سنڌ شناسي

پراڻو پارڪر

ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.

Title Cover of book پراڻو پارڪر

پارڪر

سنڌ سونھاريءَ جو تمام شاندار ۽ اهم ٽڪر ”پارڪر“ ، تنھن لاءِ عام مقولو آهي تہ: ”پارڪر جا پھاڙ، جهنگ ۽ جهاڙ، رڳو آهي بـُـک ۽ اُگهاڙ، رڻ ۽ رائو، لنگهہ ۽ لاهو، مال بہ رکن ماهو، تہ بہ ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي!“ رڻن ۾ رڃ، رڳي سڃ ئي سڃ، اچ وڃ جو اهنج، سڄو ئي ڀڙڀانگ، نہ ساٿي نڪو سانگ، جتي ڪانگ جي اک نڪريو پوي: اهڙي ڏکئي ڏونگراٽ ڏيھہ ۾ جو پـُـرش پيدا ٿيو، تنھن جو ڀاڳ اَڀاڳ يعني ڄانڀي جو ساڳ!
اهو پارڪر يا ننگر پارڪر جو تعلقو، ٿرپارڪر ضلعي ۾، سنڌ جي ڏکڻ اُڀرنديءَ ڪنڊ تي آهي، جنھن جي ڏهن تپن مان ست تپا ٿر ۾، ۽ ٽي تپا پارڪر ۾ آهن. نقشي تي پارڪر وارو ٽـُـڪر ڄڻ تہ هڪڙو اُپٻيٽ آهي، جنھن جي ٽنھي- پاسن، ڏکڻ، اولھہ ۽ اوڀر کان وارياسو رڻ ڦري آيو آهي. پارڪر واري ڀاڱي جي ڊيگهہ 30 ميل، ۽ ويڪر 20 ميل آهي. اهڙيءَ طرح، ننگر پارڪر تعلقي جي پکيڙ 1617 چورس ميل ٿيندي.

