الطاف شيخ ڪارنر

جپان رس

جپان جي ادبي تاريخ جي فڪري لاڙن جي پس منظر ۾ جڏهن الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب “جپان رس” ۾ شامل جپاني ڪھاڻين جي ترجمي کي پڙھجي ٿو تہ، اھي جپاني ادب جي ڏيڍ صديءَ وارن ٽن ادبي دؤرن، جيڪي حڪومتن جي تبديلين سان سڃاڻپ رکن ٿا، جو اولڙو محسوس ٿين ٿيون. هنن ڪھاڻين جي خوبصورتي ۽ مفھوم ان ڪري بہ ضربجي نہ سگهيو آھي، جو الطاف شيخ صاحب اھي سڌوسنئون جپاني ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آھن. جڏھن تہ هن هر ڪھاڻيڪار جو مختصر پر جامع تعارف ڏيئي، جتي ڪھاڻيءَ کي بامعنيٰ بڻايو آھي، اتي ڪھاڻيءَ جي دؤر کي پڻ واضح ڪيو آهي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ ۾، دؤر جي مناسبت سان پلاٽ، ڪردارنگاري، منظر نگاري، ٻولي، خيال ۽ ان جي ٽريٽمينٽ پڻ پڙھندڙ تي چٽي ٿي بيھي ٿي. ڪتاب ۾ چونڊ جپاني شاعريءَ جو ترجمو پڻ شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 81
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپان رس

