الطاف شيخ ڪارنر

جپان رس

جپان جي ادبي تاريخ جي فڪري لاڙن جي پس منظر ۾ جڏهن الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب “جپان رس” ۾ شامل جپاني ڪھاڻين جي ترجمي کي پڙھجي ٿو تہ، اھي جپاني ادب جي ڏيڍ صديءَ وارن ٽن ادبي دؤرن، جيڪي حڪومتن جي تبديلين سان سڃاڻپ رکن ٿا، جو اولڙو محسوس ٿين ٿيون. هنن ڪھاڻين جي خوبصورتي ۽ مفھوم ان ڪري بہ ضربجي نہ سگهيو آھي، جو الطاف شيخ صاحب اھي سڌوسنئون جپاني ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آھن. جڏھن تہ هن هر ڪھاڻيڪار جو مختصر پر جامع تعارف ڏيئي، جتي ڪھاڻيءَ کي بامعنيٰ بڻايو آھي، اتي ڪھاڻيءَ جي دؤر کي پڻ واضح ڪيو آهي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ ۾، دؤر جي مناسبت سان پلاٽ، ڪردارنگاري، منظر نگاري، ٻولي، خيال ۽ ان جي ٽريٽمينٽ پڻ پڙھندڙ تي چٽي ٿي بيھي ٿي. ڪتاب ۾ چونڊ جپاني شاعريءَ جو ترجمو پڻ شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 81
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جپان رس

ڪومايل مکڙي

ڪميڪو جي اڄ صبح کان اک ڦڙڪي رهي هئي. منجهند ڌاري فون جي گهنٽي وڳي. ”مشي مشي!“1 پاڻ فون کڻي هيلو هيلو ڪيو.
”آئون شام جو پنجين بجي ڌاري اچي نڪرندس.“ فون تي ڳالھائيندڙ همراھہ ٻڌايو. يڪي سال جي خاموشيءَ بعد اها هڪ عجيب ڳالھہ هئي، پر تڏهن، ڪنھن کي ڇا خبر ھئي... ڪميڪو پنھنجي واچ ڏي ڏٺو. پنجن ۾ اڃا بہ ٻہ ڪلاڪ هئا جن ۾ هن تيار ٿي وڃڻ چاهيو ٿي. پاڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ هن لاءِ سڀ کان اول ۽ اهم شيءِ هئي وهنجڻ.
هوءَ پنھنجي ڪم واري ڇوڪريءَ کي جلدي ماني ٺاهڻ لاءِ چئي وهنجڻ جاءِ ڏي رواني ٿي. اهو ضروري هو تہ پنھنجي پراڻي يار اڳيان هوءَ جيتري قدر ٿي سگهي ننڍي نيٽي لڳي. گهٽ ۾ گهٽ آخري ملاقات تي موڪلائڻ مھل جھڙي لڳي رھي ھئي، ان کان ڪجهہ بھتر لڳڻ کپي. ڇو تہ جي اڳلي کي سندس وڏي عمر جو احساس ٿي وڃي تہ پوءِ باقي ڳالھہ ئي ڇا رهي. سو اهي ڳالھيون سوچي ٽب ۾ پنھنجو پاڻ کي فرحت سان پسائي، جسم کي مھٽيندي ۽ مليندي رهي.
وهنجڻ کان پوءِ ٻاهر نڪري ريفريجريٽر مان برف جو ڳوڙهيون ڪڍيائين ۽ سنھي ململ جي ڪپڙي جو ٻٽو تھہ ٺاهي، ان ۾ برف جي سنھي ڪاتر ڪري وڌائين. ان کان پوءِ آرسيءَ جي سامھون ويھي ڏهن منٽن کن لاءِ برف جي ان ڪاتر سان پنھنجي منھن جي مالش ڪندي رھي. سندس سڄو منھن ڳاڙهو ۽ سوٽ ٿي پيو. جنھن ڪري هن ۾ ڪجهہ جوانيءَ واري تازگي محسوس ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ سندس ڇاتيون چغلي هڻي رهيون هيون تہ هوءَ ڇاونجاھہ سالن جي ٿي وئي آهي،پر پنھنجي ڊگهي تجربي جي آڌار تي هن کي پنھنجو پاڻ ۾ اعتماد هو تہ ان جو ڪو نہ ڪو بندوبست يا ڍڪ ڪري وٺندي. اهو سوچي هن ڪٻٽ مان هڪ ولائتي ڪريم جي برني ڪڍي جيڪا هن اهڙن موقعن لاءِ سانڍي رکي هئي. ڏسڻي ۽ وچين آڱر برنيء ۾ وجهي هن ڪجهہ ڪريم ٻاهر ڪڍي ان جو ليپ پنھنجي منھن ۽ ڇاتين کي ڏئي مالش ڪئي. سامھون آرسيءَ مان هڪ وڏي عمر جي عورت جي ڦڪي پيلي منھن جون مرجهايل اکيون، جن جي ھيٺان نيرا سنڌا ٺھي ويا هئا، هن ڏي گهورڻ لڳيون.
ڪجهہ گهڙين لاءِ پنھنجي چھري جو اهو اصلي روپ ڏسي / محسوس ڪري هن کي پنھنجو پاڻ کان بڇان لڳي ۽ پوءِ سندس اکين اڳيان اُهي ڏينھن ڦرڻ لڳا جڏھن سندس ان چھري تي جادوءَ ڀري سونھن جو راڄ هو. ان سونھن جو تصويرون ۽ پوسٽ ڪارڊ ان وقت جا نوجوان پنھنجن ٻٽوئن ۽ فريمن ۾ رکندي فخر محسوس ڪندا هئا. اهو بہ ڪو وقت هو جڏهن عاشق مزاج مٿس پھرين نظر وجهڻ سان ئي دل ڏئي ويھندا هئا. هن ٿڌو ساھہ کڻي هيٺين جسم تي ويڙهيل ڪپڙو مٿي ڇڪي پنھنجين سٿرن کي چتائي ڏٺو. ڪنھن زماني ۾ انھن تي موجود ڇانھينء جھڙي ڳاڙهاڻ ۽ ڀريل ماس هاڻ وقت سان گڏ وڃي چڪو هو ۽ هاڻ نيري ۽ ڳاڙهي رنگ جو اڀريل شريانيون ۽ نسون منجهيل کونڌن وانگر سندس سنھڙي چمڙيءَ هيٺان نظر اچي رهيون هيون. پر ان هوندي بہ هوءَ سڪل ۽ هڏائين نہ هئي ۽ اها هڪ اهڙي ڳالھہ هئي جنھن لاءِ هن شڪر ٿي ڪيو ۽ سندس سٿرون اوڪڙون ويھڻ سان هڪ ٻئي سان اڃا بہ چڱيءَ طرح ملي ويون ٿي. وهنجڻ وقت هوءَ هميشہ دستور موجب اڄ بہ گوڏا ملائي کڙين تي ٿي ويٺي ۽ پوءِ پيالي سان پاڻي ڀري ٽنگن جي وچ ۾ نائيو. سندس ٽنگن جي وچ ۾ ٺھيل ان گهٻ ۾ پاڻي دٻو ٺاهي بيهي رهيو. اها هڪ اهڙي ڳالھہ هئي جنھن هن جي اندر کي هميشہ خوشي ۽ سڪون بخشيو ٿي تہ هوءَ وڏي عمر جي ٿيڻ جي باوجود بہ اڃا پوڙھي نہ ٿي آهي. ’هوءَ اڃا بہ ماڻھن جون دليون جيتي سگهي ٿي، ۽ جيستائين سندس جسم ان حد کان ٻاھر نہ نڪتو آهي،‘ ڪميڪو چيو، ’ماڻھو هن لاءِ هوءَ پنھنجي زندگيءَ لاءِ موھہ برقرار رکي سگهي ٿي.‘ هن پنھنجيون ٽنگون ڌار ڪيون ۽ گڏ ٿيل پاڻي هيٺ ناري وانگر وهي ويو. هن لڄايل ڇوڪريءَ وانگر شرمائيندي پنھنجي ٽنگن جي مٿان ۽ پاسن تي هٿ گهمايو. سندس بدن جي چمڙي اڃا اهڙي لسي ۽ نرم هئي، جھڙي هرڻيءَ جي نئين ڄايل ڦر جي کل تيل هڻڻ سان ٿي پوندي آهي.
ڪميڪو ڪجهہ سال اڳ ارڙهين صديءَ جي جپاني ليکڪ ”سائي ڪاڪوء“ جو لکيل جپان جو سفرنامو پڙهيو هو. ان ۾ ٻين دلچسپ ڳالھين کان علاوه ٻن سھڻين ڇوڪرين جو پڻ ذڪر هو، جيڪي سامي سين (جپاني ساز) ٿيون وڃائين. هڪ جو نالو ‘اوسينگي’ هو ۽ ٻيءَ ڇوڪريءَ جو ’تاما‘. ٻئي ڄڻيون ساميسين وڄائڻ وقت ڳاڙهي کھنبي رنگ جي رسين پويان ٿي وهنديون هيون ۽ ڏسندڙ داد ڏيڻ خاطر نوٽن جا ٻڪ اڇلي هڻندا هئا. هرهڪ جي خواهش هئي تہ سندن نوٽ رسين جي وچ مان لنگهي ڇوڪرين جي منھن کي وڃي لڳن. ڪميڪو جي ڌيان ۾ ان وقت ڪتاب جو اهو نظارو هُرڻ لڳو. رسين پويان ويٺل ڇوڪرين جھڙي سونھن ڪنھن وقت هن جي بہ ملڪيت هئي. پر هاڻ اها ڳالھہ ماضيءَ جي ئي سمجهڻ کپي.
جوانيءَ جي ڏينھن ۾ هن جي نظرن ۾ پئسو ئي سڀ ڪجهہ هو، جنھن لاءِ هوءَ پنھنجو پاڻ کپائيندي رهي – باقي ٻي ڪنھن ڳالھہ لاءِ طلب نہ هيس. پر هاڻ هوءَ پوڙھي ٿي چڪي آهي. ٻي وڏي لڙائيءَ وارا ڏينھن بہ هوءَ آسانيءَ سان اڪاري وئي پر هاڻ مرد بنا واري زندگي هن کي اڪيلائي ۽ خاليپڻي جو احساس ڏياري رهي هئي. هن جي سونھن سوڀيا بہ وقت سان گڏ آهستي آهستي چُڙي چڪي هئي. ويجهڙائيءَ وارن سالن هن جي سوچ ۽ ڪردار ۾ ائين تبديلي آڻي ڇڏي جيئن لوهار جا مترڪا لوھہ کي هڪ شڪل مان ٻيءَ ۾ آڻين. بھرحال پوڙهي ٿيڻ تي هن بي افعالي قسم جي ڪپڙن پائڻ کان پاسو ڪري ڇڏيو. هن کي اهي ردي قسم جو اٽڪلون ڪڏهن بہ نہ وڻيون، جيڪي اڪثر پنجاھہ سالن جي وهيءَ کان مٿي چڙهيل رنون پاڻ کي پرڪشش بنائڻ جي جاکوڙ ۾ڪن ٿيون. سُسيل ڇاتين جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ ڌيان هٽائڻ لاء لاڪيٽ پائڻ، شوخ ڳاڙهي رنگ جي چيڪ واري ڪپڙي جون قميصون ۽ اسڪرٽ پائڻ – جيڪو ڪپڙو دراصل اندرين پڙي، يا پيٽيڪوٽ لاءِ ٺھي ٿو. سفيد ساٽن جو بلائوز پائڻ، ويڪرين اندين وارو هئٽ استعمال ڪرڻ، جنھن جي ڪنار ۾ جيئن پيشانيءَ جا گهنج لڪي وڃن. هن کي اهي جپاني عورتون تہ بنھہ نٿي وڻيون، جيڪي ڳچيءَ ۾ رنڊين وانگر ڳاڙهي کهنبي رنگ جو رومال ٻڌي هلن ٿيون.
