سنڌ شناسي

پراڻو پارڪر

ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.

Title Cover of book پراڻو پارڪر

موندري جي سـَـتـِـي ڦول

ننگر پارڪر شھر کان اَٺ ميل اُتر- اُلھنديءَ ڪـُـنڊ تي، موندرو نالي هڪ ڳوٺ آهي، جنھن ۾ هينئر گانگيجيءَ جي پـُـٽ اکيجيءَ جو اولاد، اکا سوڍا رهن ٿا. هن وقت انھن جي اولاد مان کيتوجي، سندس وڏو پٽ آلجي ۽ ننڍو پٽ هريسنگهه، تمام سٺا ۽ سچا سردار رهن ٿا. هيءَ ڳالھہ جنھن وقت جي آهي، تنھن وقت راجپوت جهوني موندري ۾ رهندا هئا، جو هاڻوڪي موندري کان اڌ ميل اورتي آهي، تنھن وقت موندري ۾ رووجي نالي مھاتيجوان راجپوت ٿي گذريو آهي. رويجيءَ پنھنجي شادي ڳوٺ ويجهيار تعلقي ڇاڇري ۾، جو چيلھار کان سورهن ميل ڏکڻ - اوڀر تي آهي، ڪلياڻ ڏوهٽ جي ڌيءُ ڦول ٻائي سان ڪئي هئي. ڦول ٻائي هڪ نيڪ، سندر ۽ پتي ورتا ناري هئي. اوڻ (جو ننگر پارڪر کان ڇھہ ميل اُتر - اولھہ تي ۽ موندري کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي) جو مووڙ چارڻ، رويجيءَ جو تمام گـَـهرو دوست هو. صبح باک ڪڍڻ کان اڳ ۾ هو رويجيءَ جي اوتاري ۾ روزانو رهاڻ ڪرڻ ويندو هو، اهو هميشہ جو دستور هوس. ٻيئي ڄڻا گڏجي چانھہ ۽ آفيم پيئندا هئا. هڪ ڏينھن ڦول جي هٿ ۾ سور هئڻ ڪري رووجي هڪ ول ڪٽي رهيو هو، مٿان سج چڙهي آيو، پر رووجي ٻاهر اوتاري ۾ نہ نڪتو. اها ڳالھہ مووڙ کي نہ آئڙي، تنھن هڪدم واڪو ڪري چيو تہ: ”رووجي ڪھڙي ڀٽياڻي راجپوتن سان پرڻيو آهي، جا سڀاڻي رويجيءَ جي مرڻ بعد سـَـتي ٿي ڏاگهہ چڙهندي! جنھن جي محبت وچان اوتاري ۾ اچڻ جي بہ فرصت نٿي مليس.“ گهر ۾ ويٺل ستي ڦول، ٻارٽ جا اهي اهکا الفاظ ٻڌي ورتا، تنھن اندر ۾ اهو پڪو پرڻ ڪيو تہ: ”رووجي جيڪڏهن ڪنھن لڙائيءَ ۾ ماراڻو تہ مان سـَـتي ٿي ڏاگهہ ضرور چڙهنديس.“
تنھن وقت ننگر پارڪر ۾ پرمارونس راڻو ڪانءُ راڄ ڪندو هو. راڻي ڪانءُ جو ننگر پارڪر جي لھاڻن سان ڪنھن ڳالھہ تان تڪرار ٿي پيو، تنھنڪري انھن پرڻ ڪيو تہ ننگر پارڪر جو پاڻي پيئڻ حرام آهي، ۽ پنھنجا ٻار ۽ ملڪيت وٺي، واگڙ طرف روانا ٿيا. تنھن وقت رووجي ڪڇ طرف ويل هو. رويجيءَ کي اهي لھاڻا، ڳوٺ سوراچند کان ٻارهن ميل پري، ڪڇ جي رڻ ۾ سامھون مليا. لھاڻن کي ائين لڏي ويندو ڏسي، رويجيءَ کي رحم آيو ۽ لھاڻن کي پرچائي، راڻن سان سندن رضانامي جي ساک ڏيئي، پنھنجي ڳوٺ موندري ۾ وٺي آيو. راڻي ڪانءُ کي ڪنھن دشمن اچي ڪـَـن ڀريا تہ رووجي اوهان جي خلاف آهي. اَڄاڻ راڻو بغير سوچ ۽ سمجهہ جي، ڪولھين جو وڏو لشڪر وٺي موندري روانو ٿيو. اُن وقت رووجي پنھنجن چھن - ستن ماڻھن سان سندس کوٽايل کوھہ تي سنان ڪرڻ ويو هو. راڻو ڪانءُ ۽ ان جو لشڪر اتي کيس سامھون ٿيا. رويجي راڻي کي سنڀري آيل ڏسي چيو تہ: ”اوهان جي مرضي لڙڻ جي هجي تہ مون کي سنڀرڻ ڏيو: آءٌ پنھنجي پناھہ هيٺ آيل لھاڻا اوهان جي سپرد ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهيان.“ ايتري ۾ هڪ ڪولھيءَ بندوق جي گولي هلائي، جا وڃي رويجيءَ کي ڇاتيءَ ۾ لڳي ۽ پنجاھہ سالن جو هي سوروير راجپوت زمين تي ڪِـري پيو. رويجيءَ جي دوستن انھن سان لڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ سوٽهر مارجي ويو. پوءِ راڻي ڪانءُ جهڳڙي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. رويجيءَ جي مرڻ ڪري راڻي ڪانءُ کي تمام ڏک ٿيو.
جڏهن ستي ڦول کي اها خبر پيئي، تڏهن هڪدم اوڙاھہ اگنيءَ جو تيار ڪرايائين ۽ پنھنجي پتيءَ جو لاش گود ۾ وٺي، ڀيانڪ اگنيءَ ۾ پروريش ڪيائين. مووڙ چارڻ کي خبر پيئي، تڏهن هو ڊوڙندو آيو. پاڻ اڻپڙهيل هو، تنھنڪري ويڪاسر جي ڪرشن چارڻ کي ماڻھو موڪليائين، جنھن اچي ڇند چيو. مووڙ ان وقت ستي ڦول کي ڌرم - ڀيڻ ڪري، اهو ڇند مڏ جي صورت ۾ ڏنو. موندري جي هن ستي راجپوتڻ، اگنيءَ ۾ بيھي صرف ايترو چيو تہ ”مان سوڍن جي پڇاڙي ڏسان ٿي!“ اهو بلڪل سچ نڪتو. اڄ هن ستيءَ جا ڇند ساري پارڪر ۾ ڳايا وڃن ٿا. اُهو کوھہ اڃا بہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پاسي ۾ ان فوت ٿيل سوٽهر جو مساڻ آهي، جتي رووجيءَ ۽ ستي ڦول جا پٿر لڳل آهن. انھن تي هنديءَ ۾ اکر لکيل آهن: ”وڪرم سنبت 1868، مھينو چيٽ، تاريخ 15.“ اڄ بہ ان خاندان جا پويان مٿينءَ تاريخ تي وڃي پوڄاپاٺ ڪندا آهن. ستي ڦول جي پريم ۽ ويرتا ڀري ڪھاڻي، ڪوي اِجهو هيئن ڳائيندا آهن:
ارڪ جانکو ڪيئن اُوگيو، ڪيئن جانکو ڪـِـرڻال،
مرد گجاوت موندري، پڙ پڙيو ڀوُپال.


