ڪوئي جا ڪم
پر ھڪ سال ائين ٿيو جو ڊسمبر جي تيرهن تاريخ هو ٻين ڪمن ۾ اھڙو تہ رڌل رهيو جو گهر جي صفائي ان ڏينھن ڪرڻ بدران سال جي آخري شام جو ڪرڻ چاهي، جڏھن ھو ايندڙ سال جي خوشيءَ ۾ ماڻھن جي وھنجڻ لاءِ گرم پاڻيءَ جو حوض پڻ ٺاھيندو هو. هن موقعي تي هو سڄي سال جو گڏ ڪيل ڪن ڪچرو، ڪک پن ۽ ڌاڳا کوندا سڀ کڻي وڏي چلھہ ۾ وجھندو هو جنھن جي باھہ پاڻيءَ کي گرم ڪندي ھئي. ان معاملي ۾ هو ايتروتہ ڪنجوس هو جو ڪا ذري پرزي شيءَ کي بہ اجايو وڃائڻ نہ ڏيندو ھو.
هن جي پوڙھي ماءُ بہ هن سان گڏ ساڳي گهر ۾ ڌار ڪنڊ واري ڪمري ۾ رھندي ھئي. ظاھر آهي تہ اھڙي ڪنجوس جي ماءُ جنھن کيس ڄڻيو، هن کان بہ ٻہ رتيون وڌيڪ پڪائي ۽ سوس واري هئي ۽ سال جي اھڙي موقعي تي باھہ کي وڌيڪ کاڌ خوراڪ ڏيڻ لاءِ جھڙو پنھنجو ڇنل ۽ اڊڙيل جوراب ان ۾ وجھي رھي هئي تہ کيس امالڪ سندس ماضي اکين اڳيان تري آيو: ”جورابن جو جوڙو جنھن جو ھي ھڪ پيرهينئر باھہ ۾ وڌو اٿم، مون کي شاديءَ تي مليو ھو جڏھن آئون اڃا ارڙھن سالن جي هيس. ان ڏينھن کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اھي پاتم. چاھي جھڙ ڦڙي ھجي يا ڳڙو برفباري. جيتوڻيڪ انھن جا گيٽر ۽ رٻڙ ڇڄي ويا، پر ٽوپو ٽڙو ڪري مون ٽيونجاھہ سال هلايا. مون تہ سمجهيو پئي تہ مرڻ گهڙيء تائين انھن کي ھلائينديس پر افسوس جو انھن مان ھڪ کي ان ڏينھن گهٽيءَ جو ھڪ رول ڪتو کڻي وٺي ڀڳو. سو لاچار ھاڻ ھن ٻئي کي باھہ ۾ وجھي ساڙڻو پوندم.“
اھڙيءَ طرح دانھون ۽ ڏوراپا ڏيندي باقي بچيل جوراب کي جھڙو باھہ ۾ اڇلائڻ واري ھئي تہ کيس وري ڪا ڳالھہ ياد اچي وئي ۽ وري شروع ٿي وئي.”وقت بہ ڪيئن تکو ٿو گذري _ بلڪل تير وانگر“ ھن چيو، ”سڀاڻي ان کي پورو ھڪ سال وڃي ٿيندو ۽ ان جي ياد مون ڏکويل کي وڌيڪ ڏک ڏيندي.“
سندن پاڙي ۾ رھندڙ هڪ ڊاڪٽر ان وقت ان حوض ۾ وھنجي رهيو هو. ”چڱو هاڻ پنھنجن ڏکن جا داستان بند بہ ڪر.“ ڊاڪٽر هن کي دانھن ڪري چيو، ”سڀاڻي کان نئون سال پيو شروع ٿئي ۽ اھو ھڪ خوشيءَ جو موقعو آھي، پر اھو تہ ٻڌاءِ تہ تنھنجو ڪھڙو مٽ مائٽ مئو آھي جنھن جي ورسي سڀاڻ ملھائيندينء؟“
”آءٌ سمجهہ تہ ڪا چري پوڙھي مائي آھيان،“ ھن وراڻيو، ”جو جڏھن ڪو مٽ مائٽ مري ويندو اٿم تہ ان لاءِ ڪو ڏک نہ ڪندي آھيان - انسانن کي تہ ھڪ ڏينھن هونءَ ئي ھن جھان مان ھلڻو آھي. باقي ڪھڙيءَ ڳالھہ مون کي ڏک پھچايو آھي، اھا ھيءَ آھي: گذريل سال هن ڏينھن تي ساڪائي شھر مان منھنجي ڀيڻ نئين سال جي موقعي تي مون وٽ گهمڻ آئي ۽ تحفي طور ڪجهہ پئسا بہ ڏئي وئي. آءٌ ايڏي تہ خوش ٿيس جو خوشيءَ وچان اهي پئسا سامھون جاري تي رکيل ديوتا جي آڏو نذراني طور کڻي رکيم. پر ان ئي رات اھي چوري ٿي ويا. پڪ سان ڪنھن ٻاهرين ماڻھوءَ تہ اھي کنيا نہ ھوندا. مون پھرين ان ئي ديوتا اڳيان پڪاريو، ان بعد ھن وٽ ٻاڪاريو، پر جڏھن ڪجهہ بہ نہ وريو تہ پوءِ دائري ڪڍڻ واري ’ياما بوشي‘ (جابلو ٻائي) وٽ هلي ويس.
