سنڌ شناسي

پراڻو پارڪر

ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.

Title Cover of book پراڻو پارڪر

پاري ننگر - سنڌ جو هڪ شا ندار بندر

سنڌڙيءَ جي هن شاندار بندر ۽ قديم بندر جو بنياد عيسوي پھرين صديءَ ۾ پيو. پاري ننگر، ننگر پارڪر کان چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي، هن وقت ويرا واھہ جي ڀرسان ڊٺل ۽ ويران کنڊرن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. آباديءَ جي لحاظ سان، شروعات ۾ ان جي آدم شماري اٽڪل چاليھہ هزار هئي، جنھن مان پنج هزار ٻہ سؤ گهر جينن جا، نوَ سؤ گهر لھارن جا، ست سؤ گهر راجپوتن جا، تيرهن سؤ گهر لھاڻن جا ۽ ٻارهن سؤ گهر ٻين جدا جدا ذاتين جا هئا. آدمشماريءَ ۾ ڏسبو تہ اوسواڙ قوم جي اڪثريت هئي، جا تمام شاهوڪار هئي. ان ۾ مکيہ ذاتيون هي هيون: ڍاٽي، وورا ۽ گانڌي، گرڍيرا، تيمان، مدار، ڪـُــل، ڪــٻڙيا، وڏيرا، لالڻ، مھنتا، ويگڙ، ڪانٽيا، وغيرہ. چون ٿا تہ سرڳواسي شري موهن لعل ڪرمچند گانڌي (مھاتما گانڌي) جا اڳيان مائٽ پاري ننگر جا رهاڪو هئا.
تنھن وقت موجودہ ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ هو، ۽ اُن رڻ جو عظيم الشان بندر پاري ننگر هو. ڪڇ جي رڻ مان جهاز سڌا اچي ”ڏوتڙ“ وٽ لنگر انداز ٿيندا هئا. ڏوتڙ (ٻہ تڙ) ويرا واھہ کان ٻہ ميل اُلھندي طرف آهي، جتي اڄ بہ بندر جي نموني جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاري ننگر، ڀوڏيسر جي مسجد ۽ گوڙيءَ جي ڏهرن تي جيڪو چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي، تنھن تي غور ڪرڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ساڳئي ڪاريگر ويھي اهو گهاٽ گهڙيو آهي. چترڪار اهڙو نفيس نقش چٽيو آهي، جنھن مان ڀليءَ ڀت پروڙ پئجي سگهي ٿي تہ اسان جي هن ڀاڱي ۾ وڏا وڏا چترڪار ۽ فنڪار بہ موجود هئا.
پاري ننگر جو ذڪر ڪندي ڪي لکن ٿا تہ اُتي جين ڌرم وارن جو راڄ هو، پر ائين صحيح نہ آهي. اُتي جين ڌرم وارن جو ڌاڪو برابر هو، پر حڪومت سدائين پرمارن جي هٿ ۾ رهي. اوسواڙ شاهوڪار برابر هئا، پر راجپوتن جي تابع هئا. جينن جا وڏا وڏا مندر پاري ننگر جي آسپاس هئا، تہ اُن کان وڌيڪ راجپوتن جون شالائون اڄ تائين پارڪر ۾ هر هنڌ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. راجپوت سردارن جو موت اوسواڙن وانگر ڪڏهن بہ ريشمي بسترن ۽ اوچن پلنگن تي نہ ٿيو. هو جنگ جي ميدان ۾ تلوار کڻي ٽپي پوندا هئا، ۽ سورويرن وانگر وڙهندي، لڙائيءَ جي ميدان ۾ ئي سک جي سيج ماڻيندا هئا.اڳتي هلي تاريخ ڏيکاريندي تہ ڪيئن نہ پارڪر جي راجپوتن وقت بوقت لڙائيءَ کي منھن ڏنو، ۽ جنگ جي ميدان ۾ سوروير ٿي پنھنجا ِسر ارپڻ ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو چالاڪ ۽ ڄاڻو ”نروٽ“ پارڪر جي سوڍن کي جاگيرون ڏنيون. ان جي ڀيٽ ۾، ڪنھن ڪروڙ پتي جين جي نالي بہ جاگير جو ڪو اڌ ايڪڙ بہ نظر نٿو اچي.
چون ٿا تہ اڳي پاري ننگر ۾ بيشمار بــُـت مندرن ۾ رکيل هئا. هينئر اُهي ڀڄي ڀــُـري ويا آهن ۽ تمام ڪارا ۽ سڙيل نظر اچن ٿا. پنج مندر اهڙا آهن، جي ڪجهہ ٺيڪ نموني ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪڙو ماڻھوءَ جي قد جيڏو بــُـت آهي، جنھن جي اکين ۾ ڪائو لڳل آهي، سو اونداهيءَ ۾ چمڪندو آهي. سڄيءَ ايراضيءَ ۾ لوھہ جا ٽڪر پکڙيل آهن. هتي جو قديم ”ڪٽهڙو“ مشھور آهي. ڪٽهڙو دوائن جي ڪم اچي ٿو. ڪٽهڙو جيئن قديم هوندو، تيئن دوائن لاءِ اڪسير ثابت ٿيندو. پاري ننگر جو ڪٽهڙو 1959 سالن جو آهي. هڪڙي يورپي انجنيئر ٻڌايو هو تہ هيءُ پٿر مان لوھہ ٺاهڻ جو ڪٽهڙو آهي.

