهي پيو تہ ڇا جواب ڏجي. ”منھنجي ننڍي ڀيڻ آهي.“ هن وراڻيو، ”ڪيترن سالن کان هڪ وڏي جاگيردار جي گهر ۾ ڪم ڪيو اٿس، هاڻي اتي جي ڏکي نوڪريءَ مان بيزار ٿي پئي ۽ چيائين تہ ڪنھن جابلو ڳوٺ جي گهر ۾ – هن جھڙي ۾، هلي ڪجهہ ڏينھن پرسڪون زندگي جا گذارجن. سو اها نوڪري ڇڏي مون سان گڏ هتي آئي آهي، جيئن هتي ڳوٺ جي ڪنھن گهر يا باغ جي سارسنڀال ڪري پئسو ڪمائي سگهي. هن جي رهائش جي خرچ پکي جو تون فڪر نہ ڪجانءِ جو هن پاڻ سان سؤ سونيون گنيون بہ آنديون آهن.“
اهڙيءَ طرح هن ڳالھہ ٺاهي پوڙهيءَ کي في الحال ماٺ ڪرائي پر هيءَ هڪ لالچي دنيا آهي توهان کڻي ڪٿي بہ وڃو. مومون جي چاچيءَ هن ۾ پنھنجو فائدو ڳولي چيو: ”اها تہ واھہ جي ڳالھہ ٿي. منھنجي پٽ کي ڪا زال ناهي ۽ تنھنجي ڀيڻ هن جي مائٽياڻي بہ تہ ٿي. ڇو نہ ٻنھي جي پاڻ ۾ شادي ڪئي وڃي.“
اها ڳالھہ سندس دل وٽان نہ هئي. اوسان سڄو ڏينھن لڪ چوريءَ ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ پنھنجو پاڻ کي پٽيندي رهي. شام ڌاري پوڙهيءَ جو رولاڪ پٽ گهر موٽيو. هن کي ڏسي اوسان ڊڄي وئي. هن جهڙو بي ڊولو، ڊگهو ۽ ڌاڙيلن جهڙو ماڻھو جنھن جي اکين مان ڄڻ تہ رت ٿي ٽميو، هن ڪڏهن بہ ڏٺو نہ هو. سندس ڏاڙهي گاھہ وانگر ڇڏيل ۽ هٿن پيرن تي مر چڙهيل، هڪ هٿ ۾ رسو ۽ جانور ڦاسائڻ جو ڪوڙڪو ۽ ٻئي ۾ شڪار ٿيل سھن ۽ نورن جو کارو. ”منھنجي روزگار جو هي طريقو آهي.“ زيٽارو چيو. پوڙهيءَ جي پٽ کي هرڪو زيٽارو سڏيندو هو.
ڳوٺ ۾ هرهڪ کي خبر ھئي تہ هي هڪ ڪميني قسم جو ماڻھو آهي. ماڻس جڏهن ٻڌايس تہ تنھنجي شاديءَ لاءِ ڪيوٽو شھر جي هيءَ ڇوڪري آئي آهي تہ زيٽارو خوش ٿي چيو: ”واھہ واهه! بس پوءِ تہ دير ڇاجي آهي. اڄ رات ئي منھنجي هن سان شادي رچائي وڃي.“ ۽ پوءِ هن هڪ آرسيءَ جو ٽڪرو پنھنجي منھن ڏسڻ لاءِ کنيو: ”ڇا تہ ٺاهوڪو جوان آهيان.“ هن چيو.
هن جي ماءُ شاديءَ جي تيارين ۾ لڳي وئي. جلدي جلدي شاديءَ جو شربت ڪوپن ۾ ٺاهيو. کائڻ لاءِ سندن اڳيان لوڻاٺيل مڇي رکي ۽ پيئڻ لاءِ شراب جي بوتل ڪڍي آئي، جنھن جو منھن ئي چٿريو پيو هو. گهوٽ ڪنوار جي سمھڻ لاءِ ڪمري کي سينگاريو ۽ پٽ تان تڏا ۽ تونئريون کڻي ڪمري جي درين ۽ ڀتين تي پڙدي طور هنيا. ٻہ ڪاٺ جا وهاڻا ڪٿان اڌارا وٺي آئي. ٻہ سنھيون سوڙيون ۽ هڪ هيٺان وڇائڻ لاءِ چادر پڻ. سيءَ کان بچڻ لاءِ وڻن جا ڇوڏا کڻي اچي سگريء ۾ وڌا.
