سنگها تلاءُ
ننگر پارڪر کان چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ۽ ويرا واھہ جي تمام ويجهو هڪ زبردست ڍنڍ ڏسڻ ۾ ايندي، جا ويڪرائيءَ ۾ اٽڪل ٻہ هم چورس ميل ٿيندي. برسات جي موسم ۾ هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان تار ٿي ويندي آهي. تڏهن ان ۾ ٻاروهي پاڻي رهندو آهي ۽ ڏکڻ کان چڻيدن جي ٽڪريءَ تان لھندڙ ”ڪونڀا واهه“ کي پاڻيءَ سان ڀري پـُـر ڪري ڇڏيندي آهي. سنگها ڍنڍ، ويرا واھہ جي سوڍن کي جاگير طور مليل آهي. منجهس جيئن پاڻي سـُـڪندو آهي، تيئن هيرڻ ۽ ڪڻڪ پوکبا آهن، جي سنڌ جي ڀليءَ زمين کان بہ گوءِ کڻي ويندا آهن. منجهس ڪيترن قسمن جا پرديسي پکيئڙا اچي رهندا آهن. هن ۾ هڪ قسم جو گاھہ ٿيندو آهي، جو ٽي - چار فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو: ان کي ”ڪلورو“ ڪري چيو وڃي ٿو. هن کي ڪـُـٽي، مزور ماڻھو کٽن جو واڻ ٺاهيندا آهن ۽ ان جي ڦرين مان ٻج ڪڍي، ڏڪار جي وقت، ٻچن جو قوت ڪندا آهن. ڪجهہ مٿڀرو ”جکن“ جا ڏهرا ڏسڻ ۾ ايندا، جي تمام ڪاريگريءَ سان چـُـڻيل آهن. ڏهرن جي نزديڪ ڀانسر تلاءُ آهي، اُتي اڳي ”ڀاڻ“ نالي هڪ زبردست مالدار رهندو هو، تنھن پنھنجي مال جي سهنج لاءِ اهو تلاءُ ٺھرايو هو.
لورلائي:
ننگر پارڪر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي، گهرٽياريءَ جي ڀر ۾، وڏو تلاءُ آهي. پاري ننگر کان جڏهن ٻہ هزار گهر، لوهارن جا اُتي جي راجائن کان ڪڪ ٿي نڪتا، تڏهن اُنھن اچي لورلائي وسائي، جنھن کي ”لوهارن واري“ ڪري چئبو هو، اُن جو اُچار ڦري اڄ ”لورلائي“ ٿيو آهي. هن ۾ ٻاروهي پاڻي رهندو آهي.لوهارن ۾ هڪڙي حسين ڇوڪري هئي، جنھن تي پاري ننگر جو شھزادو عاشق هو. لوهارن جي لڏي وڃڻ تي بہ هو انھن کي ستائڻ لڳو. آخر اها ڪنيا اُن تلاءَ جي ڪناري تي سـَـتي ڏاگهہ چڙهي. اُن جو پٿر اڄ ڏينھن تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ڏونگريءَ جي ستي برهمڻي:
جنھن وقت پارڪر تي ٺڪرن جو زور هو، تنھن وقت ڏونگري هڪ زبردست شھر هو. ان جي جاين جا نشان جتي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اُتي هڪ وڏو پٿر کتل آهي، جنھن ۾ استريءَ جو هٿ آهي ۽ هٿ جي پاسي ۾ سج ۽ چنڊ جون شڪليون ٺھيل آهن. روايت آهي تہ ٺڪرن جي ستائڻ تي هيءَ مھاپويتر ۽ ستي ناري هن جاءِ تي پاڻ جلائي ڀسم ٿي هئي ۽ مرڻ وقت چئي ويئي تہ ”هن جاءِ تي هڪ پٿر هڻي، اُن تي چنڊ ۽ سج جون شڪليون ڪڍي ڇڏجو، ڇو تہ جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي، تيستائين منھنجي پويترپڻي جي ساک سج ۽ چنڊ ڀريندا ايندا. ۽ انصاف جي خون ڪندڙن تي ملامت وسائيندا رهندا.“