”جنھن ھڪ دلي مٿان پنا لڙڪائي سامھون بتي ٻاري چيو تہ منتر ٿو پڙھان.جيڪڏھن پنا لڏيا ۽ بتي وسامي وئي تہ پوءِ ستن ڏينھن اندر تو کي پئسا ملي ويندا. ھن جي يڪ ٽڪ جادوءَ جي ڪھڙي ڳالھہ ڪريان جھڙو ئي ھن منتر پڙھيو تہ پنا بہ لڏڻ لڳا تہ ٿوري دير بعد بتي بہ وسامي وئي. آءٌ ايتري تہ وائڙي ۽ خوش ٿيس جو ان ياما بوشيء کي ان ئي وقت جيڪي ھڙ ۾ ھڪ سؤ ويھہ کن ’مون‘ (ننڍا سڪا) ھئا، کڻي ڏنا. ان کان پوء پئسن موٽڻ جو انتظار ڪندي رهيس پر ستن ڏينھن بدران ست مھينا ٿي ويا پر نہ مليا.
”اھا ڳالھہ جڏھن مون ھڪ ٻئي سان ڪئي تہ هن چيوتہ آءٌ بہ ڪا چري آھيان جو راھہ ويندي کڻي پئسا اڇلايا اٿم. اھڙا ياما بوشي (جابلو جادوگر) تہ ڪئين پيا هلن ۽ اھڙيون لچايون ڪري ٺڳيندا وتن. دلي ۾ مڪڙيون يا ڄرون وجهي ايندا. پوءِ منتر پڙھڻ مھل زور زور سان نغارا وڄائيندا. گوڙ کان ڊڄي مڪڙيون جهڙو ٽپ ڏينديون آھن تہ پنن کي وڃيو لڳن -يا جنھن شيءَ ۾ پنا ٻڌل ٿين. پوءِ پري کان اسان اھو سمجهندا آهيون ڄڻ جادوگر جي منتر تي پنا ٿا لڏن. اھڙيءَ طرح بتي وسائڻ لاءِ پائيپ جو نلڪو اڳواٽ بند ڪريو ڇڏين. باقي بچيل تيل جيترو بتي ٻري پاڻهي وسامي ويندي آهي.“
”مون جڏھن اھا ڳالھہ ٻڌي،“ پوڙھي افسوس ڪندي چيو، ”تہ مون يڪدم محسوس ڪيوتہ مون کي ھڪ بدران ٻہ نقصان رسيا. مون تہ زندگيءَ ۾ ڪڏھن ھڪ ’مون‘ (پئسو) بہ ائين نہ وڃايو ھوندو. پر گذريل سال ھن ڏينھن تي مون کان ايترو ڪجهہ ھليو ويو جو منھنجي اڳيان اونداھہ ڪارونڀار ٿي وئي آهي.“ پوڙھي اھو چئي دانھون ڪري اھڙو اچي اوڇنگارن ۾ پيئي جو گهر جا سڀ ڀاتي، نوڪر چاڪر وائڙا ٿي ويا تہ ھن کي ٿيو ڇا ۽ ڇا ڪرڻ کپي، جو ڌارين اڳيان کڻي لڄايو اٿس. ۽ گهر جي ماڻھن ۽ نوڪرن تي کڻي شڪ ڪيو اٿس، جيتوڻيڪ سڀني واري وٽيءَ تي ڪيترن ئي ديوتائن جا قسم کڻي کيس چيو ھوندو تہ کين انھن پئسن جي ڪابہ خبر ناھي.
ايتري ۾ گهر جي سالياني صفائي ۽ ٻھاري اچي پوري ٿي ۽ ھڪ نوڪر جھڙو ڪٻٽ جي پويان جھاتي پاتي تہ کيس‘سوگي حارا’ ڪاغذ ۾ ڪجهہ ويڙھيل ڏسڻ ۾ آيو.کڻي ڏسن تہ اھي ئي پئسا نڪتا جنھن لاءِ ھيء پوڙھي سڄو سال منھن مٿو پٽيندي رھي.