ڪميڪو ڪڏهن بہ مغربي ڊريس نہ پاتي هئي. هن گهڻو ڪري تکي آسماني رنگ جو ڪمونو پسند ڪيو ٿي، جنھن جي مٿان اڇي ڪريپ جي ڪپڙي جو مٿيون تھہ هجي، چيلھہ جو پٽو پيلي ۽ ڪريم ڪلر جو جنھن مٿان جهالر ۽ اندريون اوبي (اڳٺ) ڦڪي آسماني رنگ جو استعمال ڪندي هئي. پر ان اڳٺ کي ٻين عورتن وانگر ڏيکاءَ لاءِ ٻاهر نہ ورائيندي هئي، هوءَ پنھنجيون ڇاتيون اهڙي نموني سان باڊيءَ ۾ ٺاهي ٻڌندي هئي جو هميشہ گول، ڀريل ۽ اڀريل نظر اچن. چيلھہ سنھي هيس ۽ دڏيون بہ ايتريون موڪريون ۽ بي ڊوليون نہ هيس. ڪپڙن پائڻ کان اڳ هڪ سنھي ڪپڙي جي سوڙهي گنجي ڇڪي پائيندي هئي، جيڪا بدن سان ڄڻ چھٽي ويندي هيس. پٺيان ٻنڍڻن تي نرم سلڪ جا سنھا گاديلا ٻڌندي هئي. سندس جسم جي کليل اڇي رنگ ۽ وارن جي ڊگهين چڳن ڪري هوءَ ڪڏهن بہ پنجاھہ سالن کان مٿي نٿي لڳي.
مرد ماڻھو سان ملڻ کان اڳ هوءَ هميشہ اڄ وانگر خبرداريءَ سان تيار ٿي ٿي. ان کان پوءِ آرسيءَ اڳيان ويھي ساڪي شراب جو پيگ پي پوءِ ياد ڪري چڱي طرح ڏند ۽ وات صاف ڪيو ٿي. جيئن شراب جي ڌپ مري وڃي. اهڙي موقعي تي شراب جي انھن ٻن ٽن ڍڪن سندس منھن کي اهڙي تہ ٻهڪ ڏني ٿي جو ڪا لالي سرخي ۽ پائوڊر بہ نہ ڏين ۽ ان شراب جيڪو هلڪو سرور پيدا ڪيو ٿي ان ۾ سندس اکين کي ضرورت مطابق آلاڻ ۽ نشيلوپڻ مليو ٿي ۽ ڳلن وارو هڏو ڳاڙهو سرخ ٿي ٿي ويو. ڪريم ۽ لوشن ۾ ڌوپڻ کان پوءِ تہ سندس منھن ائين جرڪڻ لڳو ٿي، ڄڻ منجهس نئين حياتي ڦوڪي وئي هجي. اوچي قسم جي لپ اسٽڪ، سا بہ تکي رنگ واري، فقط ھڪ اھڙي ڳاڙهي شيءِ هئي، جيڪا ھن چين تي هنئي ٿي. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن هڪ دفعو بہ ننهن کي پالش نہ لڳائي هوندي ۽ هاڻ جواني وڃڻ کان پوءِ تہ هن کي ان ڳالھہ جو ارادو بلڪل نہ هو. ان بدران هٿن جي پٺ کي نرم رکڻ لاءِ فقط لوشن هنيو ٿي ۽ ننهن تہ صفا ننڍا ٿي رکيا جن کي فقط ڪپڙي سان پالش ڪندي هئي. عطر – هلڪي ۽ مٺي خوشبوءِ واري عطر جو مک اهڙن موقعن تي ڪلھن ۽ ٻانھن جي ڏونئرن تي ڏنو ٿي. ڪنن جي پاپڙين تي يا پٺيان هڻڻ کان گريز ڪئي ٿي.
ڪميڪو ڪڏهن بہ پنھنجو عورتپڻو نٿي وساريو. عورت جي ٻڍاپي کان تہ موت بھتر آهي، هن سوچيو. هڪ شعر آهي. ماضيءَ جي ڪنھن مشھور جپاني شاعره عورت جو ئي چيل تہ:
”جوان عورت جيترو ٿوري ڪوشش سان پاڻ ڏي ماڻھن
جو گهڻو ڌيان ڇڪائي سگهي ٿي پوڙھي ٿيڻ تي اوتروئي گهڻي
ڪوشش جي باوجود هوءَ ٿورو بہ ڌيان نٿي ڇڪائي سگهي.“
جوانيءَ ۾ تہ ڪنھن بہ ڳالھہ جو احساس نٿو ٿئي پر پوءِ ئي خيال اچي ٿو تہ مرد بنا، ڏونگر جھڙي زندگي ڏورڻ عورت لاءِ ڏکيو ڪم آهي. ڪميڪو سامھون رکيل تازن گلن ڏي گهوري ڏٺو، جيڪي اتايا هينئر هينئر رکي ويو هو. انھن گلن جي سونھن کيس پنھنجي ماضيءَ جي سونھن جي ياد ڏياري ٿي. پر هاڻ اهي ڏينھن گذرندي ڪو وقت ٿي ويو. هاڻ تہ ان سان گڏ سندس پنھنجي پسند ۽ اهي مڙئي شيون جن کيس لست ڏني ٿي – سڀ هڪ ٻئي پويان بدلجي ويون هيون، پر ان هوندي بہ هوءَ خوش هئي. ڪڏهن ڪڏهن، جڏھن هوءَ اڪيلي ستل هوندي هئي ۽ اڌ رات جو اک کلي پوندي هيس تہ وقت گذارڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کي وندرائڻ لاءِ آڱرين تي ڪن خاص خاص مردن جي ڳڻپ ڪندي هئي، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ تڏهن آيا، جڏھن تہ هوءَ بيحد جوان ۽ ننڍي نيٽي هئي. ’هڪ تہ هو هوندو هو، ۽ پوءِ هو مڙسالو مليو، تنھن کان پوءِ هي يا شايد هو هو ۽ ها سچي، هن کي تہ وساريويٺيس... پر شايد اهو هن کان پھرين آيو هو...؟ يا شايد پوءِ، هاڻ...؟‘ ۽ جيئن جيئن هن فلم جو اهو ريل هلايو ٿي تہ ياديون سيني منجهان اڀري ڄڻ ڳلي ۾ ٿي ڦاٿس. ڪن ڪن ماڻھن کي تہ ياد ڪري – خاص ڪري هنن سان آخري وڇڙڻ واريون ملاقاتون ياد ڪري، اکين مان ڳوڙها ٿي ڳڙيس. ان ڪري انھن ماڻھن جون فقط پھريون ئي ملاقات ڌيان ۾ آندائين ٿي. ”هڪ تہ همراھہ هوندو هو...،“ هن پراڻن معاشقن جون بہ فقط اهي اڳياڙيون ياد ڪيون ٿي جن ۾ ميلاپ ۽ خوش هئي. پيار ۽ پئسو هو. پريت جو پيغام ۽ محبت جي ماکي هئي. ۽ ائين ستي ستي پنھنجن يارن چگهن جو ويچاريندي اکين تي خمار چڙهي ويس ٿي.
”تابيءَ جي اوچتي آيل هن فون تي ڪميڪو کي تعجب ضرور لڳو. اهو ائين هو ڄڻ، ڪو خاص ۽ مھانگو تحفو گهر جي ڇت ڦاڙي اچي ڪريو هجي. هو اڄ اچي رهيو آهي – ظاھر آهي پنھنجين پراڻن ڏينھن جي ياد تازي ڪرڻ يا شايد پنھنجي جوانيءَ جي ٻاريل باھہ جي ڦلھير کي ڏسڻ خاطر. جذبات جي ٿڌي ٿيل رک کي هٽائي ڪا چڻنگ يا دکيل باھہ جو ڪو بچيل الو ڏسڻ ڪارڻ – پر هوءَ هن کي نہ آهون ڀرڻ ڏيندي نہ پنھنجي کسجي ويل جوانيءَ جون پچارون ڪرڻ ڏيندي ۽ نہ وري سندس غربت جو ڳالھيون ٻڌي وقت وڃائيندي. هوءَ پوري شان شوڪت سان هڪ خوش باش ماحول واري فضا ۾ ويھي ساڻس ڳالھيون ٻولھيون ڪندي. جيئن هو جڏهن وڃي تہ پاڻ سان اهو اثر کڻي وڃي تہ هوءَ اها عورت آهي جيڪا ڪڏهن منھنجي هئي جنھن ۾ اڃا بہ تازگي برقرار آهي ۽ جنھن جي جواني ۽ سونھن ۾ ڪا خاص تبديلي نہ آئي آهي.
آخرڪار وهنجڻ سھنجڻ ۽ ميڪ جو ڪم پورو ٿيو ۽ هاڻ ڪميڪو سين فلمائڻ لاءِ منتظر ائڪٽريس جيان، آرسيءَ اڳيان ٿي بيٺي ۽ بي چينيءَ سان پنھنجي جسم جو آخري جائزو وٺي پوءِ ڪمري ۾ داخل ٿي. رات جي ماني ٽيبل تي لڳي چڪي هئي، پاڻ ٻانھيءَ جي سامھون ٿي ويٺي ۽ هلڪي ڦلڪي ماني کاڌائين. ڇڍڙو ”مِسو“ سوپ پيتائين ۽ ٻي ڪا ڳري شيءِ کائڻ بدران کچڻيءَ سان آچار کاڌائين. مانيءَ جو ڪم لاهي پوءِ ڪچو بيضو ڀڃي ان جي پيلي ٽڪي ڳٿائين.
ڪميڪو کي گهر ۾ آيل مرد مھمان کي ماني کارائڻ جي عادت بنھہ نہ هئي. هن کي ڪڏهن بہ اهڙين عورتن تي رشڪ نہ آيو، جيڪي مرد جي دل جيتڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کي رڌ پچاءَ پٺيان سڄو ڏينھن رڌڻي ۾ پيون ساڙينديون آهن. پوءِ مانيءَ کي ٽيبل تي سينگاري رکڻ جا سوين سانگ ڪنديون. گهرو عورت ٿي رهڻ جي تہ هن ڪڏهن بہ سڌ نٿي ڪئي. هن کي گهر گهريتري ٿيڻ جي ضرورت ئي ڪھڙي هئي، جڏهن هن کي ڪنھن سان شادي ڪري گڏ گذارڻ جو خيال شروع کان نہ هو. اها هئي هن جي فطرت، ان هوندي جيڪي بہ مرد – خاص ڪري سندس وطن جا جپاني مرد، ڪميڪو سان ملڻ لاءِ ايندا هئا، سي پاڻ سان ڪونہ ڪو تحفو ضرور آڻيندا هئا. هن لاءِ اها تعجب جوڳي ڳالھہ نہ هئي. ڪنجوس ۽ بنا پئسي واري مرد لاءِ ڪميڪو جي دل توڙي گهر ۾ ڪا جاءِ نہ هئي ۽ اهڙن مردن لاءِ کيس ڪڏهن ڪا ڪشش نہ ٿي. اُهي مرد جيڪي هن سان اڻ استري ٿيل سوٽ ۾ اچي سمھندا هئا يا جن جي ڪَڇَن جا بٽڻبہ سڄا نہ هوندا هئا – اهڙا لاپرواھہ ۽ جوکا عاشق هن جي نظرن ۾ هميشہ بيڪار هئا. پيار يا محبت، هن جي سوچ موجب، هڪ آرٽ جي لڳاتار ڪمن جي تعلق وانگر هئڻ کپي.
جڏهن هوءَ ڇوڪري هئي تہ ماڻھن جي چوڻ موجب هن جو نڪ نقشو انھن ڏينھن جي مشھور گيشا ’مان ريو‘ سان مليو ٿي. هن ’مان ريو‘ کي سندس شاديءَ بعد ئي ڏٺو هو. هن جي جرڪندڙ سونھن ۾ هميشہ جي تازگي هئي. هن ڪميڪو جي دل تي ’ڪڏھن بہ نہ ميسارجڻ‘ جهڙو اثر ڇڏيو هو ۽ ڪميڪو ان ئي وقت محسوس ڪيو تہ ڪابہ عورت جيڪڏهن پنھنجي سونھن جي تازگي برقرار رکڻ چاهي ٿي تہ هن کي هڪ ڳالھہ جيڪا تمام اهم سمجهڻ گهرجي، اها آهي پئسو ڏوڪڙ. بنا پئسي ڏوڪڙ جي پاڻ کي خوش، پرسڪون ۽ حسين رکڻ ڏکيو آهي.
