سنڌ شناسي

پراڻو پارڪر

ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.

Title Cover of book پراڻو پارڪر

پيش لفظ

سنڌي ادبي بورڊ، استاد منگهارام ”اوجها“ جي هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو سنہ 1966ع ۾ شايع ڪيو هو، ٻيو ڇاپو 1975ع ۾ ۽ ٽيون 1988ع ۾. ٻيو ڇاپو پھرين ڇاپي کان ڏھہ ورهيہ پوءِ نڪتو ۽ ٽيون وري ٻئي کان لڳ ڀڳ ڏھہ ورهيہ پوءِ. پھريون ڇاپو هڪ هزار ڪاپين جو نڪتو، تہ ٻيو ۽ ٽيون ٻن ٻن هزارن جا. انھيءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڪتاب ۾ ايتري تہ ڪارائتي معلومات آهي، جو گذريل ٽيھن سالن ۾ ان جا ٽي ڇاپا نڪري چڪا آهن ۽ بورڊ هن چوٿين ڇاپي جي ضرورت بہ محسوس ڪئي آهي.
***


هي ڪتاب سنڌ جي ”پارڪر“ واري حصي کي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش آهي. ان جو لکندڙُ، اوجها صاحب پرائمري ماستر هو. سندس شمار انھن استادن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌ ۾ پرائمري ماسترن جو پَدُ اوچو رکيو. ڪنھن زماني ۾، پرائمري ماستر سنڌ جي ڳوٺن جي سونھن هوندو هو. ننڍا وڏا، سُکيا ستابا، توڙي غريب غربا سندس عزت ڪندا هئا. هو سندن ٻچن جي تعليم ۽ تربيت تي مامور هوندو هو. سا پنھنجي ليکي پڻ اهڙي ڳالھہ هئي، جا ماڻھن کان تعظيم طلب ڪري. پر، سندس عزت جو بنيادي سبب خود سندس پنھنجو علم ۽ اخلاق هوندو هو. ڳوٺن ۾ اسڪول مان نڪري گهٽيءَ مان لنگهندو هو، تہ اڻ پڙهيل شخص بہ ادب سان پاسو وٺي ڀت کي ٽيڪ ڏئي، بيھي رهندا هئا، تہ استاد لنگهي وڃي ڀلا جي منجھانئن ڪنھن جي هٿ ۾ پَن جي ٻيڙي هوندي هئي، تہ اها لڪائي ڇڏيندو هو، تہ متان استاد جي نظر پئي ۽ ائين سوچي تہ ’هي بدبخت ٻيڙي ٿو ڇڪي!‘
سنڌ ۾ پرائمري ماستَر ”لکيل لفظ“ (Written Word) لاءِ اهڙي تہ تعظيم ۽ تڪريم سيکاري هئي، جو پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻھو پَٽ تي ڪو ڪاغذ- ٽڪُر ڏسندا هئا، تہ کڻي ويڙهي پنھنجن گهرن جي اوڏڪين ڀتين جي ڦوٽِن ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. اها ان زماني جي ڳالھہ آهي جڏهن ملڪ تي هڪ غير مسلمانُ، عيسائي ڪرستانُ حڪومت ڪندو هو. اسان کانئس آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سالن جا سال جدوجهد ڪئي ۽ نيٺ 1947ع ۾ وڃي پنھنجو ملڪ آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.
قومون جڏهن غيرن جي غلاميءَ مان آزاد ٿينديون آهن، تڏهن ڪنھن ميدان ۾ گهٽ تہ ڪنھن ۾ وڌ ترقي ڪنديون آهن. پر 1947 کان 1997ع تائين، جيڪو پنجاھہ ورهين جو عرصو گذريو آهي، تنھن ۾ اسان تعليم جي ميدان ۾ ڪابہ ترقي ڪانہ ڪئي آهي. اسان جو ملڪ هاڻي دنيا جي اهڙن ڏهن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي تعليم ۾ سڀني کان پوئتي ۽ جهالت ۾ سڀني کان اڳتي آهن. انھيءَ جو هڪ سبب اهو آهي تہ سرڪار تعليم لاءِ گهربل پئسا ڪونہ ٿي ڏئي. مارچ 1998ع تي شايع ٿيل ”ڊان“ اخبار ۾ ڇپيل رپورٽ موجب ”سنڌ ۾ هزارين اسڪول اهڙا آهن جن کي ڀتين جي مٿان ڇت ئي ڪانھي.“ ٻيو تہ انتظامي فيصلا اهڙا تہ اونڌا ۽ ابتا ٿين ٿا، جو يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول ڏينھون ڏينھن اُجڙندا وڃن ٿا. سڀ کان گهڻو ڌڪ پرائمري تعليم کي لڳو آهي. پارڪر جي پاسي ڪجهہ عرصو اڳي، سرڪاري اسڪولن ۾ اهڙا ماڻھو بہ ماستر مقرر ٿيا، جيڪي سراسر اڻ پڙهيل هئا. پنھنجو نالو ئي لکي ڪونہ سگهندا هئا.
* * *


