الطاف شيخ ڪارنر

جپان رس

جپان جي ادبي تاريخ جي فڪري لاڙن جي پس منظر ۾ جڏهن الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب “جپان رس” ۾ شامل جپاني ڪھاڻين جي ترجمي کي پڙھجي ٿو تہ، اھي جپاني ادب جي ڏيڍ صديءَ وارن ٽن ادبي دؤرن، جيڪي حڪومتن جي تبديلين سان سڃاڻپ رکن ٿا، جو اولڙو محسوس ٿين ٿيون. هنن ڪھاڻين جي خوبصورتي ۽ مفھوم ان ڪري بہ ضربجي نہ سگهيو آھي، جو الطاف شيخ صاحب اھي سڌوسنئون جپاني ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آھن. جڏھن تہ هن هر ڪھاڻيڪار جو مختصر پر جامع تعارف ڏيئي، جتي ڪھاڻيءَ کي بامعنيٰ بڻايو آھي، اتي ڪھاڻيءَ جي دؤر کي پڻ واضح ڪيو آهي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ ۾، دؤر جي مناسبت سان پلاٽ، ڪردارنگاري، منظر نگاري، ٻولي، خيال ۽ ان جي ٽريٽمينٽ پڻ پڙھندڙ تي چٽي ٿي بيھي ٿي. ڪتاب ۾ چونڊ جپاني شاعريءَ جو ترجمو پڻ شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 81
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپان رس

حان جو ڏوهه (حان نو هانزائي)

ڏسندڙ سڀ وائڙا ٿي ويا جڏھن سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکاريندي ڏيکاريندي حان کان ھڪ وڏو خنجر سندس زال جي نڙگهٽ ۾ لڳي ويو ۽ ھوء اتي جو اتي اسٽيج تي ڦٿڪي مري وئي. پوءِ حان کي پوليس گرفتار ڪري وئي.
جاءِ واردات تي ٿيئٽر جو ڊائريڪٽر موجود هو، ان کان علاوه ھڪ چيني اسسٽنٽ، ھڪ انائونسر ۽ ٽن سؤن کان مٿي تماشبين ھئا. ڊيوٽي تي ھڪ پوليس وارو بہ هو جيڪو ڏسندڙن جي پويان بيٺل هو. ھيترن ماڻھن ھوندي بہ سڀني لاءِ اھا ڳالھہ راز ٿي پئي تہ آيا حان پنھنجي زال کي ڄاڻي ٻجهي ماريو يا اھو حادثو ٿيو.
حان اھو ڪرتب ھن ريت ڪندو هو. پنھنجي زال کي در جي ماپ جيڏي تختي اڳيان بيهاري پوءِ چار پنج وال پري کان بيهي، ھن ڏي ھڪ هڪ ڪري ڏھہ ٻارھن خنجر اھڙي طرح اڇلي ھڻندو ھو جو اھي سندس زال کي لڳڻ بدران سندس جسم جي چوڌاري ٻہ انچ کن پري تختي ۾ کپي ويندا ھئا.
پڇا ڳاڇا ڪندڙ جج پھرين ٿيئٽر جي ڊائريڪٽر کان پڇيو: ”ڇا تنھنجي خيال ۾ اھو ھڪ ڏکيو ڪرتب ھو؟“
”نه، يوئر آنر. ھڪ ماھر مداريء لاءِ اھو ڪم ڏکيو ناھي. پر صحيح طرح سرانجام ڏيڻ لاءِ اھو ضروري آھي تہ ماڻھوءَ کي دلي سڪون ھجي ‏۽ هو پوري ڌيان سان ڪري.“
”ڇا! تہ پوءِ ان کي جيڪڏھن حادثو سمجهيو وڃي تہ پوءِ اھو ھڪ اھڙو حادثو آھي جنھن جي ٿيڻ جي اميد تمام گهٽ آهي.“
”جي ھا سائين. توھان سچ ٿا چئو. جيڪڏھن ان حادثي جي اميد گهٽ نہ ھجي تہ پوءِ آءٌ ان ڪرتب جي پنھنجي ٿيئٽر ۾ موڪل ھرگز نہ ڏيان ھا.“
”ان جي معني تہ تون سمجهين ٿو تہ اھو ڄاڻي واڻي ڪيوويو آھي؟“
”نه. يوئر آنر. آءٌ نٿو سمجهان. ۽ اھا بہ حقيقت آھي تہ اسان سڀ سمجهون ٿا تہ غلطي بہ ٿي نٿي سگهي. پر جيڪي ڪجهہ ٿي گذريو ان بعد ڏٺو وڃي تہ اھو بہ ممڪن ٿي سگهي ٿو تہ شايد ھن کان غلطي ٿي وئي ھجي.“
”تہ پوءِ تنھنجو ڇا خيال آھي تہ اھا غلطي ھئي يا حادثو؟“
”نہ سائين. اھو آئون چئي نٿو سگهان.“
جج ٿورو منجهي پيو. ھي تہ سنئون سڌو خون جو ڪيس هو. پر اھو ٻڌائڻ ناممڪن پئي لڳو تہ آيا ملزم اھو ڪم سوچي سمجهي ڪيو آھي يا اتفاقي ٿي ويو اٿس. جي اھو ڪم اڳواٽ سوچي سمجهي ڪيو ويوآهي تہ پوءِ وڏي ھوشياريء سان سرانجام ڏنو ويو آھي، جج سوچيو.