ڪميڪو جڏهن پھرين گيشا ٿي هئي تہ ان وقت سندس عمر اوڻيھہ سال هئي. هن جي سونھن اهڙي هئي جو هرهڪ قبول ڪئي ٿي. باقي ضروري فن جي سکيا هن تمام گهٽ حاصل ڪئي. گيشا ٿيڻ بعد سگهوئي هن کي هڪ فرينچ مرد کي وندرائڻ لاءِ سڏايو ويو ھو، جيڪو ڪو ننڍو تہ نہ هو. ايشيا جي دوري جي سلسلي ۾ سندس جپان اچڻ ٿيو هو. هو ڪميڪو جي حسن تي موهت ٿي پيو ۽ کيس جپاني مارگوريٽ گاتير سڏڻ لڳو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ڪو دور اهڙو بہ هو جو ڪميڪو پنھنجين نظرن ۾ فرانس جي Dame Aux Camelias هئي. جيتوڻيڪ هو سچي عاشق جي ڪسوٽيءَ تي پورو اچي نہ سگهيو، پر تڏهن بہ هن ۾ ڪا اهڙي مڙئي ڳالھہ هئي جيڪا ڪميڪو جي دل ۾ هميشہ لاءِ گهر ڪري ويئي. هن جو نالو مائيڪل هو ۽ هينئر جي عمر جو ويھي حساب ڪجي تہ هن وقت هو فرانس جي ڪنھن اتراهين حصي ۾ قبر جي پرسڪون زندگي گذاري رهيو هوندو. پنھنجي ملڪ فرانس پھچي هن ڪميڪو ڏي تحفو موڪليو هو – اهو هڪ لاڪيٽ هو جنھن ۾ ڪئين ياقوت ۽ هيرا جڙيل هئا. جنگ دوران جڏهن حالتون بلڪل ئي خراب ٿي ويون هيون تڏهن بہ ڪميڪو اهو ئي فيصلو ڪيو تہ ڇا بہ ٿي وڃي پر هوءَ ههڙي تحفي کي پنھنجي جيءَ کان ڌار نہ ڪندي.
سڀ اهي مرد جن جي ڪميڪو سريت ٿي رهي هئي، اڳتي هلي پنھنجي ڪم ۽ فن جا اهم ماڻھو ٿيا هئا ۽ پنھنجن پنھنجن ملڪن ۾ هنن وڏو نالو پيدا ڪيو هو. پر جنگ جي دوران انھن مان ڪيترن ئي جا پار پتا کانئس هيٺ مٿي ٿي ويا ۽ پوءِ هڪ ٻئي جي خبرچار معلوم ٿي نہ سگهي. ڪيترن ماڻھن اهو بہ چيو ٿي تہ ڪميڪو پنھنجي سونھن ۽ جوانيءَ جي ڏينھن ۾ ڪا گهٽ ملڪيت هٿ نہ ڪئي. اهو صحيح هو يا غلط پر ڪميڪو ٻين گيشا ڇوڪرين جي نقش قدم تي هلي ڪو پنھنجو چانھہ گهر يا هوٽل کولڻ جو شوق نہ ڪيو. هوءَ دراصل ايتري بہ پئسي واري نہ هئي، جيترا ماڻھن کڻي هن بابت افواھہ اٿاريا هئا. هن جي ملڪيت ڇڙو سندس هڪ گهر هو جنھن ۾ جنگ وارن ڏينھن ۾ پاڻ ٿي رهي ۽ هڪ ٻيو گهر اتامي شھر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هو. جنگ بعد سڄي جپان ۾ رهائش جو مسئلو ٿي پيو هو ۽ ڪميڪو هن جو فائدو وٺي پنھنجي ان سامونڊي ڪناري واري گهر کي وڪڻي چار ڏوڪڙ ٺاهي ورتا هئا.
ڪميڪو ٻيو ڪو بہ ڌنڌو ڌاڙي نٿي ڪيو. سڄو ڏينھن گهر ۾ ويٺي گذرندو هوس. اوڪينو نالي، ڪم ڪار لاءِ هن وٽ هڪ ٻانھي هئي جيڪا سندس ڪنھن رشتي جي ڀيڻ هٿ ڪري ڏني هئي. اها نوڪرياڻي (اوڪينو) ٻوڙي ۽ گونگي هئي. ٻاهران ايندڙ مھمان ڪميڪو کي ان قسم جي بند ۽ خاموش زندگي گذاريندو ڏسي تعجب کائيندا هئا. ڪميڪو کي فلم يا ڊرامو ڏسڻ جو بہ ڪو شوق نہ هو ۽ نہ وري اجايو هيڏانھن هوڏانھن گهمڻ ڦرڻ يا ماڻھن وٽ وڃي ڪچھري ڪرڻ ۾ ڪو مزو آيو ٿي. ڏينھن جي روشنيءَ کان هوءَ پري ئي ڀڄندي هئي جو ان ۾ ماڻھوءَ جي اصلي عمر ظاھر ٿئي ٿي ۽ هرهڪ کي چتائي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. هن ڄاتو ٿي تہ ڪيترا بہ کڻي قيمتي ڪپڙا پاءِ تہ بہ سج جي تکن ڪرڻن کان پاڻ بچائي نٿو سگهجي.
هن گهر جي بند زندگيءَ ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو ٿي ۽ ٻي ڪنھن بہ شيءِ جي تمنا نہ هيس. ناول پڙهڻ جو سو کيس تمام گهڻو شوق هو. ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو هن کي صلاح ڏيندا هئا تہ ڪنھن کي ڌيءَ ڪري کڻي نپائي، جيئن اها پيريءَ جو سھارو بڻجي. پِيري ۽ ان سان ڳنڍيل ٻين اهڙي شين جو سوچي ڪميڪو کي دل ڄڻ ڪچي ٿي ٿي ۽ ٻي ڳالھہ تہ سڄي عمر هن اڪيلائيءَ ۾ گذاري ۽ ڪڏھن بہ هوءَ ڪنھن بہ اهڙي قسم جي لڳ لاڳاپي رکڻ جي عادي نہ هئي.
سندس زندگي بہ عجيب هئي، هن ننڍي هوندي کان ماءُ پيءُ نہ ڏٺا. کيس رڳو اها ڄاڻ هئي تہ هوءَ اڪيتا ضلعي جي هڪ ڳوٺڙي اوساگاوا ۾ ڄائي هئي. پاڻ جڏهن پنجن سالن جي ٿي تہ ٽوڪيو شھر جي هڪ ڪٽنب کيس پاڻ وٽ ڌيءَ وانگر پالي نپائي وڏو ڪيو. پوءِ انھن جي ئي ذات سان سڏجڻ لڳي. سندس ويڳو پيءُ سول انجينئر هو جنھن جي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ منچوريا بدلي ٿي. جتان هو وري واپس نہ آيو ۽ نہ وري ڪا پوءِ خبرچار پھتي.
ڪميڪو انھن ڏينھن ۾ پرائمري اسڪول ۾ هئي. سندس پيءُ جي زال رتسو ڌنڌيء ۾ ڪا گهٽ نہ هئي، سو اڪيلي سر گهر جي خرچ پکي کي منھن ڏيڻ لاءِ بچيل سچيل پئسن مان گهر ٺھرائي مسواڙ تي ڏنو. نتيجي طور ان مان ايتري تہ آمدني ٿيڻ لڳي جو هو شھر جي وڏي علائقي ۾ رهندي بہ ناليرا ۽ امير سڏبا ھئا.
ڪميڪو جڏهن اوڻهين سالن جي هئي تہ هڪ همراهه’توري گوئي‘ جي هنن جي گهر ۾ گهڻي اچ وڃ شروع ٿي هئي. دراصل ھن خاندان جو زوال ان کان پوءِ شروع ٿي ويو ۽ ڏينھون ڏينھن پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ بہ پٺتي ٿيندا هئا. ڪميڪو جي ويڳي ماءُ رتسوء تہ پيئڻ بہ شروع ڪري ڏنو ۽ هر وقت چڙچڙي رهڻ لڳي ٿي. ان سان گڏ ڪميڪو جي بہ تڪليف واري زندگي ان وقت کان شروع ٿي هئي. آخر مصيبتون ان حد تي پھتيون جو ’توري گوئي‘ جيڪو ڪميڪو جي عصمت لٽيندو رهيو ٿي، هڪ ڏينھن ايترو تہ وحشي ٿي پيو جو هن کي مارڻ لاءِ ڪاهي آيو. پر ان کان اڳ ڪميڪو پنھنجي جان بچائي گهر کي هميشہ لاءِ ڇڏي اڪاساڪا علائقي جي هڪ چانھہ گهر ۾ اچي پناھہ ورتي. جتي هوءَ پنھنجي سونھن جي ڪري يڪدم گيشا طور رکي ويئي، ۽ پنھنجي نئين زندگي نئين نالي ’ڪن يا‘ سان شروع ڪئي. ڏسندي ئي ڏسندي هوء ايڏو تہ مشھور ٿي وئي جو سندس فوٽو هر مشھور رسالي، ڪتاب ۽ پوسٽ ڪارڊ تي اچڻ لڳو هو.
اهي سڀ ڳالھيون اڄ ڪميڪو لاءِ هڪ ڏور ۽ وسري ويل ماضيءَ جون يادون هيون ۽ اهو سوچي هن کي بيزاري بہ ٿي ٿي تہ هو ڪڏهوڪو پنجاھہ جي غلط پاسي واري عمر ۾ پير رکي چڪي آهي. ڪميڪو کي پالڻ لاءِ آڻڻ کان پوءِ سگهوئي رتسوء کي پنھنجي ڌيءُ ’سميڪو‘بہ ڄائي هئي. ان ڪري رتسو جي موت تي ڪٽنب جي بچيل سموري ملڪيت سندس سڳي ڌيءَ سميڪو جي ئي حوالي ڪئي وئي. ان کان پوءِ ڪميڪو تي ڪٽنب جي ڪابہ جوابداري نہ ٿي آئي ۽ نہ وري پاڻ ڪنھن تي بار ٿيڻ چاهيو ٿي.
سميڪو ۽ سندس مڙس پوءِ ٽاٽسڪا شھر ۾ شاگردن جي رهڻ لاءِ هڪ هاسٽل اچي کولي هئي، جتي ڪميڪو جي ملاقات پئسفڪ واري لڙائيءَ جي ڏينھن ۾ تابي سان ٿي هئي. ڪميڪو ’چانھہ گهر‘ ۾ پنھنجي سرپرست وٽ ٽي سال رهڻ کان پوءِ تعلقات ڇني ڌار هڪ آزاد زندگي گذارڻ لاءِ سميڪو وارن جي هاسٽل ۾ مسواڙ جي ڪمري ۾ اچي رهي هئي.
تابي هن هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن مان هڪ هو، جنھن کي ڪميڪو وقت بوقت پنھنجي ڪمري تي گهرائيندي رهي ۽ ٻنھي جي ڏسندي ئي ڏسندي چڱي ڏيٺ ويٺ ٿي ويئي. هونءَ تابي عمر جي لحاظ کان ڪميڪو جو پٽ ٿي لڳو پر اهو سوچڻ کان اڳ هنن جي دوستي ايڏي تہ وڌي ويئي جو پاڻ ۾ لڪ ڇپ۽ ڳجھہ ڳوھہ وارين ملاقاتين وارو سلسلو بہ شروع ٿي ويو هون. ڪميڪو جي سونھن ۽ کهي اڃا بہ اهڙي ٿي لڳي ڄڻ اڃا سٽتيهن سالن جي هجي ۽ نہ پنجاھہ سالن جي – جيڪا سندس اصلي عمر هئي. گرئجويشن ڪرڻ بعد تابيءَ کي هڪدم آرميءَ ۾ ڪميشن ملي وئي ۽ سب ليفٽيننٽ جي عهدي تي جپاني آرميءَ ۾ مقرر ڪيو ويو. کيس، البتہ، بارڊر تي سڌو موڪلڻ بدران، ڪجهہ عرصي لاءِ هيروشيما رکيو ويو، جتي ڪميڪو ساڻس ٻہ دفعا ملڻ ويئي هئي.
ٻئي دفعا، ڪميڪو جي هوٽل ۾ پھچڻ شرط تابيءَ يونيفارم ۾ ئي اچي ٺڪاءُ ڪيو هو. ڪميڪو کي چمڙي جي شين کان سخت بڇان لڳي ٿي جنھن جا پٽا سٽا تابي يونيفارم مٿان ٻڌي آيو هو. بھرحال ڪميڪو ٻئي راتيون تابي سان گڏ هوٽل ۾ گذاريون. هوءَ هيترو پري کان ڪھي تابي سان ملڻ آئي هئي. پر هن کي مسافريءَ جي ٿڪ ڪري ڪو خاص مزو نہ آيو. تابيءَ جي پٽ سٽ ۽ جوانيءَ جي جوش اڳيان هن جي حالت طوفان ۾ اڏامندڙ پني ڀور جيان ٿي پئي هئي. هن کي ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي پڇاڙي ٿيڻ واري هجي. اهي ٻہ دفعا هيروشيما وڃڻ کان پوءِ بہ هن کي گهرائڻ لاءِ ڪئين خط ۽ تارون موڪليندو رهيو. 1942ع ۾ تابي کي برما موڪليو ويو، جتان جنگ ختم ٿيڻ بعد دلشڪستو ٿي وريو هو. جپان پھچڻ تي هو هڪدم ٽوڪيو آيو ۽ ڪميڪو سان سندس گهر اچي مليو. جسماني طرح هو ڪافي پوڙهو ٿي ويو هو، اڳيان ڏند بہ ڀڄي پيا هيس. ڪميڪو هن کي ان حالت ۾ ڏسي مرجهائجي وئي، ۽ ساڻس ملندي پنھنجي گهٽتائي محسوس ڪئي ۽ سندس خواب اڌ گابرا رهجي ويا.