(اڄ ڪھڙو نہ نڀاڳو ڏينھن آهي، جو سج ۽ چنڊ پڻ جانکا (جهـَـڪا) اُڀريا آهن، انھن ۾ ڪو شعاع ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ڇو تہ هي موندري جو، گج (شينھن) کي ڪيرائڻ وارو مرد مجاهد ميدان جنگ ۾ سمھي رهيو آهي. اڄ سج ۽ چنڊ ۾ تيج ان ڪري نہ آهي، جو موندري جا ٻہ روشن تارا وسامڻ وارا آهن.)
آوَ ڪانٽي ڏل اوهسڙيا، ڀوم ڌڙڪ سرپار،
روسي وچن ڪھيا روي، پاڙيا سو پرمار،


(لڙائيءَ ۾ اهڙيءَ طرح سوروير گرجڻ لڳا جو ڌرتي بہ ڌڙڪڻ لڳي ۽ جيڪي وچن رويءَ چيا،سي برابر پاڙيائين.)
ڀٽياڻي آگم باکيو، جلني اُما جيم،
ڪوپ وچن ڪلياڻ ري، نشچيہ ليڌا نيم.

(هن ڪلياڻ جي ڪنيا ڦول ٻائيءَ جيڪي چارڻ کي وچن چيا، سي ان ڏينھن کان نيم رکي، سچا ڪيائين.)
شام سڌارڻ مھاستي، جگت ڀلي ڪئي جوڙ،
ارڌنگا ڦولان اُجـِـلي، ڪھي تيترس ڪروڙ.

(پنھنجي پتيءَ کي سڌارڻ واري مھاستي، ڦولان جي، ڌڻي تعاليٰ بھترين جوڙ بڻائي هئي. ٽيٽيھہ ڪروڙ ديوتا ائين چون لڳا تہ ”ڦولان“ رويجيءَ جي ارڌانگني، موندري جو ملھائتو موتي هئي.)