دلبر پنھنجي ڀاڳ جي دري پوري اٿئي

جپاني ڪھاڻيءَ: ”ناروتو جو ڪئپٽن“ (جپاني نالو: ناروتو چوجو مونو گاتاري) جيڪا تيرھين صديءَ جي آخر ڌاري لکي وئي ۽ ھڪ سچي ڳالھہ آهي، ان وقت جي شھنشاھہ گوساگا جي درٻار جي صحيح تصوير پيش ڪري ٿي، جنھن 1242ع کان وٺي 1246ع تائين راڄ ڪيو، شھنشاهه، وڏيري، شھزادي، راڄ ڌڻيءَ جو ڪيتري قدر چيو مڃيو وڃي، جيئن ڪھاڻيءَ جي ليکڪ آخر ۾ پنھنجو فلسفو ھنيو آھي، پر اڄ جو پڙھندڙ ان دور جي درٻار جي اھا حالت ڏسي ضرور ٽوڪ طور کلندو. ٿي سگهي ٿو اسان ان ڪھاڻيءَ تان ايترو تعجب نہ کائون جيترو ٻين ملڪن جا ماڻھو. ڇو جو اسان جو ننڍو کنڊ بہ ڪنھن دور ۾ ۽ ٿورو گهڻو ھينئر بہ وڏيرن، پيرن، چوڌرين، مرشدن، ساونتن جي چنبي ۾ جڪڙيل آهي، جيئن تڏھن جو جپان شھنشاھن، جاگيردارن زميندارن ۽ حاڪمن جي هٿ ۾ ھو. اسان وٽ سنڌ ۾ بہ ان ظلم جي ٿوري گهڻي جهلڪ اڃا بہ نظر اچي ٿي. ان جو سبب گهٽ تعليم، ھيڻائيء ڪري غريب ماڻھن جي مجبوري، ماحول جي اھڙي پنجوڙ يا جوڙجڪ جو ڪو غيرتمند اڪيلي سر ڪجهہ نٿو ڪري سگهي. جيئن ھن ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ سمجهاڻي ڏني وئي آھي تہ حاڪم رعيت لاءِ ائين آھي، جيئن پاڻي مڇين لاءِ. ھتي حاڪم کي جيئن وڻي تيئن ڪندو رھي تہ ان لاءِ ھر ڳالھہ روا آهي. اھڙيءَ طرح اسان وٽ پڻ ڪيتريون ايجنسيون: خليفن، ڪمدارن، چمچن جي روپ ۾ ملنديون جي ڏھڪاء پيدا ڪرڻ ۽ وسوڙيل عوام کي سنئين راھہ تي ھلڻ بدران اھا راھہ ٻڌائيندا جنھن ۾ سندن ۽ سندن آقائن جو فائدو ھجي:
”بابا سيد جي ھٿ ۾ ٻنھي جهانن جي ڪنجي آهي. پير جو چيو ڪو موٽائبو ناھي. وڏيري جي ڳالھہ ڪا ٽاربي ڇا.“ ان قسم جون تفصيلي ڪھاڻيون ۽ حقيقتون ۽ ڪردار ھلال پاڪستان اخبار جي ڪالم ”ٺڳيءَ جا ٺاهه“ ۾، ڪيترن سڄاڻ اديبن جي افسانن ۾ – خاص ڪري طارق اشرف، نورالھديٰ شاهه، عثمان ڏيپلائي، عبدالقادر جوڻيجو، ماھتاب محبوب وغيره ۽ مرحوم حسام الدين راشدي جي ڪتاب: ”ھو ڏوٿي هو ڏينھن“ ۽ ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ڪتاب: ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ چٽي طرح ملندا.
ڪيترن پڙھندڙن لاءِ اها ڳالھہ بہ تعجب خيز نظر لڳندي تہ ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ شھنشاھہ وقت جي حاڪم جو رعيت جي ھڪ عام ماڻھوءَ تي ائين ڇڪن ٿي پوڻ، جو ڪيڏانھن وئي فوٽ بال مئچ ڪيڏانھن ويا ٻيا حڪومتي ڪاروبار. ڏينھن رات محبوب جي تات ايتري جو سيڪريٽريءَ کان وٺي حويليءَ جي ٻانھين تائين سڀني کي سندس ان اندر جي باھہ جي خبر. پر اھا ڪا نئين ڳالھہ ناھي. اھڙا ڪيترائي قصا دنيا جي تاريخ ۾ ملندا. مصر جي شھنشاھہ فاروق جي زندگيءَ جي ڪھاڻيءَ ۾ آھي تہ ھو رات جو ويس مٽائي لڪ چوريءَ ھڪ ڇوڪريءَ جي گهر کان وڃي نڪرندو هو جنھن سان هن جي نظر اٽڪي هئي. فاروق ھن سان پنھنجي عشق جي ڳالھہ ٿي ڪئي تہ هن ڪاوڙ مان دريءَ جا طاق کڻي زور سان بند ڪيا. فاروق جو تہ اندر ئي سڙي ويو پر پوءِ مرڪي چيائين: ”دلبر پنھنجي ڀاڳ جي دري پوري اٿئي. توکي ڪھڙي خبر تہ تنھنجي پيار جو سائل ھڪ عام ماڻھو نہ پر وقت جو حاڪم آهي جيڪو توکي ڍائي ڇڏي ھا.“1