”پارڪر“ تي نالو ڪيئَن پيو:
چون ٿا تہ پارڪر جي ڀر وارو ڪڇ جو رڻ اڳي سامونڊي کاري هو. ماڻھن کي اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي، سو ان کي چوندا هئا ”پار اُڪر“ ، جنھن مان ڦري ٿيو ”پارڪر“ . ان بابت هڪڙي ڏند ڪٿا مشھور آهي، جنھن موجب اهو نالو ”پاراسر“ نالي رشيءَ تان پيل آهي، اُها ڪٿا هن ريت آهي:
ڪنھن سمي، پارڪر جو پرڳڻو جڏهن پاڻيءَ هيٺ هو، تڏهن جتي اڄ بستي آهي، اُتي ڀيانڪ سمنڊ پيو ڇوليون هڻندو هو. هڪ ڏينھن پاراسر رشيءَ ڌيان ڪيو، تہ ڪو اهڙو پويتر آستان ڳولجي، جتي پنھنجو تپ سڦل ڪري سگهجي، ڇو تہ ايڪانت ۾ انسان جو من هڪ ٺڪاڻي بيھي ٿو. پاراسر رشي، هڪ مھا تيجسوي تپسوي ۽ تمام پھتل شخص هو. کيس ڌيان ۾ ڪارونجهر جبل ڏسڻ ۾ آيو، تنھنڪري پنھنجيءَ تپسيا يا بندگي جو پڪو پرڻ ڪري، ڪارونجهر جبل ۾ هاڻوڪي ساڙدري کان ڪجهہ مٿڀرو، هڪ هنڌ پسند ڪري، اُتي پنھنجي اکنڊ تپسيا شروع ڪيائين. پير جي هر هڪ آڱر تي بيھي، هڪ - هڪ هزار سال تپسيا ڪيائين. هر هڪ آڱر جا نشان اڄ ڏينھن تائين جبل ّتي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تپسيا جي پڇاڙيءَ وارن ڏينھن ۾، پاراسر رشيءَ جي استريءَ، پوپٽ جي ڳچيءَ ۾ لٽڪائي ڏانھنس هڪڙو ڪاغذ ڏياري موڪليو، جنھن ۾ کيس موٽي اچڻ جي وينتي ڪئي هئائين. پاراسر پنھنجي جسم جو پگهر لاهي، ڪاغذ ۾ ويڙهي، پوپٽ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي موڪليو. پوپٽ جڏهن وچ سمنڊ تي پھتو، تڏهن هڪڙي باز چهڙپ هڻي، پوپٽ کي ڪيرائي ڇڏيو ۽ اُهو پگهر وڃي سمنڊ ۾ هڪڙي مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو، جنھن مان هڪڙي سندر ڪنيا پيدا ٿي. سمنڊ جي نزديڪ رهندڙ مھاڻن اُن سندر ڪنيا کي پالي وڏو ڪيو ۽ سندس نالو رکيائون ”مڇندرا“ يعني مڇيءَ مان پيدا ٿيل. مڇندرا جڏهن وڏي ٿي، تڏهن ان جو سندر روپ سورج کان وڌيڪ تيج ۽ تاب ڏيکارڻ لڳو. هيءَ من موهيندڙ اپسرا جڏهن چانڊوڪيءَ سان چلڪندڙ پاڻيءَ ۾ اڪيلي واهڻ هلائيندي هئي، تڏهن سندس جوڀن ۽ جمال کان چنڊ جو جوهر بہ جهڪو ٿي پوندو هو. مڇندرا جڏهن پنھنجي وهيءَ جا سورنھن سال پورا ڪيا، تڏهن پاراسر رشيءَ، پنھنجي تپسيا پوري ڪري، سمنڊ پار ڪرڻ لاءِ مھاڻن وٽ آيو. مھاڻن کي ان وقت فرصت ڪانہ هئي، تن مڇندرا کي چيو تہ: ”ڌيءَ! تون وڃي رشيءَ کي پار اُڪاري اچ“ . جڏهن مڇندرا جي دُنگي درياءَ جي اڌ تي پھتي، تہ رشيءَ جي من ۾ ڦيرو آيو، مڇندرا جي رنگ، روپ ۽ جوانيءَ کي ڏسي، مھا اڀدؤت رشي مٿس اهڙو تہ موهت ٿي پيو، جو ٿورين گهڙين لاءِ پنھنجي سڌ ٻـُـڌ صفا ڀلجي ويو. مڇندرا جي ڪـَـجلين اکين ڏانھن گهور سان نھاري، سندس سنھڙيءَ چيلھہ تي هٿڙو تہ گهمايائين، پر وري کانئس اوچتو ڇرڪ نڪري ويو: سندس ڪٺڻ تپسيا جا ڏھہ هزار سال هڪڙيءَ کن ۾ برباد ٿي چڪا هئا! تڏهن رشيءَ، ڪاوڙجي، سراپ ڏنو تہ: ”اي پارڪر، تنھنجيءَ سر زمين تي ڪڏهن بہ اهڙو گڻوان مھاتما اُتپن نہ ٿيندو!“
ڪارونجهر تناڪَ جس، ڪَ جـَسي ميڙيو ڪاج،
پيدا ٿئي نہ پارکو، نہ رهسي ڪو رشي راج.

سمنڊ سڪي رڻ ٿيڻ بابت مشھور ٿل مٿينءَ ڏند ڪٿا کي ڇڏيندي، ٻي ڏند ڪٿا سنڌ تي راءَ نوگهڻ جي ڪاھہ وقت ”وروُڙيءَ“ جي چـُـوسي وٺڻ بابت آهي، پر علمي راءِ هيءَ آهي تہ ڪنھن وڏي زلزلي سببان اِتان سمنڊ هٽي ويو آهي، جنھن سان وڏو وارياسو رڻ وجود ۾ آيو آهي.