پاري ننگر جي حڪومت:
هانسي کان پوءِ مھيپال - جيڪو ڌڻي براھہ جي ٽئين پٽ مان هو - جي پنجن پــُـٽن راڄ ڪيو. اُهي هيءُ آهن: راجسنگهه، راجيشور، منڊلڪ، ملار ۽ رامچندر. راجيشور پنھنجي نالي تي هڪ تلاءُ ڀيپور جي ڀرسان ۽ ٻہ تلاءَ وڏهلي وٽ ٺھرايا. ان کانپوءِ راجيشور جو پٽ ڀوڄسنگهہ تخت تي ويٺو. هن جي مرڻ بعد ان جو ڀاءُ تخت تي ويٺو، جنھن کانپوءِ پرمار مالا جو پٽ اُڌيسنگهہ تخت تي ويٺو. ان کان پوءِ سامداس، پوءِ ڦتل، پوءِ گووندراءِ جو پٽ ڀيم ۽ پوءِ ڀيم جو پٽ کنگهار،پوءِ کنگهار جو ڀاءُ ڏيپر،پوءِ کنگهار جو پُٽ چوڙو ۽ پوءِ ڏيڀي جوپٽ هرڀم تخت تي ويٺو. هن جي وقت ۾ 1226ع ۾، دهليءَ جي شھنشاھہ طرفان لشڪر آيو، جنھن پاري ننگر ناس ڪيو. ان کانپوءِ ملڪ ۾ بي بندوبستي ٿي پيئي، ۽ هيءُ ملڪ ڪجهہ وقت دهليءَ جي بادشاهن کي ۽ ڪجهہ وقت سنڌ جي بادشاهن کي خراج ڀريندو رهيو. پر وري بہ ملڪ ۾ ساڳيو زور پرمارن جو رهيو. جن کان جلد ئي امرڪوٽ جي سوڍن اچي ملڪ تي قبضو ڪيو. پارڪر مان پرمارن جو هڪ ٽولو ڪاٺياواڙ ويو، جتي انھن پنھنجي ِاسٽيٽ ٺاهي، جنھن کي ”مرلي ِاِسٽيٽ“ چئبو آهي.

(تاريخ ريگستان)
پارڪر جي پرمارن ڪيئن تتر پکيءَ واسطي جنگ ڪئي:
جڏهن پارڪر جا پرمار لڏي گجرات ڏانھن ويا، تڏهن چوڙا ذات جي ٻن هزارن پرمارن، پنھنجي سردار ”موجوءَ“ سان گڏجي، اچي گجرات وسائي. هڪ ڏينھن چوڙا ذات جو ڪو راجپوت شڪار تي ويو، تنھن هڪ تتر پکيءَ کي گهايل ڪيو، جيڪو اُڏامي اچي پرمار راجپوتن جي اوتاري ۾ ڪريو. چاوڙي راجپوت پرمارن کان اُن تتر جي گهر ڪئي، پر موجيءَ چيو تہ: ”جنھن اسان جي اجهي ۾ اچي پناھہ ورتي آهي، تنھن کي دشمن جي حوالي هرگز نہ ڪنداسين - پوءِ ڀل تہ اهو پکي ئي هجي. اهو راجپوتي شان وٽان نہ آهي، جو شرڻ آيل جي ساهتا نہ ڪري.“ نيٺ ٻئي ڏينھن، چاوڙو سردار پنھنجي ٽولي وٺي جنگ لاءِ تيار ٿيو. پرمار بہ لڙائيءَ لاءِ سنبريا، ۽ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ خونخوار مقابلو ٿيو. جنگ ۾ پنج سؤ چاوڙا مري ويا ۽ ٻيا ڀڄي ويا. جيت پرمارن جي ٿي. انھيءَ واقعي جي ڪري هيءَ چوڻي مشھور ٿي تہ: ”ميروُ پربت ڏري پوي، ڌُرو تارو جاءِ ڇڏي وڃي. گرنار قلعو اچي پــَـٽ پوي! پر پرمار راجپوت پنھنجي دشمن کي ڪڏهن بہ پـُـٺ نہ ڏيندا.“

سڏونت - سارنگا:
عيسوي پھرين صديءَ ۾ پاري ننگر تي ساليواهن نالي هڪ مھاپر اُپڪاري راجا راڄ ڪندو هو. ان کي هڪ پٽ هو، جنھن جو نالو ”سڏونت“ هو. ان وقت پاري ننگر ۾ اوسواڙ قوم وارن جي اڪثريت هئي، جي ڏاڍا سرمائيدار هئا. انھن ۾ سيٺ پرم شاھہ نالي هڪ ارب - پتي اوسواڙ رهندو هو، جنھن کي هڪ نياڻي هئي. نالو هوس ”سارنگا“ . سارنگا ساري پارڪر ۾ واکيات هئي. ان جون گول ۽ ڦٽڙيون، ڪجل سان ڀريل اکيون، قهر هيون. ان جو حسين جـُـسو مخمل کان وڌ نرم هو. سارنگا جڏهن وهيءَ چڙهي، تڏهن ان جي حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين ڳائجڻ لڳي. هڪڙي ڏينھن هيءَ روُ پوَنت سندري جيئن پاٺشالا ۾ پڙهڻ لاءِ وڃي رهي هئي، تيئن سڏونت سامھون آيو. ٻنھي جي نظر هڪ ٿي ويئي، ۽ اک جي ٻاڻ ٻنھي کي بيوَس ڪري ڇڏيو.
نيڻ پدارٿ نيڻ رس، نيڻي نيڻ ِملنت،
اَڄاڻ سين پريتڙي، پھرين نيڻ ڪرنت.

نيٺ سارنگا جو، ننڍي لاڪرئي سڏونت سان گهاٽو سنيھہ ٿي ويو. هڪ ٻئي کان گهڙي گهارڻ ڏکيو ٿيندو هون. سارنگا جنھن پاٺشالا ۾ سکيا وٺندي هئي، ان ساڳئي پاٺشالا ۾ سڏونت بہ اچي پڙهڻ لڳو. اُستاد کي هڪڙو باغ هو ۽ شاگرد واري وٽيءَ تي ان باغ کي پاڻي ڏيندا هئا. سڏونت ۽ سارنگا پڻ باغ ۾ پاڻيءَ جي بھاني برھہ جون باتيون ڪندا هئا.
جڏهن سارنگا سورهن جي وهيءَ ۾ پير پاتو، تڏهن مائٽن اُجين ننگريءَ جي هڪ مشھور سيٺئي سان سارنگا جي شادي ڪرائي، پر سڏونت جي سڪ جي ٻاڻ سندس سيني ۾ اهڙو تہ اُونھون گهاءُ ڪيو، جو کيس پارڪر جا پوٺا نيٺ ڇڏڻا پيا. جڏهن رُوپا شاھہ ڄڃ وٺي پرڻجڻ آيو، تڏهن سارنگا اٽڪل ڪري چؤنريءَ جا چار ڦيرا هڪ داسيءَ کان ڏياريا، ڇاڪاڻ تہ سڏونت کان سواءِ کيس ڪنھن جي بہ محبت قبول ڪا نہ هئي.
پوءِ، ڄڃ رواني ٿيڻ کان اڳ پاري ننگر جي پدمڻيءَ سارنگا، پنھنجي محبوب کي پيغام موڪليو تہ: ”هو گام جي گوندري واري ديويءَ جي مندر ۾ رات جو اچي ساڻس ملاقاتِ ڪري.“ سارنگا کي انھيءَ مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪري، پوءِ ڄڃ سان گڏ روانو ٿيڻو هو. سارنگا جو سنيھو ســُـڻي، سڏونت سج لٿي ئي اچي ديويءَ جي مندر ۾ ويھي رهيو. اڌ رات گذري ويئي، ڪــَـتيون ڪاپار آيون، لــُـڌو لڙي ويو، ٽاڻو ٽري ويو،پر محبوب ماڳ نہ آيو. سڏونت کي انتظاريءَ جون گهڙيون وڏيون ٿي پئيون. هر هر مندر جي دروازي ڏانھن ٿي نھاريائين، پر پوڄارڻ جو پتو ڪو نہ پيو. بيقراريءَ وچان پنھنجي هجر جي هپت ۾، ڀــُـل سببان، ننڊ واري گولي کائي ويھي رهيو. سڏونت سمجهو تہ جاڳ واري گوري ٿو کاوان، پر يار جي خيال ۾ خبر ڪا نہ پيس ۽ ننڊ واري گوري کائي نندرا ديويءَ جي گود ۾ الوٽ ٿي سمھي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ سارنگا بہ ڇم - ڇم ڪندي آئي، تنھن پنھنجي سڄڻ کي گهڻو ئي اٿلايو پٿلايو، پر سڏونت کي سار ڪا نہ ٿي. نيٺ، وقت ڀرجي آيو ۽ سارنگا پنھنجي محبوب جي هٿ تي هيٺين ڳاھہ لکي ڄڃ سان گڏ رواني ٿي ويئي:
”پاري ننگر کان پڌاري، ڪر جو ڀڳوئا ويس،
جنھن گهر ناريل رونکڙو، تنھن گهر ڪرجو اَليک“ .

صبح جو جڏهن سڏونت کي جاڳ ٿي، تڏهن گهڻو ئي ارمان ٿيس. پوءِ پنھنجن هٿن تي سارنگا سان ملڻ جو ڏس پتو لکيل ڏسي، جوڳياڻو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي اُٿي هليو.
تــَــنَ پر تو ڀسم لڳا، هٿ ۾ ليئا ڪـِـير،
سارنگا تيري ڪارڻي، ڪريو ويس فقير.

ڏند ڪٿائن مان ڏس ملي ٿو تہ پاري ننگر جي پدمڻي، اُجين ڏانھن اُسهندي، پارڪر جي ايندڙن ويندڙن کي سڏونت جون نشانيون ڏيندي ويئي. هڪ جاءِ تان لنگهندي، هڪڙو ريٻاري مينھن ڏُهي رهيو هو. جيئن ئي سارنگا جو حسين چهرو ڏٺائين. تيئن ويچاري جون اکيون سارنگا ڏانھن ڦاٽي وئيون. سارنگان کي ڏسي چيو:
”پاراڻي را رائيڪا، تارو ڏُوڌ ڍوراڻو جاءِ،
سڏونت آئي ايم ڪھي، سارنگا روتي جاءِ“.
(اي پارڪر جا ريٻاري! تون اکيون ڦاڙي نہ نھار،
ڏس تہ تنھنجو کير هارجي رهيو آهي! مھرباني ڪري،
سڏونت اچي تہ چئجانءِ، سارنگا روئندي پيئي وڃي.)

سارنگا جي ڄڃ نيٺ وڃي هڪڙي ٻٻر جي وڏي وڻ هيٺ ڊاٻو ڪيو. سڏونت جو پٺيان پئي آيو، سو وجهہ ڏسي اُن وڻ تي چڙهي لڪي ويھي رهيو، اڌ رات جو سڏونت جي اکين مان هڪڙو لــُـڙڪ ِڪري ، اچي سارنگا جي ڳــَـل تي پيو، تڏهن سارنگا چوڻ لڳي:
”آنٻو جهري آنٻلي، ڀڄي نوَسرَ هار،
رس چس تو سڀ چکيا، هاڻ ڪيئن روئين گينوار!“

(اي انب جا وڻ! تون ڇو رس هاري منھنجي نوَسرَ هار کي پسائي رهيو آهين: تو تہ اڳي گهڻو ئي رس چکيو آهي، اڙي مورک! هاڻ هن ويلي ڇو روئي رهيو آهين؟)
روپا شاھہ سيٺ جي ڀاءُ، سارنگا جي ڏير، اهو ڏوهيڙو ٻڌي ورتو هو، تنھن صبح جو ڀاءُ کي چيو:
”ڪانچوئو ڪـَــسَ مئيو، سارون ڀراڻو سري،
وِيرا، مين تنان برجيئو، ڀاڀي ناھہ ڪــُـــسري“ .

(اي ڀاءُ، ڀاڀيءَ جو پائڻ وارو ڪپڙو ۽ اوڍڻ جو سارون (ريشمي وڳو) سمورو ســَـرن سان ڀرجي ويو آهي، منھنجي سمجهہ ۾ تہ ائين ٿو اچي تہ ڀاڀي خيرن ۾ نہ آهي.)
تڏهن سارنگا چوڻ لڳي:
”ٻودو ڪپڙو ٻھؤ رنگو، سبڻ وارو اڍنگ،
ٽڙ ٽـــڙ ٽانڪا ٽـُــٽيا، آرس موڙندي انگ.“
(منھنجي پائڻ وارو ڪپڙو هڪ تہ گهڻن ڏينھن جو سڙيل آهي ۽ ٻيو وري سبڻ وارو درزي اَڍنگو هو؛ آرس موڙيندي ٽانڪا ٽٽي پيا، تنھن ڪري ڪپڙن ۾ ســَــر آهن.)
اهڙيءَ طرح، ٿورن ڏهاڙن بعد ڄڃ اُجين پھتي، سڏونت بہ پنڌ ڪندو پئي آيو. سندس ٻنھي هٿن تي محبوب جون ڳاهون لکيل هيون، تنھن ڪري جنھن بہ تلاءُ تي ويو ٿي، جانورن وانگر منھن سان پاڻي ٿي پيتائين. آخر سڏونت بہ وڃي اُجين پھتو. جوڳيءَ جو ويس ڪري، سارنگا جي ساهرن جي گهر جو ڏس پتو پـُـڇي، وڃي گهر جي دروازي وٽ الک جڳايائين. سارنگا سون جي ٿالھہ ۾ موتي ڀري، جوڳيءَ کي دان ڏيڻ آئي. ٻنھي جون نظرون هڪ ٿيون. ٿالھہ سارنگا جي هٿ ۾ ئي رهجي ويو، ۽ ڪانگ اچي موتي چـــُڳڻ لڳا. اُجين ننگريءَ جو راجا هيءُ لقاءُ پنھنجي اوچي محل ۾ بيھي ڏسي رهيو هو، تنھن پنھنجي راڻيءَ کي چيو:
”اس ننگري ۾ مورک وسي، چــَــتـُـر وسي نہ ڪوءِ،
ڪاگا موتي چـُــــگ گيا، ڪؤڪ نہ ڪري ڪوءِ.“
راڻيءَ جواب ڏنو تہ ائين نہ آهي، بلڪھ:
”اس ننگري ۾ چتروسي، مورک وسي نہ ڪوءِ
ٻالاپڻ ري پريتڙي، مِيت ميلاپو هوءِ“

ٻنھي محبن جو اُتي ئي ساھہ نڪري ويو، ۽ هيءُ پريمي جوڙو، پاڻ ۾ ملي، هميشہ لاءِ هڪ ٿي ويو. ٻي روايت آهي تہ سارنگا راجپوتانا جي ويٺل هئي، ۽ سڏونت پڻ اُتي جو ئي باشندو هو. سارنگا پاري ننگر ۾ روپا شاھہ نالي سيٺ سان پرڻايل هئي. هيءَ روُپوَنت رمڻي، راجپوتانا مان رواني ٿيندي، پنھنجي سڄڻ سڏونت کي اجهو هيٺيون سنيھو ڏيندي ويئي:
”پاري ننگر پنٿ گهڻو، سوڍانڪي رو ديس
وهيلــــو ورجـــــي والما، جوڳي سندي ويس.“

جين ڌرم جا آثار:
پاري ننگر، گوڙيءَ جا ڏهرا ۽ ستي ڏهرا (پارڪر) ۾ جين ڌرم وارن جا خاص مندر هئا. آبـُـو ۽ ان جي آسپاس بہ جينين جا مندر آهن. پارڪر جينين جو وڏو ۽ خاص مرڪز هو، جتي مندر سان لاڳو هڪڙيءَ خاص جڳھہ ۾ سندن تبليغي اجلاس ٿيندا هئا. اڄ تائين اها جڳھہ موجود آهي، جنھن جي ڀتين تي ڌرمي نيتائن جون تصويرون نڪتل آهن.
جين ڌرم جا ڪـُـل چوويھہ پيشوا يا ڌرم- نيتا ٿي گذريا آهن، جن جا نالا هيءَ آهن: (1) رشڀ ناٿ (2) اجيت ناٿ (3) ساميو (4) اڀنيدن
(5) سـُـمتي (6) پدم پرڀا (7) سـُـپـَـرشو (8) چندر پرڀا (9) پشپ دلت
(10) سيتل (11) شري انشاناٿ (12) واسو پؤجيہ (13) وِمل (14) اننت
(15) ڌرم (16) شانتي (17) ڪـُـنٿو (18) ارا (19) مـَـلي (20) مـُـني سـُـورت (21)نـِـمي (22) نيمي (23) پارسو ناٿ ۽ (24) ورڌمان، جو ”مھاوير“ جي نالي سان مشھور ٿيو. مھاوير، گوتم ٻڌ جي زماني ۾ ٿي گذريو آهي ۽ سندس ديھانت عيسوي سن کان 536 ورهيہ اڳ ٿيو. هو جين ڌرم جو باني هو- جيتوڻيڪ جين ڌرم وارن جو چوڻ آهي تہ سندن ڌرم ان کان ڪي صديون آڳاٽو آهي.
جين ڌرم جي مٿين چوويھن ڌرم- نيتائن مان يارهين نمبر، شري ”انشاناٿ“ جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو وشڻ، ۽ ماءُ جو نالو وشني هو. انشاناٿ ساريءَ سنڌ ۽ هند ۾ جين ڌرم جو زبردست پرچار ۽ ڦهلاءُ ڪيو. کيس پنھنجي زماني ۾ اهو ئي پد حاصل هو، جيڪو مھاوير کي سندس سمي ۾ حاصل هو. انشاناٿ عيسوي سن کان اٽڪل پندرهن سؤ سال اڳ جو آهي. جيئن موهن جي دڙي جو سمو پورو ٿيو، جين ڌرم جي شروعات ٿي. اڄ کيس ساڍا ٽي هزار ورهيہ گذري چڪا آهن. سندس رهڻيءَ ڪرڻيءَ سنڌ تي ضرور اثر ڪيو هوندو. سندس ديھانت اولھہ بنگال ۾ ٿيو.

ڪاجلاسر تلاءُ:
پاري ننگر جي سيٺين، تمام گهڻي خرچ سان، هڪڙو وڏو تلاءُ ٺھرايو هو، جنھن جو نالو ”ڪاجلاسر“ تلاءُ هو. پاري ننگر جون پدمڻيون صبح جو سوير اچي اُن تلاءُ ۾ منھن ڌوئينديون هيون. اُنھن مـِـرگهه- نيڻين جي اکين ۾ ايترو تہ ڪجل هوندو هو، جو سموري تلاءَ ۾ ڪجل جا ڪارا ڪارا ليڪا ٺھي پوندا هئا ۽ سارو سـُـرو ڪجل جي سھڻيءَ ريک سان رڱجي ويندو هو. جيني استرين ۾ ڪجل وجهڻ جو خاص رواج آهي. سندن وڏيون اکيون هر وقت ڪجل سان ڀريل هونديون آهن، جيڪي ڳوري رنگ تي ڏاڍو سٺو ڏيکاءُ ڏينديون آهن. چون ٿا تہ هڪ ڀيري پاري ننگر جي هڪ مکيہ سوڍي جو ڪنور صبح جو گهوڙي کي اُن تلاءَ تي پاڻي پيئارڻ آيو. ڪيتريون ئي ڪجليون ان وقت تلاءَ تي منھن ڌوئي رهيون هيون ۽ پاڻي سمورو ڪارو ٿي ويو هو، تنھنڪري ان ڪنور کين گهٽ - وڌ ڳالھايو. انھيءَ ڳالھہ اوسواڙن ۾ چڱو تاءُ پيدا ڪيو ۽ هو پاري ننگر کي ڇڏڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا. پاري ننگر ۾ هڪ ارب - پتي اوسواڙ، ڪاجل شاھہ نالي رهندو هو، تنھن اهو ”ڪاجلاسر“ تلاءُ ٺھرايو هو.

ڪاڇٻو پرمار:
پاري ننگر ۾ ڪاڇٻو نالي پرمار رهندو هو، جنھن جي ڳالھہ مڱڻھار لوڪ ڏاڍي اُمنگ ۽ اُتساھہ سان ڪندا آهن. روايت آهي تہ ڪاڇٻي پرمار کي سندس ڀاڀيءَ مھڻو ڏنو: ”ڏسان تہ تون ڪاڇي گڍ جي ڪماري پرڻجي ايندين!“ ڀاڀيءَ جي مھڻي ڪاڇٻي جي ڪليجي تي ڀاري اثر ڪيو ۽ هڪدم ڪاڇي گڍ جي ڪماريءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ، پنھنجا تمام ساٿي سنڀرائي اُٺن تي چڙهي روانو ٿيو. پاري ننگر کي آخرين پرڻام ڪندي چيائين:
”ڀاڀچ مھڻو مت ڏئي، مھڻو مٿي رو گهاءُ،
ڪا ڪماري لاوَ سان، تا اَن پاڻي نان نا.“

(اي ڀاڀي! تون مھڻو نہ ڏي. تنھنجي مھڻي منھنجو من چيري ڇڏيو آهي. هاڻ جيستائين ڪـُـماري نہ آڻيندس، تيستائين اَن پاڻي حرام آهي!)
ڪاڇٻو ۽ سندس ساٿي، پنڌ ڪندا، نيٺ گجرات پھتا ۽ گام جي گوندريءَ وٽ هڪ تلاءُ وٽ اچي ڊاٻو ڪيائون. ڪاڇٻي، هڪڙي واٽهڙوءَ کان ڪماريءَ بنسبت پڇا ڪئي. واٽهڙوءَ جواب ڏنو:
”پـَلو پـُـرش جو نہ چھي، نر جو نہ ڳنھي نام،
اوڏي ٿئي نہ اَن کي، نر نامي تمام،
ڪاڇٻا تنھنجي هام، من جي من ۾ ئي رهي.“

(اي پاري ننگر ڍاٽ جا پرمار! تو جنھن ڪامڻيءَ جو ذڪر ڇيڙيو آهي، سا مرد ماڻھوءَ جي پلئه کي نٿي چھي، ۽ نہ وري نر جو نالو وٺي ٿي- ايتريقدر جو نر نالي اناج کي بہ ويجهي نٿي وڃي! اي ڍاٽ - پتي، تنھنجو مقصد هن حسين ۽ شوخ نازنين وٽان حاصل نہ ٿيندو.)
رات جو ڪاڇٻي پنھنجن سمورن اُٺن کي کاڌي ۾ کستوري وجهي ڏني، ۽ ڳوٺ جي هوا جي سامھون انھن کي ويھاريو. اُٺن جو ٻوٿ بند ڪري ڇڏيائين، اَسر ويلي انھن جا منھن کوليائين. اُٺن اوڳارڻ شروع ڪيو، تہ کستوريءَ جي خوشبوءِ ساري ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي. ان طرح، ڪاڇٻي جي ساراھہ ڪماريءَ تائين وڃي پھتي. پر ڪماري چوڻ لڳي: ”ڪاڇٻو جـَـل جو هڪ ”ڪڇئون“ آهي. نيٺ ڳچ ڏينھن کان پوءِ، ڪاڇٻي پنھنجي مراد ماڻي ۽ ڪماريءَ کي ساڻ ڪري ڳوٺ آيو.

پاري ننگر جو ناس ٿيڻ:
پاري ننگر تي قدرت جو ڪوپ ڪڏهن ٿيو، تنھن بنسبت ڪا پڪي پروڙ ڪانہ ٿي پوي. الائي اوسواڙن کي تاريخ سان عشق هو يا نھ. چون ٿا تہ جين ڌرم وارا ٻين کي پنھنجا ڪتاب پڙهڻ ئي ڪونہ ڏيندا آهن. ڪي ڪتاب ان وقت هوندا، تہ بہ زلزلي ۾ دٻجي ويا.
پاري ننگر جي ناس ٿيڻ بابت بہ ڪيتريون ئي دلچسپ ڏند ڪٿائون مشھور آهن. چون ٿا تہ هن شھر جي راجا پنھنجي پـُـٽ جو مڱڻو هڪ لوهار جي حسين ڌيءُ سان ڪرايو. پاري ننگر ۾ ان وقت لوهارن جي اڪثريت هئي ۽ منجهس نـَـوَ سؤ گهر رهندا هئا، جي شاهوڪار هئا. لوهار ڇوڪريءَ، ٻي ذات جو وَرُ قبولڻ کان انڪار ڪيو، پر قوم وارن کيس زوريءَ پرڻائڻ ٿي گهريو. تنھنڪري ڇوڪريءَ پاراتو ڏنو تہ: ”اوهين ڪٿي بہ سـُـک سان ويھي نہ سگهندؤ!“ ڇوڪريءَ جو پاراتو پورو ٿيو، ۽ لوهار سدائين ڀٽڪندا وتن. آخر، ٺڪرن جي ستائڻ تي، لوهار لڏي اچي گهوٽياري وٽ رهيا. ٻيءَ ڏند ڪٿا موجب هن شھر ۾ هڪڙو درويش فقير رهندو هو، تنھن هڪڙي ڏينھن ڪنھن مقرر طلب جي خيرات لاءِ صدا هنئي، پر ڪنھن بہ سندس گهـُـر پوري ڪانہ ڪئي. تڏهن هن بي اختيار چئي ڏنو تہ: ”سڀاڻي پاري ننگر ناس ٿيندو!“ فقير جو عرض اگهاڻو، ۽ ٻئي ڏينھن سارو شھر غرق ٿي ويو.
بھرحال قدرت جا ڪم نرالا آهن، ڪڏهن پاري ننگر هڪڙو آباد ۽ عاليشان بندر هو ۽ اڄ اهو سارو ڀڙڀانگ ۽ ويران ٿي چڪو آهي.