پارڪرتوڙي ٿر پارڪر، سنڌ جو اهڙو علائقو آهي، جتي ماڻھوءَ جي زندگي ڏاڍي ڏکي آهي. استاد منگهارام ”اوجها“ ڪتاب جي شروعات ۾، پارڪر بابت هڪ عام چوڻي ڏني آهي، جنھن مان انھيءَ علائقي جي غربت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
پارڪر جا پھاڙَ
جهنگ ۽ جهاڙَ
رڳو آهي بک ۽ اُگهاڙَ
- لنگهہ ۽ لاهو، رڻ ۽ رائو،
مال بہ رکن ماهو
تہ بہ ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي!
چوڻيون ۽ پھاڪا سالن ۽ صدين جي تجربي کان پوءِ وڃي ٺھندا آهن ۽ عام ماڻھن جي چپن تي ايندا آهن. تنھن جو مطلب تہ، پارڪر جا ماڻھو سالن ۽ صدين کان سک ڪونہ سنڀرن! هن جھان ۾ ڏک بک ۾ آيا ۽ هتان ڏک بک ۾ هليا ويا.
منگهارام ”اوجها“ ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ پارڪر جي پاسي، هڪڙي قبيلي جي تہ گذر سفر جو ڌنڌو ئي هوندو هو ڌاڙا هڻڻ. هڪڙي ڳوٺ ۾، ڏينھن ڏٺي جو چار دفعا ڌاڙو لڳو. ڌاڙا ۽ ڦريون بک جي نشاني آهن. پارڪر هڪ طرف ٿر جي ريگستان ۽ ٻئي طرف ڪڇ جي رڻ ۾ ڦاٿل آهي. آباديءَ جي ڪا صورت نظر ئي ڪانہ ٿي اچي. پر، تاريخ جي اڳوڻن قصن مان معلوم ٿئي ٿو، تہ ڪنھن سمي اُتي ڏاڍي وسُنءَ ۽ وڻراھہ هوندي هئي. هاڪاڙو درياءَ وهندو هو. مٿس بندر ۽ بازاريون هونديون هيون. قسمت پلٽو کاڌو، تہ درياءَ سُڪي ويو. وڻ سُڪي ويا. جاڏي نظر ڪَر، تاڏي رائو، رڃ ۽ سڃ.
* * *
ڪنھن زماني ۾ دنيا جي هاڻوڪي سڀ کان شاهوڪار ملڪ، سعودي عرب جي بہ اها حالت هوندي هئي. هاڻي اتي پيٽرول لڌو آهي. تہ ڌن ۽ دولت جا درياءَ پيا وهن. اڻ ڏڌيون ڇڙيون ٿيون وڃن. ريگستان جي خيمن ۾ رهڻ وارا بدو سڳورا، لنڊن ۾ عيش عشرت لاءِ محلاتون پيا خريد ڪن.
سنڌ ۾ بہ بدين پاسي پيٽرول لڌو آهي. پارڪر ۽ ٿر جي پاسي اڃا ڪونہ لڌو آهي. البت، اتي ڪوئلي جا وڏا ذخيرا مليا آهن، ۽ چون ٿا تہ اهو اعليٰ درجي جو ڪوئلو آهي. ڪي ڌاتو بہ مليا آهن. سو، جيڪڏهن جديد سائنسي علمن جي روشنيءَ ۾ پارڪر ۽ ٿر تي تحقيق ٿيندي، تہ اهڙا قدرتي ذريعا دريافت ٿيندا، جيڪي هن خطي کي ڏاڍو زرخيز ثابت ڪندا ۽ پارڪر جي تاريخ نئين سر لکبي.
پر، منگهارام ”اوجها“ جي هن ڪتاب جي اهميت پوءِ بہ ساڳي رهندي. نہ رڳو ايترو پر جيسين پارڪر ۾ اهڙيءَ خوشي ۽ خوشحاليءَ وارو ڪو دور اچي، تيسين اتان جي موجودہ رهڻيءَ ڪھڻيءَ ۽ اڳوڻيءَ تاريخ ۽ سڀيتا جا اهڙا پاسا ۽ پَلوَ جاچڻ ۽ قلمبند ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي استاد منگهارام اوجها کان رهجي ويا هئا.

غلام رباني آگرو
سنڌي ادبي بورڊ
19-4-1998ع

ڍٽ ڍرِي، پٽ پيون، پاسي پارڪر،
وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪر،
سڀني ڀريا سر، پلر جي پالوٽ سين.
- شاهه