ننگر پارڪر ۾ بغاوت (1859ع)
مٿين مڙني سببن جي ڪري راجپوتن جا دلي جذبا جوش ۾ اچي ويا ۽ راڻي جي سڏ تي سندس ڀاءُ ڀوپتسنگهہ ويرا واھہ جو راڻو لاڌو سنگهه، ٻھراڻيءَ جو ٺـَـڪر ڪلجي ۽ ٻيا اچي راڻي جي ڪئمپ ۾ داخل ٿيا. تنھن کان سواءِ پنج هزار ڪولھين جو لشڪر بہ اچي حاضر ٿيو. سڀني گڏجي، 15- اپريل 1859ع جي ڏينھن، انگريزن خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. انھن پھرين اچي تارون ڪپي. رستا ڀڃي ڇڏيا. خزانو لـُـٽي، ڪاردار جي ڪچھريءَ کي باھہ ڏني. پوليس ٿاڻي تي حملو ڪري، سوارن کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ڪيترو نقصان ڪيائون. ڏيئومل مختيارڪار، اها خبر ترت حيدرآباد موڪلي، جا 18- اپريل 1859ع جو حيدرآباد پھتي. ڪرنل ايونس، جو اُن اسٽيشن جو ڪمانڊنگ آفيسر هو، تنھن هڪدم ”ٿرڊ بلوچي ريجمنٽ“ جي هڪ وِنگ ننگر پارڪر ڏانھن رواني ڪئي ۽ ڪجهہ توبخانو ڪراچيءَ کان روانو ٿيو. ترت ئي ڪرنل اِيونس کي آرڊر مليو تہ خود وڃي سڀني فوجن جي ڪمانڊ وٺي، جيڪي ڊيسا، احمد آباد ۽ حيدرآباد کان ٿي آيون. تنھنڪري هو بہ روانو ٿيو ۽ اسلام ڪوٽ وٽ اڳ موڪليل فوج کي وڃي رسيو ۽ اُتي ٿر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سپرنٽينڊنٽ بہ اچي مليا. ڏيسا فوج جا اڳ ۾ ننگر پارڪر پھتي هئي، تنھن تي سوڍن پھرين حملو ڪيو ۽ اُنھن جواب ۾ توبزني ڪئي، جنھن جا ٺڪاءَ ڪرنل اِيونس پنجاھہ ميل پري پئي ٻڌا. هو 2- مئي 1859ع جو ويرا واھہ پھتو، تہ سڄو شھر خالي هو. ٻئي ڏينھن ڀوڏيسر پھتو، جتي ان کي ڀوڏيسر جا سوڍا مليا. 3- مئي تي سڀني فوجن جو سخت مقابلو ٿيو. ڪارونجهر جبل ۾ راڻي چندن جو ٺھرايل چندن گڍ توبن اُڏائي ڇڏيو، تنھنڪري حملھ آور سوڍا ڇڙوڇڙ ٿي ويا، ڪي مارواڙ ويا تہ ڪي ڪارونجهر جبل ۾ لڪي ويا. انگريزن شھر تي قبضو ڪيو ۽ راڻي ڪـِـرڻ ۽ لاڌوسنگهہ کي گرفتار ڪيائون ان طرح گوڙ بند ٿيو.