گوڙي جو مندر:
ننگر پارڪر تعلقي ۾، ننگر پارڪر شھر کان اٺاويھن ميلن جي مفاصلي تي، ”گوڙي“ نالي هڪ ڳوٺڙو آهي، جو ڀالوا کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اُتي گوڙي جا ڏهرا آهن، جي تمام قديم آهن. گوڙي جا ڏهرا معنيٰ جينين جو جهونو مندر. ڪئپٽن ريڪس صاحب پنھنجي ڪتاب ”حالات ٿرپارڪر“ ۾ انھن جو نقشو پڻ ڏنو آهي. اِها عاليشان عمارت ڳوٺ کان اُڀرندي طرف، کليل ميدان ۾، کوهن جي ڀر ۾ آهي، هي مندر سوڍن حاڪمن جي اوج واري وقت، سنبت 1376 ۾ تعمير ٿيو. جين ڌرم وارا پارسناٿ جا پوڄاري آهن، جو گرو گورکناٿ جو چيلو هو ۽ کيس ”گوڙيچو“ بہ چوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ڳوٺ جو نالو ”گوڙي“ پيو. مندر جي اندر وڃڻ سان شروع ۾ ڏکڻ طرف هڪ انڌارو ڀونئرو نظر ايندو، جنھن ۾ اندر هڪٻئي هيٺان چار ڪوٺيون آهن. ڪوٺين ۾ هيٺ ڏاڪڻ رستي لھي سگهبو آهي. چوٿين ڪوٺيءَ ۾ اندر، دريءَ مثل ٿوري جاءِ آهي، جتي اڳي پوڄا ٿيندي هئي. انڌاري ڀونئري جي در تي سھڻي نقش سان چٽيل هڪڙو پٿر پيل آهي، جو اُن وقت هن ڀونئري جو دروازو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو تہ مندر جي پيدائش وارو سمورو ڌَن هن ڀونئري ۾ پوريل هوندو هو. اول اُترئين ورانڊي ۾ گهڙبو، جنھن کي اوڀر، اُتر ۽ اولھہ کان دروازا آهن. سارو ورانڊو ماڻھن ۽ عورتن جي سھڻين تصويرن سان چٽيو پيو آهي. ڏکڻ طرف ٻہ لاڳيتا ڏهرا آهن. هن ورانڊي جي اوچائي زمين کان ٽيھہ فوٽ مٿي آهي ۽ ورانڊي جي پکيڙ ٻہ سو سٺ چورس فوٽ آهي. ورانڊي کان ڏکڻ طرف هڪ ننڍي ڪوٺي آهي ۽ اُن کان پوءِ چار لاڳيتا ڏهرا آهن، جن مان هر هڪ جي پکيڙ ٻہ سؤ سٺ چورس فوٽ آهي. پھرين ٽن ڏهرن تي منارا ٺھيل آهن ۽ چوٿين ڏهري تي پارسناٿ جو پتلو هو. اوڀر ۽ اولھہ ۾، ٻنھي پاسن کان ٻارهن - ٻارهن ننڍيون ڪوٺيون آهن، جتي هڪ ماڻھو ويھي پوڄا ڪري سگهندو هو. اُتي هڪ ننڍو ٿلھو بہ ٺھيل آهي. شايد اُتي ساڌو ايڪانت ۾ يوگ - اڀياس ڪندا هئا. سڄي