حدون ۽ شڪل
ننگر پارڪر تعلقي جي اُتر ۾ تعلقو ڇاڇرو، اوڀر ۾ جوڌپور (راجستان)، اولھہ ۾ تعلقو مٺي، ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. هيءُ تعلقو اُتر ڏانھن ويڪرو ۽ وڏو آهي، ۽ ڏکڻ پاسي زمين کاڌل اٿس. اوڀر ۽ ڏکڻ پاسا رڻ کي تمام ويجها آهن، تنھنڪري ٻيئي پاسا لوڻ ۽ رڻ جي پاڻيءَ ڪري کائجي ويا آهن، ۽ وچ ننڍو ٿي پيو آهي.

قدرتي جوڙجڪ
ننگر پارڪر شھر جي پسگردائيءَ واري، چوويھن ميلن جي پٽ کي ”پارڪر“ ۽ ڪنٺي وارو ڀاڱو ڪري چوندا آهن، جنھن ۾ ننڍيون ٽـَـڪريون آهن، ۽ ٻئي حـصي کي ”ٿر“ وارو ڀاڱو ڪري چوندا آهن، جتي واريءَ جون ڀٽون آهن.

آبھوا
سڄي تعلقي جي آبھوا سياري ۾ سرد ۽ اونھاري ۾ گرم رهي ٿي. ڀـِـٽن وانگر، ٽـَـڪريون بہ سياري ۾ ٺرن، اونھاري ۾ گرم رهن ٿيون.

ڪارونجهر جبل
هيءُ جبل، ننگرپارڪر شھر جي چوڦير، گولائي قطار جي صورت ۾، ڏکڻ ۽ الھندي پاسي، اٽڪل سورهن ميلن ۾ پکڙيل آهي. ان جي اوچي چوٽي زمين جي سطح کان هڪ هزار فوٽ مٿي آهي، جتي تروٽ صاحب جو ٿلھو ٺھيل آهي، جنھن کي ”صاحب چڱو“ ڪري چوندا آهن، هن جبل ۾ ڪيترائي قديم آستان ٺھيل آهن، جي ڏسڻ وٽان آهن. منجهس ڪيترائي پانڊوَن جي نالن جا نشان آهن. چون ٿا تہ ڪورونَ جڏهن پانڊون کي 13 سال ديس نيڪالي ڏني هئي، تڏهن پنج ئي پانڊو ڪجهہ وقت ڪارونجهر جبل ۾ اچي رهيا هئا. اڄ تائين ڪن نشانن کي ڀيم گوڏ، ڀيم گاڏو، ڀيم تلاءُ، ارجڻ ٻاڻ، وغيرہ ڪري ڪوٺيندا آهن. ڪارونجهر جبل جو پٿر عمارتن ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. جبل مان گگر، ماکي، مختلف ٻوٽيون، ڪاٺيون وغيرہ، مزور ماڻھو جام آڻي وڪرو ڪندا آهن. تنھنڪري عام چوڻي آهي تہ ”ڪارونجهر ۾ روزانو سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو“ - يعني هن جبل جي ايتري پيدائش آهي، جنھن جي قيمت روزانو سوا سير سون جي برابر آهي. هن جبل ۾ قسمين قسمين ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون، جي هتي جي ماڻھن لاءِ دوا طور ڪم اچن ٿيون- مثلاً کوکرو، گڻ ويل، ستاوڙي، جهنگلي بصر، شـِـوجٽي، اُٺ ڪنٺي، اُٽنگڻ، لاجونتي، گوگڙو، وغيرہ هن جبل ۾ ڪٿي ڪٿي پٿر گوگڙوءَ جھڙو نظر ايندو آهي. اونھاري جي موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن جبل مان زوردار آواز ٻڌبا آهن، ٿي سگهي ٿو تہ هيءُ جبل گندرف سان ڀريل هجي. برسات جي موسم ۾ جبل تان اٿاھہ پاڻي سمنڊ جيان وهي هلندو آهي. گوڙدرو ۽ ڀٽياڻي نديون بہ هتان نڪرن ٿيون. اهي ٻيئي نديون، پاڻيءَ سان ٽمٽار وڃي ٿيون پيٿاپڙ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪن. جيڪڏهن انھن ندين تي بند ٻڌي، پاڻيءَ کي پوک لاءِ گڏ ڪيو وڃي، تہ پارڪر کي جيڪر ڪڏهن بہ ڏڪار سان دوچار ٿيڻو نہ پوي. ڪارونجهر جبل ۾ سيار (گدڙ)، چراخ (جرک) جانور (بگهڙ)، مور، سارس ۽ ٻيا ڪيترائي جانور ۽ پکي رهندا آهن. ڪارونجهر پارڪر واسين کي ايڏو تہ پيارو آهي، جو هر دم پيا جهونگاريندا آهن تہ:
ڪارونجهر جي ڪور، مـَـريـِئي، تو ميليئي نھين،
مٿي ٿھوُڪي مور، ڏونگر لڳي ڏيپتو.