تابي دراصل پھرين هيروشيما آيو هو، جتي سندس وڏي ڀاءُ جي مدد سان هن هڪ آٽوموبائل ڪمپني شروع ڪئي پر سال اندر ئي ٽوڪيو ورڻو پيس. جڏھن ڪميڪو سان ملڻ لاءِ آيو هو تہ سندس حال اهڙا هئا جو ڪميڪو پھرين تہ هن کي سڃاڻي بہ نہ سگهي هئي. پاڻ ٻڌائين تہ هو عنقريب شادي ڪرڻ وارو آهي. ان کان پوءِ سال کان مٿي گذري ويو پر هو وري نظر نہ آيو.
ڪميڪو هي هاڻوڪو وارو گهر، ٽيليفون سميت، فقط ھڪ راڳ جي بدلي حاصل ڪيو هو ۽ هاسٽل مان لڏي هتي اچي رهي هئي. جنگ جي ڏينھن ۾ جڏهن سميڪو جو گهر سڙي ويو تہ سميڪو مڙس سوڌي اچي ڪميڪو سان گڏ هن گهر ۾ رهي هئي. پر جيئن ئي جنگ ختم ٿي تہ هن کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. بھرحال سميڪو لاءِ اهو سٺو ٿيو جو هن يڪدم پنھنجي ڊٺل گهر مٿان نئون گهر ٺھرائي ورتو، جنھن جي ٺھرائڻي انھن ڏينھن ۾ تمام گهٽ پيس، نہ تہ اڄ ڏينھن تائين نہ ٺھرائي سگهي ها.
ڪميڪو هاڻ آتامي وارو گهر وڪڻي ڇڏيو ۽ مليل پئسن مان هيئن ڪرڻ لڳي جو ڊٺل ۽ پراڻا گهر وٺي انھن جي مرمت ۽ رنگ روغن ڪرائي سٺن پئسن ۾ وڪڻڻ لڳي، جنھن مان هن ٻيڻ ٽيڻ فائدو ڪمائي ورتو ٿي. پئسي ۽ ڏيتي ليتيءَ جي معاملي۾ هن ڪڏهن بہ اٻهرائي نٿي ڪئي. هن کي پنھنجي ڊگهي تجربي ٻڌايو هو تہ پئسو پنھنجو فائدو پاڻ سان آڻي ٿو ۽ برف جي ڳوڙهي وانگر وڌيڪ برف لڳڻ سان وڌندو رهي ٿو بشرطيڪ هر وقت پنھنجا هوش حواس صحيح رکجن. هوءَ وياج تي پئسا بہ ڏيندي هئي. جن ماڻھن سامان گروي رکيو ٿي يا سٺي ساک مھيا ڪئي ٿي انھن کي گهٽ وياج تي، باقي ٻين کي وڏي اگھہ تي. ٻي وڏي جنگ کان پوءِ هن جو بئنڪن تان وشواس کڄي ويو هو. ان ڪري هن پاڻ وٽ بچيل پئسي کي ڪنھن نہ ڪنھن ريت واپار ۾ لڳائي رکيو ٿي ۽ انھن ڏينھن جي بيوقوف ڪڙمين وانگر گهر ۾ کڏ کوٽي لڪائڻ بہ نٿي چاهيو. اهو ڌنڌو ڌاڙي ۽ ڏيتي ليتي هلائڻ لاءِ هن سميڪو جي مڙس هيرويوشيءَ کي مقرر ڪيو هو. کيس اها بہ ڄاڻ هئي تہ پورهيت تڏهن ئي دل تي ڪم ڪندو جڏهن ڪمائي ڏنل پئسن مان کيس بہ ڪجهہ رقم ڪميشن طور ڏني وڃي.
هوءَ پنھنجي نوڪرياڻيءَ سان گڏ اڪيلي سر رهي ٿي. جيتوڻيڪ چئن ڪمرن وارو گهر ٻاهران ويران لڳو ٿي، پر ڪميڪو ڪڏهن بہ اڪيلائي محسوس نہ ڪئي. جيستائين چورن ڌاڙيلن کان بچاءُ جو واسطو هو، ڪو چوڪيدار يا ڪتو بيهارڻ بدران هن اهو بھتر سمجهيو تہ دروازي کي چڱيءَ طرح بند رکي مٿان تالو هڻي ڇڏي. ڪميڪو وٽ کڻي ڪھڙي بہ قسم جا مرد آيا ٿي، پر پاڙي اوڙي جي گلا غيبت کان بي الڪي هئي، جو گهر جي ڳالھہ ٻولھہ ٻاهر ڪڍڻ واري نوڪرياڻي گونگي ۽ ٻوڙي هئي.
انھن مڙني ڳالھين هوندي ڪڏهن ڪڏهن اهڙو وقت بہ ايندو هو جو هوءَ اٻاڻڪو محسوس ڪندي هئي. کيس لڳندو هو ڄڻ ڪو خوفناڪ موت سندس سامھون انتظار ۾ هجي. هر وقت جي ڀوائتي ماٺ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ صبح کان رات تائين ريڊيو آن ئي رکندي هئي.
ڪجهہ وقت کان ڪميڪو جو معاشقو اتابا نالي هڪ همراھہ سان بہ ٿيو جنھن ٽوڪيو شھر کان پرٻهرو گلن جو باغ هلايو ٿي. ڪميڪو هن جي ڀاءُ جي معرفت ساڻس ملي هئي جنھن کانئس آتاميءَ وارو گهر خريد ڪيو هو. جيتوڻيڪ سندس عمر چاليھہ ورهيه يا ان جي لڳ ڀڳ مس هئي، پر سڄو مٿو گنجو هجڻ ڪري عمر کان گهڻو وڏو لڳو ٿي. هن کي گهر جي سلسلي ۾ ٻہ ٽي دفعا ڪميڪو وٽ اچڻو پيو هو. ان بعد هر هفتي سندس اچڻ وڃڻ قائم رهيو.
اتابا جي دوستي شروع ٿيڻ سان ڪميڪو جو گهر گلن کان ٻهڪڻ لڳو هو، جيڪي هو پاڻ سان آڻيندو هو. اڄ بہ سندس گهر گلن کان خالي نہ هو. بخاريءَ تي سجايل گلدستي ۾ پيلي رنگ جا وڏا گل هئا. ڪميڪو کي انھيء رنگ ۽ خوشبوءِ جي گلن هڪ جوان عورت جي سڳنڌ جي ياد ڏياري ٿي. هينئر تابي جو فون اچڻ تي هن کي احساس ٿيو تہ نوجوان تابي لاءِ جيڪا هن کي اندر ۾ ڇڪ رهندي اچيسا اتابا لاءِ مور ناهي، جيتوڻيڪ هوءَ هيروشيما ۾ هن کان سخت مايوس ٿي هئي. پر اهو سوچڻ کپي تہ هو تن ڏينھن ۾ هڪ فوجي هو ۽ اها هن لاءِ هڪ قدرتي ڳالھہ هئي ۽ ننڍپڻ جي ان ڇڪتاڻ کي هاڻ ماضيءَ جي ڳالھہ سمجهي وسارڻ کپي ۽ ساڳي وقت اها هڪ اهڙي سھڻي ڳالھہ هئي، جيڪا هن وقت ياد اچڻ تي انھن پراڻن ڏينھن لاءِ دل واجهائي ٿي.
پنج لڳي ڪجهہ منٽ ٿيا جو تابي گهر ۾ داخل ٿيو. پاڻ سان گڏ جيڪا هڙ کڻي آيو هو، ان مان هن وسڪيءَ جي بوتل، گوشت، پنير ۽ ڪجهہ ٻيون شيون ڪڍي ٽيبل تي رکيون ۽ پوءِ ٻرندڙ بخاريءَ جي ڀرسان رکيل ڪوچ تي ڦان ٿي ڪري پيو. سندس لڏي ويل جوانيءَ جو ڪوبہ ڇڏيل نشان سندس منھن تي موجود نہ هو. پاڻ عجيب ناسي چيڪ جي جئڪيٽ ۽ تکي سائي رنگ جي پينٽ ۾ موڪل تي پسار ڪندڙ ڪنھن مڪينيڪل انجنيئر جهڙو ماڻھو لڳي رھيو ھو.
”تون هميشہ وانگر اڄ بہ سدا بھار لڳي رھي آھين، سچ ته!“ کيڪار کڙيءَ بعد تابي ڪميڪو کي چيو.
”سچ؟ ائين چوڻ لاءِ مھرباني پر آءٌ تہ پنھنجو وقت ڪڏهوڪو گذاري چڪي آهيان.“ ڪميڪو وراڻيو.
”اڃا تہ ذرو بہ نہ گذريو آهي. تون تہ اڄ بہ منھنجي زال کان وڌيڪ سھڻي لڳين ٿي.“ تابي چيو.
”هوءَ تہ چڱي ننڍي هئڻ کپي، منھنجي خيال موجب ته.“ ڪميڪو پڇيو.
”ها هوءَ عمر ۾ کڻي ننڍي آهي، پر آهي تہ هڪ ڳوٺاڻي.“
ڪميڪو تابي جي روپي دٻيءَ مان سگريٽ ڪڍيو. تابي تيلي ٻاري سندس سگريٽ دکايو. نوڪرياڻي ٽري ۾ وسڪيءَ جا گلاس، پڪل گوشت ۽ پنير جي پليٽ کڻي آئي. تابي نوڪرياڻيءَ ڏي بکايل بکايل نظرن سان گهورڻ لڳو.
”ڇوڪري تہ واھہ جي گهر ۾ رکي اٿئي.“ هن نيٺ چيو.
”ها. ويچاري گونگي ۽ ٻوڙي آهي.“ ڪميڪو وراڻيو.
”ڇا واقعي؟“ تابي تعجب مان اکين جا ڀرون مٿي ڇڪيا ۽ ڇوڪريءَ کي وري دلچسپيءَ سان ڏسڻ لڳو. نوڪرياڻي ادب سان جهڪي کيڪار جو اشارو ڪيو.
ڪميڪو، جنھن جو پھريون دفعو نوڪرياڻيءَ جي جوانيءَ ڏي ڌيان ويو، تنھن چڙ مان تابي ڏي ڏٺو.
”توهان زال مڙس، منھنجي خيال ۾ هڪ ٻئي سان سٺو ئي هلندا هوندائو؟“ ڪميڪو پڇيو.
تابي هڪدم اڇل سان خيالن مان نڪري هلندڙ ڳالھين ڏي ڌيان ڏنو ۽ دونهين جو ڊگهو ڪش ٻاهر ڪڍندي چيو: ”اسان کي ٻئي مھيني ٻار بہ ٿيڻ وارو آهي.“
ان ڳالھہ تي تعجب جو اظهار ڪندي ڪميڪو اٿي بيٺي ۽ وسڪي کڻي آئي. هن گلاس ڀري تابي کي ڏنو، جنھن هڪ ئي ڳت ۾ خالي ڪري ورتو ۽ ڪميڪو لاءِ ٻئي گلاس ۾ وسڪي ڀرڻ لڳو.
”تنھنجي هن زندگيءَ تي مون کي ريس ٿي اچي.“ تابي چيو.
”ڇو، خير ۾؟“
”بس، ڏس نه، ٻاهر کڻي ڇا بہ پيو ٿئي، پر تو وٽ تہ عيش ئي عيش لڳو پيو آهي... مون کي تہ سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ تون ڪيئن ٿي ڪم هلائين. ها اها بہ ڳالھہ آهي ڪنھن عورت کي جي تو جيتري سونھن سوڀيا آهي تہ پوءِ هن کي سٺو وڏيرو، رئيس مليو وڃي، جيڪو هن جي پيريءَ تائين پَرگهور لھندو اچي. عورتن جي اها ئي تهلئه آهي.“
”ڇا تون مون کي ٽوڪي رهيو آهي؟ مون تہ تنھنجو ڪڏهن نالو نہ ورتو آهي جو تون مون سان ائين ٿو ڳالھائين؟“
”چڱو هاڻ ناراض نہ ٿيءُ. تو شايد مون کي سمجهيو ناهي.“ هن نرم لھجي ۾ چيو، ”مون فقط اهو چوڻ ٿي چاهيو تہ تون خوش نصيب آهين. توکي هر وقت خوشحال ڏسي ائين ئي خيال آيو تہ زندھہ رهڻ لاءِ مردن کي ڪيتري تہ هڻ هڻان ڪرڻي پوي ٿي. اڄڪلھہ جون حالتون تہ اهڙيون آهن جو ڪو مرد تہ اهڙي سک ۽ آرام جو سوچي بہ نٿو سگهي – منھنجو ئي کڻي مثال وٺ. زندگي بس لڳاتار جوئا وانگر ٿي پيئي آهي. ڪو ڀاڳ وارو آهي، جيڪڏهن هو چار ڏوڪڙ سولا ڪمائي سگهي ٿو، نہ تہ نہ سٺي نوڪري آهي ۽ نہ وري واپار ۾ ڪو فائدو.“
”خير واپاري ماڻھو تہ خوش آهن، اڄڪلھه.“ ڪميڪو چيو.
”اهو تہ تون ٿي سوچين! نہ تہ پئسو ڪمائڻ اڄڪلھہ اهڙو ڏکيو ٿي پيو آهي جو ڳالھہ ئي نہ پڇ.“
ڪميڪو جواب ڏيڻ بدران وسڪيءَ جي سرڪ ڀري. ڪنھن تِڏِ ڀت ڀرسان چِرچِر ڪئي. تابي وسڪيءَ جو ٻيو گلاس بہ پي ورتو ۽ اوچتو، بنا ڪنھن اطلاع جي، ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ بخاريءَ جي ٻئي پاسي ويٺل ڪميڪو جو هٿ سٽ ڏيئي پنھنجي هٿ ۾ جهليو. ڪميڪو جو منڊين بنا هٿ سلڪ جي رومال جهڙو نرم هو. ڪميڪو ڪابہ چرپر نہ ڪئي. ماٺ ۾ ئي رهي، ڄڻ ساھہ بہ ڪو ورلي کڻي رهي هجي. ڪميڪو جو هٿ، جنھن ۾ ڄاڻي واڻي ڪا جان پيدا نہ ٿي هئي، هن کي ٿڌو ۽ بي سَتو لڳو.
نَشي تابي کي سرور ۾ آڻي ڇڏيو هو ۽ ماضيءَ جون ڳالھيون سندس اڳيان ڦرڻ لڳيون. هوءَ سامھون بنا چرپر جي ويٺي هئي، جنھن جي يادگار سونھن کي ڄڻ ڪنھن ڇهيو بہ نہ هجي. هن کي اها ڳالھہ تعجب خيز لڳي. هن لاءِ وقت جو ڦيٿو لس ئي لس هلندو رهي ٿو. زماني جي گردش ۾ ڪنھن تجربو ٿورو ٿورو حاصل ڪيو ۽ ڪنھن يڪو ڍير. ڪنھن کي هيٺاهين نصيب ٿي تہ ڪنھن مٿائين ماڻين – ڇا مان ڇا تبديليون اچي ويون پر هيءَ عورت جھڙي هئي، جيئن هئي، ائين ئي ويٺي آهي. هن ڪميڪو جي اکين ۾ گهوري ڏٺو. سندس منھن تي نڪتل گهنج بہ ائين ٿي لڳا ڄڻ کيس اصل کان هجن. سندس منھن تي اڃا بہ ساڳي رونق موجود هئي. هو سوچڻ لڳو تہ ڪنھن پر کيس سندس رهڻ ڪھڻ جي راز جي وڌيڪ ڄاڻ هجي ها. هن کي رڳو اها خبر ھئي تہ گذريل سالن جا سماجي گوڙ گهمسان بہ هن کي ڇُهي نہ سگهيا هئا ۽ هينئر بہ هوءَ سامھون بت بڻي ويٺي هئي. تابي کي سندس عمر جي صحيح خبر نہ ھئي، پر هاڻ هوءَ پڪ پنجاھہ کان مٿي چڙهي چڪي هوندي. هن جي دماغ ۾ وري سندس زال جو نقشو سامھون ڦرڻ لڳو، جيڪا هن وقت ننڍڙي فليٽ واري گهر ۾ ڪم ڪري رهي هوندي، جيڪا جيتوڻيڪ پنجويھہ سالن جي ڪا مس ٿي آهي پر وڏي عمر جي ۽ بنھہ بس ٿيل لڳي ٿي.
ڪميڪو بخاريءَ مٿان چاندي جو پائپ کڻي هن ۾ سگريٽ وجهي دکايو. تابي کي ذري ذري پريشانيءَ منجهان ٽنگون لوڏيندو ڏسي ڪميڪو کي لڳو تہ ڪا مڙئي ڳالھہ آهي. ڇا ائين تہ ناهي تہ تابي مالي مشڪلاتن جي ڪُنَ منجھہ آهي. هن تابي جي منھن جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو. هاڻ هن جي دل ۾ بہ پيار جو اهو ڌڙڪو نہ رهيو آهي، جيڪو هيروشيما ۾ هن محسوس ڪيو هو. دلين ۾ ڪنھن بہ ريت ان پراڻي پيار جي چڻنگ مچي باھہ ٿيڻ کان نابري واري ويٺي هئي. ڇا اهو هن ڪري تہ نہ آهي، هن سوچيو، تہ جسماني طرح هن سان ايڏو ويجهو رهڻ ڪري هاڻ هن لاءِ اها چاهت نٿي پيدا ٿئي. هن کي ايندڙ ڪنھن خطري جو خيال ٿيو.
ٿوري دير چپ رهڻ کان پوءِ تابي چيو: ”ڪميڪو! تون ڪو اهڙو ماڻھو ڳولي سگهندينءَ جيڪو مون کي چار لک يين اڌار ڏيئي سگهي؟!“
”چار لک تہ تمام گهڻو پئسو آهي.نہ؟“
”ها اهو آهي تہ سھي، پر مون کي ڪنھن بہ صورت ۾ هٿ ڪرڻو آهي، هينئر. ڇا ڪو اهڙو ماڻھو نہ سجهنئي؟“
”نہ منھنجي ڌيان ۾ تہ ڪو اهڙو ماڻھو ناهي پر تون مون کان اهڙين شين جو ڇو ٿو پڇين، جڏھن تہ توکي خبر آهي تہ مون کي نہ ڪٿان پگهار ملي ٿو نہ وري ڪو آمدنيءَ جو مستقل ذريعو اٿم.“
”اهو تہ ائين ئي چوڻ خاطر ٿيو. ڏس نہ آءٌ توکي تنھنجن پئسن تي تمام گهڻو وياج ڏيندس. هاڻ تہ مڃ نہ؟”
“اها ڳالھہ صحيح تہ ناهي، جيڪي تون چئين پيو.“
ڪميڪو جسم ۾ سيوڪاري محسوس ڪئي. سخت بيزاريءَ مان اٿي بخاريءَ وٽ ويئي جتي چانھہ لاءِ رکيل پاڻيءَ جي ڪٽلي سيٽيون وڄائي رهي هئي. گرم ٿيل پاڻي ۾ چانھہ جي پتي وڌي.
”ڀلا ٻہ لک ڪنھن نموني سان هٿ ڪري ڏيندينءَ. آئون بيحد ٿورائتو رهندس...“
”مون کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ تون ڇا ٿو چوڻ چاهين، مون کان پئسا گهرڻ مان ڪھڙو فائدو جڏهن تہ مون وٽ پائي بہ ناهي... توکي اها خبر هئڻ کپي تہ مون کي پاڻ بہ پئسي جو کپ آهي. تنھنجيون اهي ڳالھيون ٻڌي مون کي لڳي ٿو تہ تون پئسا گهرڻ لاءِ آيو آهين ۽ نہ مون سان ملڻ؟“
”نه، اها ڳالھہ ناهي. آئون تہ توسان ئي ملڻ لاءِ آيو آهيان. پر، توکان ڇا لڪايان، ايترو ضرور سوچيو هوم تہ تون ئي هڪ اهڙو ماڻھو آهين، جنھن سان مان هر مسئلي تي ڳالھائي سگهان ٿو...“
”ڀاڻين سان ڇو نٿو ڳالھائين؟“ ڪميڪو پڇيو.
”ان سلسلي ۾ هو صحيح نہ رهندو.“
ڪميڪو ماٺ ٿي وئي. هڪ پٺيان ٻيو سال گذرڻ کان پوءِ، هن سوچيو، هوءَ بنھہ پوڙھي ٿي ويندي. هن هينئر ئي محسوس ڪيوتہ ڪجهہ وقت اڳ سندن وچ ۾ هيڏو پيار هوندي بہ هاڻ اهو ٺري ۽ ٺاپرجي ويو آهي. اهوئي تہ سبب آهي جو ايتري دير گذرڻ بعد بہ سندن جذبات هڪ ٻئي کي ڇهڻ لاءِ نہ اڀري سگهيا آهن. نہ تہ ڪو زمانو هو، اهو ساڳيو ماڻھو ڪمري ۾ گهڙڻ شرط ککر وانگر چھٽي ويندو هو. شايد، تڏهن، اهو سڀ ڪجهہ پيار جي جذبي هيٺ نٿي ٿيو. اها محبت نہ هئي پر هنن جي وچ ۾ اهڙن ٻن جانورن جهڙا تعلقات هئا، جيڪي شھوتي لذت ماڻڻ خاطر ڪجهہ گهڙين لاءِ هڪ ٻئي جي ويجهو اچي پوءِ اڻ ڄاڻ ٿي ويندا آهن. سندن وچ ۾ عورت ۽ مرد وارو هڪ اهڙو ئي ڀڙڪندڙ ڳانڍاپو هو جيڪو وقت جي هوا ۾ سڪل پن وانگر اڏامي وڃي ۽ هاڻ پاڻ ۽ تابي ائين ويٺا آهن ڄڻ ڪو سندن وچ ۾ جوڙ نہ هو ۽ جي ڪو ڳانڍاپو رهيو بہ آهي تہ هڪ معمولي ڄاڻ سڃاڻ وارو. اهو سوچي ڪميڪو پنھنجين ڇاتين ۾ ٿڌي سور جي هڪ لھر محسوس ڪئي. هن پنھنجي چانھہ جو ڪوپ کڻي پيئڻ شروع ڪيو.
”تون دل ۾ تہ نہ ڪندينءَ جي آئون اڄ رات هتي ئي رهان.“ تابي لالچي نظرن سان پڇيو. ڪميڪو بناوٽي تعجب سان ڪوپ جي مٿان هن ڏي ڏٺو.
”ها بلڪل دل ۾ ڪنديس. هن عمر ۾ توکي مون سان مزي ماڻڻ جو خيال اچڻ تہ نہ کپي.“ هن مرڪيو، ۽ ائين ڪرڻ سان سندس اکين جي ڪنڊن کان ڪانگ پير صاف ظاھر ٿي بيٺا. سندس نقلي اڇا ڏند چمڪڻ لڳا.
”جان، هاڻ ايترو بہ سخت ۽ سرد نہ ٿيءُ.“ تابي چيو، ”آءٌ پئسن بابت هرگز نہ ڳالھائيندس. بس ائين ئي ان وقت خيالن ۾ لڙهي ويو هوس. مون اهوئي سوچيو تہ شايد مان هن ڪميڪو سان ڳالھائي رهيو آهيان جنھن سان منھنجي سڃاڻپ هئي. پر... خير آهي. سڀ گذريل وقت جو ڳالھيون هيون.“ هن ساهي کنئي. ”تون تہ آهين ڀاڳن واري. ڪھڙو بہ کڻي ملڪ ۽ ماڻھن جو حال هجي پر تون هميشہ مزن ۾ رهين ٿي. خبر ناهي ڪيئن ٿي ڪم هلائين. ايترو خوش تہ اڄڪلھہ ننڍي عمر جون ڇوڪريون بہ نہ گذارينديون هونديون. ڀلا ڪنھن سان ڊانسنگ لاءِ وڃين؟“
”تو مون کي الائي ڇا سمجهيو آهي! ۽ تون؟“
”مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن.“ تابي جواب ڏنو.