پر اوسان وئي ٿي غمگين ٿيندي ۽ ساڳي طرح مومون جي اندر ۾ بہ اڻ تڻ وڌندي وئي. ”هيءَ سزا آپگهات کان ڀڄڻ ۽ جيئرو رهڻ ڪارڻ ڀوڳي رهيا آهيون. پاڻ کي ڍنڍ ۾ ٻوڙڻ کپندو هو. هاڻ قدرت پاڻ کان ان ڳالھہ جو بدلو وٺي رهي آهي.“
هو خنجر ڪڍي پنھنجو پاڻ کي مارڻ وارو هو پر اوسان کيس جهلي ورتو.
”ايڏو دلشڪستو ڇو ٿي رهيو آهين، ڀڄي نڪرڻ جون تہ اڃا بہ راهون موجود آهن. تون هر ڳالھہ مون تي ڇڏي ڏي ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ پاڻ هتان ڀڄي هلنداسين.“ اوسان چيس.
سج لھڻ کان پوءِ جڏهن اوسان ۽ زيٽارو کي شاديءَ جو شربت پيئاريو ويو تہ اوسان زيٽارو کي چيو: ”مون سان شادي ڪرين تہ ڀلي ڪر پر آئون آهيان نڀاڳي جو باھہ واري سال ۾ ڄائي هيس.“1زيٽارو اهو ٻڌي چيو: ”مون کي انھن ڳالھين جي پرواھہ ناهي. باھہ جي سال ۾ ڄائي هجين يا ڪتن ٻلن جي سال ۾. مون کي چچيون بہ وڻن ٿيون ۽ دراصل آئون انھن کي کائيندو بہ آهيان. ان هوندي بہ اڃا تائين جيئرو آھيان. اٺاوهين سالن جو اچي ٿيو آھيان پر اڃا تائين مون کي هڪ دفعو بہ پيٽ ۾ ڪينئان نہ پيا آهن. مومون صاحب کي بہ مون سان گڏ کائڻ کپي. باقي تون، توسان مان ان ڪري شادي نٿو ڪريان جو تون هڪ شھري نازڪ ناري آهين، پر ان ڪري جو تون منھنجي مائٽياڻي آهين.“ ۽ ائين ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندي پنھنجو ڪنڌ اوسان جي جهولي ۾ رکي سمھي رهيو.
اوسان ۽ مومون ڏک ۽ بيزاريءَ جي عالم ۾ سوچيندا رهيا تہ هن چرئي سان چڱو واسطو پيو آهي. پوءِ هو ٻئي بي چينيءَ سان انتظار ڪندا رهيا ۽ جيئن ئي زيٽارو کي اک لڳي تہ ٻئي ڄڻا وٺي ڀڳا ۽ مختلف هنڌن تي منزلون ڪندا رهيا. هڪ دفعي تہ هو ’مونجو – ديوتا‘ جي مندر ۾ بہ اچي ستا. 2جيڪو رات جو خواب ۾ اوسان کي نظر آيو ۽ کيس چيو: ”توهان ٻنھي تمام وڏو پاپ ڪيو آهي ۽ هاڻ توهان کي ڪٿي بہ سک چين نہ ملندو. توهان کي کپي تہ مٿو ڪوڙائي منھنجي مندر ۾ ٻاوا ٿي رهو. توهان ٻنھي کي گڏ رھڻ نہ کپي.“
ڪنھن ديوتا کي خواب ۾ ڏسڻ خوش نصيبيء جي ڳالھہ آهي پراوسان دل ئي دل ۾ چيو: ”منھنجي کڻي پڇاڙي ڇا بہ ٿئي. اهو منھنجو پنھنجو مسئلو آهي پر آئون پنھنجي يار کي تہ هرگز نہ ڇڏينديس. هن جي پيار مون کي ايڏو تہ مزو ڏنو آهي جو آءٌ پنھنجو مڙس بہ وساري ويٺي آهيان. مونجو ديوتا کي عورتن جي پيار جي ڪھڙي سڌ ۽ ڪھڙو قياس. هن کي تہ رڳو مرد جي مرد سان دل جي ڄاڻ آهي.“
صبح جو اوسان جي اک کلي تہ ٿڌي هير لڳي رھي هئي. جيتوڻيڪ سامھون سمنڊ جي ڪناري تي بيٺل ناريل جا وڻ ڌوڙاٽيا پيا هئا. ”سڀڪجهہ ڌوڙ ۽ فنا آهي.“ اوسان پنھنجو پاڻ کي چيو ۽ هن کي پنھنجي بچاءُ جي ڪابہ راھہ نظر نٿي آئي.