پوءِ ڪرنل ايونس، ڀوڏيسر جي ٺـَـڪرن کي ساڻ ڪري، ٻين سوڍن کي دٻائڻ ڪاڻ روانو ٿيو ۽ ڇاهٺ ميل پري، ڪجرڙالو ۾، باغين جي ڪئمپ تي حملو ڪيائين. سوڍا ڪي مارجي ويا ۽ ڪي ڀڄي ويا. ساري مارواڙ ۾ انھن جي ڳولا ٿي. ڪرنل ايونس، ايجنٽ گورنر جنرل راجپوتانا کي پارت ڪري، واپس ننگر پارڪر روانو ٿيو. ان وقت لاڌو سنگهہ جو پٽ اُڌيسنگهہ ٻاهر ويل هو. واٽ تي راڻيواڙي ڳوٺ ۾ ڍول وڄي رهيو هو، اُتي سندس گهوڙي نچڻ لڳي. تڏهن ڪنھن ڪولھيءَ چيو تہ: ”پاڻ هتي پيو گهوڙيون نچائي ۽ پڻس جيل ۾ پيو آهي!“ اهو ٻڌي اُڌيسنگهہ باھہ ٿي ويو ۽ هڪدم ماڻھو گڏ ڪري، جيل جو دروازو ڀڃي، سڀني کي آزاد ڪيائين. پوءِ پنھنجي سر بندوق کڻي، تروٽ جي تنبوءَ ڏانھن ڪاهي ويو. ٿورو پنڌ ويو تہ جوش ۾ ڀرجي ويو، ۽ وٺي بندوق جا فائر ڪيائين. تنھنڪري تروٽ ڀڄي هڪ مينگهواڙ لاڌوءَ جي گهر، چم جي ڇوڙن ۾ وڃي لڪو:
آيو اُڌيسنگهہ اوچتو، ڀورو ڀڄايو،
ڪـَـر ڀوري راڪنپيا، موچي بچايو.
راڻن تروٽ جي ڳولا ڪئي، مگر هو نہ مليو. تڏهن انھن ڪن سپاهين کي ماري ڇڏيو. ڪرنل ايونس جي فوج بہ ويجهي هئي، جنھن کي هڪ سوار وڃي ڏينسي وٽ خبر ٻڌائي تہ وري فساد شروع ٿيو آهي. فوج هڪدم اچي، 19- جون 1859ع تي گهيرو ڪيو. راڻو، وزير ۽ ٻيا شھر ڇڏي ڀڄي ويا. راڻي ڪارونجهر ۾ وڃي پناھہ ورتي، جتي اُن کي سندس هڪ گـَـهرو دوست، ڪاسبي جو لھاڻو سيٺ مھاوجي، هنس پري ٻائو ۽ روپلو ڪولھي کاڌي جو سامان رسائيندا هئا ۽ خبر چار ٻڌائيندا هئا. تروٽ کي خبر پيئي، تڏهن روپلي کي جاگير جي لالچْ ڏنائين تہ راڻي جو ڏس ڏئي، مگر هو وفادار هو، تنھن چيو تہ: ”مون کي ڪا خبر ڪانھي.“ پوءِ کيس ڏاڍي مارڪٽ ڪيائون. هٿ جي تـِـرين ۾ تيل وجهي، آڱرين تي وٽيون ٺاهي، باھہ ڏنائون.... تڏهن بہ روپلو ست تي ثابت رهيو. آخر تروٽ، هنس پري ٻائي ۽ سيٺ مھاوجيءَ کي گهرائي، لب لالچْ تي ريجهايو، تن دغا ڪري راڻي کي گرفتار ڪرايو. سگهو پوءِ وزير ۽ ٻيا سوڍا بہ گرفتار ٿيا. جنھن تابعداري مڃي، تنھن کي آزاد ڪيو ويو.
ڀوڏيسر جا ٺـَـڪر حملي وقت انگريزن سان مددگار رهيا ۽ ڪرنل ايونس، 23- آگسٽ 1859ع تي، هنن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو. هن سفارش ڪئي تہ ڀوڏيسر جو ڳوٺ، جنھن جي سالياني پيدائش ٽي سؤ رپيا هئي، سو ٺـَـڪرن کي هميشہ لاءِ ڏنو وڃي. انھن کي نيٺ ڇھہ هزار ايڪڙ جاگير ملي.