تلاءُ:
ڪارونجهر جي چوطرف ڪيترا تلاءُ آهن، جن ۾ ٻاروهي پاڻي رهي ٿو. ڀوڏيسر وٽ ڀوڏيسر جو تلاءُ آهي، جو ڀوڏي سوڍي عيسوي چھين صديءَ ۾ کڻايو هو. هن ۾ اَٺ مھينا پاڻي رهندو آهي. ٻيو نرياسر جو تلاءُ، ڏونگري ڳوٺ جي ڀرسان آهي، جنھن ۾ ٻارهن ئي مھينا پاڻي رهندو آهي، نرياسر جي پاسي ۾ ڪو بہ وڻ وغيرہ ڪونہ آهي، ۽ سنئون سڌو وڏو پٽ پيل آهي. ڳوٺ گهرٽياري وٽ لورالائي ڀاڻيسر جا تلاءَ آهن، جن ۾ پاڻي ٻارهن مھينا رهندو آهي. لاڪڙ کڏئي وٽ راڻاسر تلاءُ آهي. اُڏيگام جو تلاءُ ۽ گڍڙي چارڻ جو تلاءُ بہ مشھور آهن. ننگر جي نزديڪ راڻن جو ٺھرايل راڻاسر تلاءُ آهي، جنھن جي چوگرد پڪي ڀت چـُـڻيل آهي، سنگها تلاءُ، جو ويرا واھہ جي ڀرسان آهي، سو ويرا واھہ جي سوڍن کي جاگير طور مليل آهي. منجهس سال بسال ڪڻڪ جي پيدائش جام ٿئي ٿي.

ٽڪريون:
پارڪر ۾ ننڍيون ننڍيون ٽڪريون تمام گهڻيون آهن- جھڙوڪ ڏونگري جي ٽڪري، ڏيڻي ٽڪري، راڻيپور جي ٽڪري ۽ چؤڙيئي جي ٽڪري، وغيرہ.

