سنڌ شناسي

پراڻو پارڪر

ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.

Title Cover of book پراڻو پارڪر

محمود شاھہ بيگڙو

جنھن وقت دهليءَ تي تغلق ۽ خلجي گهراڻن جو راڄ هو، تنھن وقت گجرات ۾ صوبا حڪومت هلائيندا هئا.پڇاڙيءَ ۾ هڪڙو مسلمان ٿيل راجپوت سردار، مظفر شاھہ نالي، گجرات جو حاڪم ٿيو. هيءُ گجرات جو پھريون مسلمان حاڪم هو. مظفر شاھہ کي سندس پوٽي احمد شاھہ زهر ڏيئي، پاڻ گجرات جي واڳ هٿ ڪئي. احمد شاھہ سابرمتيءَ جي ڪناري تي هڪ نئون شھر، احمد آباد نالي ٺھرايو. ان کان پوءِ سندس پٽ محمود شاھہ بيگڙو تخت تي ويٺو. هن گرنار ۽ پاواگڍ، ٻئي قلعا راجپوتن کان جيتي ورتا هئا، تنھنڪري سندس نالو ”بيگڙو، ٻہ - ڳـِـڙھہ جيتڻ“ وارو پيو. بيگڙو 1459ع ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ 1511ع تائين، ڪـُـل ٻاونجاھہ سال راڄ ڪيائين. شروعات ۾ هن سان اميرن تڪرار ڪيو، تڏهن هن جي والدہ اميرن جي بگڙڻ جي سموري سـُـڌ پنھنجي پٽ کي ڏني. هن پھرين سورٺ تي ڪاهڻ جو ارادو ڪيو. تنھن وقت جهونا ڳڙھہ تي راءُ منڊلڪ راڄ ڪندو هو. راءُ منڊلڪ کي هڪ چارڻياڻيءَ هيٺيون سراپ ڏنو هو:
گڍ جهوناڻي پوڙ، ڏامو ڪـُـنڊ ڏيکيسي نھين،
رتن جاوسي روڙ، منھن سنڀاريس منڊلڪ.
ناگٻائي نان نہ کميو، ڀـُـليو راجا ڀِيت،
ماڙي ٿيندي مسـِـيت، منھن سنڀاريس منڊلڪ.
نہ پوٿي نہ پـُـراڻ، ڀاڳوت ڀاڙيس نہ،
ڪـَـلمو پڙهندين قرآن، منھن سنڀاري منڊلڪ.
جهالو جا جهڻڪار، نہ وري سک سنڀرندا،
پوندي ٻانگ پـُـڪار، منھن سنڀاريس منڊلڪ.