انسان پنھنجي نڀاڳ جي ڳالھہ پنھنجي دل ۾ ئي سانڍي رکي ٿو. هڪ جواري ڪڏھن بہ پنھنجي هار جي هام نٿو هڻي. چڪلي ۾ ويندڙ جڏهن پنھنجي پسند جي عورت کي ڪنھن ٻئي مرد سان گڏ ڏسي ٿو تہ هو اهوئي ڏيک ڏئي ٿو تہ هن پاڻ انھيء عورت کي ڇڏي ڏنو آهي. جهڳڙالو همراھہ هارايل جهيڙن ۽ موچڙا کائڻ جي ڳالھہ ڪڏهن بہ ڪنھن سان نٿو ڪري. واپاري پنھنجي بيوقوفي ڪري رسيل نقصان جو ذڪر ڪنھن سان نٿو ڪري ۽ انھن سڀني جي حالت ان ماڻھو مثال آهي جنھن جو اونداھہ ۾ پير ڪتي جي غلاظت مٿان اچي وڃي.
پر انھن سڀني مان اهو انسان جنھن جي زال ٻئي سان کريل هجي پاڻ کي گهڻو بدنصيب سمجهي ٿو. ٻاهرينءَ دنيا کي اوسان جي مڙس اهو ڏيک ڏنو ڄڻ هن پنھنجي زال کي وساري ڇڏيو آهي: هوءَ مري چڪي آهي، جنھن لاءِ ڪجهہ چئي سگهجي ٿو ۽ نہ ڪري سگهجي ٿو. ڪڏھن اهڙيون بہ گهڙيون آيون ٿي جڏهن اوسان جي ياد ۽ ساڻس گڏ گهاريل ڏينھڙا سندس دل ۾ ڪنڊي وانگر چڀيا ٿي ۽ اوسان جي بيوفائيءَ جو سوچي جيتوڻيڪ هن کي باھہ ٿي ويئي پر تنھن هوندي بہ ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ٻائي يا ٻانڀڻ کي گهرائي پنھنجي مئل زال جي حق ۾ دعا ٿي گهري. هڪ ڏينھن تہ مندر جي جهنڊي لاءِ ڪپڙي موڪلڻ بدران هن اوسان جو رکيل سلڪ جو دلپسند وڳو موڪلي ڏنو تہ جيئن اهو موت ۽ زندگيءَ جي هوا ۾ ڦڙڪندو رهي ۽ ان کي ڏسي ماڻھو پڇتاء ڪن.
اهڙيءَ طرح ان ماڻھوءَ کان وڌيڪ ڪو بھادر ناهي جنھن کي هن دنيا جي شين سان ڳانڍاپو ۽ سڪ هجي. مومون، جيڪو سج لٿي کان پوءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ پسند نہ ڪندو هو تنھن کي هاڻ پنھنجو شھر ۽ ان جون شيون ڏسڻ لاءِ اچي سڪ لڳي، سو اوسان کي ڳوٺاڻن جي نگهباني ۾ ڇڏي، پاڻ هڪ ڊگهو چوغو پائي مٿان ٽوپلي کي هيٺ نرڙ تائين لاڙي اچي پنھنجي پراڻي شھر ڪيوٽو کان نڪتو. جيتوڻيڪ هن کي قدم قدم تي ڊپ لڳي رھيو ھو تہ متان ڪو کيس سڃاڻي وٺي ۽ کيس ائين ٿي لڳو ڄڻ تہ هو دشمنن جي حوالي ٿيڻ وارو هجي.