”ڳالھہ ھيءَ آھي تہ،“ پوڙهيءَ کي ٻين چيو، ”جيڪا شيءِ چورائجي نٿي وڃي سا ھڪ نہ ٻئي ڏينھن ضرور ملي ٿي. ڪو لچو ڪوئو ھوندو جنھن پئسن جي ڳنڍ کي جاري تان ڇڪي ھن ڪٻٽ پويان پنھنجي ٽنگ اڳيان اچي ڇڏيو ھوندو.“
پر سائين پوڙهيءَ کي يقين نہ اچي. چي، سڄي ڄمار ھن تہ ڪڏھن بہ اھڙو ڪوئو نہ ڏٺو نہ ٻڌو جيڪو پئسن جي ڳنڍ ڇڪي وڃي.”ھا. اھو پڪ ٻہ پيرو ڪوئو هوندو.“ ھن چيو. ”۽ مون کي ان کي ڳولڻو پوندو.“
اتي ڊاڪٽر، جنھن وھنجي سھنجي بس ڪيو، ٻاهر نڪري چيو: ”پراڻي زماني جا ڪجهہ قصا آھن جيڪي ھن ڳالھہ سان لڳن ٿا. ستٽيھين شھنشاهه، ڪوتوڪو جي ڏينھن ۾ بادشاھي محل اوڪاموتو - تاماتو کان ناگارا - تويو ساڪي (نانيوا) بدلي ٿي رهيو هو. ان ئي وقت ياماتو شھر جا ڪوئا بہ لڏڻ لڳا. مزيدار ڳالھہ اھا تہ ھو پاڻ سان گڏ پنھنجي گهرن جو سامان بہ کڻڻ لڳا. پنھنجن ٻرن کي نرم رکڻ لاءِ ڪپھہ جا ٽڪرا، پنن جا ڀور وغيرهجيئن انھن پٺيان لڪي پنھنجو پاڻ کي سرڻن ۽ چٻرن جي حملي کان پاڻ کي لڪائي سگهن. ڪوئا مار کولڻ لاءِ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪاٺيون، چانورن جي ڏڏر، کاڌل مڇين جا ھڏا ۽ ٻيوڪيتروئي سامان پنھنجي وات ۾ جهلي ٻن ڏينھن جو سفر ڪيائون. ھاڻ اھو سوچي اندازو لڳائجي تہ هن ڪوئي لاءِ تنھنجا پئسا جاري تان کڻي ڪٻٽ پويان پھچائڻ ڪھڙو ڏکيو ڪم ٿي سگهي ٿو.“ اھڙيءَ طرح ھن ڀلي ڊاڪٽر پوڙهيءَ کي پرچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر پوڙهيءَ تي ڪو اثر نہ ٿيو ۽ چوڻ لڳي جيسين ڪو پڪو ثبوت نٿو ڏئي کيس يقين اچڻ ڏکيو آھي.
ھر ھڪ منجهي پيوتہ ھاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي. آخر ڪنھن کي ياد آيوتہ ھڪ ”توبيئي“ وٽ هڪ ڪوئو آهي جيڪو ناگاساڪيء جي ”ميزيو مون“ وٽ ڪجهہ اٽڪلون سکيو آھي. ان ڪوئي کي گهرايو ويو.جيئن پوڙھي ان ڪوئي جا ڪرتب اکين سان ڏسي. جڏھن ڪوئي کي توبيئيء چيوتہ ھڪ ڇوڪر کي محبت نامون (خط) موڪلڻو آهي تہ ڪوئو يڪدم لفافو وات ۾ جهلي هلڻ لڳو، ويجهڙائيء ۾ هڪ ڇوڪري بيٺي هئي. ڪوئي اھو خط ان جي ڪمونو جي ٻانھن تي کڻي رکيو. ان کان پوءِ توبيئيء ڪوئي اڳيان ھڪ ”مون“ (پئسو) اڇلي چيو تہ ھن جون چانورن وارو ڪيڪ وٺي اچ. ڪوئي وات ۾ سڪو کنيو ۽ سامھون ٿالھيء ۾ رکيل ڪيڪن مان ھڪ کنيو ۽ سڪو اتي ئي ڇڏيو.
”ھاڻ تہ ڀلا توکي اعتبار ايندو يا اڃا بہ نہ؟“ سڀني پوڙهيءَ کان پڇيو.
”ھائو.“ پوڙهيءَ چيو، ”جيئن تہ مون هينئر اکين سان ڏٺو آهي سو انڪار نہ ڪنديس تہ ڪوئا ائين نٿا ڪري سگهن. پر ان هوندي بہ گهر جي واسطيدارن جو ڏوھہ آھي جو ھنن اھڙو چور ڪوئو گهر ۾ رھڻ ڏنو آھي جنھن منھنجا سال لاءِ پئسا مون کان پري ڪري ڇڏيا. گهٽ ۾ گهٽ ايتري وقت جو وياج مون کي ملڻ کپي.“
سو سال جي ھهڙي خوشيءَ جي موقعي تي ھن نيٺ پنھنجي پٽ کان پندرھن سيڪڙو جي حساب سان وياج چڪايو ۽ پوءِ ڀڻڪندي پنھنجي اڪيلي ڪوٺيءَ ڏي ھلي وئي.