چارڻياڻيءَ جو سراپ سچو نڪتو ۽ محمود شاھہ بيگڙي جهونا ڳڙھہ تي ٽي دفعا ڪاهي، راءُ منڊلڪ سميت، سڀني کي مسلمان ڪيو ۽ اُتي هڪڙي مسجد شريف ٺھرائي. پوءِ محمود شاھہ چنپانير جي هڪ سندر قلعي، پاواگڍ تي چڙهائي ڪري ويو. تنھن وقت پاواگڍ تي پتائي راول راڄ ڪندو هو. راجپوت هن سان بھادريءَ سان وڙهيا، پر نيٺ هار کاڌائون. محمود شاھہ پاواگڍ ۾ بہ هڪ سھڻي مسجد اڏائي.
ملڪ جلال الدين جي پارڪر تي ڪاهه:
جنھن وقت محمود شاھہ بيگڙو گجرات جي گاديءَ تي هو، تنھن وقت سنڌ تي سمن جي بادشاهي هئي. سمن کي هر وقت گجرات جي حاڪمن کان خوف رهندو هو، تنھنڪري اُنھن بلوچن جا چار هزار ڪٽنب ننگر پارڪر ۾ بچاءَ لاءِ رکيا. بلوچ چوپائي مال تي گذران ڪندا هئا. برساتن جي مند ۾ آبو جبل لنگهي، مالوا ۽ نربدا جي علائقن ۾ گشت بہ ڪندا هئا. وقت سر واپاري قافلن کي ڦري، ڀـِـٽن ۾ پنھنجو مال نيڪال ڪندا هئا. انھن جي هـِـن ڦرمار ايترو تہ زور ورتو جو مصطفيٰ ۽ احمد آباد جي وچ ۾ هلندڙ قافلا بنھہ بند ٿي ويا. سلطان محمود، ملڪ جلال الدين کي ڪوٽوال مقرر ڪيو. هو هڪ دفعي پارڪر تي چڙهائي ڪري آيو ۽ پنج سؤ ڌاڙيل گرفتار ڪري، انھن کي سـُـوريءَ تي چاڙهيائين. تنھنڪري ڌاڙيلن ۾ وڌيڪ تاءُ پيدا ٿيو ۽ جلال الدين کي تمام تنگ ڪيائون. سلطان محمود جلال الدين کي ”محافظ خان“ جو لقب عطا ڪيو.
محمود شاھہ بيگڙي جي پارڪر تي پھرين چڙهائي:
ڌاڙيلن کان تنگ ٿي، سلطان پاڻ، زبردست توبخاني سميت، سن 1504ع برابر 879 هجريءَ ۾، پارڪر تي ڪاهي آيو ۽ بلوچن کي هٿ ڪري مارڻ لڳو. بلوچ چوويھہ هزار لشڪر سان سندس سامھون ٿيا، مگر سلطان جي توبخاني جي ڪري ڊڄي ويا. سلطان پوءِ ڪيترن سارن بلوچن کي قابو ڪري، احمد آباد موٽيو. تنھن هوندي بہ ڦـُـر لـُـٽ بند نہ ٿي. هن پارڪر ۽ ڪڇ تي قبضو ڪري ورتو، پر ٿر جي ڀـِـٽن ۾ هن کي ڌاڙيل ڳولڻ ۾ تمام تڪليف ٿي.

ڀوڏيسر جي مسجد شريف
اُن وقت پارڪر ۾ سوڍن ۽ کوسن جو تمام زور هو. سوڍا ۽ کوسا گڏجي ڌاڙا هڻندا هئا ۽ ٻيئي ذاتيون ڪنھن جي بہ پرواھہ نہ ڪنديون هيون. ڪو مسافر يا قافلو پارڪر مان لنگهندو هو تہ هـُـو ان کان ڏَن تہ وٺندا هئا، پر جيڪو مال متاع موجود هوندو هو، اُهو بہ ڦري، پوءِ ڇڏيندا هئا. انھن بلوچن جي باري ۾ ڪئپٽن ريڪس، پنھنجي ڪتاب ”حالات ٿر ۽ پارڪر“ جي صفحي 10، 11 ۽ 12 ۾ لکي ٿو تہ: ”بلوچن جا چار هزار ڪٽنب پارڪر ۾ رهندا هئا. ظاهري نموني اُهي مارواڙ ۽ پالڻپور جي حدن ۾ اُٺن جا وڳر چاريندا هئا، پر موقعي ملڻ تي گجرات ڏانھن ويندڙ قافلن کي ڦريندا هئا، اهو مال اچي ٿر جي ڀـِـٽن ۽ ڏَرڙن ۾ لڪائيندا هئا ۽ پوءِ گجرن، سولنڪين ۽ ڪڇ جي جاڙيجن کي ڌاڙي جو مال نيڪال ڪندا هئا ۽ وقت جي حاڪمن سان موقعو پائي جنگيون ڪندا هئا، سندن برخلاف دهليءَ جي تغلق بادشاهن کي دانھون پھتيون هيون، پر اُنھن کي ايتري فرصت ڪانہ هئي جو کين سيکت ڏين. سلطان جي ڪوٽوال جلال الدين کي هنن ڏاڍو تنگ ڪيو، تنھنڪري محمود بيگڙو 1504ع ۾ پارڪر تي ڪاهي آيو.“ ٻيو سيد علي ريس 1556ع ۾ پارڪر مان لنگهيو هو، سو پنھنجي ڪتاب ”مرات الممالڪ“ ۾ لکي ٿو تہ: ”اسان جي پارٽي ڏهن ڏينھن جي سفر بعد راجپوتن جي شھر ننگر پارڪر پھتي، جتي راجپوتن اسان کان ڪسٽم وٺڻ کان پوءِ وڙهڻ شروع ڪيو. انھن کي اسان وٽان پئسن وٺڻ جي نيت هئي. پوءِ جڏهن اسان ڪجهہ ڏنو، تڏهن اسان کي وڃڻ جي اجازت ڏنائون.“ انھن ڳالھين مان ثابت آهي تہ پارڪر ۾ ان وقت جي سوڍن ۽ کوسن جو عام ڌنڌو اهو ئي هو. هڪڙي ڏينھن سلطان محمود بيگڙي جي والدہ قافلي سميت اچي ڀوڏيسر وٽ ٽـِـڪي. سوڍن انھن کان ڪسٽم ورتو ۽ قافلي کي لـُـٽي ورتو. ڪي چون ٿا تہ انھن وٽ پارس مڻي هئي، جا سوڍن ڦري ورتي. بيگڙي جي والدہ جڏهن احمد آباد پھتي، تڏهن هن سڀ ڳالھہ جي سـُـڌ بيگڙي کي ڏني. تڏهن هو ٽيون دفعو، سن 1505ع، برابر سنبت 1562، برابر هجري 880 ۾، ڀوڏيسر تي ڪاهي آيو. خونخوار لڙائي لڳي، جنھن ۾ ڪيترا سلطان جا ماڻھو ۽ ڪيترا سوڍا مارجي ويا. سلطان جا ماڻھو جيڪي مارجي ويا، تن جون مسجد جي پاسي ڪيتريون قبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پوءِ محمود شاھہ هڪ سنگمرمر جي عاليشان مسجد ٺھرائي، جنھن جي ڊيگهہ ۽ ويڪر ٽيھہ فوٽ آهي. اڏاوت جو اهو نمونو بھترين آهي. اندر فارسيءَ ۾ اکر لکيل آهن: ”محمود شاھہ بن مظفر شاھہ بن غياث الدين - سن 1505ع.“ هيٺ ”سنبت 1562“ ، گجراتيءَ ۾ لکيل آهي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل آهي: ”جيڪڏهن مسجد زخمي ٿي پوي تہ وقت حاڪم تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو تہ ان کي درست ڪرائي.“