ان بعد جج چيني اسسٽنٽ کان آڏي پڇا ڪرڻ جو سوچيو، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان حان سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو.
”عام طرح، حان جي ڪھڙي ھلت چلت رهي آھي؟“ هن پڇيو.
”سائين بلڪل سٺي رھي اٿس.‏ ڪڏھن بہ شراب، جوا يا عورتن پٺيان نہ لڳو آھي. تنھن کان سواءِ، گذريل سال کان هن مذھب ڏي بہ لاڙو رکيو آهي، ۽ عيسائي ٿيو آهي. هن انگريزي پڙھڻ بہ سکي آھي ۽ واندڪائيءَ ۾ بائيبل مان ڪجهہ نہ ڪجهہ پڙھندو رهي ٿو.“
”ڀلا هن جي زال جي چال چلت ڪھڙي هئي؟“
”ھن جي بہ سٺي ھئي، يوئر آنر. ھونءَ سرڪس ۽ کيل تماشن وارن رول ماڻھن جو ڪو اخلاق سٺو نہ ھوندو آھي. مسز حان ننڍي عمر جي تمام سھڻي عورت هئي ۽ ڪيترائي ماڻھو سندس پٺيان ھئا پر هن ڪنھن کي بہ لفٽ نٿي ڪرائي.“
”ڀلا ھنن جون طبيعتون ڪھڙي قسم جون هيون.‏“
”هميشہ تمام نرم دل ۽ سٻاجهي قسم جا ھئا.سائين هو سڀني دوستن۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن سان تمام سٺي طرح پيش ايندا ھئا. ڪنھن سان بہ جهيڙو جهٽو نہ ڪيو ھوندائون، پر...“ ھن ڳالھہ کي جهل ڏئي ڪجهہ گهڙيءَ لاءِ سوچيو، ان بعد چيو:”يوئر آنر. مون کي ڊپ آھي تہ جي آئون اھا ڳالھہ ٻڌائيندس تہ ٿي سگهي ٿو حان جي حق ۾ خراب ٿئي. پر حققت اھا آھي تہ ھي ٻئي ماڻھو جيڪي ٻين سان تہ تمام سٺو ملندا ھئا ۽ ڪڏھن بہ خود غرضيء کان ڪم نہ وٺندا ھئا، تن جي پاڻ ۾ تمام خراب ۽ ظالماڻي ھلت ھئي.“
”اھو ڇو؟“ جج پڇيو.
”مون کي خبر ناھي، يوئر آنر.“چيني اسسٽنٽ ٻڌايو.
”جڏھن کان تنھنجي ھنن سان ملاقات ٿي آھي تڏھن کان ھنن جي اھا حالت آھي؟“ جج سوال ڪيو.
”نہ يوئر آنر. اٽڪل ٻہ سال اڳ مسز حان پيٽ سان ھئي. ٻار وقت کان اڳ ڄائو ۽ ٽن ڏينھن بعد مري ويو. ان کان پوءِ ھنن جي پاڻ ۾ ڏي وٺ لڳي آئي. ننڍين ننڍين ڳالھين تي بہ زال مڙس جو جهيڙو ٿيڻ لڳو ھو. پر جهيڙي ۾ ڪڏھن بہ حان مار موچڙو نہ ڪندو ھو. ماٺ ڪري رڳو سوچيندو رھندو هو. في الحال جهيڙو تہ ختم ٿي ويندو هو پر سندس اکين مان لڳندو هو تہ سخت ڪاوڙ ۾ آھي! ڪڏھن ڪڏھن تہ اھو ڏسي ڊپ لڳندو ھو.
