ڀوڏيسر جو تلاءُ
هيءُ تلاءُ ڀوڏي پرمار عيسوي چھين صديءَ ۾ ٺھرايو هو. ڀوڏي جو پورو نالو ”ڀدريشر“ هو، جنھنڪري ڀوڏيسر جو اصل نالو ”ڀدريشر ننگري“ آهي. هن تلاءُ جي ويڪر ٻہ سؤ فوٽ ۽ ڊيگهہ اُن کان ٻيڻي آهي. اڳي ان جي ڪناري تي هڪ پپر تمام ڊگهو ۽ ويڪرو بيٺل هو، جنھن هيٺ هڪ هزار ڍڳيون سولائيءَ سان ويھي سگهنديون هيون. هينئر اهو پپر پورجي ويو آهي. اُتي جي قديمي رهاڪن جو چوڻ آهي تہ سؤ کن سال اڳ تائين هن پپر جو ڪجهہ حصو ڏسڻ ۾ ايندو هو. چون ٿا تہ تلاءُ جو سڄو ترو ٽامي جو هو ۽ ان کي ”ڀوُتن جو تلاءُ“ ڪري ڪوٺيندا هئا. ان بابت عجيب غريب ڏند ڪٿائون مشھور آهن. تلاءُ جي ڪناري تي ڇھہ - ست پپر بيٺل آهن، جي اُنھن راجپوتن جي يادگيريءَ جا آهن، جي لڙائيءَ ۾ ”جهونجهار“ ٿيا آهن. پٿرن تي بھادر راجپوت، گهوڙن تي سوار ٿيل آهن، ۽ هٿن ۾ تلوارون ۽ ڀالا اٿن. هيٺان گجراتيءَ ۾ ڪجهہ اکر لکيل آهن، پر پڙهڻ ۾ نٿا اچن، رڳو ”ڪلجي“ جو نالو ظاهر بيٺو آهي، جو تروٽ واريءَ لڙائيءَ ۾ انگريزن سان لڙيو هو. تلاءُ جي ٿورو هيٺ تمام جهوني زماني جو هڪڙو ننڍڙو شـَـِـو جو مندر ٺھيل نظر اچي ٿو ۽ اُن جي پاسي ۾ مسجد شريف آهي. ڏاکڻي پاسي جينين جا چار ڏهرا اڃا تائين سلامت بيٺا آهن. هيءُ تلاءُ برسات جي موسم ۾ ڀرجي تار ٿي ويندو آهي، تڏهن ٻارهن مھينا پاڻي هلندو آهي. سلطان محمود غزنوي ٻہ ڏينھن هن تلاءُ وٽ ٽڪيل رهيو ۽ محمود شاھہ بيگڙي ۽ سوڍن جي وچ ۾ جنگ هن تلاءُ وٽ لڳي هئي. هن تلاءُ کي ”ڀوتن جو تلاءُ“ چوڻ ڪري، گهڻا ماڻھو هتان رات جو ڪونہ لنگهندا هئا.
ڀوڏيسر جي تلاءَ ۾ هوٿل پريءَ جو آستان
پارڪر واري ڀاڱي تان جڏهن سمنڊ سڪي ويو، تڏهن پھرين اُتي سڃ ئي سڃ لڳي پيئي هئي ۽ سڄيءَ زمين تي وڻڪار ايتريقدر هئي جو ماڻھو هٿ ۾ هٿ ڏيئي، هڪٻئي کي ڏسي نہ سگهندا هئا. چون ٿا تہ اُن وقت ڪارونجهر ۾ پريون رهنديون هيون. مشھور ”هوٿل“ پري، جنھن پرت جو پيچ اوڍي ڄام سان پاتو، تنھن جو آستان بہ ڪارونجهر جبل ۾ هو. ڪي چون ٿا تہ ڀوڏيسر جو تلاءُ ديون کوٽيو هو. اِهو تلاءُ تمام وڏو هو ۽ ان جي ڪناري تي هڪڙو وڏو پپر بيٺل هو: پريون ان پپر تي ويھي راند ڪنديون هيون ۽ سـَـنان ڪنديون هيون. برٽن صاحب لکي ٿو تہ: هوٿل پدمڻي، اوڍي سان گڏجي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪارونجهر جبل ۾ ڪي سال گذاريا ۽ ”جيسل“ ۽ ”جکري“ جو جنم بہ اُتي ٿيو. جيئن تہ هوٿل پدمڻيءَ جو واسطو ڪارونجهر سان آهي، تنھنڪري دلچسپيءَ خاطر ان جي مختصر آکاڻي هيٺ ڏجي ٿي.