ڀيم ڏيو جو پارڪر تي قبضو:
سلطان محمود غزنويءَ جي وفات کان پوءِ، سندس پوين جي ڪمزوري ڏسي، راجپوت راجائن وقت بوقت سنڌ ۽ پنجاب تي ڪاهون ڪرڻ شروع ڪيون. غزنوي دؤر وقت دهليءَ تي تومارن، اجمير تي چوهاڻن، قنوج تي راٺوڙن، ۽ گجرات تي واگهيلن جي حڪومت هئي. محمود غزنويءَ کان پوءِ گجرات جي حاڪم ڀيم، پارڪر کان ٿي، ساريءَ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو هو. گجراتي ”پريم مالا“ مان ان بابت ڪي شعر پيش ڪجن ٿا:
وَرسَ شانتي ٿي ساٺ، ونراج وهـِـيوَٽ ڪريو،
ايڪ سان نـِـرپ سات، ٿيا چاوڙا ونس جا.

چھلو نـِـرپ سا منت، نـِٻـَـلو ۽ رِيسـَـن هتو،
تنھن کان آيو اُنت، جئه سيـِـکر جي وَنس جو.

رکيو سـِـرَ پـَـرَ تاج، راجا گـُـجر ديش جي،
سولنڪي مولراج، مامي کي ماري ٿيو.

پراڪرمي مولراج، ٻلونت ۽ بھادر هـَـتو،
تابع ڪريا تاج، ڪڇ ۽ سورٺ تـَـڻا.

سولنڪي ڪـُـل ڀاڻ، راڄ وڌايو شور سان،
ڦري تن جي آڻ، آبوُ سان ريوا سؤڌي.

مھاراجا مولراج، پوءِ چار راجا ٿيا،
هليو گـُـجر تاج، ڀيم ديوَ جي وقت ۾.

غزلي جو سلطان، محمود گجرات پر،
ڪـَـرَواني حيران، اوجتو آيو چڙهي.

گهڻو ڪري نقصان، آکٽ دولت لـَـتي ني،
غزنوي جو سلطان، محمود گيو سوديش مان.

سنڀاريو نج راڄ، اچي پاٽڻ مان ڀيمي،
پوءِ ڪيو هي ڪاج، سنڌ ديش قبضي ڪريو.