پنھنجي پاڙي ۾ پھچندي هن کي رات ٿي ويئي، تالاب ۾ چنڊ جو اولڙو ڏسي هن کي اوسان ياد اچي وئي. اکين ۾ تري آيل ڳوڙها هن پنھنجي ٻانھن سان اگهيا. جنھن پاڙي ۾ هن جو پراڻو مالڪ رهندو هو ان ۾ پنھنجو پاڻ کي پرديسي سڏائي اچي خبرچار معلوم ڪئي تہ ماڻھو هن بابت ڇا راءِ ٿا رکن. هڪ ميڙ ۾ ماڻھو اڄڪلھہ جي وارن ۽ ڪپڙن جي نئين فئشن بابت ڳالھائي رهيا هئا. ان بعد هو عشق ۽ محبت جا ڪوڙا قصا هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ لڳا ۽ پوءِ اچتو سندس بہ اچي ذڪر نڪتو. هڪ چيو: ”اڙي هن گڏھہ مومون کي تہ ڏسو، جيڪو سڄي شھر جي سھڻي ۾ سھڻي عورت چورائي هليو هو. هن کي ان جي قيمت ۾ پنھنجي بيڪار زندگي ادا ڪرڻي پيئي. سودو ڪو خراب نہ پيس. اهو موت بھتر آهي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڏو ڪارنامو تہ ڪري ويو.“ پر هڪ ٻئي ماڻھوءَ هڪدم هن جي خلاف ڳالھايو.
”اها بہ ڪا وڏي ڳالھہ ٿي. مومون کي تہ ٻڏي مرڻ کپي جنھن هڪ ئي وقت پنھنجي مالڪڻ سان بہ دوکو ڪيو تہ سندس مڙس سان بھ.“
اهو آواز ٻڌي، مومون دل ۾ قسم کڻي چيو: ”منھنجي خلاف اها بڪواس ڪرڻ وارو دائيموجيا پاڙي وارو لوفر ڪسوڪي ڪيڏو نہ ذليل چئبو. هڪ تہ منھنجا اسي تولا چانديءَ جا اڌارا وٺي کائي ويو ۽ آخر تائين موٽائي نہ ڏنائين. پر هاڻ سندس هن بڪواس جي بدلي ۾ کانئس اهي واپس ئي وٺي رهندس چاهي مون کي هن جي ڳچي مروٽڻي پوي.“
هي اڃا هن تي خارون کائي رهيو هو تہ هڪ ٻئي چيو: ”يار مون کي تہ لڳي ٿو تہ مومون مئو ڪونهي، هو پڪ جيئرو آهي ۽ اوسان سان مزا ماڻي رهيو آهي.“
اهو ٻڌي مومون ڏڪي ويو ۽ ان ميڙ مان آهستي ٿي نڪري شھر جي هڪ مسافرخاني ۾ اچي مسواڙ تي رهيو ۽ بنا وهنجڻ جي سمھي رهيو 3 جيئن تہ اها سترهينء تاريخ هئي، هن ٻارھن ٽامي جا سڪا ڪاغذ ۾ ويڙهي هڪ فقير کي ڏنا تہ هن بدران ميڻ بتيون وٺي اها رات اوجاڳو ڪري، ۽ پوءِ هو ڪيتري دير دعا گهرندو رهيو تہ شل سندس شھر جا ماڻھو کيس نہ سڃاڻن. پر هن کي ڪھڙي خبر تہ خود پيار جو ديوتا اتاگوساما بہ هن جي خلاف ڪم ڪري رهيو هو.
ٻئي ڏينھن صبح جو شھر ڇڏڻ کان اڳ هن کي اتي جي ھڪ ٿيئٽر ۾ڊرامو ڏسڻ جي سڌ ٿي جيڪو ھن ٻڌو تہ بلڪل نئون نئون هلي رهيو آهي. ”مون کي اهو ضرور ڏسڻ کپي جيئن ان جي ڪھاڻي اوسان کي بہ ٻڌائي سگهان.“ هي ڪنڊ واري سيٽ جي ٽڪيٽ وٺي وڃي ويٺو. کيس هر وقت اهو ڊپ هو تہ متان ڪو هن کي سڃاڻي وٺي. ڊرامي جي ڪھاڻي ڪجهہ اهڙي هئي جنھن ۾ ڪنھن ماڻھوءَ جي ڌيءَ چورائجي ٿي وڃي. مومون کي ان ڳالھہ تي سندس ضمير مارڻ لڳو. پوءِ هن هيٺ اڳئين قطار ڏي ڏٺو. ڇا ڏسي تہ اوسان جو مڙس پھرين قطار ۾ ويٺو آهي، جنھن کي ڏسڻ سان ٿوري وقت لاءِ هن جو ڄڻ تہ رت ئي سڪي ويو. نرڙ تي پگهر جا ڦڙا تري آيس. هن کي ائين لڳو ڄڻ هو دوزخ مٿان لڙڪي رهيو هجي. هو هڪدم ٽپ ڏئي اٿيو ۽ ٿيئٽر کان ٻاهر نڪري آيو. اتان سڌو ‘ٽانگهو’ ڳوٺ ڏي رخ ڪيو، جتي اوسان کي ڇڏي آيو هو ۽ ڪيوٽو وري اچڻ کان هن توبنهن ڪري ڇڏي.
سڄي جپان ۾ گلن جي رت جو ميلو هو. هڪ پستا بادام وڪڻڻ وارو گهوريئڙو هوڪو ڏيندو اچي جنتريون ٺاهيندڙ (اوسان جي مڙس) جو در کڙڪايو. هن مالڪڻ اوسان جو پڇيو. پر اها اهڙي ڳالھہ هئي جنھن بابت گهر جي ڪنھن بہ نوڪر ڪجهہ ڪڇڻ نٿي چاهيو. نيٺ ڪاوڙ مان اوسان جي مڙس وراڻيس:
”هوءَ مري وئي.“
”ڪمال آھي؟!“ گهوريئڙي وراڻيو، ”مون هڪ اهڙي عورت کي ڏٺو آهي جيڪا شڪل صورت ۽ بيهڪ ۾ بلڪل هن سان ملي ٿي ۽ تر جيترو بہ فرق ناهي، ۽ هن سان گڏ جيڪو ماڻھو رهي ٿو اهو بہ هوبھو توهان جي پراڻي نوڪر مومون جهڙو آهي. هو ’ڪٽارو‘ جي ويجهو ’ٽانگهو‘ ڳوٺ ۾ رهن ٿا.“
گهوريئڙو جڏهن هليو ويو تہ اوسان جي مڙس پھرين هڪ همراھہ کي ٽيٽ وٺڻ لاءِ موڪليو تہ وڃي جانچ ڪري اچ تہ اها ڳالھہ ڪيتري قدر سچ آھي. پوءِ جڏهن هن کي پڪ ٿي تہ اوسان ۽ مومون اڃا واقعي جيئرا آهن تہ هن پنھنجا چڱا خاصا ماڻھو اوڏانھن موڪليا جي وڃي هنن کي ٻڌي وٺي آيا. هنن جيڪو ڏوھہ ڪيو هو ان لاءِ ڪابہ رحم جي گنجائش نہ هئي. ٻاويھين سيپٽمبر تي ماڻھن جي ميڙ اڳيان ٻنھي کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو ويو. سندن اها ڪھاڻي چوڌاري باھہ وانگر پکڙجي وئي. اڄ بہ اوسان جو نالو ماڻھن جي دلين تي حسن ۽ سونھن جي ياد ڏياري ٿو – جيڪا مرڻ وقت بہ دستور موجب سنھي سونهري پاتل پھراڻ ۾ حسين لڳي رھي هئي.


___________________________
1 چنڊ جي حساب سان اهو سال جپان ۾ نڀاڳو سڏيو ٿي ويو ۽ انھيء سال ڄاول عورتن لاءِ چيو ٿي ويو تہ شادي ڪرڻ بعد گهر ۾ جهيڙو ڪنديون يا پنھنجن مڙسن کي ماري ڇڏينديون. ڪتن ٻلن جو سال تہ نہ ٿئي پر هتي زيٽارو ٽوڪ طور اوسان کي چئي رهيو آهي تہ مون کي ان ڳالھين جي پرواھہ ناهي.(مترجم)

2 جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ملان لٽر جا چرچا مشھور آهن، تيئن هتي پراڻي جپان ۾ ‘مونجو’ مشھور آهي. مونجو ديوتا هڪ ڇوڪر ساڪيا موني نالي تي عاشق هو. ان ڪري مونجوء کي ‘هم جنس پرستيءَ’ جو ديوتا سڏيو وڃي ٿو. (مترجم)

3 جپان ۾ اها سڄي دنيا کان نرالي رسم اڃا تائين هلندي اچي تہ هو صبح جو وهنجڻ بدران رات جو سمھڻ مھل ضرور وهنجن. (مترجم)