هوٿل پريءَ جي آکاڻي
اوڍو ڄام، سما خاندان جو هڪ فرد هو. سمن تڏهن اڃا اسلام نہ قبوليو هو. اوڍي ڄام جا مائٽ مور ۽ منائي، سنڌ جا رهاڪو هئا ۽ پوءِ سنڌ مان ڀڄي اچي ڪڇ ۾ رهيا. اتي بہ انھن ظلم ٻاري ڏنو، تنھنڪري انھن جو نالو ئي ”ڪيھر“ پئجي ويو. منائيءَ جي ٽينءَ پيڙهيءَ ۾ هوٿي ڪيھر پيدا ٿيو، جنھن جو ٻيو ڀاءُ اوڍو ڄام هو. سندس بھادريءَ جا ڪارناما ڪيراڪوٽ جي ٻچي ٻچي کي ياد هئا.
هڪڙي ڀيري، اٺن مھينن تائين ٻاهر رهڻ کان پوءِ، بھادر ۽ نيڪ سيرت اوڍو گهر اچي رهيو هو، جنھنڪري هوٿيءَ جي محل ۾ بيحد آنند ڇانيل هو ۽ ان کي خوب سينگاريو ويو هو. اوڍي جي سواري، ڄام هوٿيءَ جي راڻيءَ ”ميلڻڏيءَ“ جي ماڙيءَ هيٺان لنگهي، سڌي راڄ - محل ڏانھن هلي ويئي. ان وقت ميلڻڏي پنھنجا سھڻا ڊگها وار ماڙيءَ جي دريءَ وٽ سڪائي رهي هئي. پنھنجي ڏير اوڍي جي مرداني سونھن ڏسي، هوءَ سندس عشق ۾ گرفتار ٿي ويئي. بيقراريءَ وچان سڄي رات کيس ننڊ ڪانہ آئي. صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ئي ، داسيءَ هٿان اوڍي کي پنھنجيءَ ماڙي ۾ اچڻ جي نينڍ موڪليائين. اوڍو، پنھنجي ڀاڀيءَ جو حڪم اکين تي رکي، هڪدم اچي رنگ محل ۾ حاضر ٿيو. راڻيءَ کي سـِـيس نوائي، چيائين: ”ماتاجي، پرڻام!“ ميلڻڏي ”ماتا“ جو لفظ ٻڌي خفي ٿي ۽ پوءِ ڏاڍيءَ خوشامد سان اوڍي کي چيائين:
”اوڍا نہ ويھہ اونپري، هي پلنگ پيو،
آڌي رات اُٺ تان، اوڍو ياد ڪيو.“
اوڍي ڀاڀيءَ جي بدليل اکين کي صحيح ڪري ورتو ۽ جواب ڏنائين:
”هيءُ پلنگ هوٿيءَ جو، هو منھنجو ڀاءُ،
تنھن جي تون گهر واري ٿئين اسان جي ماءُ.“
پر ميلڻڏيءَ جي من ۾ اوڍي جي موھہ اهڙو مچ مچايو هو جو بي حجابيءَ سان پنھنجي عشق جو اظهار ڪرڻ لڳي:
”چوڏهن ورس ۽ چار، اوڍا، اسان کي ٿيا،
نظر کڻي نھار، هـِـنئون نہ رهي هيڪلو.“
پر اوڍو سچو راجپوت هو، سو پنھنجيءَ ويرتا ۽ سيرت کان هڪ انچ بہ نہ سـِـريو ۽ چوڻ لڳو تہ ”ڀاءُ جي استري ماتا سمان آهي“ . راڻي غصي ۾ اچي چوڻ لڳي تہ: ”هينئر ئي منھنجي منٿ مڃ، نہ تہ سڀاڻي هن سر زمين لاءِ سڪندين!“ اوڍو چوڻ لڳو تہ: ”پرواھہ ناهي. اهڙي ڀاري ڪلنڪ لاءِ پنھنجي جنم ڀومي، ڪيراڪوٽ کي ڇڏڻو پيم تہ مون کي سؤ دفعا سويڪار آهي.“
ٻئي ڏينھن، جيئن ڄام هوٿي محل ۾ گهڙيو تہ اُجالي بدران انڌارو ڏٺائين. راڻي هڪ انڌاري آسري ۾ وار کولي، ڪارا ڪپڙا ڪري، ليٽي پيئي هئي. اهو منظر ڏسي، هوٿيءَ جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. راڻيءَ کان پڇيائين تہ: ”اڄ رنگ محل ۾ اونداهي ڇو آهي؟ تنھنجا سورهن سينگار ڪيڏانھن ويا؟“ راڻيءَ، مڪر ڪري، هڪ اونھي آه ڀري ۽ اوڍي جي خلاف هوٿيءَ جا ڪـَـن ڀريا. هوٿي، استريءَ وس ٿي، ڪوڙيءَ ڳالھہ کي سچي سمجهي، اوڍي کي حڪم ڪيو تہ: ”چئن پھرن اندر ڪيراڪوٽ ڇڏي وڃ!“ اوڍي ڀاءُ جو حڪم قبول ڪيو.