”ھڪ ڏينھن، مون حان کان پڇيوتہ جي توھان زال مڙس جي پاڻ ۾ ٺھي نٿي تہ پوءِ جوءِ کي ڪڍي ڇو نٿو ڇڏين. تنھن تي ھن ٻڌايوتہ دراصل کيس طلاق ڏيڻ لاءِ ڪي مضبوط سبب نہ آھن، جيتوڻيڪ ھاڻ هن جي دل ۾ زال لاءِ پيار جو ذرو بہ نہ رهيو آھي. ساڳئي وقت هن (زال) بہ اھو محسوس ٿي ڪيو ۽ کيس چاھڻ ڇڏي ڏنو هو. دراصل بائيبل يا ٻيون دعائون پڙھڻ جو سبب بہ اھوئي هو تہ جيئن سندس اندر جي باھہ ڪجهہ هلڪي ٿئي ۽ پنھنجي زال کي ڌڪارڻ ڇڏي ڏئي، جنھن ڌڪار لاءِ هن وٽ ڪوبہ سبب موجود نہ ھو. مسز حان واقعي نرم دل عورت ھئي. هوءَ ٽن سالن کان حان سان گڏ ھئي ۽ جتي جتي هو ويو ٿي هن ساڻس گڏ گهاريو ٿي. جي ھن کي حان کي ڇڏڻو ھجي ھا تہ اھڙي سان شادي بہ نہ ڪري ھا. اھڙي قسم جا گهمندڙ ڦرندڙ ماڻھو ڪيترا آھن جي پٺيان گهر ڇڏيل زالن تي ڀروسو رکن ٿا. منھنجي خيال ۾ هڪ اھو بہ سبب آھي جو حان جي خراب روش هوندي بہ ھوء ھن سان گڏ رهندي آئي.“
”۽ هن موت بابت تون حقيقت ۾ ڇا سوچين ٿو؟“
”سائين توھان جو مطلب آھي تہ منھنجي نظرن ‏۾ ان موت جو ڪارڻ حادثو ھو يا سوچيل سمجهيل ارادو؟“
”ھائو.“ جج چيو.
”سائين، ان مھل واردات کان وٺي آئون هر پھلوء کان سوچي رهيو آھيان. جيترو گهڻو سوچيان ٿو، اوتروئي گهٽ ان جي تھہ تائين پھچان ٿو. مون ان بابت انائونسر سان بہ بحث ڪيو آهي پر ھن کي بہ ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ اھو ڪم ڪيئن ٿيو.“
”صحيح آھي. پر هي ٻڌاءِ جنھن وقت اھو موت ٿيو، ان مھل تنھنجي اندر ‏۾ ڪھڙو احساس ٿيوتہ آيا اھو حادثو ٿيو يا ڄاڻي واڻي خون؟“ جج سوال ڪيو.
”ھا سائين بلڪل ٿيو. منھنجي خيال ۾... منھنجي خيال ۾ ان وقت اھو آيو: ’مار! حان ھڻي زال کي ماري رکيو‘.“
”ڄاڻي واڻي، تنھنجو مطلب آھي؟“
”ھائو سائين. جيتوڻيڪ انائونسر ٿو چوي تہ ھن کي ڌيان ۾ آيو: ’شايد هن جو ھٿ لڏي ويو‘.“
”ھا، پر ھن کي حان ۽ سندس زال جي گهريلو جهڳڙن جي اھا ڄاڻ نہ آھي جيڪا توکي آهي.“ جج چيو.
”ٿي سگهي ٿو، يوئر آنر. پر سائين پوءِ مون کي وري اھو بہ خيال آيوتہ جيئن تہ مون کي سندن ذاتي جهڳڙن جي خبر آهي، تنھن ڪري ٿي سگهي ٿو تہ مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ حان پنھنجي زال کي ڄاڻي واڻي ماريو آھي.“
”حان جا واردات وقت ڪھڙا تاثرات ھئا؟“
”ان وقت ھن کان رڙ نڪري ويئي: ’آ...‘ ۽ جيئن ئي مون سندس رڙ ٻڌي، مون مٿي نهاريو ۽ ڏسان تہ سندس زال جي نڙگهٽ مان ڦوھارو ڏئي رت وھي رهيو هو. ڪجهہ سيڪنڊن لاءِ. ھوءَ اتي ئي بيٺي رھي پوءِ گوڏن ڀر اچي اڳيان ڦهڪو ڪيائين.جيئن خنجر سندس ڳچيءَ مان ڪڍيوسين تہ ھوءَ اتي ئي ڍيري ٿي پئي. اسان سڀني مان ڪوبہ ڪجهہ ڪري نٿي سگهيو رڳو وائڙن وانگر نهاريندا رھياسين... باقي حان جو چئي نٿو سگهجي تہ ان جا ان وقت تاثرات ڪھڙا ھئا، جو آءٌ هن ڏي نهاري نہ رهيو ھوس. پوءِ اوچتو جڏھن منھنجي دل ۾ اھو خيال آيو ‘ھن نيٺ وڃي ھن کي ماريو’. ان وقت مون ھن ڏي نهاريو. هن جي منھن جو پنو ئي اڇو ٿي ويو هو ۽ اکيون پوري ڇڏيون ھئائين. اسٽيج مئنيجر کڻي پڙدو هيٺ ڪيو. جڏھن مسز حان جي جسم کي کنيائون تہ ھوءَ مري چڪي ھئي. حان ان وقت گوڏن تي جهڪيو، ۽ ڪا دير سانت ۾ دعا گهرندو رهيو.“
”ڇا ھي تمام گهڻو مُنجهيل نظر آيو ٿي؟“
”جي ھا سائين. هو تمام گهڻو منجهيل ڏسڻ ۾ پئي آيو.“
”چڱو ٺيڪ آھي.وڌيڪ جي مون کي توکان پڇڻو پيوتہ توکي وري گهرائيندس.“
جج چيني اسسٽنٽ کي موڪل ڏئي حان کي ڪٽهڙي ۾ گهرايو. هن، ڪرتب ڪندڙ جو ذھين چھرو ڦڪو ۽ ٿڪل لڳي رهيو هو ۽ ھرڪو ڏسندڙ اھو چئي سگهيو ٿي تہ ھو ذھني اذيت ۾ آھي.
