سنڌ شناسي

پراڻو پارڪر

ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.

Title Cover of book پراڻو پارڪر

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ادبي بورڊ جي شروع کان وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش رهي آهي، تہ لائق پڙهندڙن کي وقت بوقت سٺا ۽ معياري ڪتاب پڙهڻ لاءِ ميسر ڪيا وڃن. انھن معياري ڪتابن ۾ ’پراڻو پارڪر‘ بہ شامل آهي. هيءُ ڪتاب مسٽر منگهارام اوجها جو تحقيقي پورهيو آهي. مسٽر منگهارام اوجها پيشي جي اعتبار کان هڪ پرائمري استاد هو، پر هن جو ذهني لاڙو تحقيق جي شعبي ڏانھن هو. هن هيءَ تحقيقي رٿا 60 واري ڏهاڪي ۾ پوري ڪري بورڊ جي حوالي ڪئي هئي. بورڊ انتظاميا انھيءَ رٿا جي اهميت کي سمجهندي ان کي سال 1966ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇپي ڇڏيو.
حقيقت ۾ قديمي ماڳ ۽ مڪان، تاريخي ۽ دستاويزي طور اسان جا قومي ورثا آهن، انھن جي سارسنڀال لھڻ ۽ انھن تي ڪم ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آهي. ’پارڪر‘ جنھن کي اڄڪلھہ ’ٿرپارڪر‘ چون ٿا، ڪنھن دور ۾ سنڌ جو نھايت پٺتي پيل علائقو هو. هتان جي عام زندگي ڏاڍي ڪسمپرسيءَ ۾ گذرندي هئي ۽ عام طور تي نھايت معمولي قسم جي پيشن تي گـُـذر سفر ٿيندو هـُـئو، هڪ پاسي ڏڪاريل حالتون ۽ ٻئي پاسي رياستي ڪاهون عوام جي اقتصادي وسيلن کي نھوڙي ناس ڪري ڇڏينديون هيون. وقت گذرندي اهڙي صورتحال ۾ تبديلي ايندي رهي ۽ تعليمي ماحول ماڻھن ۾ مھذب قدر پيدا ڪرڻ شروع ڪيا. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪتاب ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪتاب جو هيءُ پنجون ڇاپو آهي، جيڪو هينئر ڇپجي اوهان پڙهندڙ دوستن جي هٿن تائين رسيو آهي. اميد ٿي ڪجي تہ هيءُ ڇاپو بہ گذريل ڇاپن وانگر پڙهندڙ حلقن ۾ پسند ايندو.

انعام اللھ شيخ
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، سنڌ
اڱارو 9- جمادي الاول 1427ھہ
بمطابق 6- جون 2006ع