آستان:
ڪارونجهر جبل ۾ هندن جا هيٺيان آستان ڏسڻ وٽان آهن:
(1) ساڙ درو: پاراسر رشيءَ جي سراپ، يا ڌرتيءَ جي زلزلي يا راءَ نوگهڻ جي سنڌ تي ڪاھہ وقت وروڙيءَ جو چوسڻ- انھن ٽنھي روايتن مان اتھاس ڌرتيءَ جي زلزلي کي اهميت ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو زلزلو پارڪر ۾ ضرور آيو هو، جنھن پاري ننگر جھڙيءَ وسندڙ آباديءَ کي برباد ڪيو. بھرحال، سمنڊ سڪي ويو، ۽ پوءِ اُتي ڪن سالن کان آهستي آهستي بستي ٿيڻ لڳي.
ساڙدري لاءِ هڪڙي جهوني ڳالھہ مشھور آهي. هڪڙو هرڻ ۽ هرڻي، جبل ۾ پيا ڦرندا هئا. ڏينھن جو پاسي وارين ٻنين ۾ گهمي، رات جو جبل ۾ اچي رهندا هئا. هڪڙي رات جو جيئن هرڻ ۽ هرڻي، ڇلانگون ڏيندا، جبل تي پئي چڙهيا، تہ هرڻ اوچتو هڪڙي پاڻيءَ سان ڀريل ڪـُـن ۾ وڃي ڪريو، ۽ مري ويو. هرڻي جيئن ڇلانگ ڏنو، تہ اُها وڃي ڪـُـن جي پاسي ۾ بيٺل ”قدام“ جي هڪڙي وڻ ۾ اٽڪي، آهستي آهستي هرڻيءَ جا سمورا هڏا، سڙي ۽ ڳري، اُن ڪـُـن ۾ پوندا رهيا، ۽ پاڻيءَ ۾ حل ٿي ويا. هندن جي شاسترن مطابق اُن پاڻيءَ ۾ ڪا اهڙي غيبي طاقت هئي، جو هرڻيءَ جا هڏا مـُـڪت ٿي ويا، ۽ رڳو سسي وڻ ۾ اٽڪيل رهي. ڪـُـن ۾ هرڻيءَ جي ڪـِـرڻ سبب، اُن ڪـُـن (ڪـُـنڊ) جو نالو ”مرگهي- ڪنڊ“ پيو.
هندن جي شاسترن موجب جـِـيؤ ڦري اوتار وٺي ٿو، سو ان هرڻيءَ پاٽڻ جي هڪ زبرست سيٺ جي گهر نياڻيءَ جو جنم ورتو. اُن نياڻيءَ کي جنم کان مٿي جو سور هو. ڪئين ڊاڪٽر، طبيب، ويد ۽ حڪيم علاج لاءِ گهرايا ويا، پر ڪنھن جي ڦڪيءَ فرق نہ ڪيو. تان جو ان ڪنيا کي پرڻائي ڇڏيائون، پر سندس مٿي مان سور اڃا نہ ويو هو.
هڪڙي ڏينھن پارڪر مان ڪي واپاري اُٺن تي مڱ کڻي پاٽڻ ۾ وڪڻڻ آيا، جڏهن اُهي مڱ سيٺياڻيءَ جي گهر آيا، تڏهن هن هڪدم چئي ڏنو تہ هي مڱ ”ڀيڙيا“ واريءَ ٻنيءَ جا آهن! (ڀيڙيا ٻني پارڪر ۾ آهي.) گهر جا ماڻھو اچرج ۾ پئجي ويا تہ هن استريءَ مڱ ڪيئن سڃاتا!
پوءِ هڪڙي ڏينھن، هڪڙو برهمڻ اُتي آيو، تنھن انھن کي ٻڌايو تہ هيءَ استري اڳي هرڻي هئي ۽ سندس سسي ڪارونجهر جبل ۾، ڪنڊ جي پاسي ۾، ”قدام“ جي هڪڙي وڻ تي اٽڪيل آهي؛ ڪو ماڻھو وڃي اُن سسيءَ کي اتان لاهي ڪنڊ ۾ وجهندو تہ هيءَ مائي چڱي ڀلي ٿي پوندي، سيٺ جا ماڻھو ڪارونجهر جبل ۾ اچي ڏسن تہ برابر قدام جي وڻ تي هرڻيءَ جي سسي اٽڪيل آهي! ماڻھن وڃي سڀ سماچار سيٺ کي سڻايا. سيٺ ۽ سيٺياڻي پاٽڻ کان روانا ٿي پارڪر آيا، ۽ وڻ مان هرڻيءَ جي سسي لاهي ڪنڊ ۾ وڌائون، تہ مائيءَ جي مٿي مان سور هڪدم غائب ٿي ويو.
سيٺ انھيءَ واقعي جي يادگيريءَ کي قائم رکڻ لاءِ مرگهي- ڪنڊ جي پاسي ۾ ٻہ ڏيھرا ٺھرايا، جيڪي اڄ ڏينھن تائين قائم بيٺا آهن. اُنھن ڏيھرن ۾ قديم شـِـوَ ۽ پارپتيءَ جون مورتيون بہ موجود آهن. خود سيٺياڻيءَ جي چوڻ تي اُن هنڌ، ڪنڊ کان مٿڀرو، مھاديو جو مندر ٺھرايو هئائون، جنھن کي ”ساڙدرو“ چوندا آهن. روايت آهي تہ مندر ٺھڻ بعد ڪنھن پوڄاريءَ جي نہ هئڻ ڪري، هڪڙو ڪيھر شينھن ان ۾ رهندو هو. ماڻھو اُن ڊپ ڪري جبل ۾ ڪونہ ويندا هئا. هڪ ڀيري هڪڙو اڀدوت يوگيشور اُن مندر ۾ آيو، تڏهن کان وٺي اهو شينھن الائجي ڪيڏانھن گم ٿي ويو. تنھن کان پوءِ هڪ نہ ٻيو ٻاوو، پوڄاريءَ طور اُن مندر ۾ رهندو اچي ٿو. مھاديو جي مندر جي پاسي ۾ چئن ٻاون جون سماڌيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن ۾ وڏو هنس پـُـري ٻاوو هو.
مرگهي- ڪـُـنڊ ۾ هينئر ٻاروهي پاڻي رهندو آهي. هندن جي ويدن ۾ ساڙدري جو ذڪر آيل آهي تہ ڪنڊ ۾ مردي جا هڏا وڌا وڃن تہ ڄڻ اهي گنگا ۾ وڌا ويا. هتي هر سال مارچ مھيني ۾ شوراتڙيءَ جو ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. ڪٿي ڪٿي جا زيارتي اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڀڄن ڀاو ڪندا آهن. هن وقت ننگر پارڪر جي پئنچات گڏجي ڪجهہ رقم گڏ ڪري، مرگهي- ڪـُـنڊ کي سٺي نموني ٺھرايو آهي. ڪوي چنديرام ڀاٽ ساڙدري بنسبت ڪھڙو نہ سندر شعر چيو آهي:
ڪارونجهر جي ڪور،
مٿي ٿهؤڪي مور،
ڌوپا وهي ڌار،
پاڻي جو نہ پار،
اُوچو آھہ آستان،
ديو موٽا دان،
موٽا آھہ مھاديوَ،
سڀ چن ڪري سيوَ،
آئي ورڻ اَڍار،
ســـــــاڙدري ســـــــريـــــــڪـــــــار،