ميا ڀري مال، اوڍي اُچارا ڪيا،
کيرا تو جـُـهار، ڪيھر هليو ڪڇ ڏي.
اوڍو ڄام، گهوڙي تي چڙهي، پنھنجيءَ جنم ڀوميءَ کي هميشہ لاءِ تياڳي، گجرات ڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. گام جي گوندر وٽ، پنھنجي پياري وطن کي الوداع ڪندي، ڪيراٽ جي ڏونگر کي چوڻ لڳو:
”کيرا تو جـُـهار، سؤ سؤ سلام سنڀري،
تو نوَ لکو هار، اوڍي ويل نہ وسارج.“
ائين چئي، گهوڙي جي مھاڙ گجرات ڏانھن ڪيائين، جتي سندس ماساتي ڀاءُ، ويسلڏي واگهيلو، پاٽڻ ۾ راڄ ڪندو هو.
ويسلڏي واگهيلي پنھنجي ڀاءُ اوڍي جو سٺو آدرستڪار ڪيو ۽ گذريل ڏک آهستي آهستي اوڍي جي اندر مان الوداع ڪرڻ لڳا. هڪڙي ڏينھن، اوچتو، واگهيلي کي جهونو ويري تـَـن تي تري آيو ۽ اونھي آه ڀري، اوڍي کي چوڻ لڳو:
”کاوان ويٺو کيڻ، ويسلڏي نسـِـاسو ڀريو،
وڏو مٿي ويڻ، ٽـِڪو ٻانڀڻيا تڻيو.“
(اي اوڍا ڄام، ٻانڀڻيا بادشاھہ جو ڪٺڻ ڪلنڪ ۽ ڀاري مھڻو منھنجي مٿي تي آهي. جيستائين ننگر سموئيءَ جون ست - ويھون سانڍيون سـِـرڪائي نٿو اچان، تيستائين ڌان بدران ڌُوڙ ٿو کان.)
ان وقت سنڌ ۾ ننگر سموئيءَ تي ڄام ٻانڀڻيو بن خيرالدين حڪومت ڪندو هو. اوڍو نھايت نرمائيءَ سان واگهيلي کي وينتي ڪرڻ لڳو تہ: ”پارڪر جا پوٺا مون پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيا آهن، مون کي ٿورا ماڻھو ڏيو تہ هڪ پلڪ ۾ ٻانڀڻيي جون سانڍيون سـِـرڪائي، پاٽڻ کان بہ پري ڪريان!“ پوءِ اوڍي ڄام، ساٿ کي سنڀرائي، گهوڙن جي مـُـنھن جي مھاڙ سموئيءَ جي سيم ڏانھن ڪئي.
ٻئي طرف، سگال نگامرو نالي هڪڙو ڪڇ جو راجپوت هو، تنھن کي ٻہ پٽ هئا ۽ هڪڙي ڌيءُ جنھن جو نالو هو ”هوٿل“ . هوٿل هڪ پريءَ جو اوتار هئي، پر ڪنھن سراپ سان انساني جنم ورتو هئائين. سگال نگامرو جڏهن مرڻ نزديڪ ٿيو، تڏهن اولاد کي چوڻ لڳو تہ: ”منھنجو جنم سجايو نہ ويندو، ڇاڪاڻ تہ منھنجو دشمن، ننگر سموئيءَ جو بادشاهه، ٻانڀڻيو، هميشہ مون سان لڙندو رهندو هو- اوهان مان ڪو بہ مون کي وچن ڏئي تہ هو ٻانڀڻيي بادشاھہ کي شڪست ڏيندو، تہ منھنجو ساھہ سولو نڪري!“ ٻانڀڻيي سان لڙائي ڪرڻ جي ڪنھن کي بہ همت نہ ٿي، تڏهن هوٿل وچن ڏنو تہ مان اُن بادشاھہ کي شڪست ڏينديس. ائين چئي، مردانو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي، سنڌ طرف رواني ٿي. پنھنجو مردانو نالو رکيائين- ”ايڪلمل“ .