”هاڻ سمجهيم، ڪو نئون معشوق تاڻيو اٿئي! پئسن جي بہ ضرورت ان لاءِ پئي اٿئي. ها نہ؟“
”چري نہ ٿي. تو ڇا ٿي سمجهين تہ آءٌ ڪو ايترو ڪمايان ٿو جو سريتون رکندو وتان؟“
”چئي نٿو سگهجي، پر تنھنجي افعالن مان لڳي ٿو. بنا پئسي ڏوڪڙن جي اهڙي شو بازي ڪيئن ٿي ڪري سگهجي.“
”اھو شو رڳو ايترو اٿئي. اڇا ڪپڙا کيسا خالي. هينئر بہ کيسن ۾ هٿ وجهي ڏس تہ خبر پوندء تہ ڇا آهي؟ ڪجهہ بہ نه. بس هرهڪ ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۾ لاهيون چاڙهيون اينديون رهن ٿيون پر منھنجي لاءِ ڪجهہ وڌيڪ ئي حالتون ناساز آهن.“
ڪميڪو دل ئي دل ۾ کلندي رهي ۽ ٽيڏيءَ اک سان تابي جي گهاٽن ڪارن وارن ڏي ڏٺو جن ۾ اڃا اڇا نہ پيا هئا. کُسڻ بدران وار نرڙ تائين وڌي آيا هئا. هن ۾ اها جوانيءَ واري تازگي تہ نہ رهي هئي، جيڪاڪميڪو کي هن جي شاگردي واري زماني ۾ موهيندڙ لڳي ٿي. پر هن جي منھن مان اڌروٽ عمر واري ماڻھوءَ جي جوانمردي ۽ طاقت بکي رهي هئي. ڪميڪو هن لاءِ ڪوپ ۾ چانھہ وڌي. سندس اکيون تابي ۾ ائين کتيون رهيون جيئن ڪو جانور ٻئي جانور کي پري کان سونگهي خبردار ٿي وڃي. ”چون ٿا تہ ناڻي جي قيمت جلد ڪرڻ واري آهي.“ هن اڌگابري چرچي ۾ چيو.
”ڇا اهو سچ آهي؟“
”تنھنجي معني تو وٽ ايترو مڙيئي آهي جو فڪر ٿي ڪرين ائين نہ؟“
”هر ڳالھہ جي نتيجي تي يڪدم پھچڻ لاءِ ڪيئن نہ ٽپ ٿو ڏين! تون واقعي بدلجي ويو آهين. مون تہ ائين ئي کڻي پڇيو جو مون بہ افواھہ ٻڌا هئا ۽ مون کي ائين ئي دلچسپي هئي.“
”مون کي خبر ناهي، پر آئون نٿو سمجهان تہ جپاني سڪو اڄڪلھہ ائين ڪري سگهندو. بھرحال ڪجهہ بہ ٿئي، گهٽ ۾ گهٽ اهي ماڻھو جن وٽ پئسو ناهي انھن کي ان جو ڪھڙو فڪر؟“
”ها، اها تہ ڳالھہ برابر آهي.“ ڪميڪو وراڻيو، ۽ خوشگوار ماحول جو تاثر ڏيندي تابي لاءِ وسڪيءَ جو ٻيو گلاس ڀريو.
”بس منھنجي دل اڄڪلھہ ڏاڍي چاهي ٿي تہ هڪوني شھر يا ڪنھن ٻئي اهڙي سانتيڪي جاءِ تي هليو وڃان،“ هن چيو، ”مون کي اوڏانھن رهڻ مان ٻيو ڪو فائدو رسي يا نہ پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي اتي ٻہ ٽي ڏينھن آرام سان ننڊون ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو.“
”ٿڪجي پيو آهين؟“
”ها، بس هن پئسي جي پويان ڊڪي ڊڪي. توکي تہ خبر آهي.“
”پر تو جھڙي ماڻھوءَ لاءِ اهڙي پريشاني ضروري آهي.“ ڪميڪو جي اها ٽوڪڻ واري عادت تابي کي هميشہ چڙ ڏياريندي هئي. ههڙي پوڙھيء سان رات رهڻ ائين هو، هن سوچيو، ڄڻ ڪنھن فقير کي خيرات ڏيڻ. هن جون اکيون ڦري گري ڪميڪو جي کاڏيءَ تي وڃي کتيون. اوچتو، ٻوڙي نوڪرياڻي – ان جي جسم جي جواني ۽ تازگي، سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. هوءَ سھڻي نہ هئي پر جوان ضرور هئي ۽ عورت جو جوان جسم هڪ تازي هوا جي هير مثل آهي، جنھن کان تابي جهڙو عورتن جو پارکو ڀلي ڀت واقف هو. ڪميڪو جي اکين جي ٿڪاوٽ هاڻ سندس سڄي جسم تي حاوي پئجي ويئي ۽ هوءَ تابي جي نظرن ۾ اوچتو ڪجهہ وڌيڪ پوڙھي محسوس ٿيڻ لڳي.
ڪميڪو ٽپ ڏئي اٿي ۽ اندر وئي. ڄڻ هن تابي جي اندر جي سوچ پروڙي ورتي هجي. ڊريسنگ ٽيبل ڏي وڃي، هارمون سان ڀريل سرنج پنھنجي ٻانھن ۾ هنئي، پوءِ ڪپھہ جي ٽڪر سان ٻانھن جو اهو هنڌ مھٽيندي آرسيءَ ڏي ڏٺو. پف سان پنھنجي منھن تي نڪ هيٺان پائوڊر هنيو. هن کي ڪجهہ ڪجهہ بي عزتيء جو احساس ٿيو ۽ هيءَ ملاقات کيس نسورو ئي اڍنگي لڳي ٿي، جنھن ۾ مرد ۽ عورت ٻئي هڪ ٻئي لاءِ جسماني طرح مردار هئا. هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. اتي جي هن جو گلن وارو يار اتابا هجي ها تہ جيڪر هن جي ڪڇ ۾ منھن وجهي زور زور سان روئي ها. هن جي ڪوڙي ساراھہ ڪري هن کي پاڻ ڏي مائل ڪري ها. پر تابي جيڪو ھن وقت سامھون باھہ اڳيان ويٺو هو– ان لاءِ کيس ڪجهہ ڌيان ۾ نہ پئي آيو تہ سندس دل ۾ ڇا پيو وهي واپري. ڪڏھن کيس خيال ٿي آيو تہ جيڪر هو هينئر جو هينئر هليو وڃي. وري ٻي گهڙيءَ اهو ٿي خيال آيس تہ هو تيسين نہ وڃي جيسين هوءَ هن جي دل ۾ پاڻ لاءِ چاهت پيدا ڪرائي پنھنجو پاڻ مڃرائي. هن جي آخري ملاقات کان پوءِ تابي جي زندگيءَ ۾ پڪ ٻيون بہ ڇوڪريون آيون هونديون.
هوءَ اٿي واش روم ڏي ويئي. واپسيءَ تي نوڪرياڻيءَ جي ڪمري ۾ ليئو پائي ڏٺو. نوڪرياڻي اخبار جي پنن مان ڪپڙي جا مختلف نمونا ڪترڻ جي مشق ڪري رهي هئي. هن جو ڀريل ۽ ويڪريون ڏڌيون تڏي تي ائين وڇايون پيون هيون ڄڻ لتيل هجنس. سندس تاڻيل ڇاتيون ڪئنچيء مٿان جهڪيل هيون. وارن جو جوڙو چڱيءَ طرح ٻڌل هوس ۽ مٿان لڙڪندڙ بلب جي روشنيءَ ۾ سندس اڇي ڳچي جرڪي رهي هئي. سندس جسم سيٽيل گوشت جو ڍير ٿي لڳو جنھن ۾ جواني هئي، ڪشش هئي.
ڪميڪو هن کي ڪمري ۾ ئي رڌل ڇڏي وري وڃي بخاريءَ وٽ ويٺي. تابي، پٽ تي آهليو پيو هو. هن ريڊيو کوليو. وڏي آواز سان ميوزڪ وڄڻ لڳي. تابي ڇرڪ ڏئي اٿي ويٺو ۽ وسڪيءَ جو گلاس کڻي چپن تي رکيو.
”اهو وقت ياد اچئي ٿو جڏهن پاڻ ٻئي گڏ شيبا ماتا هوٽل ۾ هليا هئاسين؟“ تابي پڇيو، ”ٻاهر زبردست مينھن وسي رهيو هو ۽ پاڻ نانگن جھڙيون سنھيون ٿيل مڇيون رُکيون ئي رُکيون کاڌيون هيون جو ڀت سڀ کپي چڪو هو ۽ نڪرڻ مھل پنھنجو ٿڏو گلدان کي وڃي لڳو هو جيڪو ڀڄي ڀور ٿي پيو هو. ائين آهي نہ؟“
”جنگ جي ڪري انھن ڏينھن ۾ ملڪ ۾ کاڌو تمام گهٽ هو. تنھنجي آرميءَ ۾ وڃڻ کان اڳ واريون حالتون تمام خراب هيون. ائين هو نہ؟ سوديسڪا؟“
”سو ديس ني – بلڪل ائين ئي هو.“ ڪميڪو جو منھن اوچتو ٻهڪڻ لڳو ۽ هن جا جذبا جوان ٿي پيا.
”ڀلا ڪڏهن اتي وري نہ هلجي؟“ تابي پڇيو.
”ها خيال تہ تمام سٺو آھي پر، توکي تہ خبر آهي تہ اڄڪلھہ مونتي سستي ڇانيل رهي ٿي ۽ ٻي ڳالھہ تہ هاڻ تہ سڀ ڪجهہ ملي وڃي ٿو جيڪو بہ تون کائڻ چاهين تہ، سو هاڻ اڳ جهڙو مزو هرگز نہ ايندو.“
هن کي وري خوف ٿيو تہ مس مس تہ ماحول ۾ رومانيت پيدا ٿي آهي، متان اها دلچسپي بہ پاروٿي نہ ٿي وڃي، سو ماضيءَ جي ڪا ٻي رومانوي ميل ملاقات يا ڪا دلڪش ڳالھہ کوٽڻ لڳي، جنھن سان ڪجهہ موھہ پيدا ٿي سگهي. پر سڀ بيڪار ثابت ٿيو جو اهو تابي نہ پر هڪ ٻيو همراھہ هو جنھن کي نياپو ڪرڻ سان هڪدم اچي ٿي حاضر ٿيو ۽ هڪدم موقعي تي، اها ان کان پوءِ جي ڳالھہ آھي، جنگ کان هڪدم پوءِ جي، هوءَ يامازڪيء نالي هڪ ٻئي مرد سان شيباماتا وئي هئي، جيڪو تازو هينئر ڏينھن بہ ٿيندا تہ پيٽ جي آپريشن ۾ مري ويو. هو گذريل سال اونهاري جي هڪ گهميل رات جو ايڊو نديءَ جي ڪناري واري هوٽل ۾ گڏ وڃي رهيا هئا. ان هوٽل جي ڪمري جو ماحول هن وقت سندس ذھن ۾ بلڪل چٽو اڀري آيو... سج لٿي مھل هوٽل اڳيان وڻن تي جهرڪين جي چون چون، نديءَ جي ڪناري وٽ ڏيڏرن جي ٽان ٽان، پاڻيءَ جي پمپ جو آواز جيڪو پاڻي مٿي ڇڪي رهيو هو، ڪپر تان لنگهندڙ سائيڪلين جي ڦيٿن جو چيڪٽ. هن جي يامازڪيء سان اها ٻي ملاقات هئي. هو عورتن جي معاملي ۾ بلڪل نئلو لڳو ٿي، انھيء ڪري ڪميڪو کيس پاڪ پوتر ئي سمجهيو ٿي. کائڻ پيئڻ لاءِ هاڻ جام هو ۽ جنگ بہ ختم ٿي وئي هئي. ٿڪل دنيا هڪ عجيب خاموشيءَ ۾ ائين غرق ٿي وئي هئي، جو لڳو ٿي تہ ڪو خلا ۾ ٽنگيل هجي. ٻئي ڏينھن شام جو ٽوڪيو موٽڻ تي جنھن بس ۾ اسٽيشن تائين آيا، اها بس آرميءَ لاءِ ٺھيل ويڪري رستي تان هلي آئي هئي.
”ڀلا منھنجي غير موجودگيءَ ۾ ڪنھن مرد سان تنھنجي ميل ملاقات ٿيندي رهي ٿي؟“ تابي پڇيو.
”منھنجي؟“
”ها.“
”مون سان ميل ملاقات؟ تو کان سواءِ ٻيو ڪنھن بہ مرد سان تہ نہ ٿي.“
”ڪوڙي!“
”ڇو؟! اهو سچ آهي، هاڻ هن عمر ۾ مون تي ڪير عاشق ٿيندو؟“
”مون کي توتي يقين نٿو اچي!“
”توکي نٿو اچي؟... چڱو اهو بہ صحيح آهي. آئون هڪ دفعو وري جوان ٿي زندگيءَ جو مزو وڃي ٿي ماڻيان.“
”ها. اڃا تہ توکي صفا بس ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو.“
”ها اهو صحيح آهي. مون کي اڃا مزو ماڻڻ کپي جيسين آئون ايتري پوڙھي ٿي وڃان جو منھنجو جسم صفا ڪومائجي وڃي.“
”ڏاڍي ٻڌائي! تون اڄ بہ اهڙي ئي ڦيريءَ گور آهين جھڙي اڳ هئينءَ.“ تابي چيو.
”ڏس تہ سھي، ڪيترو تہ تون بدلجي ويو آهين. تون تہ اهڙو سٺو ڇوڪرو هئين جو بس. توکي ڇا ٿي ويو آهي جو اهڙيون ڳالھيون پيو ڪرين. ڪو وقت هو جو تون تمام سٺو هئين.“
تابي ڪميڪو کان چانديءَ جو چروٽ وٺي ڪش هنيو جنھن مان گهاٽي ڪاري رنگ جي لار جو ڦڙو اچي ڄڀ تي لڳس. هن رومال ڪڍي وات صاف ڪيو.
”هي چروٽ تہ اندران بند ٿيو پيو اٿئي سندس صفائيءَ جي ضرورت آھي.“ ڪميڪو مرڪندي هن کان چروٽ ورتو ۽ ڪاغذ تي ٻہ چار دفعا ٺوڪيائين.
تابي کي ڪميڪو جي رهڻي ڪھڻي تي حيرت لڳي ٿي. ظالم دنيا ۾ کڻي ڇا بہ وهي واپري پر ٻاهر جي ڏک ڏالائن ڪميڪو جي گهر جي اندرين سڪون تي ڪڏهن بہ اثر نہ ڇڏيو. سندس رهڻي ڪھڻي جي معيار کي ڏسي لڳو ٿي تہ هوءَ ڪنھن نموني سان ٻہ ٽي هزار حاصل ڪري وٺندي هوندي. ڪميڪو جي ٻڏندڙ سونھن تہ هن لاءِ بنھہ ڪشش نٿي پيدا ڪئي پر تابي کي ايترو لڳو ٿي تہ ڪميڪو وٽ گهڻو مال ملڪيت آهي ۽ هوءَ جي ٿورو بہ وجھہ ڏئي تہ هي گهڻو ڪجهہ حاصل ڪري سگهي ٿو. پٺيان، جنگ جي ڏينھن ۾ تابي واپار وڙي ۾ بہ حصو ورتو پر اهو سڀ ڪجهہ هو وقت پاس ڪرڻ خاطر ئي ڪندو رهيو ٿي. سنجيدگيءَ سان دل لڳائي ڪم نٿي ڪيو جو واپار ڄمي سگهي يا فائدو ٿئيس. واپار لاءِ جيڪو پئسو ڀاڻس ڏنو سو بہ ڇهن مھينن ۾ وڃائي وري ڦڪڙ ٿي ويھي رهيو. زال کان علاوه هڪ ٻي عورت کي بہ بنا شاديءَ جي ويھاريو ويٺو هو جنھن کي هن مان پيٽ بہ ٿي پيو هو ۽ مھيني اڌ ۾ اها بہ ٻار ڄڻڻ واري هئي. سو اهڙي موقعي تي هن کي ڪميڪو واري ياد آئي هئي ۽ ان لاءِ هلي آيو هوس تہ من هوءَ ڪا سندس مدد ڪري. ڪميڪو جيڪا اڳ ۾ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ سادي ۽ هٿ جي ڇوٽ سمجهي ويندي هئي، تنھن هاڻ دنيا جا دولاب کائي وقت سان گڏ گهڻي ڏاهپ حاصل ڪري ورتي هئي. هيڏي عرصي کان پوءِ تابي سان ملڻ تي بہ هن جي دل تي ڪو اثر نہ ٿيو. ڪميڪو جي گهڻي ماٺ ۽ گهري نہ ٿيڻ ڪري تابي کي ساڻس ڇيڳرو ٿيڻ ۽ هجت ڪرڻ لاءِ همت نہ پئي ٿي.
هن ڪميڪو جو وري هٿ جهلي معني خيز نموني سان ان کي دٻايو، پر ڪميڪو موٽ ۾ ڪجهہ بہ جواب نہ ڏنو. شايد تابي تہ اها اميد ٿي رکي تہ هوءَ بخاريءَ جي هن پاسي کان اٿي اچي سندس ڀر ۾ وهي، پر هوءَ اتي ئي ويٺي ويٺي ٻئي واندي هٿ سان پائيپ صاف ڪندي رهي.
گذري ويل سالن ٻنھي جي دلين تي عجيب ۽ پيچيده جذبن جا نقش ٺاهي ڇڏيا هئا. ٻئي ڄڻا وقت جي وهڪري ۾ آهستي آهستي پوڙها ٿي ويا هئا – هو پنھنجي نموني سان، هيءَ پنھنجي نموني سان. منجهن هاڻ هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ تانگھہ نہ رهي هئي، جيڪا ڪنھن زماني ۾ سندن دلين ۾ هوندي هئي. هاڻ هنن هڪ ٻئي سان هميشہ لاءِ لڳ لاڳاپا ختم ڪرڻ ٿي چاهيا ۽ اڄ جي ملاقات هڪ ان مقصد لاءِ بہ هئي.
ٻيو ڪو چاڙهو نہ ڏسي تابي جي دماغ ۾ ڪميڪو کي خون ڪرڻ جي رٿ اڀري. جيتوڻيڪ اهو سوچي هن کي تعجب ٿي لڳو تہ هن قسم جي هالو چالو هڪ يا ٻن زالن کي مارڻ ڪو ڏوھہ جو ڪم سمجهڻ تہ نہ کپي جيڪي نہ ڪھڻ جون آهن ۽ نہ ڏهڻ جون. هن جيئن ان تي سوچيو تيئن هن کي محسوس ٿيو تہ هي ڪم جو کائتو آهي ۽ نتيجو خطرناڪ نڪرندو. اها بہ هڪ عجيب ڳالھہ هئي تہ هن پوڙهي عورت جو جيئرو رهڻ ايترو ئي غير ضروري لڳو ٿي جيترو ڪنھن مک، ماڪوڙي يا ٻي ڪنھن هيٺاهين قسم جي جيت جڻي لاءِ. پر ان هوندي بہ ھن کي حق آهي تہ هوءَ هن گهر ۾ پنھنجي بيڪار زندگي گذاريندي رهي. سامھون وارا ٻہ ڪٻٽ پڪ انھن قيمتي ڪپڙن سان سٿيل هوندا جيڪي ھن گذريل پنجاھہ سالن ۾ گڏ ڪيا آهن ۽ اهو هار پڻ هوندس جيڪو کيس هڪ فرينچ همراھہ تحفي ۾ ڏنو هو ۽ تابي کي پڻ ڏيکاريو هئائين. ان کان علاوه ٻيا بہ ڪيترا هيرا جواهر ان ڪٻٽ ۾ يا ڪنھن ٻي هنڌ رکيل هوندس. گهر پڻ سندس ئي نالي هوندو. هوءَ هڪ گونگي ٻوڙي نوڪرياڻيءَ سان گڏ اڪيلي رهي ٿي. سو هن جو خون ڪرڻ تمام سولو ڪم هئڻ کپي.
هن جون سوچون کيس ڪٿي جو ڪٿي وٺي پئي ويون ۽ وري، ساڳي وقت، سندس شاگردي وارن ڏينھن جون يادون – جڏھن هوءَ هنلاءِ سڀ ڪجهہ هئي ۽ هو لڪي ڇپي ملاقاتون ڪندا هئا. هڪ ڏکويل تازگي چٽائيءَ سان سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. هو نشي ۾ ڌت هو، ان ڪري ماضي ۽ حال هن کي گڏوچڙ ۽ اڻ چٽو لڳي رهيو هو ۽ ساڳي وقت ڪميڪو جو وجود هن کي پاڻ تي حاوي ٿيندو محسوس ٿيڻ لڳو. هن کي هاڻ ڪميڪو لاءِ ڪا خواهش نہ هئي، پر سندس ماضي هن جي دل تي اثر انداز ٿيڻ لڳو.
ڪميڪو اٿي بيٺي. ڪٻٽ ڏي وڃي، ان مان هڪ فوٽو ڪڍي اچي کيس ڏيکاريو – جيڪو تابي جي شاگردي وارن ڏينھن جو نڪتل هو. تابي ان ڏي تعجب مان ڏٺو.
”شاباس هجي توکي، جو هيترا ڏينھن هن معمولي شيءِ کي سانڍي رکيو اٿئي.“
”مون کي اهو فوٽو سميڪو جي گهران مليو هو. توسان منھنجي واقفيت ٿي ان کان بہ اڳ جو اٿئي. تون صحيح معني ۾ نوجوان هئين جڏهن هي فوٽو ورتو ويو هو. ڇا تہ سھڻو ياڪوتا (ڪمونو) پاتل اٿئي. تون ان ۾ ڏس ٺھين پيو نہ؟ اچي، تون ڀلي کڻ، تنھنجي زال ان کي ضرور ڏسڻ چاهيندي.“ هن ساھہ کنيو، ”توکي خبر آهي، تہ تون انھن ڏينھن ۾ ٺاهوڪو جوان لڳئين ٿي. اهڙو نہ جهڙو هينئر اڻ وڻندڙ ڳالھيون ويٺو ڪرين.“
”سو آئون واقعي هن فوٽي جهڙو هوس، ڪنھن زماني ۾؟“ هن فوٽو کي غور سان ڏسندي پڇيو.
”بلڪل ائين هئين ۽ اهڙو ئي سٺو هلندو اچين ها تہ جيڪر اڄ بہ اهڙو ئي هجين ها. سمجهئي.“
”تنھنجو مطلب آھي تہ آئون صحيح طرح هلندو نہ رهيس. ائين نہ؟“ هن پڇيو.
”ها. بلڪل.“
”خير توکي، خبر ناهي ڪيئن ٿي لڳس، پر اهو سوچ تہ جنگ جي ڪري حالتون ڪھڙيون ٿي ويون هيون.“
”چڱو هاڻ اهي اجايا بھانا نہ ڏي. اهڙيون شيون ٿينديون رهن ٿيون. انھن جو ڪھڙو وجھہ واسطو. بس تون ڪنھن طرح سان رکو رکو ۽ کهرو ٿي پيو آهين.“
”ڇا واقعي ائين ٿي پيو آهيان؟ کهرو ۽ چڙچڙو؟ پر ڇا سڀ ماڻھو ائين نہ آهن؟“ تابي چيو.
”مون بابت ڇا خيال اٿئي؟“ ڪميڪو پڇيو، ”ڇا هيڏا سال تنھنجي تصوير کي سانڍڻ نٿو ٻڌائي تہ ماڻھوءَ کي جيڪڏهن ڪنھن لاءِ چاهت آهي تہ اها هميشہ رهي ٿي.“
”پر تو تہ مون کي فوٽو بہ نہ ڏنو هو.“
”فوٽو؟ منھنجو؟“ ڪميڪو پڇيو.
”ها.“
”فوٽو ڪڍائڻ ۾ مون کي مونجھہ ٿيندي آهي.“ ڪميڪو چيو، ”پر مون توکي گيشا وارن ڪپڙن ۾ تڏهن هڪ موڪليو تہ هو جڏهن تون هيروشيما ۾ آرمي آفيسر هئين.“
”واقعي تو موڪليو تہ هو، پر مون کان هيٺ مٿي ٿي ويو هو، آئون...“
”ڏس ڏس! ان مان ئي خبر پوي ٿي تہ تنھنجي دل ۾ ڇا هو.“
ٻئي ڄڻا بخاريءَ جي پاسن کان ئي ويٺا رهيا. يعني بخاري ٻنھي جي وچ ۾ آڏ هئي. تابي گهڻي پيئڻ ڪري هاڻ ڪافي مدهوش ٿي چڪو ھو. جيتوڻيڪ ڪميڪو جو اڃا پھريون گلاس بہ خالي نہ ٿيو هو. تابي پنھنجي چانھہ کنئي جيڪا ٺري شربت ٿي ويئي هئي ۽ هڪ ئي ڍڪ ۾ پي ويو. پنھنجي فوٽوء کي بنا ڪنھن دلچسپيءَ جي، پير سان هڪ پاسي ڪري ڇڏيو.
”هتي جي گاڏين جي ٽائيم ٽيبل جي خبر تہ اٿئي نہ؟“ ڪميڪو پڇيس.
”گاڏين جي؟ هينئر مون لاءِ گهر وڃڻ ممڪن تہ نہ آهي. ههڙي نشي جي حالت ۾ ڇا تون مون کي لوڌي ڪڍڻ ٿي چاهين؟“ تابي چيو.
”ها. بلڪل ڪڍي ٻاهر ڪنديسانء. ٻاهر. بلڪل ائين.“ هن هٿ سان اشارو ڪندي چيو، ”هن گهر ۾ ڪوبہ مرد ماڻھو رهيل ناهي، ۽ آئون نٿي چاهيان تہ پاڙي وارن کي ڪنھن ڳالھہ ڪرڻ جو موقعو ملي.“
”پاڙي وارا؟ چڱو هاڻ گهڻو ئي ڪئي. ڪڏھن کان تو پاڙي وارن جو خيال ڪرڻ شروع ڪيو آهي؟!“
”جڏهن کان سمجهين، سمجهه. آئون انھن جو خيال ڪريان ٿي.“ ڪميڪو چيو.
”يا ڪو ٻيو يار اچڻو اٿئي سو ان جي اچڻ کان اڳ مون کان ٽپڙ ٿي ٻڌائين؟“ تابي چيو.
”توبنهن! ڇا تہ تنھنجي جهنگلي سوچ آهي! اوھ، سچ پڇ ته...! مون کي توکان سخت بڇان ٿي اچي جڏهن تون اهڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين.“
”ڪر، اڃا بہ وڌيڪ نفرت ڪر، پر جيڪڏهن مون کي پئسا نہ ملندا تہ پوءِ ڀلي ڏينھن بہ گذري وڃن پر هتان هرگز نہ چرندس. مون تہ سمجهيو ٿي تہ تون تہ مون کي شايد...“
ڪميڪو، کاڏي هٿن رکي، اکيون ڦاڙي تابي جي نيرن چپن ڏي گهورڻ لڳي. سو اجهو ان پيار جي نيٺ ائين پڄاڻي ٿي جنھن لاءِ ماڻھو قسم کڻي سگهيو ٿي تہ هميشہ قائم دائم رهندو... ماٺ ميٺ ۾ نموني سان، هن سامھون ويٺل ماڻھوءَ جي هڪ هڪ ڳالھہ جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو. ختم ٿي ويئي، هميشہ لاءِ، اها رومانيت ۽ پيار جي ڇڪ ۽ سڪ، جيڪا ڪڏهن هنن هڪ ٻئي لاءِ محسوس ڪئي ٿي. شرميلوپڻو جيڪو نوجوان ڇوڪرن کي هوندو آهي ان جو نالو نشان بہ تابي جي چھري تي نہ هو... هڪ گهڙيءَ لاءِ هن کي اهو بہ خيال آيو تہ رشوت خاطر تابي کي ڪجهہ پئسا ڏئي کڻي جان بچائي. جيئن هو چُپڙي ڪري هليو وڃي ۽ کيس سڪون سان رهڻ ڏئي، پر وري ڪنھن شيءِ هن کي روڪي ڇڏيو تہ هن جھڙي ماڻھوءَ کي، جيڪو هينئر نشي ۾ ڌت سامھون تڏي تي ڦان ٿيو پيو آهي، هڪ پئسو بہ نہ ڏيڻ کپي. ان کان ڪنھن ٻئي ڏورانھين ماڻھوءَ کي ڏيئي سگهجي ٿو. ڪنھن بہ ماڻھوءَ مان هن کي اهڙي بيزاري نہ پئي ٿي جھڙي تابي مان، جنھن کي پنھنجي عزت جو خيال بہ نہ ھو. جيتوڻيڪ ڪميڪو جي هميشہ اها دلچسپي رهي ٿي تہ پنھنجي لاءِ صحيح ماڻھو ڳولجن پر تابي جنھن نموني سان پنھنجو پاڻ کي خراب ڪري وڌو ان لاءِ کيس افسوس کان وڌيڪ نفرت هئي. جڏھن ٻيا سٺا ماڻھو لڙائيءَ تاننہ موٽيا تہ پوءِ هن جي موٽڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي؟ پر پوءِ، قسمت ۾ جو ائين ئي ٿيڻو هو... هوءَ جي تابي پٺيان هيروشيما بہ وئي تہ هن پنھنجو فرض پورو ڪيو هو. هن کي جيڪڏهن ان وقت خيال اچي ها تہ تابي اڳتي هلي اهڙو نٺر ثابت ٿيندو تہ اهڙي ناتي کي تڏهن ئي ٻنجو ڏئي ڇڏي ها.
”آهي تہ خير؟ يڪو پئي گهورين؟“
”مون سمجهيو شايد تون مون ڏي گهوري رهيو آهين. ڪھڙي ڳالھہ پئي سوچئي؟ پنھنجو پاڻ سان ايڏو خوش نظر اچي رهيو آهين؟“ ڪميڪو چيو.
”بس اهوئي پئي سوچيم تہ تون اڄ بہ اهڙي ئي سھڻي لڳي رھي آھين؟“
”سچي؟ مان تہ تنھنجو پئي سوچيو تہ تون ڪيترو تہ سٺو ٿي پيو آهين.“
”ڪمال آهي جو هڪ ئي ڳالھہ پاڻ پئي سوچي.“تابي چيو. هن جي بلڪل زيان تي اچڻ وارو هو تہ هو خون ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي، پر اهو چوڻ کان هن پاڻ کي جهلي ورتو.
”تون تہ خوش نصيب آهين، مون کي خبر آهي.“ ڪميڪو چيو، ”تنھنجي ڦوھہ جواني تہ شروع ئي اڃا هاڻ ٿي آهي.“
” ۽ تون ڪر خبر؟ توکي بہ اڃا گهڻو وقت کپي صفا بس ٿيڻ ۾.“ تابي وراڻيو.
”مون کي؟ آءُ پنھنجا ڏينھن گذاري اچي چڙهي آهيان. بس هاڻ جلد ئي ڳري سڙي وينديس. سوچيان پئي تہ سال ٻن بعد ٻهراڙيءَ ۾ وڃي رهان“ ڪميڪو چيو.
”پوءِ هيڏي حرص جي ڪھڙي ضرورت اٿئي جو اڃا وڌيڪ پئسو چاهين ٿي.“
”مون ائين ڪو نہ چيو آهي، تابي! آءُ اها عورت آهيان جيڪا ماضيءَ جي يادين تي جي رهي آهيان. سمجهئه ... ڇا پاڻ جهيڙي کان علاوه ٻيو ڪجهہ نٿا ڳالھائي سگهون؟“
”آءٌ جيڪو سوال ڪرڻ چاهيان ٿو ان کان تون وري ڀڄي رهي آهين. تون اسڪولي ڇوڪرين واريون ڳالھيون ڇڏ. يادين جي سھاري ڪير ڪونہ ٿو جيئي مري.“
”ڪمال ٿو ڪرين...“
تابي هيڏانھن هوڏانھن پاسا ورائڻ لڳو. هن کي ڪنھن بہ ريت پئسا ٿي کتا. پئسا... ڪنھن بہ ريت هن کي ڪميڪو کان ملڻ کپن. پنجاھہ هزار جيڪر ملي وڃن تہ نہ کان اهي بہ بھتر.
”سو تون واقعي بندوبست نٿي ڪري سگهين؟ ڀلا ساک طور پنھنجو ڌنڌو لکي ڏيان تڏهن بہ نہ ڏيندينءَ؟“ هن ڪميڪو کي منٿ ڪندي چيو.
”ڇا وري پئسن جو ذڪر؟ مون تہ سمجهيو تہ تو ان ڳالھہ جي پچر ڇڏي. ڏس اها ڳالھہ سٺي ناهي. تون ڀلي ڇا بہ چئه پر مون وٽ هڪ پئسو بہ ناهي ۽ نہ آءٌ ڪنھن کي ڄاڻان سڃاڻان ٿي، جنھن وٽ هجي. آءٌ پاڻ ئي پنھنجي لاءِ اڌارو وٺڻ چاهيان ٿي، ٻئي کي ڏيڻ جي ڳالھہ تہ پري ٿي.“
”ان جو تون فڪر نہ ڪر. هڪ دفعو رڳو منھنجو ڪاروبار ڄمي وڃي ۽ پوءِ پئسو اچڻ تي آءٌ تنھنجي بہ سار سنڀال پيو لھندس. تون اهڙي عورت نہ آهين جنھن کي مان وساري ڇڏيان...“
”چڱو، هاڻ اهي لھپون نہ رک. اهڙيون مون گهڻيون ئي ٻڌيون آهن. تو تہ واعدو ڪيو هو تہ تون پئسن جي وري ڳالھہ نہ ڪندين؟“
سياري جي راتين واري ٿڌي هوا اوچتو ڪمري ۾ گهوگهاٽ ڪندي تابي جي دل تائين اثر ڪري ويئي. بخاريءَ جي ڌڳندڙ باھہ وٽ رکيل لوهي چمٽي کي هن هٿ ۾ جهليو. ڪاوڙ جي جوهي ۾ سندس منھن ئي ڪاراٽجي ويو. اکين ۾ جهڙو رت ٽمي آيس. هٿ ڀيڙي چمٽي جي مٺئي کي هن وڌيڪ سوگهو جهليو. سندس نسون ٽڙڪڻ لڳيون. ڪو اندريون آواز چوڻ لڳس: ”نہ ڇڏينس. نہ ڇڏينس.“ ڪميڪو جون اکيون ان وقت سندس هٿ ڏي ڄمي ويون.، کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪٿي، ڪنھن وقت، ائين هوبھو پھرين بہ ٿي چڪو هجي.
”تون نشي ۾ آهين، ڪا خبر بہ پويئي ٿي.“ ڪميڪو هيٺاهين وٺي چيس. ”هتي رات ڇو نٿو کڻي ٽڪين؟“
رات ڇو نٿو کڻي ٽِڪين... تابي جي هٿن مان چمٽو ڇڏائجي ويو. ٿڙڪندڙ حالت ۾ هو پيرن تي اڀو ٿي بيٺو ۽ واش روم ڏي ڏڪندڙ وکن سان وڌڻ لڳو. هن کي ويندو ڏسي، ڪميڪو يڪدم صحيح ڪري ورتو تہ هن جي دل ۾ ڇا هو ۽ اهو سوچي پنھنجي گهٽتائي بہ محسوس ڪئي. جنگ ماڻھن کي ڇا مان ڇا تہ بڻائي رکيو آهي، هن سوچيو. هن ڪٻٽ مان فليپان (Philapon) گورين جي شيشي ڪڍي ۽ يڪدم هڪ گوريءَ کي ڳھي ورتو. هن وسڪيءَ جي بوتل ڏي ڏٺو. اها اڃا تائين ٽيون حصو ڀريل هئي. هن کي اها بہ ڪنھن ريت ڏوڪڻ کپي. جيئن نشي ۾ الوٽ ٿي مئل ماڻھوءَ وانگرسمھي رهي. ٻي ڏينھن صبح جو کيس دروازي جو رخ ڏيکاري ٻاهر روانو ڪري ڇڏينديسانس. پنھنجي سا ننڊ هلي ويس ۽ اها رات جاڳي گذارڻو پونديس. نوجوان تابي جو فوٽو کڻي هن چلھہ ۾ باھہ جي ڀڙڪندڙ ڄڀين حوالي ڪيو. دونهون ڪڪرن وانگر اڀريو، ۽ ڪاڳر ٻرڻ جي ڌپ سان سڄو ڪمرو واسجي ويو. نوڪرياڻيءَ گهرڪندڙ دروازن جي ٿيل وٿيءَ مان ليئو پائي ڏٺو جيڪي تابي ٻاهر وڃڻ وقت چڱيءَ طرح بند نہ ڪري ويو هو. ڪميڪو مرڪي اشاري سان سمجهايس تہ مھمان لاءِ سوڙ ڪڍي گيسٽ روم ۾ رات لاءِ هلي وڇاءِ. ڪاغذ ٻَرڻ جي ڌپ مارڻ لاءِ هن ڪپ سان پنير جي ڦار ڪوري باھہ ۾ اڇلائي.
”اڙي هي ڇا پئي ساڙين؟“تابي چيو جيڪو واش روم مان ان ئي وقت اچي نڪتو هو. سندس هٿ نوڪرياڻيءَ جي ڪشادن ڪلھن تي هئا.
”بس ائين خيال آيم تہ پنير کي سيڪي ڏسان تہ ڪيئن ٿو لڳي، پر مون کان جهليو نہ ٿيو ۽ چمٽي مان ڇڏائجي ويو.“
ڪارو دونهون اڇي دونهين جي وچان، مٿي اڀريو ۽ لئمپ جو چمڪندڙ گول ڍڪ ائين لڳو ڄڻ چنڊ ڪڪرن ۾ تري رهيو هجي. سڙيل گيھہ جي ڌپ نڪ ۾ گهڙي وئي. کنگهندي ۽ اٽوڙجندي ڪميڪو ٽپ ڏئي اٿي بيٺي ۽ ڪمري جي چوڌاري ڊوڙي ڪمري جا گِهرڪندڙ در سڄا کولي ڇڏيا.

___________________
1. جپان ۾ فون کڻڻ وقت ’هيلو‘ چوڻ بدران ”مُشي مُشي“ چيو وڃي ٿو.