ھيءَ ڪھاڻي ترجمو ڪندي ھڪ ٻي ڳالھہ ڌيان ۾ آئي تہ ھن ۾ خط و ڪتابت ۾ دل جي ڳالھہ اڻ سڌن اشارن/ ڳجهارتن/ شعرن جي سٽن ۾ ڪيل آھي. تعجب جي ڳالھہ آھي تہ اھو طريقو نہ فقط جپان ۾ پر ھتي اسان وٽ ھند سنڌ – سڄي ننڍي کنڊ ۾ عام آهي. اڄ بہ ڪولمبو جي سامونڊي ڪناري تي سلوني ڇوڪرو ڪاغذ ڀور مان جهاز ٺاھي ان تي ڪنھن عشقيه شعر جي سٽ لکي سامھون پنھنجي ساھيڙيءَ ڏي اڇلي ٿو جيڪا ٻين ٻن ٽن ڇوڪرين جي جهنڊ ۾ انناس ويٺي کائي. ھوءَ اھو نياپو پڙھي اکين ئي اکين ۾ جواب ٿي ڏئي. سنڌ جي ڳوٺ جو جوان نوائي رات جو يا ٽاڪ منجهند جو وڻ ھيٺان ويھي بانسري يا چنگ تي ڪو راڳ ٿو آلاپي جيڪا سندس محبوبا گهر ويٺي ٻڌي تڙپي ٿي. ڪشمير يا سرحد جي ڇوڪري پنھنجي عاشق کي ھٿ پير ھڻڻ ۽ پنھنجي مجبوريءَ کان آگاھہ ڪرڻ لاءِ مروٽيل گل موڪلي ٿي ۽ ھو سندس پيغام سمجهي وڃي ٿو. ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي بي ايس سي آنرز جي ڇوڪري ليڪچر دوران سامھون ويٺل سندس ڪلاس ميٽ کي اک ڀڃي پنھنجي آڱر نڪ تي ھڻندي رھي ٿي، غيرت ڏيارڻ لاءِ تہ جي نڪ اٿئي تہ اٿي ڪا مڙسي ڪر ۽ سنڱ لاءِ اڄ ئي مائٽن کي اسان جي گهر موڪل نہ تہ آئون ڪنھن ٻئي خنڊڪر، بسواس، چئٽرجي يا مڪرجي جي ٿيو ٿي وڃانءِ ... وغيره وغيره. سو ھزارين ميل پري جپان ۾ بہ اھو نمونو نہ فقط ھو پر اڄ بہ ڪجهہ ڪجهہ ھلندو اچي. ياماشيتا پارڪ جي ٻيءَ ڪنڊ کان جپاني ڇوڪري پنھنجي رٺل عاشق کي ھٿ ٻڌي اشارو ڪندي تہ اچ ۽ ھو انڪار لاءِ اونڌو آڱوٺو ڪري اشارو ڏيندس يا کاڌل سنگ جو ڏوڏو گند جي ٽوڪري ۾ زور سان اڇلي کيس اندر جي چڙ/ نفرت کان آگاھہ ڪندس. جپاني ڇوڪري اڄڪلھہ آمريڪن ۽ يورپين وانگر جيتوڻيڪ ڊيٽنگ ڪري ٿي پر مشرقي حيا، شرم ۽ گهٽ ڳالھائڻ اڃا اٿس. پھرين ئي Dating ۾ ئي گهڻو ڪري ڇوڪري اڳيان ويھي چوندي، ”ھميشھ لاءِ“ يعني آءٌ ھلي آئي آھيان ساجن تو وٽ رھڻ لاءِ ھميشھ لاءِ. اھڙو نمونو يا ڳالھہ سندس Counter Part آمريڪن يورپي (مغربي)، ڊئنمارڪ ناروي جي ڇوڪري سوچي بہ نٿي سگهي. بلڪ فضول ٿي سمجهي. جپان سائنسي ترقيءَ ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي برابري ڪري ٿو پر عشق محبت، نياپن پيغامن، محبوب سان ملڻ، پيار جتائڻ ۾ سندس حال اسان جي ننڍي کنڊ جهڙو آهي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون وتنديون عشقيه شعرن جون سٽون ياد ڪنديون ۽ رومالن ۽ پنن تي لکي پوسٽ ڪنديون. پيار محبت وارن فلمي نظارن جا ڄملا ۽ ڊائلاگ ياد ڪنديون. اڃا اڄڪلھہ جتي ڪٿي اھو نمونو گهٽبو وڃي پر اڳ۾ تہ، خاص ڪري جپان توڙي ھندستان۾ تہ ڏاڍو ھو. ان جا مثال ڪيترن ئي پراڻين جپاني ڪھاڻين ۽ ڪتابن۾ ملن ٿا.
ھڪ ٻہ اھڙا مثال جپان بابت، جيڪي ھن وقت ڌيان ۾ اچي رھيا آھن:
ھڪ جاگيردار پنھنجي جائداد تي شڪار لاءِ ويو. سندس جائداد ۾ شامل ھڪ ڳوٺ ۾ ٻہ سھڻيون ڇوڪريون رھنديون ھيون. سندن گهر جي اڳيان ڏنل لوڙھو لنگهندي سندس نگاھہ ھنن تي پئجي وئي ۽ ھمراھہ کي ساڻن ميلاپ جو شوق ٿيو. ھاڻ ھنن سان پنھنجي دل جي ڳالھہ ڪيئن ڪري. يڪدم پنھنجي گوڏ جي ڪنڊ مان ڪپڙي ٽڪر ڦاڙي ان تي ھي شعر لکي کين اڇلي ڏنو:
ڪاسوگانو
واڪا مورا ساڪي نو
سوري گورو مو
شينو نوميداري
ڪاگيري شيرا ريزو
مٿئين شعر جي معني لکڻ کان اڳ هن ڳالھہ جي وضاحت ڪندس تہ مٿئين شعر ۾ آيل لفظ ’ڪاسوگا‘ ھڪ ڳوٺ جو نالو آهي (جيڪو لڳي ٿو تہ اڄ جي نارا شھر ڀرسان ھو.) ھيءَ ڳالھہ نائين صديءَ جي آھي ان زماني ۾ ڪپڙي تي ڇر ۽ ڇپائي وڻن جي پنن ۽ گلن کي مھٽي ڪئي ويندي ھئي ۽ اھا باقاعدي ڊزائين يا نموني ۾ نہ ٿيندي ھئي. ائين ئي انگڙ ونگڙ ڪم ھوندو ھو. ڪٿي ڪھڙو گل تہ ڪٿي ڪھڙو پن، ڪٿي رنگ تکو تہ ڪٿي ھلڪو ۽ انھيء ڇر ۽ ڇپائيءَ جي ڪم کان مٿيون ڪاسوگا ڳوٺ ائين مشھور ھو جيئن اجرڪن کان نصرپور ۽ ھالا. ھتي ان ڇر جو ذڪر بيت ۾ آھي:

”جيئن ھن ڪپڙي تي انگڙ ونگڙ نمونو آهي
جيڪو وانڱڻائي رنگ ۾،
ڪاسوگا ڳوٺ ۾ ڇريو ويو آهي
ان کان بہ وڌيڪ ڦڏي سڏي حالت ۾،
توکي ڏسڻ بعد منھنجي دل جي ٿي پئي آ.“

ھڪ دفعي ھڪ ھمراھہ ڪم سانگي شھر ڇڏي ھڪ ڳوٺ موساشي وڃي رھيو جتان پنھنجي شھري محبوبا کي لکيو:
”جيڪڏهن آءٌ توکي کليو کلايو لکندس تہ مون کي پشيماني ٿيندي ۽ جيڪڏهن نہ تہ پوءِ پاڻ کي بدنصيب سمجهندس.“
يعني ھمراھہ جي موساشي ڳوٺ ۾ پھچي اتي جي ھڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ سان دل لڳي وئي آھي. پر جيئن تہ شھري محبوبا سان سندس پراڻو ناتو آهي سو ھو ان راز کي لڪائڻ نٿو گهري. ڇو جو ھو محسوس ٿو ڪري تہ اھا ڳالھہ لڪائڻ سان سندس پراڻي محبوبا جي وچ ۾ پنھنجائپ ختم ٿي ويندي. خط جي ٻاھران اشاري ۾ ھن فقط ھي جملو لکيو: “موساشيء ۾ لڙڪيل” يعني سندس دل ان ڳوٺ موساشيء ۾ اٽڪي/ لڙڪي پئي آھي. ان خط کان پوءِ ھو ماٺ ڪري ويھي رهيو ۽ پراڻي شھري محبوبا ڏي نہ خط پٽ لکيائين ۽ نہ ڪو نياپو مڪائين. آخرڪار ڪيترن ڏينھن بعد سندس شھري محبوبا ھن ڏي ڇڙو ھي شعر لکي موڪليو:

”سڀڪجهہ ڄاڻندي بہ توکي چاھيان ٿي،
منھنجو توھان ڀروسو اڃا ڀڳو ناھي،
جيتوڻيڪ تنھنجي ماٺ مون لاءِ مصيبت آ،
پر مون کي اھا ڳالھہ بہ تہ نہ وڻندي،
تہ تون منھنجي خبرچار معلوم ڪر.“