”ٿيئٽر جي ڊائريڪٽر ۽ تنھنجي اسسٽنٽ کان مون اڳھين پڇا ڪئي آھي.“ جڏھن حان کي ڪٽهڙي ۾ وٺي آياتہ جج چيس، ”ھاڻ توکان پڇڻ چاھيان ٿو.“
حان ادب ۾ پنھنجو ڪنڌ جهڪايو.
”اھو ٻڌاءِ.“ جج چيو، ”تنھنجو پنھنجي زال سان ڪڏھن پيار محبت رهيو؟“
”ھا سائين. شاديءَ جي ڏينھن کان وٺي ويندي ٻار ڄمڻ تائين مون پنھنجي زال کي دل و جان سان چاهيو.“
”۽ پوءِ ڇو ٻار جي ڄم تنھنجي طبيعت ۾ ڦيرو آندو؟“
”ڇاڪاڻ جو مون کي خبر ھئي تہ اھو ٻار منھنجو نہ هو.“
”ڀلا ان جي توکي ڄاڻ آھي تہ اهو ڪنھن جو ٻار هو؟“ جج پڇيو.
”ھا مون کي پڪ آھي. منھنجي خيال ۾ اھو منھنجي زال جي سوٽ جو ٻار آھي.“ حان چيو.
”تون هن کي ذاتي طرح سڃاڻندو هئين؟“ جج پڇيو.
”اھو منھنجو گهاٽو دوست ھو. ھن ئي مون کي صلاح ڏني هئي تہ سندس ھن سوٽ سان شاديءَ ڪريان ۽ نيٺ مون کي ھن سان شاديءَ ڪرڻ تي مجبور ڪيائين.“ حان ٻڌايو.
”تنھنجي ڳالھين مان لڳي ٿو تہ ھنن جا تعلقات توھان جي شاديءَ کان ٻہ اڳ جا هئا.“
”جي ھائو، سائين. اسان جي شاديءَ کان پوءِ اٺن مھينن بعد ٻار ڄائو.“
”تنھنجي اسسٽنٽ جي بيان موجب، ٻار ڪچو ڄائو هو.“ جج چيو
”اھا ڳالھہ مون ئي مشھور ڪئي هئي.“ حان چيو.
”ڄمڻ کان پوءِ ٻار سگهوئي مري ويو. ائين نہ؟ ان جي مرڻ جو ڪارڻ ڪھڙو هو؟“
”ٻار ماءُ جي ڇاتين ‏۾ منھن وجهڻ ڪري ٻوساٽجي مري ويو هو.“
”ڇا تنھنجي زال اهو ڄاڻي واڻي ڪيو؟“ جج پڇيو.
”ھن چيوتہ اھو اتفاق سان ٿي پيو.“ حان ٻڌايو.
جج ماٺ ۾ رهيو. حان ٻئي سوال جي لاءِ مٿو مٿي کنيو پر اکيون ھيٺ ئي جهڪائي رکيون. جج سوال جاري رکيو، ”تنھنجي زال پنھنجي ناجائز تعلقات جي توسان ڪڏھن ڪا ڳالھه، ڪئي؟“
”ھن اھا ڳالھہ مون سان نہ ڪئي ۽ نہ مون ئي پڇڻ مناسب سمجهيو. ٻار جو موت ئي سڀني لاءِ ڪافي سزا ھئي ۽ مون فيصلو ڪيو تہ مون کي ان بابت صبر ڪرڻ کپي، پر...“
”پر پوءِ آخر ۾ تنھنجي صبر ساٿ ڇڏي ڏنو؟“
”توھان بلڪل صحيح آھيو، سائين، آءٌ اھو خيال ٽاري نہ سگهيس تہ ٻار جو موت ھنن لاءِ ڪا وڏي سزا آھي. زال جي غير موجودگيءَ ۾ آءٌ بلڪل پرسڪون ھوندو ھوس پر کيس ڏسندي ئي منھنجي اندر ۾ ڪجهہ ٿيندو ھو. جڏھن بہ هن تي منھنجي نظر پوندي ھئي تہ منھنجي ڪاوڙ چوٽ چڙھي ويندي ھئي.“
”ڀلا توکي طلاق جو بہ خيال نٿي آيو؟“ جج پڇيو.