عمارت، اوڀر کان اولھہ طرف ويھہ فوٽ ۽ ڏکڻ کان اُتر طرف اٺيتاليھہ فوٽ آهي. ساري عمارت ٻاهتر فوٽن ۾ آهي ۽ جاءِ جي ڪل پکيڙ نـَـو سؤ سٺ چورس فوٽ آهي. سڄيءَ جاءِ مٿان ٻاونجاھہ سھڻا گنبذ ٺھيل آهن، جن مان چاليھہ گَنبذ ڏهرن مٿان آهن. هن عمارت جو پٿر سنگمرمر جھڙو آهي، جو جوڌپور کان آندل معلوم ٿئي ٿو. عمارت ۾ ڪم آندل پٿر، هر هڪ تيرهن فوٽ ڊگهو، ٽي فوٽ ويڪرو ۽ ڏيڍ فوٽ اوچو آهي. هر هڪ پٿر جي ماپ ساڍا اٺونجاھہ ڪعب فوٽ آهي. عمارت جي اڏاوت ۽ بيھڪ توڙي چٽساليءَ تي اهڙو تہ نفيس ڪم ٿيل آهي، جو ان کي فنڪاريءَ جو اعليٰ نمونو سڏي سگهجي ٿو. ڪئپٽن جي. جي. ولسن صاحب هن مندر جي ڀونئري کي کوٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. چون ٿا تہ مزورن کي کوٽائيءَ وقت ٽي دفعا ”نھ، نھ، نھ“ جو ڀيانڪ آواز آيو، تنھنڪري ڪم بند رکيو ويو، پوءِ سگهو ئي ولسن صاحب مري ويو، تنھنڪري ماڻھن جو وسوسو ويتر وڌي ويو. انگريز سرڪار جي مرضي ٿي تہ اهو مندر محفوظ ٿيل يادگارن جي ائڪٽ هيٺ آڻجي. جين ڌرم وارن اعتراض ورتو، پر پوءِ نيٺ سرڪار جي حوالي ڪيائون. هن مندر جي هزار کن قدمن تي هڪ مٺي پاڻيءَ جو کوهه، چاڙهين سان ٻڌل هوندو هو، جتان تيرٿ واسي ڏاڪڻين تان لھي، پاڻي ڀري ايندا هئا. هينئر اهو کوھہ ڦٽو پيو آهي. مندر جي مرمت 1715ع ۾ ٿي هئي. تنھن کان پوءِ ائين پيو آهي. ڪرنل تروٽ صاحب ننگر پارڪر جي فساد وقت هن مندر جي ڪجهہ حـصي کي بارود سان اُڏائي ڇڏيو هو، جو شڪ هوس تہ سوڍا هتي ويھي، ڳـُـجهيون سازشون ڪندا آهن. اڳي پالي ڀاشا ۾ مندر جي ٺھڻ جي تاريخ اُڪريل هئي، پر هاڻي اُها ڊهي ويئي آهي. ڪي چوندا آهن تہ ان جو بنياد سنبت 1359 ۾ پيو. مطلب تہ هي مندر سنڌ جي قديم يادگارن مان هڪ آهي.
پارسناٿ جو پتلو
پارسناٿ جين ڌرم وارن جو وڏو ديوتا آهي، جو مشھور مھاتما گرو گورکناٿ جو چيلو هو. هن پتلي جي ڪھاڻي عجيب نموني جي آهي: پاري ننگر ۾ هڪ مشھور مھنتو، منگهو نالي رهندو هو. هڪ دفعي واپار جي ارادي سان هو گجرات جي ڪنڪاوٽي شھر ۾ ويو، جتي ان کي هڪ رات سپنو آيو. خواب ۾ ڏٺائين تہ هڪ ديوتا آهي، جو کيس چئي رهيو آهي تہ: ”هن شھر جي هڪ چاڪيءَ جي گهر پارسناٿ جو پتلو پوريل آهي، سو ڪيئن بہ ڪري کڻائي ڪنھن مندر ۾ رک تہ رب تو تي راضي ٿيندو.