آخري سٽن مان سندس محبوبا جي اھا مراد آهي تہ جيتوڻيڪ تنھنجي ماٺ مون کي جهوري رهي آهي تہ تون مون کي وساري ڇڏيو آهي ۽ اھو بہ ڄاڻان ٿي تہ نئين ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ تنھنجي من تي اھڙو تہ واسو ڪيو آهي جو ھن جي پيچ ۾ تون قابو ٿي ويو آهين. ۽ ھاڻ جي تون کڻي منھنجي خبرچار پڇڻ لاءِ ٻہ اکر لکندين تہ بہ اھا ھڪ قسم جي منافقي ٿيندي ۽ آءٌ سمجهي وينديس تہ توکي ھاڻ مون لاءِ پيار نہ رھيو بس ائين مون کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي رھيو آھين.
مڙس سندس ان شعر جي جواب ۾ کيس لکي ٿو:

”جيڪڏهن لکندس تہ تون ڪاوڙ ڪندينءَ،
جيڪڏهن نہ ، تہ تون نفرت ڪندينءَ،
ھي اھي ئي زندگيءَ جون گهڙيون آهن،
جڏھن مرد زندھہ مريو ٿا وڃن، دلين جي ٽٽڻ ڪري.“

مٿيون مثال مشھور جپاني ڪتاب: ”اي سي مونو گاتاري ( اي سي جون ڪھاڻيون)“ تان کنيل آهي، جيڪو ناري ھيرا شاعر (880ع - 820ع) جو لکيل آهي.
ان کان بہ پراڻي دور جا ٻہ ٻيا عشقيه ڊائلاگ – شعرن جي روپ ۾. ھي اٺين صديءَ جي ھڪ جپاني ڪتاب: ”مان يو شو“ معني ”ڏھہ ھزار پنن جي چونڊ“ تان کنيل آهي. منجهس پورا ڏھہ ھزار بيت تہ نہ آھن پر چار ھزار پنج سؤ ضرور آھن. نموني خاطر ٻہ کن شعر آزاد سنڌي ترجمي ۾ ھيٺ ڏجن ٿا. پھريون شعر تہ:
”پيرين ڌريان پنبڻيون ھنڌ وڇايان وار.“
وارو مفهوم پيش ڪري ٿو. ڇوڪري ٿي چوي:
”جيڪڏهن مون کي اڳ خبر پئي ھا تہ منھنجو ساجن ٿو اچي، تہ پنھنجي باغ ۾، جيڪو ھن وقت گاھہ سان ڀريو پيو آهي، ان ۾ جيڪر قدم قدم تي موتي پوئي ڇڏيان ھا.“

جواب ۾ جپاني ڇوڪرو وراڻيس ٿو:

”مون کي ان گهر ۾ ڪھڙي راحت
جنھن ۾ ڀلي ھيرن جا ھار ھجن،
اھا جهوپڙي جنھن ۾ ڀلي کڻي جهنگلي گاھہ ھجي،
ڇو جو منجهس تون موجود آھين.“

ان ئي قسم جو ھڪ ٻيو ڊائلاگ وارو شعر:

”جيئن تہ مون طاق بند ڪري ڇڏيا آهن.
۽ در کي ڪلف بہ لڳائي ڇڏيو آھن.
تون، منھنجا محبوب، ڪٿان اندر اچي،
مون سان خوابن ۾ ملندين؟“

تہ جواب ۾ محبوب لکيس ٿو:

”جيتوڻيڪ تون طاق بند ڪري ڇڏيا آهن،
۽ در کي ڪلف بہ ھڻي ڇڏيو آھي،
ان ھوندي بہ تنھنجي خوابن ۾ ھليو ايندس،
ان ڏرڙ مان لنگهي جيڪو چور ٺاھي ويا آهن.“

ڪتاب Farooq Uncensored تان ورتل