رؤڙي لڳي رڙيا مڻي،
ڏونگر لڳي ڏيپتو.
ڀٽياڻي ٻيجي ڀلي،
آرڙاڻا ڪري اُتري.
ساڙدري شنڪر تڻو،
ڪـُـنڊ مرگهي جي ڪنٺڙي.
انچليشور پـَـر اوپتا،
ميڙي آئي ورڻ ميدني،
ڪري گيان هري جي ڪٿا،
آئـــــي گــهــڻـــا هـــيــت ســـان.

پکي سوڀي ڪوئل ٻگهہ پوپٽ،

ڪنٺ سان مور ڪلور ڪري،

گج سار سـُـچاتڪ ڪاگ ڪؤئا،

چتر سمڙي گرج جھڙي:

جهرڙاٽ پکن وچ ڀيرو جهيڪٽ،

گؤئڙ گاجي آواز گهڻو،

ساڙدري شـِـوَ رات رو،

آئي ورڻ اڍار گهڻو،

جھانجهر جهڻ ڻَ ڻَ ڪري جهالر،

ويڻا منتر ستار وڄي،

در وڄي شان پکا وچ تنبور،

گرھہ گري ونراج گرجي:

آرتي سانج سوير او پٽ،

پيٽ پوڄا گلستان گهڻو،

ساڙ دري.......

