ڀوڏيسر
ڀدريشر ننگري، جنھن کي هينئر ”ڀوڏيسر“ چئبو آهي، سا ننگر پارڪر کان ٻہ ميل اُتر - اُلھندي، ڪارونجهر جي هنج ۾ شوڀا ڏيئي رهي آهي. ڀدريشر جي جهونن کنڊرن جو ڀڀڪو ڏسي، ائين ڀانئجي ٿو تہ ڪو وقت هو، جو اُتي ڪي تمام خوشحال انسان رهندا هئا. جاين جي بناوت ۽ اَڏاوت کي ڏسي سندن ڪاريگريءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو. الک جي الوپ مايا، پل ڀر ۾ باريڪ بستيون بڻائي، هندورن ۾ هيجائي ٿي، تہ کن ۾ هزارين هستيون حيران ڪري، آسودن کي اُجڙ ۽ برباد ڪري ٿي. هن وقت اُهو اڳيون اوج ڪٿي؟ چند کنڊرن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نظر ڪونہ ايندو. صرف سوڍن جا ٻہ گهر آهن، جنھن مان پونجوجي سوڍو سچيار آهي، جنھن جي مائٽن انگريزن کي تمام گهڻي مدد ڏني هئي. سندن دور انديشيءَ ۽ بھادريءَ سببان، ڪرنل ايونس جي زوردار سفارش سان، سوڍي ڪاروُڀا جي نالي ڇھہ ايڪڙ جاگير مليل آهي.
نوَ ڪوٽي مارواڙ جي ڏوهيڙي مطابق، هانسي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ پاري ننگر ڪيو- ان جو ٻيو ڀاءُ ڀوڏو هو، جنھن اچي ڀوڏيسر وَسائي. تنھن وقت ٽي هزار کن جيني واڻين جا گهر ۽ ٻيا گهر راجپوتن جا ڀوڏيسر ۾ رهندا هئا. جيني واڻين جا ٺاهيل ڏهرا اڃا تائين قائم بيٺا آهن، سي ڏسڻ وٽان آهن. جيني واڻيا تمام شاهوڪار هئا ۽ تخت نشين راڻي ڀوڏي کي خراج پڻ ڀريندا هئا.
راڻي ڀوڏي هڪ زبردست تلاءُ ٺھرايو هو، جنھن جو سڄو ترو ٽامي جو هو. تلاءُ جي ڪناري تي هڪڙو زبردست پٿر بيٺل هو، جنھن هيٺ هڪ هزار ڍڳيون سولائيءَ سان ويھي سگهنديون هيون. تلاءُ ۾ هڪڙي خامي هئي، جو برسات جي موسم ۾ پاڻي سمورو ٻاهر هليو ويندو هو. جوتشين صلاح ڏني تہ ڀوڏو راڻو جيڪڏهن پنھنجي ڪا پياري شيءِ قربان ڪندو تہ تلاءُ مان پاڻيءَ جي ڦڙي بہ ٻاهر ڪانہ ويندي. راڻي ڀوڏي، پـِـرجا جي فائدي خاطر، وزير سان صلاح ڪري، تلاءُ جي ڪناري تي پنھنجي نور نظر، ”نارڻسنگهه“ کي ٻل چاڙهيو. هينئر ان تلاءُ ۾ ٻارهوئي پاڻي رهندو آهي. ڀوڏي جي مرڻ کان پوءِ گووند راءُ تخت تي ويٺو. ڀوڏيسر جي تلاءَ بابت وڌيڪ احوال اڳتي ايندو.