ننگر پارڪر جي راڻي ۽ ويرا واھہ جي ٺڪرن آڻ نٿي مڃي. تن جون اڳ مليل جاگيرون ضبط ڪيون ويون. ننگر پارڪر جي راڻي، ويرا واھہ جي ٺڪر لاڌو سنگهہ ۽ سندس پٽ اُڌيسنگهہ پوءِ بہ آڻ نہ مڃي. اُڌيسنگهہ کي تروٽ گهڻو ئي لالچايو ۽ کيس سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس جاگير ۽ هڪ بنگلي ڏيڻ جي آڇ ڪيائين، پر هو نہ مڙيو، تنھنڪري ان کي عمر ڪوٽ ۾ بند رکيو ويو.
اُڌيسنگهہ جي وفات بعد، سندس پٽ سامتسنگهہ کي سن 1887ع ۾ ڇھہ هزار ايڪڙ سيڪنڊ ڪلاس جاگير ملي ۽ راڻي جي وارثن کي ٽي هزار ايڪڙ ٿرڊ ڪلاس جاگير ملي. مھاوجيءَ جي خدمتن لاءِ ڪرنل ايونس، پنھنجي ليٽر نمبر 233، تاريخ 20- آگسٽ 1859ع ۾، سنڌ جي ڪمشنر مسٽر فريئر ڏانھن هن ريت لکي موڪليو: ”مھاوجي تمام عزت ڀريو لھاڻو آهي. اسان کي رسد پھچائڻ ۽ خبرون ڏيڻ ۾ هي تمام دور انديش آهي. پارڪر ۾ هي نہ هجي ها تہ ڪرنل تروٽ بہ اسان جون گهرجون پوريون نہ ڪري ها.“ ڪمشنر بلوي وقت مدد ڪندڙ ماڻھن لاءِ سخت سفارش ڪئي، تنھنڪري بمبئي سرڪار، پنھنجي ليٽر نمبر 1560، تاريخ 7- اپريل 1860ع ۾، ڪيترن کي جاگيرون ۽ انعام ڏنا: ڦول ٻائيءَ کي ڳوٺ ڦيٿاپر، ست هزار بيگا زمين ۽ حياتيءَ تائين معافي ملي. مھاوجي لھاڻي کي اٺ هزار بيگا زمين ۽ حياتيءَ تائين معافي ملي. هنس پري ٻائي کي جبل جي سموري پيدائش ملي. لاڌو مينگهواڙ کي بہ زمين جو ٽـُـڪر مليو ۽ ٻين ڪيترن کي معافيون مليون.
راڻي ۽ وزير تي راجڊوهيءَ جو مقدمو هليو، جو 1860ع ۾ پورو ٿيو. راڻي کي چوڏهن سال جيل ۽ وزير کي ڏھہ سال جيل مليو. روپلي ڪولھيءَ جو نالو امر ٿي ويو، اهو ئي سندس انعام آهي.
هن بلوي ۾ سوڍن جيڪا سورهيائي ڏيکاري، تنھن جا بيت اڃا تائين پارڪر ۾ ڳائجن ٿا:
گوري گرورَ گجيو، جهيڪ مچائي رڻ جنگ،
لڙيو ساٿ ڪلياڻ رو، اُوئان راجپوتانان رنگ.
رنگ ڪلا رنگ مھاسينگا، رنگ هو سڀ رهاڻ،
رنگ ڪارونجهر را ڪونگرا، رنگ سوڍا راڻ.
وِجو ڏاڍو ويرَ ورَ، ڀوجل ننڍو ڀوُپ،
ڪٽڪا سان رٽڪا ڪريا، رنگ ڪلاڪـُـل روپ.
ڪلي چڙهي هوڪو ڪري، باجي هاڪ ويراڻ،
گلي ئي پر تروٽ گيو، ميل فرنگي ماڻ.
ڀورا ڏر ڀانجي، گانجي پرتشڻان جيت،
مھيتپت کڙنگ مانجي، پارڪر رڻ پريت.
چندن گڍ نڇاور ٿيو، جوڌي مچايو جنگ،
لڙيو ساٿ ”ڪـِـرڻ“ جي رو، ان راجپوتانان رنگ.