(2) الک واوُ (لڪل کوهہ): هيءُ ڀوڏيسر جي جبل ۾ آهي. راڻو چندن جڏهن ڪوڙھہ جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو هو، تڏهن ڪنھن فقير جي ڏس تي ’ويري گويل‘ نالي سندس ساٿيءَ الک واوَ مان پاڻي آڻي کيس غسل ڪرايو، تہ ڪوڙھہ جو مرض هڪدم غائب ٿي ويو. چون ٿا تہ ڪھڙي بہ ڪوڙھہ جي بيماري هجي، الک واو جي پاڻيءَ ۾ سنان ڪرڻ سان ڇڏي ويندي پر هيءُ کوھہ مشڪل سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

(3)انچليشور: ننگر پارڪر جي اُتر ۽ اُلھندي طرف، ڀوڏيسر جبل وٽ، ننگر پارڪر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي ٽڪريءَ جي وچ ۾ هڪ آستان آهي، جنھن کي انچليشور مھاديو جو آستان ڪري چئبو آهي.
پاسي ۾ پاڻيءَ جو چشمو آهي، جو سدائين هيٺ پيو هلي، ڇاڪاڻ جو مٿي ٽڪري آڏي آهي. هن جو پاڻي هندو پوتر ڪري سمجهندا آهن، ۽ زيارتي شيشا ڀري ڳوٺ کڻي ويندا آهن. اڳي هتي باقاعدي پوڄاري رهندا هئا، پر هينئر نہ آهن. پاسي ۾ سترام داس عامل، حيدرآباد واري جو ٺھرايل مسافرخانو آهي، جتي زيارتي ڀـَـڄن ڳائيندا آهن. مٿي چڙهڻ لاءِ 108 پڳٿيون ٻڌل آهن. حيدرآباد جو عامل مختيارڪار بوٽن سوڌو مٿي چڙهيو ٿي، تہ پڳٿين جي لسي هئڻ ڪري پير کسڪي ويس ۽ هيٺ ڪري فوت ٿي ويو. کيس اُن جاءِ تي جلايو ويو، اُن جو مٿي ٺھرايل چبوترو اڃا قائم آهي.

(4) ناني: ننگر پارڪر کان اُلھندي، جبل جي چوٽيءَ تي هڪ بلڪل نرالو پٿر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنھن کي ”ناني“ ڪري چئبو آهي. چون ٿا تہ هن مائيءَ جبل ۾ مال پئي چاريو تہ هڪ درويش اچي کانئس کير گهريو. مائيءَ کير ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تنھن تي درويش سراپ ڏنو تہ، ”مائي، تون پٿر ٿي پوندينءَ!“ درويش جو وچن آگي در اگهجي ويو، ۽ مائي سچ پچ پٿر ٿي پيئي.

(5) ڀيم گوڏا: گئوء مـُـکي کان ٿورو مٿڀرو، هڪ پاڻيءَ سان ڀريل ڪـُـن آهي، جنھن جي ويڪر ٻہ فوٽ ۽ ڊيگهہ ٽيھہ فوٽ کن آهي. ان کي ”ڀيم ڪـُـن“ بہ ڪري چئبو آهي. هن ڪـُـن ۾ سدائين پاڻي هوندو آهي. روايت آهي تہ پانڊوَن جي ڀاءُ ڀيم کي هن جبل ۾ ڪٿي بہ پاڻي نہ لڌو، سو جڏهن هن جاءِ تي زور سان لت هنيائين، تہ گوڏي تائين پاڻي نڪري آيو. تنھنڪري هن کي ”ڀيم گوڏا“ ڪري چئبو آهي.

(6) گئوء مکي: هيءَ ساڙ دري کان ڏکڻ طرف، ٻن ميلن تي آهي. هتي وڃڻ لاءِ رستو تمام ڏکيو آهي. پاڻيءَ جي سدائين هيٺ تي وهڻ ڪري، پٿر لسا ٿي پيا آهن، اُتي هوبھو ڳئونءَ جي شڪل ٺھي پيئي آهي، جنھن جي ٿڻن مان ٻاروهي پاڻي پيو وهي. هتي ميلو وغيرہ ڪونہ لڳندو آهي، پر عام طرح ماڻھو درشن خاطر ويندا آهن.

(7) پنراج گڍ: گئوء مکيءَ کان ٿورو هيٺ، هڪ قلعو ٺھيل آهي، جو هينئر ڊٺل حالت ۾ آهي. اهو قلعو پنراج سينڌل، دشمن کان بچاءُ خاطر ٺھرايو هو. پنراج سينڌل گجرات جي صوبن سان وڙهندي مري ويو، جنھن جو بيان اڳتي ايندو.

(8) ڀچندن گڍ: هيءُ قلعو راڻي چندن جو ٺھرايل آهي. پارڪر جي راڻن جڏهن انگريزن سان فساد ڪيو، تڏهن انھن هن قلعي ۾ ويھي انگريزن سان لڙائي ڪئي هئي. مئي 1859ع ۾، انگريزي فوجن، ڪرنل ايونس جي هٿ هيٺ، هن قلعي کي توبن سان اُڏائي ڇڏيو.

(9) ٻاين جو ٻيسڻو: قديم ڪاسبو، جو نئين ڪاسبي کان اڍائي ميلن جي مفاصلي تي، کاڙوئيءَ جي ويجهو آهي، اُتي هڪ پٿر آهي، جنھن جي هيٺان وڏي سرنگهہ آهي. اها ٽن پاسن کان بند ۽ هڪ پاسي کان کليل آهي. اڳي پارڪر ۾ تمام گهڻا ڌاڙا لڳندا هئا، ۽ گجرات طرفان وقت بوقت ڪاهون ٿينديون هيون، بي بندوبستيءَ جي وقت هڪدم دهل وڄندو هو، تڏهن ڳوٺ جون سموريون زالون اُن پٿر جي سرنگهہ ۾ وڃي لڪنديون هيون. مرد ماڻھو، کليل پاسي هڪ وڏو پٿر ڏيئي، پاڻ وڃي مقابلو ڪندا هئا.

(10) جهرڻو: جهوني ڪاسبي جي ڀرسان، گامپرو تلاءَ جي پاسي، جبل جي تري ۾ هڪ جهـرڻو آهي، جتان بـُـڙ بـُـڙ ڪري پاڻي پيو نڪري ۽ فوٽ کن مٿي کڄي، هيٺ ريلا ٿيو وهيو وڃي.

(11) ڀونئـَـرو: ننگر پارڪر شھر جي اُلھندي طرف، جبل ۾ زمين اندر هڪڙو ڀونئرو (بھرو) ٺھيل آهي، جو هاڻي زبون حالت ۾ آهي. چون ٿا تہ سوڍا جنھن وقت ننگر ۾ حڪومت ڪندا هئا، تڏهن پنھنجو خزانو ۽ باروت انھيءَ ڀونئَـري ۾ لڪائي رکندا هئا. چون ٿا تہ اهو ڀونئَـرو گوڙيءَ جي مندر واري ڀونئـَري سان مليل هو. ننگر ۽ گوڙيءَ جي وچ ۾ ڇويھہ ڪوھہ مفاصلو آهي. جڏهن انگريز سرڪار ننگر، ٺڪرن کان فتح ڪيو، تڏهن اُن ڀونئري جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيائون پر ڀونئـَـرو اهڙو پيچدار ۽ زير - زبر ٺھيل هو، جو اُن جو ڪو بہ پتو نہ لڳو ۽ نہ ڇيھہ آيو، تڏهن لاچار کوٽائيءَ جو ڪم بند ڪيو ويو.