شي گا - نا اويا - جپاني ناول نويس
شي گا نا اويا - جپاني ادب جي ماڊرن دور جو تمام اھم ۽ مشھور ليکڪ ٿي گذريو آھي. پاڻ 1883ع ۾ ڄائو (جيڪو خليل جبران جو پڻ ساڳيو سن ولادت آھي.) 1906ع ۾ انگريزي ادب لاءِ ٽوڪيو امپيريل يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ۽ ھن ئي عمر ۾ ليکڪ ٿيڻ جو پڪو پھہ ڪيائين. ارواسا، اباشيري مادي، ھايائو نو اموتو، اراگينو سندس شروعاتي آکاڻيون آھن. 1908ع ۾ پڙھڻ ڇڏي هن ھڪ ادبي رسالو شِي راڪابا شروع ڪيو. 1949ع ۾ کيس”ڪلچرل ميڊل“ انعام طور مليو. 1971ع ۾ وفات ڪيائين.
اسان وٽ سنڌ ۾ ڏٺو وڃي تہ ھوتچند گربخشاڻي سندس ھمعصر ۽ هم عمر هو جو 1884ع ۾ ڄائو. ڊاڪٽر گريخشاڻي لنڊن مان ”انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف“ جي موضوع تي ڊاڪٽوريٽ ڪئي. ”شاھہ جو رسالو“، ”لنواريء جا لال“ ۽ ”نورجهان“ سندس لکيل ڪتاب آھن. ’نورجهان‘ سندس پھرين تصنيف آهي جيڪا 1915ع ۾ ڇپي ۽ ان ئي سال جي لڳ ڀڳ يعني 1913ع ۾ مٿئين جپاني ناول نويس شي گانا اويا ھڪ مشھور ليک: ”حان نو هانزائي“لکيو جيڪو هتي پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڏجي ٿو.
مرزا قليچ بيگ مرحوم جي وفات وقت (1929ع) ۾ مٿيون جپاني اديب شي گا 47 سالن کن جو ٿيندو. ڀيرومل مھرچند آڏواڻي (1953ع - 1876ع)، حڪيم فتح محمد (1942ع - 1882ع)، پرمانند ميوارام (1938ع - 1856ع)، مولانا دين محمد وفائي (ولادت 1893ع)، مخدوم محمد صالح ڀٽي (1953ع - 1887ع)، محمد صديق مسافر (1961ع - 1879ع) خانبھادر محمد صديق ميمڻ (1958ع - 1890ع) پڻ ساڳي ان دور جا آھن، جنھن جو شي گا آھي.
شاعرن ۾ مير عبدالحسين سانگي (1924ع - 1851ع) ۽ شمش الدين بلبل (1919ع - 1857ع) شي گا جا همعصر چئي سگهجن ٿا. سانگي مرحوم جو ھڪ بيت جيڪو ھن وقت ياد اچي رهيو آھي.
”جو اکين سان نہ ڏٺو ڪنھن، سو ڏسون ٿا يارو،
جو ڪنن سان نہ ٻڌو ڪنھن، سو ٻڌون ٿا يارو“
|ن کان علاوہ سانگي جي هڪ ٻئي شعر جي هيءَ سٽ اڄ جا پوڙھا تہ وساري نہ سگهندا، جن جوانيءَ ۾ پڪ جهونگاري ھوندي.
”ادا ڙي اسين آهيون عاشق مزاج.“