”مون کي اڪثر طلاق جو خيال ايندو هو، پر مون ڪڏھن بہ ان جو ذڪر زال سان نہ ڪيو. منھنجي زال هميشہ اھوئي چوندي ھئي تہ جي تون مون کي ڇڏي ڏيندين تہ آءٌ ھڪ پل بہ جيئري رھي نہ سگهنديس.“
”ھن جو توسان پيار ھو؟“
”نه، هوءَ مون کي چاهيندي نہ ھئي.“
”تہ پوءِ هوءَ اھي ڳالھيون ڇو ڪندي ھئي؟“
”منھنجي خيال ۾ تہ ھن جو مطلب پئسي ڏوڪڙ سان ھو. گهر تہ سندس ھوئي ڪونہ جو اهو سندس وڏي ڀاءُ برباد ڪري ڇڏيو هو، ۽ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ڪوبہ سنجيدي قسم جو ماڻھو اھڙي عورت سان شادي نہ ڪندو، جيڪا هڪ رول مداريء جي زال ٿي رھي ھجي، ۽ سندس پير پڻ ايترا تہ ننڍا ھئا جو ڪنھن بہ ڪم جي ھن ۾ سگھہ نہ ھئي.“
”توھان جا جنسي تعلقات ڪيئن ھئا؟“ جج سوال ڪيو.
”منھنجي خيال ۾ اھي ئي جيڪي گهڻو ڪري ھڪ جوڙي جا ھوندا آھن.“ حان ٻڌايو.
”تنھنجي زال کي تولاءِ واقعي سچي قسم جي ڪا چاھت نہ ھئي؟“
”مون کي نٿو لڳي تہ ھن مون کي واقعي ڪو چاهيو ٿي.حقيقت ۾، تہ ھن کي مون سان رھڻ بہ پسند نہ ھو. بس، ھن مڙيئي گذارو پئي ڪيو.جنھن صبر سان مون ساڻس گذارو ڪيو پئي تنھن بابت ڪو ماڻھو سوچي بہ نٿو سگهين. ھوءَ مون ڏي بي رخي ۽ ظالماڻي انداز سان آھستي آھستي ائين ڏسندي ھئي جو آءٌ اندر ئي اندر ڪڙھندو رهيس، ڀڄي ڀور ڀور ٿيندو رهيس. آءٌ بھتر زندگي ۽ پُرسڪون ماحول لاءِ جدوجهد ڪندو رهيس پر ھن مون لاءِ همدرديءَ جو ڪو ذرو بہ نہ ڏيکاريو.“
”تو ڪو ٺوس قدم ڇو نٿي کنيو. ڪو فيصلو هن سان گڏ رھڻ يا ڇڏڻ جو ڇو نٿي ڪيو؟“ جج پڇيو.
”ڇاڪاڻ جو منھنجو اندر هر قسم جي آدرشن سان ڀريل هو.“
”ڪھڙا آدرش؟“
”مون چاهيو ٿي تہ پنھنجي زال سان اھڙو برتاءُ رکان جو مون ڏي ھڪ بہ ڳالھہ نہ اچي... پر آخر ۾ اھو منھنجو خام خيال نڪتو.“
”ڇا تو پنھنجي زال کي مارڻ جو ڪڏھن بہ نہ سوچيو؟“
حان ان جو ڪوبہ جواب نہ ڏنو. جج سوال وري ورجايو. ڊگهي ماٺ کان پوءِ حان وراڻيو، ”ھن کي قتل ڪرڻ جي خيال کان آئون اھوئي سوچيندو ھوس تہ ان کان مري وڃي تہ اھو سٺو.“
”ان حالت ۾، جيڪڏھن اھا ڳالھہ غير قانوني نہ ھجي ھا تہ تون شايد ھن کي قتل ڪرين ها.“
”آئون قانون جي نقطي نظر کان نہ سوچي رهيو ھوس، سائين. اھا ڳالھہ ناھي جنھن مون کي پئي جهليو پر ان ڪري جو آءٌ ڪمزور ۽ ڊڄڻو ھوس.“
”بھرحال تو پنھنجي زال کي مارڻ جو سوچيو، ائين نہ - کڻي پوءِ ئي سھي، منھنجو مطلب آھي.“
”مون ان جو ڪو پڪو ارادو ڪڏھن بہ نہ ڪيو. پر ھا، اهو چوڻ صحيح آھي تہ مون ان بابت ھڪ دفعو سوچيو ضرور هو.“
”واردات کان ڪيترو اڳ جي ڳالھہ آھي؟“
”گذريل رات... ياشايد انھيءَ ئي صبح جو.“
”ڇا تنھنجو ڪو جهيڙو ٿيو هو.“
”ھا. سائين.“
”ڇا بابت؟“
”بس ڪنھن اھڙي معمولي ڳالھہ تي جنھن جو ذڪر ڪندي بہ شرم ٿو اچي.“
”مون کي ان بابت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪر.“
”بس. اھا مانيءَ جي ئي ڳالھہ ھئي. ماني دير سان ملڻ تي مون کي هميشہ چڙ وٺي ويندي آهي. ان ڏينھن شام جو بہ منھنجي زال ھيڏانھن ھيڏانھن ڦرندي رھي ۽ وقت تي ماني تيار نہ ڪيائين، سو مون کي چڙ وٺي وئي.“
”ڇا توکي عام طرح کان وڌيڪ ڪاوڙ وٺي وئي؟“
”نه. پر پوءِ اھا ڪاوڙ لھڻ بدران وڌندي وئي. منھنجي خيال ۾ اھو ان ڪري جو آئون گذريل ھفتي کان ان بابت پريشان ھوس تہ گهر ۾سٺو ماحول ٿئي، جنھن جي ڪابہ اميد نظر نٿي آئي. سمھڻ مھل ھنڌ تي وڃي ليٽيس پر ننڊ مور نہ آئي. ھر قسم جا اونڌا ابتا خيال منھنجي ذهن ۾ڦرندا رهيا، ۽ آءٌ ان نتيجي تي پھتس تہ آءٌ کڻي ڇا بہ ڪريان پر اھا خوشگوار زندگي ماڻي نہ سگهندس - جيڪا آءٌ چاھيان ٿو ۽ آءٌ ھن نفرت ڀري ماحول مان جان ڇڏائي نہ سگهندس، اھو سڀ غم ۽ پريشاني منھنجي شاديءَ سان ڳنڍيل آهي. مون گهڻوئي پاڻ پتوڙڻ چاھيو ٿي تہ من ڪو روشنيءَ جو ڪِرڻو راھہ ڏيکاري مون کي ھن اونداھي زندگي مان پار ڪڍي.