هوڏانھن، اوڍي ڄام اڃا ڪوھہ پنڌ مس ڪيو هو تہ هڪڙي حسين نوجوان کي ايندي ڏٺائين: لوڏ لاکيڻي، خصلت خانداني، شاهاڻو وڳو زيب تن، سندس سمورا ساٿي هٿيارن سان لـَـيس- ڄڻ تہ ڪو شھزادو لڙائيءَ تي نڪتو هو. اوڍي ڄام هن کان اڳ اهڙو جوشيلو جوان ڪڏهن بہ نہ ڏٺو هو، سو اڳتي وڌي کانئس پڇيائين تہ: ”اي اِندر جا اوتار، تون ڪير آهين ۽ هن خوفناڪ جهنگ ۾ ڪيڏانھن وڃي رهيو آهين؟“ نوجوان جواب ڏنو تہ ”آءٌ پنھنجي پـِـتا جي وچن پاڙڻ لاءِ ٻانڀڻيي جون ست - ويھون سانڍيون سـِـرڪائڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“ پوءِ تہ ٻنھي جي خوشيءَ جي حد نہ رهي، ڇاڪاڻ تہ ٻيئي ڄڻا ساڳئي ماڳ وڃڻ وارا هئا.
گهڻن ٿورن ڏينھن بعد، ٻنھي جو ڪٽڪ اچي ننگر سموئيءَ جي نزديڪ پھتو. ٻنھي جوانن پنھنجو پنھنجو عهد پورو ڪيو ۽ ٻانڀڻيي جون ست- ويھون سانڍيون چورائي، گڏجي، سلامتيءَ سان ساڳئي رستي کا ن موٽي آيا. وچ واٽ تي ٻنھي وِيرن جي موڪلاڻيءَ جي مھل آئي، تڏهن سندن اکين مان آنسو اوهيڙا ڪري وهڻ لڳا. آخر ٻئي جاني جدا ٿيا. پر اوڍي جي اندر ۾ هن حسين نوجوان جي صحبت اهڙو تہ اونھو گهاءُ ڪيو هو، جو پنھنجن ماڻھن کان منھن موڙي، چوڻ لڳو:
”ججها ڏج جـُـهار، ويسلڏي واگهيلي کي،
جت جوان اُڀيار، اُت اوڍو اوٿليو.“
ائين چئي، پرينءَ جا پير نھاري، پوئتي موٽيو. ڳـُـجهي لباس ۾ لڪل اهو نوجوان ڪير هو؟... اِها هوٿل پدمڻي پاڻ هئي! واٽ تي، چکاسـَـر تلاءَ جو نرمل نـِـير نھاري، پنھنجي ساٿ کان پري نڪري، اڪيلائيءَ ۾ هوٿل پري پنھنجو مرداڻو ويس لاهي وهنجڻ لڳي، تہ ايتري ۾ اوڍو بہ چکاسر جي پار تي چڙهي، اچي ڏسي تہ مار، هي تہ ڪو سچو پچو محبوب آهي!
چڙهـُـي چکاسـَـر پار، اوڍو هوٿل آهوڙي،
وڇائي ويٺي وار، پاڻيءَ مٿي پدمڻي.
هوٿل پنھنجيءَ سينڌ جا وار کولي، واسينگ جيان وڇائي ڇڏيا هئا، جي چکاسر جي شفاف پاڻيءَ جي زينت دوبالا ڪري رهيا هئا:
چڙهي چکاسر پار، هوٿل نھارئي هيڪلـِـي،
سينڌ اُکيلا وار، تـَـري ۽ تـُـڙڳون ڏي.
اوچتو ئي، هوٿل پنھنجي نگاھہ پٺتي ڪئي، تہ اک وڃي اوڍي تي پيس. هن پرديسڻ پريءَ، اوپري آدميءَ کي ڏسي، پنھنجن سھڻن ۽ ڊگهن وارن سان پنھنجي سندر سرير کي لڪايو، ۽ چوڻ لڳي.
”اوڍو اُت اُڀيج، ريکڙ يارا ڄام،
نہ ايڪلمل آنءُ، هوٿل منھنجو نام.“
هوٿل هڪل ڪري چيو تہ ”اي اوڍا ڄام، جنھن کي تو ”ايڪلمل“ سمجهيو ٿي، سو ايڪلمل ڪونھي. آءٌ تہ مرد جي لڪل لباس ۾ هڪڙي حور آهيان! تون تلاءَ جي پار کان پري بيھہ تہ مان پنھنجي سرير کي سينگاري وٺان.“
”هيءَ هوٿل پدمڻي آهي!“ اهو ڄاڻي، اوڍو اندر ئي اندر ۾ گد گد ٿيڻ لڳو. پدمڻي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري، پنھنجي سرير تي سورهن سينگار سجي، اوڍي جي اڳيان اچي بيٺي ۽ اوڍي کي ڪنڙا ڏونگر ڏانھن هلڻ جو اشارو ڪيائين. ڪي چون ٿا تہ ