الطاف شيخ ڪارنر

جپان رس

جپان جي ادبي تاريخ جي فڪري لاڙن جي پس منظر ۾ جڏهن الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب “جپان رس” ۾ شامل جپاني ڪھاڻين جي ترجمي کي پڙھجي ٿو تہ، اھي جپاني ادب جي ڏيڍ صديءَ وارن ٽن ادبي دؤرن، جيڪي حڪومتن جي تبديلين سان سڃاڻپ رکن ٿا، جو اولڙو محسوس ٿين ٿيون. هنن ڪھاڻين جي خوبصورتي ۽ مفھوم ان ڪري بہ ضربجي نہ سگهيو آھي، جو الطاف شيخ صاحب اھي سڌوسنئون جپاني ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آھن. جڏھن تہ هن هر ڪھاڻيڪار جو مختصر پر جامع تعارف ڏيئي، جتي ڪھاڻيءَ کي بامعنيٰ بڻايو آھي، اتي ڪھاڻيءَ جي دؤر کي پڻ واضح ڪيو آهي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ ۾، دؤر جي مناسبت سان پلاٽ، ڪردارنگاري، منظر نگاري، ٻولي، خيال ۽ ان جي ٽريٽمينٽ پڻ پڙھندڙ تي چٽي ٿي بيھي ٿي. ڪتاب ۾ چونڊ جپاني شاعريءَ جو ترجمو پڻ شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 81
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپان رس

پيار جو پانڌيئڙو - الطاف

ساوڻ جا ڪڪر ڏاڍا تيز ڊوڙندا آھن. هوا جي ھڪ جھوٽي سان ڪٿي جو ڪٿي پھچي ويندا آھن. پل ۾ ڇانو ۽ پل ۾ اُس جو هيءُ کيل ٿيندو تہ ڏاڍو وڻندڙ آهي، پر ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آهيانتہ آخر ڪڪرن جو ڪھڙو ڏيھہ آھي؟ ڪھڙي منزل، ڪھڙو ماڳ اٿن؟ ڪنھن جي ڳولا، ڪنھن جي ڳڻڳوت سندن وجود ۾ واسيل آھي؟ ڪٿان ايندا آھن اھي ڀُورا ناسي بادل؟ ۽ ڪيڏانھن ويندا آهن، اھي اجنبي؟

پرھہ جي پياڪن جيان
اوپرن اڌورن خوابن جيان
راتين جي رولاڪن جيان
اڪيلا - وياڪل - ويڳاڻا!
سمنڊ جي ھن پار ڪو تہ سندن ديس ھوندو.

سمنڊ جو خود اٿاھہ ‏۽ عميق آهي. جنھن جو وجود صدين کان سڪايل روحن جيان سڏڪندو پئي رهيو آھي. جنھن جون لھرون تقدير جو هر حرف مٽائڻ لاءِ آتيون آھن. جنھن جون ويرون چانڊاڻ جي مانڊاڻ خاطر آڌيءَ رات جو وار کولي ڪنارن ڏانھن ڊوڙنديون آهن.
جنھن جا ڪن مورڙئي جي مھت جا زندھہ مثال آھن ‏۽ جنھن جا ساحل مومل جي ميار ڀري نھار جي علامت آهن.
سمنڊ، متارن جو ساھہ پساهه، موکيء جي محبت جو تاج محل، وڻجارن جي زندگي ۽ ملاحن جي بندگي آهي.
سمنڊ، آسن، اميدن، امنگن ۽ اڌمن جي سرزمين آهي، جنھن ۾ آشا ۽ نراشا جا فصل اسرندا آھن. ٽھڪن ۽ چھڪن جا گوؤنچ ڦٽندا آھن. پيار ۽ نفرت جون ڪھاڻيون جنم وٺنديون آهن. وھم، وسوسن، خوف ‏۽ خود فريبي جا غوراب، بي يقيني جي ڌنڌ ۾، پاڇولن جيان تڙپندڙ لھرنجي سيني تي ترندا آھن. سڙھہ هوا جي ھوڪار آڏو سينو چيري ڇڏيندا آھن. تختا ڇولين جي ڇر ۾ وڇڙي وکڙي ويندا آھن. ناکئا انڌوڪار ۾ دور، گهڻو دور وڇڙيل ونين کي آخري بار ياد ڪندا آھن. سندن سڊول جسم ۽ آسائتين اکين کي سڪرات جي سڏڪي ۾ سموئڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ پوءِ جز ڪل ۾ شامل ٿي ويندو آھي. ڪا اوچي لھر کين پاڻيءَ جو ڪفن پھرائي ڇڏيندي آھي. ۽ پوءِ اوندھہ انڌوڪار ڇائنجي ويندو آھي. گهرو، اٿاهه، بي انت انڌيارو، جنھن تائين ونيءَ جي ٻاريل ڏيئي جي روشني ڪڏھن بہ پھچي نہ سگهندي آھي. سندن آھنُ جيان._

سمنڊ سان انسان جا سوين سڱ آھن.
پيار جا، ڌڪار جا. محبت جون ميخون آھن.
درد جا رشتا آھن ۽ شايد اھوئي سبب آھي :
جو ازل کان آدمي ساگر جو سڪايل آھي.

مَڇَ جي موجودگيءَ جو احساس بہ کيس پنھنجي جاکوڙ کان روڪي نہ سگهيو آھي.
ڪا اھڙي ڪشش آھي اونھي، گھري، نيري پاڻيءَ ۾ جا ماڻھوءَ کي سک سمھڻ نٿي ڏئي.
ماءُ جي مامتا جيان ٻئي ٻانھون ڦھلائي پاڻ ڏانھن سڏي ٿي. پاٻوھہ مان پڪاري ٿي. وڇوڙي ۾ ورلاپي ٿي.
۽ پوءِ جيئن پتنگ پچڻ جو پھہ ڪري مچ مٿان مڙندا آھن، ائين وڻجارا ھوڪاريندا، ھوڪرا ڪندا، ٿڙندا، ٿاٻڙندا، رڙھندا، رھڙجندا اونھي ۾ اوھرڻ لاءِ اچي ڳاهٽ ٿيندا آھن.
سڪ جو سڏ اونائڻ تہ ڪو ورھہ وارن کان سکي. الطاف کي مون هميشہ اونھاري جي ڪڪر وانگر پسيو آهي. وڻجاري جي روپ ۾ ڏٺو آھي.

کن ۾ آھي، کن ۾ ناھي.
پل ۾ کلائي، پل ۾ رئاڙي.

جا گهڙي ويھندو، آکاڻين جو شھر آباد ٿي ويندو. ٻئي لمحي سندس ئي سڻائل ڪھاڻين جي ڪاڪ اداس ۽ ويران نظر ايندي.
ناکئو آهي. سمنڊ سندس ساڻيھہ آهي. ان ڪري تانگھہ بہ اتان جي ئي هوندي اٿس.
ملاح آهي. موجن جو متوالو آهي. ڇَرَ ريءَ پاڻ کي ڇورو ڀائيندو آھي.

سُکاڻي آهي. پاڻي سان پريت جا پيچ اٿس. جَرَکانسواءِ جي نہ سگهندو.

سيلاني آهي. ملڪ ملڪ جو سير ڪندو آهي. ڀانت ڀانت جا ماڻھو ڏسندو آهي. من جي آئيني ۾ سندن عڪس سنڀالي رکندو آهي ۽ پوءِ جڏهن قلم کڻندو آهي، تڏهن ملاح مان مصور ٿي پوندو آهي. تخيل جي تھہ تائين ڀڄندو آهي تہ تخليق جي دنيا جو بي تاج بادشاھ بنجي ويھندو آھي. سندس سڀ ڪردار هڪ هڪ ٿي اسٽيج تي ايندا آهن. پنھنجا مڪالما دھرائيندا آهن ۽ پوءِ ايندڙ سين تائين پردن پويان هليا ويندا آهن. اهي ڪردار هر قسم جا آهن. جهاز تي ڪم ڪندڙ خلاصي، صفائي ڪندڙ جمادار، خدمتگار ڇوڪرا، بورچي، مستري، ڪناري تي رهندڙ مقامي ماڻھو، دڪاندار، وئيشائون، دلال، لوڀي، ٺوڳي، پوڙها، جوان، ٻار، جوانڙيون ۽ انيڪ ٻيا ننڍا وڏا اهڙا ڪردار جيڪي اسان کي هر روز، ھزارن جي تعداد ۾ رستي تي، بسن ۾، آفيسن ۾، سئنيما ٻاهران بازارن ۾ ملندا آهن، پر اسان پنھنجو پاڻ ۾ ايترو تہ الجهيل هوندا آهيون جو اکين هوندي بہ کين ڏسي نہ سگهندا آهيون.
الطاف ۾ مون اها خوبي ڏٺي آهي تہ جتي بہ ڪو اوپرو ماڻھو ڏٺائين، بنان هٻڪ پڇندو:
”اهو جيڪو پريان نيري سوٽ ۾ بيٺو آهي، تنھنجو نالو ڇا آهي؟“
”ڇا ڪندو آهي؟“
”ڪٿان جو آهي؟“
”ذات جو ڪير آهي؟“ وغيره وغيره.

جڏهن سموري معلومات حاصل ڪري ورتائين تڏهن وڃي پاسو وٺندو ان ماڻھوءَ جو.
باقي رھيل کھيل خبرچار وڃي وٺندو خود مالڪ کان. چند منٽن ۾ اھڙو کير کنڊ ٿي ويندا جهڙوڪر سالن جا واقف ھجن. پنھنجي بنديءَ ۾ نالو ائڊريس، فون نمبر ۽ ٻي ضروري ڄاڻ لکي محفوظ ڪري ڇڏيندو. وڏا تہ ڇڏيو پر ٻارن جا نالا بہ ياد ڪندو ويندو. سندن عمر، ڄم جي تاريخ، ڪلاس ۾ مشغلا سڀڪجهہ طوطي وانگر رٽي ڇڏيندو.
مون کي پنھنجي ٻارن جي متعلق ايتري ڄاڻ ڪانھي جيتري الطاف کي آهي. ڪٿي بہ ھوندو، فون ڪندو ۽ پڇندو:
”راجا ڪيئن آهي؟ فوٽو موڪليا هئم، مليس؟“
يا وري جيئن ڪالھہ پڇيائين:
”فون ڪھڙي ٻار کنئي هئي؟“
چيم: پنڪيء.
چيائين: جيڪا راجا کان ٿوري وڏي آھي؟
چيم: ھا.
چيائين: اڇا! مان بہ چوان تہ راجا جو آواز تہ ناھي.
ھونءَ بہ الطاف عجيب طبيعت جو سنڌي آھي، نہ سنڌين واري روايتي ڊيگھہ پٽار، نہ سستي، نہ ڪم چوري، نہ ڏيکاء بازي ‏ نہ وري ھروڀرو جي لٻاڙ. ايندو بہ طوفان وانگر ۽ ويندو بہ ڇوھي جيان. هڪ ھڪ گهڙيءَ کي مروڙي سروڙي، نچوڙي جھڙيءَ طرح الطاف ماڻيو آھي، شايد ئي ڪنھن ٻئي سنڌي اديب ائين ڪيو هجي. سمنڊ ۾، دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ ھوندو تہ ويٺو خاموشيءَ سان لکندو. جي لکينہ سگهندو تہ مواد جمع ڪندو ويندو. جي اھو بہ نہ ڪري سگهندو تہ فوٽ پاٿ تان مفت جا ڪتاب ميڙي اچي جھاز ۾ مطالعو ڪندو. اھي ڪتاب بعد ۾ ملڪ موٽڻ تي، گاڏي ڀري، ھرھڪ دوست جو در کڙڪائي، تحفي طور ورھائيندو ويندو.
ماڻھو پاڻيءَ جي جھاز جو آھي، پر رفتار ھميشھ ھوائي جھاز جي رکندو آھي. مليو نہ ملئي جھڙو. ٻہ اکر بہ پورا نہ ڳالھائيندو. پتو تڏھن پوندو جڏھن گاڏي اسٽارٽ ڪيائين ۽ اھو ٿو وڃي. وقت چوي تہ آئون بادشاهه. پر الطاف چوي تہ آئون شھنشاهه. بادشاھن ۽ شھنشاھن جي ان ويڙھاند ۾ اسان فقيرن جو ڇا؟
تڪڙ بہ ڪا تڪڙ ٿيندي آهي. ھروڀرو اھڙي تڪڙ بہ ڪھڙي ڪم جي. هيتري ٿوري عرصي ۾ ويھہ ڪتاب نہ رڳو لکيا اٿائين، پر ڇپايا بہ اٿائين. جيڪڏھن جان جو امان ملي تہ مان تہ جيڪر هينءَ چوان تہ الطاف هي واحد اھڙو ليکڪ آھي جيڪو سفر تي وڃڻ کان اڳ سفرنامون لکي وٺندو آھي ۽ پڙھندڙ ان کي ڇپجڻ کان اڳ پڙھي وٺندا آھن. سندس مقبوليت جو حال اھو آھي جو ھر عمر جا ٻار ۽ ٻڍا، عورتون ۽ مرد سندس شيدائي آھن. هيڏانھن ڪتاب آيو ناھي ۽ ھوڏانھن وڪاميو ناھي. مون کي تہ شڪ آهي تہ خود الطاف کي بہ پنھنجي مقبوليت جو پورو احساس ناھي. ورنہ هو اديباڻي وصفن کان بلڪل خالي نہ ھجي ھا.
اسان وٽ اديب ٿيڻ لاءِ جيڪي معيار مقرر آھن، الطاف انھن مان ھڪ تي بہ پورو نٿو اچي. نہ تہ هن جا وار پريشان آھن (ان جو ھڪ سبب اھو بہ ٿي سگهي ٿو تہ کيس وار آھن ئي ڪونہ تہ پريشان وري ڪٿان ٿيندا).
نہ وري ھو ڪنگلو آھي.
نہ پنھنجي شان ‏۾ ادبي گڏجاڻيون ڪرائڻ جو شوق اٿس.
نہ فوٽو ڪڍائي اخبارن ‏۾ ڇپائيندو آھي.
هڪڙو فوٽو ورديءَ وارو شروع شروع ۾ ڪمپنيءَ وارن ڪڍايو ھوس. اڃا تائين ان تي گذارو پيو ڪري.
جنھن ٻوليءَ ۾ ھڪ افسانو يا ھڪ شعر ھڪ ڊرامو لکڻ وارا اديب ھميشھ لاءِ سرٽيفڪيٽ يافتہ اديب ٿي ويندا آھن، اتي ويھہ ڪتابن جو خالق ‏۽ مالڪ محفلن ۾ ائين وڃايل گهمندو آھي، ڄڻ ڪو اجنبي آهي.
مون کي خبر آھي تہ سندس مداحن جو تعداد تمام گهڻو آھي. خاص ڪري نئينءَ ٽھيءَ جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سندس تعريف مان ڍاپندائي ڪونھن. آٽوگراف لاءِ حيران ۽ پريشان ھوندا آھن ۽ اھڙن موقعن تي الطاف دوستن کي رڻ ۾ رلائي ڪڪين جي جھرمٽ ۾ ‏ صرف ان لاءِ شامل ٿي ويندو آھي تہ ڪٿي سندن دل شڪني نہ ٿئي.
اھڙا موقعا سندس گهر واريءَ لاءِ نھايت صبر آزما ھوندا، پر مون کي اھا بہ ڄاڻ آھي تہ الطاف جي گهرو زندگي ھرقسم جي اسڪئنڊلن کان پاڪ آھي. ھڪ نھايت ئي سلڇڻي، سوڀياوان گهر واري اٿس. ٻہ گلڙن جھڙيون نياڻيون اٿس. هڪ خوبصورت سھڻو سجايل گهر اٿس، جنھن جو نالو رکيو اٿائين ”پيٽارو ھائوس“. پيٽارو سان عقيدت جو اھو عمدو مثال ان ڪري قائم ڪيو اٿس جو اتي تعليم حاصل ڪرڻ کان سواءِ شعور بہ اتان ئي مليس.
اھڙي جنت جھڙي ماحول ‏۾ اسڪئنڊل جو گذر ڪيئن ممڪن آھي. هونءَ بہ هو پنھنجا اسڪئنڊل (ٻار ٻچا) گهڻو ڪري جھاز تي ساڻ کڻي گهمندو آھي.
لکڻ سندس عادت آھي. ھروڀرو عالماڻي تحرير يا گلڪاريء واري لکڻي ڪونہ لکندو آھي. سولي سنڌي جيڪا روزمره پاڻ ۾ ڳالھائيندا آھيون، سا نھايت ئي غلط صورتخطيءَ ۾ لکي پبلشرن جي مٿي ۾ اڇلي ڇڏيندو آهي. اڳتي اھي ڄاڻن ۽ سندن ڪرم. خط لکڻ جو مڙس ماڻھو آھي. سمنڊ تہ ڇا واڳونءَ جي وات ۾ ھوندو تہ بہ خط لکڻ کان ڪونہ گسندو. فوٽو ۽ ڪئسيٽون ورهائڻ جو شوق جنون کان بہ مٿي، کنڌا کڻائڻ جي حد تائين پھچي ويو اٿس.‏
ھڪ دفعي خبر پيس تہ مان ”مڊ ايسٽ اسپتال“ ۾ داخل آهيان.‏ شام جو ٽيپ رڪارڊر ڪئسيٽون، ڪتابن جو ڍير، بسڪٽ، جام، جيلي ۽ پاڻ حاضر ٿي ويو.
چيم: هي ڇا؟
چيائين: دل بھلائڻ جو سامان.
چيم: پر مان تہ اڄ گهر ٿو وڃان.
چيائين: دل تہ گهر ۾ بہ ساڻ هوندئي نہ؟
کائڻ جي شين جا نالا ورتا اٿم تہ هتي اهو ذڪر بہ ڪندو هلان تہ الطاف بورچي ڏاڍو سٺو آھي. هر قسم جا ديسي ۽ ولائتي کاڌا ڏاڍي مھارت سان تيار ڪري وٺندو آهي. ان خوبيءَ سبب سندس رڌڻي ۾ ڪڏهن بہ رولو ڪونہ پيو آهي.
سفرناما سنڌي ادب ۾ نہ ھئڻ جي برابر آهي. ائين ڪونھي تہ سنڌي سفر گهٽ ٿا ڪن. پر ان صنف ڏانھن ڌيان تمام گهٽ ڏنو ويو آھي. ھونءَ بہ سفرنامو لکڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ ناھي. مون پنھنجي سر چڱي دنيا جھاڳي آھي. پر هر دفعي فرمائشن جي لسٽ پاڻ سان گڏ کڻي نڪرندو آهيان ۽ موٽندي پنھنجن پراون جي سامان جو بار ڪلھن تي کڻي واپس پھچندو آهيان.گهڻوئي سوچيم تہ شيڪسپيئر جي قبر تي ويھي ڪو شعر لکان يا آئيفل ٽاور تي چڙھي ڪو افسانو لکان يا وري جينيوا جي جوانڙين تي ڪو ڊرامو لکان. ٻيو ڪجهہ نہ تہ ٺھيو ڀلا روانگي ۽ موٽ جو اکين ڏٺو احوال ئي کڻي لکان پر ٻاھر وڃڻ کان پوءِ تہ گهر خط لکڻ لاءِ بہ دل گهرجي. اھي الطاف جا جگر جو ذري پرزي جو احوال لکي وڃي ٿو مٿي چڙھي. ۽ احوال بہ اھڙو جو ڄڻ تہ ماڻھو خود اتي موجود آھي. پھريون تہ پس منظر بيان ڪندو. پوءِ ڪردارن سان واقفيت ڪرائيندو ۽ پوءِ ڪھاڻي ٻڌائيندو. پر ائين جو ڄڻ تہ ڪنھن ٻار کي ھٿ کان جهلي ھلڻ سيکاريندو ھجي. رستي ۾ آکاڻيون، ٽوٽڪا، چرچا، چوڻيون، پھاڪا ۽ واقعا بہ ٻڌائيندو ھلندو. کلندو بہ هلندو. کلائيندو بہ ھلندو. تان جو سفر پورو ٿي ويندو. خبر ئي نہ پوندي تہ ڪتاب جي پڄاڻي ڪيئن ٿي. ھڪ اڃ رھجي ويندي تہ جيڪر اڃا بہ ڪجهہ وڌيڪ ھجي ھا.
ايتري سھڻي پيرائي ۾ ايتري ساري معلومات ڏيڻ صرف الطاف جو ئي فن آھي. هو نہ تہ لفظن جو پارک آهي نہ جملن جو جوھري.نہ ڊکاڻڪي ڄاڻي نہ لوھارڪي. سنئين راند سونٽي جي. کٽيون مٺيون ڳالھيون جيئن من ۾ اينديون ويندس، ائين ئي ٻڌائيندو ويندو. ھڪ ڳالھہ جيڪا مون محسوس ڪئي آهي ۽ شايد ٻين بہ محسوس ڪئي ھجي، سا هيءَ تہ ذاتي زندگيءَ ۾ هو ايترو تہ حجاب وارو ۽ لڄارو آھي جو اھي سموريون ڳالھيون جيڪي هو لکي وڃي ٿو، سي جيڪر پنھنجي زبان سان چئي نہ سگهي. ڌيئن جھڙو پٽ آھي، ۽ ڌيئون بہ اھڙيون جن کي ست ڪوٽ وڪوڙيل ھجن.
بھرحال، هن جي خوشبختي اھا آھي جو هن کي لکڻ لاءِ ماحول اڳواٽ ئي مليل آهي. ويڪرو، ڪشادو، اونھو ۽ پراسرار سمنڊ ان جي سيني تي هلندڙ ھزارين ٽن وزني جھاز ۽ جھاز ۾ سوار خلاصي ان کان پوءِ ڏورانھن ڏينھن جا ڪنارا. ڪناري تي مکين جيان مڙيل لانچون، ٽرالر ۽ ڌارين ملڪن جا جھاز، انھن جو عملو ‏۽ آخر ۾ خود پرڏيھہ جا بندر ۽ بازاريون.
ان پس منظر کي سامھون رکي هو لکندو رھي ٿو. ٻئي ليکڪ کي هر وار جيڪر پنھنجو ماحول پيدا ڪرڻو پوي. پڙھندڙن کي هر دفعي پنھنجي اعتماد ‏۾ وٺڻو پوي. ۽ ڪنھن بہ ليکڪ لاءِ اھا ڪا آسان ڳالھہ ناھي.
ڇا بہ ھجي، الطاف سان انصاف ڪرڻ خاطر هن جي صلاحيتن کي مڃڻو ئي پوندو.
هن اڪيلي سر سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي نہ صرف کوٽ پوري کئي آهي پر اوچو ڳاٽ ڪرڻ جي ھمت پڻ ڏني آھي. الطاف جي لکڻين مان ھڪ ٻي خوبي جا پڙھندڙ کي خوشبو جيان ڀاسي ٿي سا آهي سندس سنڌ ‏۽ سنڌ واسين لاءِ پيار. ۽ انھن سنڌين لاءِ اڪير جي ڪنھن نہ ڪنھن سبب وطن کان دور پرڏيھہ ۾ آباد آهن. مون ان ڳالھہ کي شدت سان محسوس ڪيو آھي تہ الطاف جنھن بہ ملڪ ۾ ويو آهي، اتي ڳولي ڦولي ”پنھنجا“ ھٿ ضرور ڪيا اٿس. انھن سان ڪچھريون ڪيون اٿس. حال اوريا اٿس. خيالن جي ڏي وٺ ڪئي اٿس.
اھڙيء طرح هو ديس وارن ۾ ديس کان دور آباد سنڌين جي وچ ۾ ھڪ اهم تعلق بنجي پيو آھي. سريلنڪا ھجي يا سنگاپور، هانگ ڪانگ هجي يا هوائي، لنڊن ھجي يا ٽوڪيو، هو هر ھنڌ پنھنجا جھانگيئڙا ڳوليندو نظر ايندو.
ھو ماضيءَ ۽ مستقبل جي وچ ۾ هڪ مضبوط ڏور آھي. هو آٿت ۽ دلداريءَ جي علامت آھي. هن جو تاريخ ۾ نہ رڳو ڀروسو آھي بلڪ ايمان آھي.‏ هو رشتن جو راءِ ڏياچ آھي. ھن کي ڄاڻ آھي ته’بڻ‘ (Roots) وقت، زمين ۽ حالتن جا محتاج نہ هوندا آھن. انھن کي ڳولي لھجي. کين هن گوڙ گهمسان ۽ پيھہ واري زماني ‏۾ وڃائجڻ نہ ڏجي.
الطاف کي جپاني قوم ڏاڍو متاثر ڪيو ٿو ڏسجي. منھنجي گهر ۾ سندس ھٿ جي جوڙيل ھڪ تصوير آهي جنھن ۾ ھڪ جپاني ڇوڪري چٽيل آھي. ھيءُ ڪتاب پڻ جپان متعلق آهي. هن کان اڳ ٻہ ڪتاب ساڳي ئي ملڪ تي ڇپائي چڪو آھي.
جپانين جي سادگي، اورچائي، محبت ۽ خلوص الطاف جي دل ۾ گهر ڪري وئي آهي. ھو چاھي ٿو تہ سنڌي قوم پڻ اھي وصفون پيدا ڪري تہ جيئن پنھنجي لاءِ ٻيھر ڪو بھتر مقام پيدا ڪري سگهي.
ٿوري ئي عرصي ۾ جپاني ٻوليءَ تي ايڏو عبور ۽ جپاني ادب جي ايتري ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ الطاف کي چڱي جاکوڙ ڪرڻي پئي ھوندي.
ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون، انھن تي ڏنل راءِ، تاريخون، سن ۽ تبصرا سندس اونھي اڀياس جي ساک هڪ طرف ڏين ٿا ۽ سندس پيار جي پورھڻي جي شاھدي ٻئي طرف ڏين ٿا.

ان کان سواءِ جپاني ادب سان روشناس ڪرائي ھن سنڌي ادب ۾ ھڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آھي. اميد تہ ايندڙ ۽ اڀرندڙ ليکڪ ان محنت کي اجايو وڃڻ نہ ڏيندا. ۽ ھاڻي، جڏھن منھنجي فلائيٽ جو ٽائيم ٿي ويو آهي. ايئرپورٽ پھچڻو اٿم. سامان سنڀاليان ٿو. ڪٿي فرمائشن جي لسٽ وسري تہ نہ وئي اٿم.
۽ مھيني ڏيڍ کان پوءِ جڏھن مان واپس ورندس تڏھن ڪنھن سفرنامي بجاءِ، ھميشھ جيان سامان مان ٻارن جا ڪپڙا، رانديڪا ۽ ڪاسميٽڪس نڪرندا. ڪاش مان هي پنھنجو سفر بہ الطاف کي ڏئي سگهان ھا. سنڌي ٻوليءَ کي ھڪ وڌيڪ ڪتاب ملي پوي ھا.

قمر شھباز
21جولاءِ 1982ع
ڪراچي

(دل جي آپريشن Heart Surgery لاءِ لنڊن روانو ٿيڻ کان ٿوري دير اڳ ڪراچي مان لکيل).