پارڪر تي ميرن جو راڄ
28- اپريل 1820ع ڪئپٽن ميڪرڊو مري ويو ۽ ان جي جاءِ تي جي. جي ولسن آيو، تنھن ٻہ مھينا ريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو. ان بعد هينري پاٽنجر آيو. تڏهن، 8 - نومبر 1820ع ۾، سنڌ جي ميرن پنھنجي بمبئيءَ جي ايلچيءَ جي معرفت ڪمپني سرڪار سان صلح جو عهدنامو ڪيو، جنھن ۾ کوسن ۽ ٻين ڌاڙيلن کي قابو ڪرڻ جو قول پڻ ڪيائون. ڌاڙيلن کي بند ڪرائڻ جي بھاني سان، ڪمپني سرڪار چار سؤ گهوڙيسوارن جو دستو گهرائي، ڪڇ جي لودراڻي سرحد تي ضابطي لاءِ رکيو. 1822ع ۾ ڏڪار پيو، تنھنڪري ڪيترا ماڻھو ڪڇ ڇڏي ڀڄي ويا. ڍور ۽ ڍڳا مري ويا. ٻن سالن بعد وري ڏڪار پيو. ڪمپني سرڪار جو ايجنٽ، ميرن وٽ حيدرآباد رهندو هو. هن وٽان ڪنھن بہ احوال نہ اچڻ ڪري، سرڪار کي جاچ مان معلوم ٿيو تہ سنڌ جا مير ڪڇ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن سان ملت آهن. پارڪر جي ڌاڙيلن تي قابو پائڻ لاءِ هڪ وڏو دستو واگڙ ۾ رهندو هو، سو ان وقت ڀڄ ڏانھن ويل هو. اهو موقعو ڏسي، پارڪر جا ڌاڙيل ٽن هزارن جي ٽولي ڪري، ڪڇ کي جيتڻ لاءِ، هٻاءِ جبل وٽ اچي پھتا. اتي مياڻا، ڪولھي ۽ ٻيا ڪڇ جي ڏڪار جا ماريل بہ اچي ساڻن شامل ٿيا. انھن جو سروار، ڪڇ جو مشھور ڌاڙيل تار لوڻائي هو. ڀڄ کان هڪ وڏو لشڪر آيو، تنھن سان دوبدو لڙائي ٿي. نيٺ ڪي ڌاڙيل مارجي ويا، ۽ ڪي ڀڄي ويا. پر ملڪ ۾ زبردست بي بندوبستي ٿي پيئي، جنھنڪري پارڪر جي سوڍن ميرن کي ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. تنھنڪري ميرن، 1830ع ۾، پارڪر ۽ ڏيپلي طرف پنھنجا ماڻھو ايلچيءَ طور ڍل اڳاڙڻ لاءِ موڪليا. پارڪر جا سوڍا ۽ آڌيگام، ويرا واھہ ۽ ننگرپارڪر وارا ڳوٺ ٻھراڻيءَ ۾ اچي گڏ ٿيا. ميرن جا عملدار بہ ٻھراڻيءَ ۾ ٽڪيل هئا. انھن سمجهيو تہ سوڍن کي دڙڪو داٻ ڏيئي مڃائينداسون، پر سوڍن اٽلندو مٿن حملو ڪيو ۽ اتي جو اتي سڀني عملدارن کي قتل ڪري ڇڏيائون. تڏهن مير مراد علي خان پنھنجو وڏو لشڪر پارڪر تي چاڙهي موڪليو. دوبدو لڙائي ٿي. سوڍو ٻونجوجي وڙهندي مارجي ويو. ٻہ راڻا قيد ٿيا. ننگر پارڪر جي گادي نشين راڻي جي صغير هئڻ ڪري، مير اتي جي ڪاروبار هلائيندڙ کي سنڌ وٺي ويا ۽ مکيہ راڻن کان ڏنڊ وٺي، کين ڇڏي ڏنائون. پارڪر جي راڻي تي ڏھہ هزار ڪوريون، ويرا واھہ جي راڻي تي ٻارهن هزار ڪوريون ڏنڊ وڌو ويو. ويرا واھہ جي راڻي جو ڀاءُ حيدرآباد جيل ۾ مري ويو. ٻھراڻيءَ جي راڻي تي ڏھہ هزار رپيا ڏنڊ پيو. ڦيٿاپر جي ٺـَـڪر تي ست سؤ رپيا، ۽ آڌيگام جي سوڍي کيمجيءَ تي پندرهن سؤ ڪوريون ڏنڊ وڌائون. مٿيان سمورا سوڍا ٽي مھينا نظربند رهيا ۽ پوءِ ڏنڊ ڏيئي آزاد ٿيا. انھيءَ کان پوءِ ميرن کي ٻنين جي پيدائش جي پنجين پتي ڍل طور ملندي هئي. 1843ع ۾ انگريزن جي اچڻ سان ميرن جي پارڪر تان حڪومت ختم ٿي.