”۽ پوءِ اھو گندو خيال منھنجي من تي واسو ڪرڻ لڳو، ’جيڪر ھوءَ مري وڃي. ڇو نہ آئون کيس پورو ڪريان.‘ ۽ ان جو عمل مون لاءِ ڪو ڏکيو نہ هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ان ڏوھہ جي سزا ۾مون کي جيل ۾ موڪليو ويندو، پر وري بہ جيل جي زندگي خراب نہ ھوندي - بھتر ٿي سگهي ٿي، گهٽ ۾ گهٽ زندگيءَ کان. ۽ پوءِ وري مون کي اھو خيال آيو تہ زال کي مارڻ سان مسئلي جو حل مھيا ٿي نہ سگهندو. مون کي ھر ڏينھن جا ڏک ڀوڳڻ کپن، مون پنھنجو پاڻ کي سمجهايو تہ ان کان نجات نہ ملي سگهنديم. اھا منھنجي حقيقي زندگي آهي، ڀوڳيندو رھان.
”منھنجي سوچ انھيءَ پٽڙيءَ تي ڊوڙي رھي هئي. نيٺ سوچي سوچي ساڻو ٿي وڃي ستس پر ننڊ نہ آئي. ذھن صفا مائوف ٿي رھيو ھو ۽ آھستي آھستي زال کي مارڻ جو ارادو جهڪو ٿي ويو. پر پوءِ وري ان سوچ ۾ پئجي ويس تہ بھتر زندگيءَ لاءِ مون کي اهو قدم کڻڻو ئي پوندو پر پوءِ مون کي اھو بہ مڃڻو پيو تہ مون جھڙي بزدل انسان لاءِ اھو ڪم ڏکيو آھي.نيٺ وڃي اڇو صبح ٿيو ۽ ڏٺم تہ منھنجي زال بہ رات کان جاڳي رھي ھئي...“
”جڏھن تون اٿئين تہ توھان ٻنھي ھڪ ٻئي سان سٺي نموني سان ڳالھايو؟“ جج پڇيو.
”نه. اسان ھڪ ٻئي سان ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھايو.“
”پر جڏھن معاملو ايستائين اچي پھتو هو تہ پوءِ تو هن کي ڇڏي ڇو نہ ڏنو.“
”سائين ڇا توھان جي خيال ۾ تہ اھو منھنجي مسئلي جو حل ثابت ٿئي ھا؟ نه. اھو ڪم ويترڳالھہ وڌائي ھا.جيئن تہ آءٌ توھان کي ٻڌائي چڪو آھيان تہ آءٌ پڪو فيصلو ڪري چڪو ھوس تہ آءٌ ظاھري طرح زال سان اھڙو وھنوار رکان جو ڪوبہ مون ڏي آڱر نہ کڻي.“
حان جج ڏي نهاريو، جنھن ڪنڌ ڌوڻي هن کي بيان جاري رکڻ جو اشارو ڪيو.
”ٻئي ڏينھن آءٌ جسماني طرح ٿڪ محسوس ڪري رهيو ھوس ۽ دماغ جون نسون سيٽجي ڄڻ تہ ڦاٽيون ٿي. گهر ۾ هاڻ وڌيڪ ترسڻ منھنجي لاءِ عذاب ھو. سو ڪپڙا پائي بنا ڪنھن ارادي جي ٻاھر نڪري پيس ‏۽ شھر جي ويران ھنڌن تي هيڏانھن ھوڏانھن ڦرندو رهيس. ذري ذري اھائي ڳالھہ منھنجي ڌيان ۾ ايندي رھي تہ خوشگوار زندگي گذارڻ لاءِ مون کي ڪجهہ ڪرڻ کپي، پر مارڻ جي سوچ وري نہ آئي. سچ اهو آهي تہ رات واري مارڻ جي سوچ ۽ ڏينھن جو ان تي عمل ڪرڻ جي ڇڪتاڻ ھلندي رھي.حقيقت ۾، ان ڏينھن ڪوبہ ڪرتب ڏيکارڻ جو ارادو نہ ھوم ۽ جي مون کي ڏيکارڻو بہ هو تہ اھو خنجرن وارو نه، ان جي عيوض ٻيا ڪئين ڊزن کن ڪرتب ڪري سگهيس ٿي.
”خير، شام ٿي ۽ آخر ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ اسان جو وارو آيو. مون کي ذرو بہ احساس نہ هو تہ اڄ ڪا غير معمولي ڳالھہ ٿيندي. روزمرہ وانگر، مون تماشبين کي خنجرن جو تکو ڦر پنا وڍي ڏيکاريو. پوءِ منھنجي زال چيني وڳي ۾ اسٽيج تي نمودار ٿي، ڏسندڙن تاڙيون وڄائي ھن جي آڌرڀاءُ ڪئي، جنھن جي موٽ ۾ ھن مرڪي جواب ڏنو ۽ پوءِ سامھون تختي اڳيان ٿي بيٺي. مون ھڪ خنجر کنيو ۽ ان جي سامھون ڪجهہ مفاصلي تي ٿي بيٺس.
”۽ ھاڻ وري اسان جون اکيون ھڪ ٻئي سان مليون. مون کي ان وقت ئي ھي ڪرتب چونڊڻ جو جوکم محسوس ٿيو. مون پنھنجو پاڻ کي پرسڪون بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منھنجي ھڏن جي گودي تائين پھتل ٿڪاوٽ مون کي سڪون نہ ڏئي سگهي. مون محسوس ڪيو تہ منھنجو پنھنجين ٻانھن تي ڪو ضابطو نہ رھيو آھي. مون ھڪ دفعو وري پنھنجو پاڻ کي پرسڪون رکڻ جي ڪوشش ۾ اکيون بند ڪيون پر منھنجو سڄو جسم ڌڏي رھيو ھو.
“ھاڻ اھو وقت ويجهو اچي چڪو هو! مون پھرين خنجر جو نشانو ھن جي مٿي مٿان ھنيو، جيڪو ھونءَ کان ھڪ انچ مٿي ئي لڳو. منھنجي زال ٻئي ٻانھون مٿي کنيون ۽ مون انھن جي ھيٺان ھڪ ھڪ ڪري خنجر ھڻڻ جي تياري ڪئي. جهڙو ئي پھرين خنجر کي اڇل ڏئي ھنيم تہ ائين لڳو ڄڻ ڪا طاقت منھنجي ھٿ کي جهلي رهي ھجي ۽ ھاڻ مون کي صحيح نشاني تي خنجر ھڻڻ جو پختو عزم نہ رھيو ھجي ۽ ھاڻ بس ڀاڳ جي ڳالھہ ھئي جو خنجر صحيح نشاني تي لڳي رھيو ھو. منھنجو ھر قدم وچڙندڙ لڳي رھيو ھو.
”مون ھڪ خنجر پنھنجي زال جي ڳچيءَ جي کاٻي پاسي اڇليو ۽ ٻيو ڳچيءَ جي ساڄي پاسي اڇلڻ وارو ھوس تہ ھن جي اکين ۾ مون کي عجيب ڪيفيت محسوس ٿي. ڪنھن ڊيڄاريندڙ شيءَ کي ڏسڻ وارو خوف سندس اکين مان بکي رهيو هو. ڇا ھن کي اڳواٽ ڄاڻ ٿي چڪي ھئي تہ منھنجو ھي خنجر، جيڪو چند سيڪنڊن ۾ ھن ڏي اڇلجي ويندو، سو سندس نڙگهٽ ۾ وڃي کپندو؟ مون کي چڪر اچڻ لڳا. ڄڻ تہ بيهوش ٿي ٿيس. خنجر کي پوري طاقت ۽ ڪوشش سان صحيح ھنڌ واري نشاني تي ھنيم...“
جج خاموشيءَ سان حان ڏي نهاريندو رهيو.
”اوچتو مون کي خيال آيو، ’مون تہ هن کي ماري رکيو‘.“ حان
ھڪدم چيو.
”ڄاڻي واڻي، تنھنجو مطلب آھي؟“
”ھا. اوچتو مون کي ائين محسوس ٿيوڄڻ مون ھن کي ڄاڻي واڻي ماري رکيو.“
”ان کان پوءِ آءٌ سمجهان ٿو تہ تون زال جي لاش اڳيان جهڪي ويٺين ۽ ماٺ مٺوڙي ۾ دعائون گهرندو رهئين؟“ جج پڇيو.
”ھائو، سائين! اھا مھل ۽ موقعي مطابق مون اٽڪل ڪئي. مون کي يڪدم ڌيان ۾ آيوتہ ھرڪو سمجهي ٿو تہ آءٌ عيسائي آھيان. پر آءٌ دعا گهرڻ جو ڍونگ رچائي، دل ئي دل ۾ اھو حساب لڳائي رهيو ھوس تہ مون کي ھاڻ ڪھڙو طريقو اختيار ڪرڻ کپي.“ حان ٻڌايو.
”سو تون ان بابت بلڪل مطمئن هئين تہ تو جيڪي ڪيو سو ڄاڻي واڻي ڪيئي؟“
”بلڪل. پر مون اھڙو نمونو اختيار ڪيو جو ماڻھو سمجهن تہ ڄڻ اھو مون کان حادثو ٿي پيو.“
”۽ اهو تون ڪيئن ٿو سمجهين تہ تو کان ڄاڻي واڻي ٿيو.“
”ان ڪري ٿو چوان جو ان وقت مون ۾ فيصلي ڪرڻ جي ڪا قوت نہ رھي ھئي.“
”ڇا تون سمجهين ٿو تہ تو واقعي ماڻھن کي اهو ڏيک ڏئي سگهئين تہ اھو توکان حادثو ٿي پيو ھو؟“
”ھا، جيتوڻيڪ پوءِ جڏھن ان بابت مون سوچيوتہ آءٌ ڏڪي ويس.پوءِ مون اھڙو نمونو ڪيو ڄڻ مان زال جي غم ۾ ڏکويل ھجان، پر ڪوبہ عقلمند ان وقت غور ڪري ھا تہ ڀلي ڀت سمجهي سگهي ھا تہ آءٌ ائين ئي مکر پيو ڪريان. پوءِ، ان وقت مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ ڇو نہ ھن ڏوھہ کان بچي پوان. مون دل ئي دل ۾ سوچيوتہ منھنجي خلاف ڪوبہ ثبوت تہ ناھي. هونءَ کڻي ڪيترن کي خبر ھئي تہ منھنجا زال سان تعلقات سٺا نہ آھن، پر جيڪڏھن آءٌ چوندو رھندس تہ ھي حادثو آھي تہ ڪير آھي جو ان کي ڪوڙ ثابت ڪري سگهندو، سو دل ئي دل ۾ مون اھو فيصلو ڪيوتہ ان کي حادثو مشھور ڪبو.
”۽ پوءِ ھڪ عجيب سوال منھنجي دل ۾ پيدا ٿيو: آءٌ پاڻ بہ ڇو نہ يقين ڪريان تہ اھو حادثو ئي هو؟ ان کي خون ان ڪري پيو سمجهان جو رات زال کي خون ڪرڻ جو مون سوچيو ھو. آھستي آھستي آءٌ ذھني طرح ان حد تي پھتس جو مون کي خود سمجهہ ۾ نہ آيو تہ اصل ۾ ٿيو ڇا آهي؟ آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس - بس حد کان وڌيڪ خوش. دل چيوتہ خوشيءَ کان دانھون ڪريان.“
”ان لاءِ تہ تو ان کي ھاڻ حادثو ڪري سمجهيو؟“
”نه، اھو آءٌ چئي نٿو سگهان. ڇو جو مون کي پاڻ بہ ذري جي خبر نہ ھئي تہ اهو ڪم اتفاقي ٿيو يا ڄاڻي واڻي. بھرحال مون ان ۾ ئي پنھنجو ڇوٽڪارو سمجهيو تہ آءٌ هر ڳالھہ ۽ هر ڪوڙ کان پلاند آجو رکان. اھو چئي پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکو ڏيان تہ اھو حادثو ٿيو، ان کان بھتر آھي تہ ايمانداريء سان سچ سچ جيڪا ڳالھہ آھي اھا ڪريان تہ مون کي خبر ناھي. آءٌ ان کي نہ پنھنجي غلطي چئي سگهان ٿو ۽ نہ ان کي ڄاڻي واڻي مارڻ. دراصل آءٌ پنھنجو پاڻ کي نه”ڏوھاري“ چئي سگهان ٿو ۽ نہ وري ”اڻ ڏوهاري.“
حان ماٺ ٿي ويو. جج پڻ. چڱي دير لاءِ خاموش رھڻ کان پوءِ جج ڌيرج سان چيو: ”آءٌ يقين ٿو رکان تہ جيڪي ڪجهہ تو مون کي ٻڌايو آھي اھو سچ آھي. بس هاڻ باقي ھڪڙو سوال: ڇا توکي پنھنجي زال جي موت جو ذري برابر بہ ڏک ناھي؟“
”ڪجهہ بہ نه! ماضيءَ ۾ جڏھن آءٌ زال کي سخت ڌڪاريندو ھوس ان وقت تہ مان اھو سوچي بہ نٿي سگهيس تہ آءٌ سندس موت جي ڳالھہ ڪندي هيڏو خوش ٿيندس.“
”چڱو.“ جج چيو، ”تون ڀلي هيٺ ٿي بيهه.“
حان ڪنڌ هيٺ ڪري ڪٽهڙي کان ٻاھر اچي بيٺو. جج عجيب احساسات هيٺ ٽيبل تان قلم کنيو ۽ سامھون رکيل پنن کي پاڻ ڏي ريڙھي انھن تي لکيو: ”ھي ڏوھاري ناھي.“