سلطان محمود غزنويءَ جو ڀوڏيسر وٽ ٽـِـڪڻ
سلطان محمود غزنوي، جڏهن سومناٿ تي 1026ع ۾ فتح حاصل ڪري واپس غزنويءَ آيو ٿي، تڏهن پاٽڻ جي راجا ڀيم ڏيوَ ۽ اجمير جي راجا ويسرڏيو جي وچ ۾ لڙائيءَ جي خبر ٻڌي، هن پنھنجو ارادو ٿر مان لنگهڻ جو ڪيو. ڪڇ جي رڻ مان لشڪر جي ڀلجي وڃڻ ڪري، کين اُڃ تمام گهڻو هلاک ڪيو. آخر، پاڻيءَ جي ڳولا ڪندي اچي هڪڙي وڏي تلاءَ وٽ نڪتا. اهو ڀوڏيسر جو تلاءُ هو. محمود پوءِ تلاءَ جي ڪناري تي ٻہ ڏينھن منزل انداز رهيو، ۽ نشانيءَ طور اُتي هڪڙي ”کڙوت“ تيار ڪرائي ويو، جنھن کي پوءِ محمود بيگڙي مسجد جي صورت ۾ آندو. ان جو احوال اڳتي ايندو.
راڻو چندن:
گووند راءَ جي مرڻ بعد، سندس پٽ راڻو چندن تخت تي ويٺو. راڻو چندن مھا اُپڪاري ۽ مـُـلڪان ملڪ مشھور ٿي گذريو آهي، جيڪو مسلسل چوويھہ سال اَڻميو دان ڏيئي پوءِ ڏندڻ ڪندو هو.
هوڏ نہ ڪئي هندن، سمو نمايو سـِـيسَ،
ڪروڙ ڏيئي ڏندڻ ڪري، چندن ورس چوويسَ.
ڪاشيءَ جي هڪڙي پنڊت جو نبيرو اُجين جھڙيءَ اُجليءَ ننگريءَ کان نہ ٿيو. نہ وري پاٽڻ جي راجا کي پرک پيئي. مگر ان پنڊت جو پورو انصاف اسان جي سنڌ جي پياري ڀاڱي پارڪر جي راڻي چندن ڪيو.
راڻو چندن دان جي پرتگيا کان اڳ ۾ ڪوڙھہ جي موذي مرض ۾ مبتلا هو. ڪوڙھہ جھڙي نـُـگري بيماريءَ کان نجات نہ ملڻ سبب هو ڪجهہ ڏينھن ڪيرٽي گڍ، تعلقي مٺيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي مڪواڻن جي حڪومت هئي ۽ ڪيسر مڪواڻو راڄ ڪندو هو، (ڪيسر مڪواڻو، همير سومري سان لڙائي ڪندي مارجي ويو.) هڪ ڏينھن هڪڙو فقير گهمندو ڪيرتيءَ ۾ آيو، جنھن چيو تہ ڀوڏيسر جبل جي چـُـر ۾ ”الک واوَ“ (يعني ڳُجهو کوهه) آهي، تنھن مان ڪو پاڻي وٺي اچي ۽ چندن کي غـُـسل ڪرائي تہ ڪوڙھہ ڇڏي وڃي. ويرو گويل، جو چندن جو ساٿي هو، تنھن اِهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. ويري گويل گهڻيءَ کوجنا بعد الک واوَ منجھان پاڻي آڻي، چندن کي غسل ڪرايو، تہ چندن بلڪل چڱو ڀلو ٿي ويو.
راڻي چندن، ڀٽياڻي ذات جي، جيسلمير جي مھاراجا جي ڪنيا سان شادي ڪئي هئي، اها ڀٽياڻي هڪ نيڪ ۽ ڌرماتما ناري هئي. جڏهن بہ راڻو چندن ڪيڏانھن ٻاهر ويندو هو تہ هوءَ هڪڙي جوتش وديا جي ڄاڻوءَ برهمڻ کان هر روز پڇا ڪندي هئي تہ: ”راڻو هن وقت ڇا ڪندو هوندو؟ برهمڻ کيس ٻڌائيندو هو تہ: ”راڻو فلاڻي هنڌ فلاڻو ڪم ڪري رهيو آهي، وغيرہ.“ برهمڻ جون ڳالھيون، تجربي جي بناء تي، سڀ سچيون نڪرنديون هيون. هڪڙي ڏينھن راڻو چندن ڪنھن ڪم سانگي ٻاهر ويو، تہ اُن جوتشي برهمڻ کي بہ ساڻ وٺي ويو. ڀٽياڻيءَ جڏهن دستور موجب برهمڻ کي طلب ڪيو،تہ برهمڻ جو ڀاءُ اچي حاضر ٿيو، جنھن کي جوتش جي علم جي خيرڪا خبر هئي. ڀٽياڻيءَ برهمڻ جي ڀاءُ کان بہ راڻي چندن بابت ساڳي پڇا ڪئي. هن بنا سوچ ويچار جي کڻي جواب ڏنو تہ: ”راڻو صاحب گذاري ويو!“ ڀٽياڻيءَ اها ڳالھہ ٻڌي اهڙي تہ ڏک ۾ وٺجي ويئي، جو وڌيڪ ڪجهہ بہ ڪونہ ويچاريائين ۽ بي علم برهمڻ تي اعتبار ڪري، هڪدم اگني تيار ڪرائي، ستي ٿيڻ لاءِ کڻي مچ ۾ ٽپو ڏنائين. ايتري ۾ راڻو چندن اچي رهيو هو، تنھن هڪل ڪئي، پر ڀٽياڻيءَ جو سرير جلي خاڪ ٿي چڪو هو. اڄ ڏينھن تائين ڪارونجهر جبل ۾ اُلھندي پاسي جيڪا ندي نڪري ٿي، اُن کي ”ڀٽياڻي ندي“ ڪري چئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ ڀٽياڻي راجپوتڻ اُن نديءَ واري هنڌ ئي ڏاگهہ چڙهي سـَـتي ٿي هئي. ان وقت راجپوتڻ جا گروُ راجگـُـر برهمڻ هئا، پر هن واقعي کان پوءِ سوڍن شر مالھي برهمڻن کي گروُ تسليم ڪيو، جي اڄ ڏينھن تائين هليا اچن. سوڍن، راجگـُـرن کي ڪڍي ڇڏيو. راڻي چندن جو چاھہ پنھنجي راڻيءَ سان ڏاڍو هو، تنھنڪري سندس سـَـتيءَ ٿيڻ بعد دک ۾ گذارڻ لڳو ۽ نيٺ ڳڻتيءَ ۾ حڪومت ڇڏي ڏنائين.
دشمنن کان بچاءَ خاطر، ڪارونجهر جبل ۾، راڻي چندن هڪڙو زبردست قلعو ٺھرايو هو، جنھن کي ”چندن گڍ“ چوندا آهن. لڙائيءَ جي وقت راجپوت ان قلعي ۾ ويھي دشمن سان مقابلو ڪندا هئا. تروٽ جي لڙائيءَ وقت ڏيسا فوج جي توبن اُن قلعي کي ڊاهي ڇڏيو آهي، پر اڃا بہ ڏسڻ جھڙا نشان آهن.
راڻي چندن جو اولاد:
عام روايت موجب ۽ ڪن ليکڪن بہ لکيو آهي تہ راڻي چندن جا ٻہ پٽ: ”سائر“ ۽ ”نير“ نالي هئا، جيڪي زبردست ڌاڙيل هئا. مگر هيءَ ڳالھہ ٻي آهي، جا هيٺينءَ ريت آهي: چنپانير ننگريءَ جو راجا چندنسين هو، جنھن کي ملائگيري نالي راڻي هئي. قسمت جي چڪر سان هنن کان راڄ هليو ويو، تنھنڪري راجا چندنسين پنھنجيءَ راڻيءَ ۽ ٻن پٽن سميت جهنگ ڏانھن هليو ويو. جهنگ ۾ رُلندي، راجا چندن کان پنھنجا ٻہ پٽ، نالي سائر ۽ نير، جدا ٿي ويا. سائر ۽ نير رات جو هڪ وڻ هيٺ سـُـتا پيا هئا، تہ هڪڙي نانگ سائر کي ڏنگي وڌو ۽ هو بلڪل بيھوش ٿي مـُـڙدي سما ٿي پيو. ننڍي ڀاءُ ڏٺو تہ سائر مري ويو آهي، سو ان جي جدائيءَ ۾ روئندو، هڪڙي شاهي رستي ڏانھن رخ رکي اُٿي هليو. جنھن رستي تان نير وڃڻ وارو هو، تنھن شھر جي بادشاھہ کي اولاد ڪونہ هو، تنھنڪري ان ڏينھن هن ڍنڍورو گهمايو تہ صبح جو سوير جنھن جي ڳچيءَ ۾ هاٿڻ گلن جي مالھا وجهندي، ان کي پنھنجو راڄ ڀاڳ سونپيندس. صبح جو سوير نير اُن شھر جي دروازي وٽ پھتو تہ هاٿڻ اچي نير جي ڳچيءَ ۾ ڦـُـلن جي مالھا وڌي ۽ بادشاھہ نير کي سمورو راڄ پاٺ لکي ڏنو. اهڙيءَ طرح نير بادشاھہ ٿي ويو. ٻئي طرف، جهنگ ۾ صبح جو هڪڙو جوڳي اُتان لانگهائو ٿيو، جتي نانگ جو ڏنگيل سائر بيھوش ٿيو پيو هو. جوڳيءَ ڪنھن ٻوٽيءَ جي وسيلي کيس سجاڳ ڪيو. پوءِ سائر بہ رلندو رلندو، ان ساڳئي شھر ۾ اچي، ڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. پر نير جي بادشاهيءَ جي کيس ڪا سـُـڌ ڪانہ هئي.
راجا چندن کان ملائگيري بہ جدا ٿي ويئي هئي- ڪاٺين وڪڻندي، ان جو حـُـسن ڏسي، هڪڙو سامونڊي واپاري کيس زوريءَ ڀڄائي ويو هو. ملائگيريءَ ان رهزن واپاريءَ کي وچ درياءَ ۾ پاڻيءَ جي سپرد ڪري ڇڏيو. سائر کي ان سموريءَ ڳالھہ جي سڌ هئي. ڪن ڏهاڙن بعد نير ڍنڍورو گهمايو تہ جيڪو ماڻھو ”چندن - ملائگيريءَ“ جي ڳالھہ درٻار ۾ ڪري ٻڌائيندو، تنھن کي موتين جو ٿالھہ انعام ڏنو ويندو. سائر کليل ڪچهريءَ ۾ چندن - ملائگيريءَ جي سربستي ڳالھہ ڪري ٻڌائي. نير اها ڳالھہ ٻڌي، پنھنجي ڀاءُ کي سڃاتو ۽ پوءِ ماءُ ۽ پيءُ جي ڳولا ڪرائي، انھن کي بہ آڻي پاڻ وٽ رهايو. تنھن کان پوءِ سڀ آنند سان خوش گذارڻ لڳا.
ڪـِـٿ چندن، ڪٿ ملائگيري، ڪٿ سائر، ڪٿ نير،
جـَـڏَ جڏ وِ پتي پـَـڙي، سوُسائي گـِـيو سرير.
روايت آهي تہ راڻي چندن پنھنجي پياريءَ ۽ ڌر ماتما راڻيءَ جي سـَـتي ٿيڻ بعد راڄ ڇڏي ڏنو ۽ ڪوڙھہ جي بيماريءَ وقت، ڪيرٽيءَ ۾ مڪواڻن وٽ رهيو هو، تن جي ٿوري لاهڻ لاءِ مڪواڻن کي حڪومت لکي ڏني هئائين.
ڪيرٽيءَ جو ڪيسر مڪواڻو:
ڪيرٽي، مٺي تعلقي ۾ چوڏهن ميل ڏکڻ ڏانھن آهي. منجهس بـَـستي راجپوتن جي آهي. اڳي مٺي تعلقي جي ڪڇ رياست ۾ شامل هئڻ ڪري، ڪيرٽي پڻ ڪڇ رياست ۾ هئي. ان ۾ وياس نالي هڪ بھادر سردار رهندو هو. مرڻ مھل، بستري تي ليٽيل وياس جي گهڻيءَ بيقراريءَ ۽ ملولائيءَ کي ڏسي، سندس ننڍي پٽ ڪيسر پڇيو تہ: ”اي پتاجي، توهان جي دل ۾ ڇو آنڌ مانڌ ٿئي ٿي ۽ من ڇو وياڪـُـل ۽ تڙڦندو نظر اچي ٿو؟ مھرباني ڪري سموري ماجرا جو کولي بيان ڪريو.“ اها ڳالھہ ٻڌي، اجل جي ويجهو آيل وياس چوڻ لڳو تہ: ”اي پٽ، سنڌ ۾ منھنجو هڪ دشمن، همير سومرو رهي ٿو، جنھن جي راڄڌانيءَ جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجي، نھايت سندر ۽ رمڻيڪ آهي. ان سان لڙائي ڪرڻ جي منوڪامنا پوري ٿي نہ سگهي آهي، تنھنڪري منھنجو من وياڪـُـل ۽ تڙڦي رهيو آهي. اوهان مان ڪو بہ همت ۽ طاقت ساري، همير سومري جا سوا سؤ سھڻا گهوڙا چورائي آڻي پنھنجن ڀاٽن ۾ ورهائيندو ۽ اهڙو مون کي وچن ڏيندو، تہ منھنجو جيءُ شانت ٿيندو.“ ان وقت وياس جي اڳيان سندس ڪيترا پٽ پوٽا،ڀاءُ ڀرات ويٺل هئا، مگر ڪنھن کي بہ همير سومري جي گهوڙن کي هيري اچڻ جي جرات ڪانہ ٿي. نيٺ پڇاڙيءَ جو ڪيسر جهالو، جو سڀني کان ننڍو هو، تنھن پيءُ جي اِڇا پوري ڪرڻ جي پرتگيا ڪئي ۽ پيءُ جي هٿ ۾ پاڻي ڏنو، تہ هڪدم وياس جو پراڻ - پکيئڙو پڃري مان اُڏامي ويو.
ٿورن ڏينھن بعد پيءَ جي ڏنل پرڻ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪيسر سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. هن پنھنجي عزيزن خويشن کي لڙائيءَ تي هلڻ لاءِ للڪاريو، پر سنڌ هلڻ لاءِ سڀئي پـِـڙ ڪڍي بيھي رهيا. تڏهن ڪيسر اڪيلو پنھنجي طاقت تي وشواش رکي سنڌ ۾ آيو، ۽ همير جا سوا سؤ گهوڙا چورائي اچي ڀاٽن کي ورهائي ڏنائين. پر همير سومرو عيش ۽ آرام ۾ محو هو، تنھن گهوڙن بابت پڇا ڪانہ ڪئي. تڏهن ٻئي وقت ڪيسر، همير سومري جا سنڌو نديءَ جي ڪناري تي بيٺل ست سؤ سھڻا اُٺ چورائي، پنھنجن ڀاٽن کي ورهائي ڏنا. ان وقت بہ عيش جي نشي ۾ مدهوش سومري ڪا بہ سـُـڌ نہ رکي. ٽئين وقت ڪيسر جهالي، امرڪوٽ تي چڙهائي ڪري، هڪ سؤ ويھہ سندر ۽ حسين سومريون آڻي، هڪ - هڪ سومري پنھنجن عزيزن کي ورهائي ڏني. تڏهن عياش سومري ٿوري اک کولي ۽ پنھنجن صلاحڪارن کي ڪيسر ڏانھن موڪليو تہ سومريون واپس ڏئي. جواب ۾ ڪيسر چوائي موڪليو تہ: ”اهي اسان جون استريون ٿي وييون آهن، تنھنڪري سومرين جي پچر ڇڏي ڏئي.“ اهڙي اڍنگي جواب ملڻ بعد، ڏھہ سال ٻيا بہ گذري ويا. تنھن کان پوءِ همير پنھنجي هڪ قاصد کي ڪيسر ڏانھن موڪليو تہ: ”توسان لڙائي ڪرڻ جي مون کي ڏاڍي خواهش آهي، پر تنھنجو ملڪ ڪـَـڪرن وارو آهي، تنھنڪري لشڪر جي خوراڪ جو ڪھڙو بندوبست ٿي سگهندو؟“ ڪيسر جواب ڏياري موڪليو تہ: ”خوراڪ جي لاءِ تون فڪر نہ ڪر، مان هڪ هزار ايڪڙ ۾ ڪڻڪ پوکايان ٿو، تنھن مان تنھنجي لشڪر جو گذران چڱيءَ طرح ٿيندو.“ آخر، هڪ سال کان پوءِ، همير سومرو ڪيرٽي گڍ تي چڙهائي ڪري آيو. ٻئي ڌريون ڏاڍي بھادريءَ سان وڙهيون. نيٺ همير سومري ڪيسر کي ڪيرائي، سيني ۾ ڪٽاريءَ جو اهڙو تہ اونھو گهاءُ ڪيو، جو ارڙنھن فوٽ ڪيسر جو جسم زمين تي ڌوء هيٺ ڪري پيو، ۽ همير جي جيت ٿي. هڪ سؤ ويھہ سومريون اگنيءَ ۾ جلي ڀسم ٿيون. ڪيسر جي پـُـٽ هر پال، پاٽڻ ۾ راجا ڪـِـرڻ وٽ وڃي پناھہ ورتي. هرپال، ڪـِـرڻ واگهيلي وٽ رهي، پنھنجي هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ سان ڪيترا دفعا لڙائيءَ ۾ ڪـِـرڻ کي بچايو. هڪڙي ڏينھن ڪـِـرڻ راجا کي چيو تہ: ”تون هڪڙيءَ رات جيترن ڳوٺن ۾ ڦـِـري ايندين، اهي سڀ ڳوٺ تو کي بخشش ڪيا ويندا.“ هرپال فقط هڪڙيءَ رات ۾ ٻہ هزار ڳوٺ ڦـِـري آيو ۽ ڪـِـرڻ کي انجام پٽاندر اُهي ڳوٺ هرپال کي ڏيڻا پيا. هرپال پنھنجي راڻيءَ کي وٺي وڃي ڀال شھر ۾ رهيو- ۽ پوءِ اهو شھر ”ڀال“ ضلعو بڻيو.
ڊريل مڪواڻو
راڻي چندن جي وڃڻ کان پوءِ، ڊريل مڪواڻي اچي پارڪر تي قبضو ڪيو. هن ڳچ وقت تائين بادشاهي ڪئي. تنھن کان پوءِ رتي ڪوٽ کان ميگهہ سينڌل وٽ آيو. ميگهہ سينڌل چيو تہ: ”بادشاهي پرمارن جي ۽ کائين مڪواڻا!“ تنھنڪري هـُـو ڊريل مڪواڻي کي مارڻ جا گهاٽ پيو گهڙيندو هو. هڪڙي ڏينھن هن ڌنراج نالي گونگڙيءَ جي چارڻ سان مڪواڻي کي مارڻ جي صلاح ڪئي. ڌنراج چيو تہ: ”اسان کي سوڍن جا چارڻ لکي ڏيو، تہ صلاح سھڻي ڏيانوَ.“ ميگهہ سينڌل ڌنراج چارڻ جو اهو شرط پورو ڪيو. پوءِ ڌنراج چيو تہ: ”ڊريل مڪواڻو روز سج اُڀرئي کان اڳ ۾ ٻانڊيءَ تي ديويءَ جي پوڄا لاءِ اڪيلو بغير هٿيارن جي وڃي ٿو: اوهين ان وقت واٽ تي کيس ماري، پارڪر تي قبضو ڪري وٺو. چارڻ جي صلاح وٺي، سينڌلن، ڊريل کي ماري پارڪر تي قبضو ڪيو.
ڪارونجهر تـَـنان ڪَ جـَـسَ، ڪـَـجـَـسي ميڙيو ڪاج،
ڊريل مڪواڻو ماراؤتان، ڌوڙ کاڌي ڌنراج.
سينڌلن جي پارڪر تي حڪومت
پوءِ اچي ميگهہ سينڌل پارڪر تي راڄ ڪيو:
سينڌل سوڍي ناس ڪيجيو، رتي ڪوٽ راڻو،
ميگهہ پارڪر کٽيو، ماري مڪواڻو.
ميگهہ سينڌل جي وقت ۾ دهليءَ جي بادشاهن جون وقت بوقت پارڪر تي ڪاهون ٿينديون هيون، تنھنڪري ميگهہ سينڌل ساري پارڪر ۾ فرمان ڦيرايو تہ سڀ ماڻھو پنھنجا گهر وڃي جبل ۾ ٺاهين، تہ جيئن دهليءَ يا احمد آباد جي بادشاهن کي ڪا بہ خبر نہ پوي تہ پارڪر ۾ ڪو ماڻھو رهي ٿو يا نھ. حڪم جي ترت تعميلات ڪئي ويئي، ۽ ماڻھن پنھنجا گهر وڃي جبل ۾ ٺاهيا. اڄ ڏينھن تائين اُنھن گهرن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جهونو ڪاسبو، گارڙيو، موندرو، ڏونگري، راڻپر وغيرہ، سڀ جبل ۾ ڳوٺ هئا. فقط هڪ سورو چارڻ، ڳوٺ سوراچند جو، تنھن چيو تہ: ”مون وٽ مال جهجهو آهي، تنھنڪري مان نہ ويندس.“ ڳوٺ سوراچند تي نالو بہ سوري چارڻ تان پيل آهي. اڄ ڏينھن تائين ان جي کوٽايل کوھہ کي ”سوريو ڪوئو“ ، ۽ تلاءُ کي ”سوريو تلاءُ“ چوندا آهن.
احمد آباد جي بادشاھہ جي پارڪر تي ڪاهه
ميگهہ سينڌل کان پوءِ، سندس پٽ پنراج سينڌل گاديءَ تي ويٺو. پنراج سينڌل، ڪارونجهر جبل ۾ ساڙدري کان مٿڀرو هڪ قلعو ٺھرايو، جنھن کي ”پنراج گڍ“ چوندا آهن. قلعي جا نشان اڃا تائين ظاهر آهن. سندس ڏينھن ۾، احمد آباد کان جڏهن گجرات جي احمد شاھہ پارڪر تي چڙهائي ڪئي، تڏهن ان کي ڪا بہ پھر ڏسڻ ۾ ڪانہ آئي. صرف سوراچند ۾ سوريي جي جهوپڙي هئي. بادشاھہ جي لشڪر سوريي جي وانڍ کي وڃي گهيرو ڪيو ۽ ان کي چيو تہ: ”اوهان جو راڻو هلي ڏيکار، نہ تہ تنھنجو سـِـر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.“ سوريو چارڻ ان لشڪر کان اجازت وٺي پنراج وٽ آيو، ۽ واڪو ڪري کيس چيائين تہ: ”راجپوت آهيو تہ مون کي بچايو ۽ هلي بادشاھہ وٽ حاضر ٿيو.“ پنراج چيو تہ: ”اي چارڻ، مان ڪڏهن بہ بادشاھہ وٽ حاضر نہ ٿيندس: آءٌ پنھنجي سسي وڍي ٿو ڏيانءِ، سا کڻي وڃ.“ ائين چئي، پارڪر جي هن بھادر راجپوت، تلوار سان پنھنجو سـِـر وڍي کڻي چارڻ کي ڏنو:
ڦڳڻ ماس ورس اَٺانؤ، تـِـٿ تيرَسَ ٻـُـڌوار،
سينڌل سـِـر سماپتيو، پـُـڃ ڌاري پـَـنـَـراج.
چارڻ اُن سـُـورمي جو سـِـر کڻي بادشاھہ کي سونپيو ۽ چوڻ لڳو:
”سينڌل نہ هوي ڀڄڻا، وانڍي گام رو وِير،
جنھن نـِـمايو نيلوُئو، کٽيو کنڊ کڙهير.“
بادشاھہ بھادر راجپوت جو سـِـر ڏسي ارمان ۾ پئجي ويو ۽ پوئين پيرين احمدآباد پھتو.
پنراج جو اولاد، صابو سڻ وارا سينڌل آهن.
ڪاجل شاھہ ۽ بجل شاهه
هيءُ ارب - پتي اوسواڙ، پاري ننگر جا رهاڪو هئا. پاري ننگر جي ناس ٿيڻ تي اچي ڀوڏيسر ۾ رهيا هئا. ڪن ڳالھين ۾ ڀوڏيسر جي سوڍن ۽ اوسواڙن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي هئي، تنھنڪري ڏياريءَ جي رات پنھنجن گهرن ۾ ڏيئا ٻاري گجرات ڏانھن هليا ويا، ۽ ويندي هي لفظ لکي ويا:
”ڪاجل ڏيکسو ڪـُـوپڙي، ويجل واڏڙي.“
(هاڻ ڪجل صرف ڪپڙين (دٻلين) ۾ ئي ڏسندا، ۽ بـِـجل (وڄ) بادلن ۾ ئي چمڪندي ڏسندا.)
پوڻي ڏهـَـرو
ڀوڏيسر ۾ هن وقت جيڪي ڊٺل ڏهرا نظر اچن ٿا، تن ۾ پوڻي ڏهرو ڏسڻ وٽان آهي. ان جي اُُنپن ٿيڻ جي هڪ دلچسپ ڪھاڻي آهي: ڀوڏيسر ۾ جين قوم جي هڪ مائي رهندي هئي، جا هر روز هڪ پوڻي سـُـٽ جي ڪتيندي هئي. ڪيترن سالن کان پوءِ اُن سـُـٽ جي پئسن مان هـُـن اهو ڏهرو ٺھرايو. پوءِ تہ مائيءَ وٽ اڪيچار ڌن اچي پلئه پيو. مائيءَ اهو سمورو ناڻو ڏهري جي مٿئين گنبذ ۾ چـُـڻايو. اوچتو مائيءَ جو مرتيو ٿيو ۽ اُهو ڌن اُن گنبذ ۾ ئي پوريل رهجي ويو.
سوڍن سان ڪن ڳالھين ۾ اڻبڻت هئڻ ڪري، جڏهن جيني لڏي گجرات ڏانھن ويا، تڏهن اُن مائيءَ جا چونپڙا ۽ ٻيو جيڪو سامان هو، سو بہ کڻي ويا. هڪ ڏينھن هڪ واڻئي اُن مائيءَ جو لکيل چونپڙو پئي پڙهيو، تہ ان ۾ لکيل هو: ”ماٿو واڍي، مال ڪاڍي“ - يعني منھنجو مٿو وڍ،پوڻيءَ ڏهري مان مال ڪڍ. پوءِ اهو واڻيو مصنوعي طرح چريو ٿي، ڪي ڏينھن ڀوڏيسر رهندو هو. هڪڙي رات، وجهہ وٺي، گنبذ ڪيرائي، ڌن کڻي، رفوچڪر ٿي ويو. اڄ ڏينھن تائين ڀوڏيسر جي ٻين ڏهرن جا گنبذ سلامت بيٺا آهن، ۽ پوڻي ڏهري جو گنبذ ڪـِـريل نظر اچي ٿو.