“ صبح جو اُٿڻ سان اهو اوسواڙ، سپني واريءَ ڳالھہ کي آزمائڻ لاءِ، ڏس ڏنل چاڪيءَ جي گهر ويو، جتي ڏسيل جاءِ تي کوٽائي ڪرڻ سان کيس هڪ يارهن فوٽ ڊگهو پتلو هٿ آيو. پوءِ هو بيل گاڏي ڀاڙي ڪري، اُن ۾ پتلو رکي، ڳوٺ روانو ٿيو. وچ واٽ تي، ڪنھن شيءِ سان ٽڪرجڻ ڪري، نم جي ٺھيل گاڏي ڀڄي پيئي. ان ڪري هو رات جو اتي ئي سمھي پيو، تہ ديوتا وري سپني ۾ چيس تہ ”هن هنڌ اُتر پاسي، ”پڳ واو“ ڏاڪڻ رستي هيٺ لھڻ جو کوھہ آهي ۽ اُن کوھہ جي تري ۾ ڏکڻ پاسي خزانو پوريل آهي، صبح جو ٻہ رازا تو وٽ ايندا، جن جا هٿ ٺونٺين تائين ڪپيل هوندا، انھن جي مدد سان خزانو کڻائي وڃي مندر ٺھراءِ.“ صبح جو اها ڳالھہ سچي نڪتي ۽ هـِـن وڃي گوڙي ڳوٺ ۾ مندر ٺھرايو. ڪئپٽن رئڪس جي لکڻ موجب، هيءُ پتلو اڇي سنگمرمر جو، يارهن فوٽ ڊگهو، هڪ سؤ رپين ۾ هڪڙي مسلمان تـُـرڪ کان گهڙايو ويو هو. مورتيءَ جي نرڙ تي هيري جي ڪڻي لڳل هئي ۽ ٻنھي بـُـبين تي بہ هيري جون ڪڻيون لڳل هيون. مقرر وقت تي هن پتلي کي اندران ڪڍي، چبوتري تي رکي، عام درشن ڪرايو ويندو هو ڪيتري ڀيٽا ايندي هئي،جنھن مان ڪجه پوڄاري کڻندو هو ۽ باقي وڏو حصو وقت جي سوڍا راجپوتن جو راڻو کڻندو هو، سن 1716ع ۾ ويرا واھہ جو ستوجي سوڍو هن پتلي کي زوريءَ ٻاکاسر کڻائي ويو ۽ اُتي هڪ نم جي وڻ هيٺ پورائي ڇڏيائين. ٻارهين مھيني ڪڍي، ميلو لڳائي، هو اُن مان اڪيچار پيدائش حاصل ڪندو هو. چون ٿا تہ سورت جي هڪ لکاپت واڻياڻي، لکي ٻائيءَ کان هن نـَـو هزار رپيا وٺي، پوءِ پتلي جو درشن ڪرايو. اُن بعد ستوجيءَ پتلو کڻائي اچي ويرا واھہ رکيو، جتي ساليانو ميلو لڳائڻ بہ بند ڪري ڇڏيائين، صرف جيڪو زيارتي وڏي رقم آڇيندو هو، تنھن کي ديدار ڪرايو ويندو هو. آخر پالڻپور جي ڪن شاهوڪار واڻين، تمام وڏي رقم ڏيئي، هن پتلي کي پالڻپور کڻايو، جتي سوئيگام ۽ مورواڙ ۾ ان جي زيارت ڪندا هئا. سوئيگام ۾ پھريون ميلو 1766ع ۾ لڳو ۽ مورواڙ ۾ چار ميلا لڳا. 1778ع، 1796ع، 1810ع ۽ 1822ع ۾ وري 1824ع ۾ ويرا واھہ ۾ ميلو لڳو. اهڙيءَ طرح هي پتلو سدائين سوڍن جي قبضي ۾ رهندو آيو. سن 1832ع ۾ پونجو سوڍو سنڌ جي ميرن سان وڙهندي مارجي ويو ۽ ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ هئي تہ هن اهو پتلو ڪٿي پوريو آهي. اهڙيءَ طرح چار سؤ ڇاونجاھہ ورهين جي گردش کان پوءِ، اهو پتلو هميشہ لاءِ گم ٿي ويو.
ويراواھہ جو سوڍو ستوجي
اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ سوڍو ستوجي، پارسناٿ جو پتلو زوريءَ ٻاکاسر ڏانھن کڻائي ويو هو. سوڍي ستوجيءَ اهو هڪ ڪم نہ ڪيو آهي، بلڪ اهڙا سوين ڪم ڪيا آهن. ستوجيءَ کي سردار بڻائي، سوڍا ۽ بلوچ ڪڇ، مارواڙ ۽ گجرات ڏانھن زبردست ڌاڙا هڻندا هئا. پارڪر ۾ اڄ ڏينھن تائين پھاڪو آهي: ”ستوجيءَ وارا تارا“ ستوجي ڏينھن جو ماڻھن کي چوندو هو تہ: ”تارا ڏسو ٿا؟“ ماڻھو ڊپ کان چوندا هئا: ”هائو!“ ان تان هيءُ پھاڪو مشھور ٿي ويو آهي.
هڪ دفعي ويراواھہ ۾ پنھنجي دربار ۾ سوڍو ستوجي ويٺو هو. اُن ڏينھن سنگها تلاءُ جي ڪناري تي شرمالھي برهمڻ جي ڄڃ چيلھار مان اچي، پارڪر ٿي ويئي. ڄاڃي، سوڍن جي آدرستڪار ڪرڻ لاءِ، ناري جا چانور کڻي ڪجهہ ڀيٽا ڏيڻ ويا. جڏهن ستوجيءَ چانور ڏٺا، تڏهن پنھنجن ماڻھن کي حڪم ڪيائين تہ ڄاڃين کي چئو تہ جيترا چانور اوهان وٽ آهن، اهي اسان کي ڏيو ۽ اُن جي عيوض ٻا جهري وٺي وڃو! ڄاڃين ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ شاديءَ وقت چانور گهربل هئا. جڏهن ستوجيءَ کي انڪاري سـُـڌ ملي، تڏهن بندوق کڻي پاڻ اچي سهڙيو ۽ ڄاڃين کي قطار ۾ بيھاري، سڀني کي قتل ڪري ڇڏيائين. آخر ۾ گهوٽ کي بہ قتل ڪري، چانور کڻائي روانو ٿيو. گهوٽ جا مينديءَ رتل هٿ ۽ موڙ، هن بي رحم جلاد جي تلوار جي بک ٿيا، اُميدن سان سينگاريل ڪنوار، هميشہ لاءِ نامراد ٿي ويئي ۽ سوين بي ڏوهي ڄاڃي، هن مردود جي خوني ڪرتوتن جو شڪار ٿيا.
پولن آستان
گوڙيءَ جي مندر ڀرسان هڪ پـَـڪسرو بـُـرج ٺھيل آهي، جنھن کي ”پولن آستان“ ڪري چئبو آهي. هڪ دفعي پارڪر جا ڪي ڌاڙيل نئيئڙ مان مال چورائي ڀڳا هئا. نئيئڙ جو راجا، پولن سنگهہ راٺوڙ، واهر ڪري ڌاڙيلن پٺيان لڳو. هن آستان واري هنڌ تي اچي ڌاڙيلن ۽ پولن سنگهہ جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنھن ۾ راجا پولن سنگهہ مارجي ويو. ان جي يادگيريءَ ۾ اهو آستان، 1743ع ۾ ٺھيو.
ريکو ديوَ جو بت
ويرا واھہ جي هاڻوڪي مندر ۾ جين ڌرم وارن جي مکيہ ديوتا ريکو ديوَ جو بـُـت رکيل آهي، جو سنگمرمر جو ٺھيل پتلو آهي. هن جي اکين ۾ هڪ عجيب شيشو رکيل آهي، اونداهيءَ ۾ تجلو ڪري ٿو. ماڻھوءَ جيڏي هن بـُـت جي چوڌاري ٻيون بہ ڪيتريون پٿر جون مورتيون رکيل آهن.
نڪولاس وٽنگٽن جو پارڪر مان لنگهڻ
سن 1613ع ۾ نڪولاس وٽنگٽن، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران نير خريد ڪرڻ لاءِ، احمدآباد کان سنڌ پھتو. رڻ جو ڪنارو ڏيئي، 28- ڊسمبر 1613ع ۾ ننگر پارڪر شھر پھتو. هو لکي ٿو تہ: ”ننگر پارڪر ننڍو شھر آهي، پر مسافرن جي ضرورت واريون سڀ شيون اتي موجود آهن. هتي جا ماڻھو ڌاڙيل آهن. اسان کان ٽـِـڪڻ جو محصول ورتو ويو. هتان کان ويندي جوڻ تائين ڪو بہ ماڻھو ڪنھن کي ڍل نٿو ڀري.“ واٽ تي نڪولاس کان بلوچ ڌاڙيلن سندس اسباب ۽ ڪپڙا ڦري ورتا، تنھنڪري موٽي ننگر پارڪر ويو، جتان هڪڙي هندو واپاريءَ کان خرچ وٺي، واپس احمد آباد پھتو.
سيدي علي ريس جو پارڪر مان لنگهڻ
سن 1556ع ۾ ترڪيءَ جي سلطان، سيدي عليءَ کي پورچوگيزن سان وڙهڻ لاءِ موڪليو. هن کي عربي سمنڊ ۾ سخت طوفان پيش آيو، تنھنڪري ٿورن جهازن سان اچي گجرات پھتو. جهاز اُتي ڇڏي، پاڻ خشڪيءَ رستي کان قسطنطنيہ پھتو. هو لکي ٿو تہ: ”اسان جي پارٽي ڪن ڏينھن بعد راجپوتن جي شھر ننگر پارڪر پھتي، جي راجپوتن اسان کان ڪسٽم وٺي، پوءِ وڙهڻ شروع ڪيو. انھن کي پئسا هٿ ڪرڻ جي نيت هئي، پر اسان وٽ ڪجهہ ڪونہ هو.“
لونگهيجي درٻار جي پارڪر تي چڙهائي
لونگهيجي درٻار، راڻينگواري جي سڳي ڀاءُ ”اوگهڙ“ کي پارڪر جي سوڍن خون ڪري ڇڏيو هو، تنھنڪري هن ڪاٺي راجپوتن جو زبردست ڪٽڪ وٺي، پارڪر تي چڙهائي ڪئي. سندس لشڪر ۾ ”ورجانگ“ نالي هڪڙو مشھور سردار بہ شامل هو، جيڪو بھادريءَ ۾ پنھنجو مـَـٽ پاڻ هو. ٻئي طرف، پارڪر جو ٺڪر پنھنجا پھاڙ سمان جوڌا وٺي ٻاهر آيو. آخر جنگ لڳي: پارڪر جي ٺڪر زور سان رڙ ڪئي: ”ڪٿي آهي راڻينگوارو؟ نڪري اچي ميدان ۾ تہ پارڪر جو پاڻي چکايانس!“ ڪاٺي ڊڄي ويا. راڻينگوارو هڪ جاءِ تي ٿمي ويو. پارڪر جي راڪاس جيڏن سورويرن جي هٿن ۾ خوفناڪ تلوارون ۽ ڀيانڪ ڀالا ڏسي، ڪاٺين جو هوش اُڏامي ويو. ايتري ۾ پارڪر جي سوڍي وري سڏ ڪيو: ”ڪٿي آهي راڻينگوارو!“ ٻاهر اچي تہ کيس سنڌ جو سير ڪرايان!“ ... اچي وڃ، ڍاٽي! آءٌ آهيان راڻينگوارو!“ ائين چوندو، ورجانگ ڌانڌل سندس مقابلي ۾ اچي ويو. ٻنھي جي وچ ۾ تلوارن جي وارو وار لڳي ويئي. ٻيئي ڄڻا گهوڙن کان هيٺ ڪـِـري پيا. نيٺ ورجانگ، ٺاڪر تي غالب پيو ۽ ائين پارڪر تي فتح پائي، هن ڪاٺين جو مانُ مٿي ڪيو. پارڪر جي سردارن پـِـرڻ ڪيو تہ ڪاٺين جي ڪنھن بہ فرد کي جيئرو نہ ڇڏيو ويندو، پارڪر جي سردارن ڪيتريقدر پنھنجي پرڻ کي پاڻي ڏنو، تنھن جو احوال اڳتي ايندو.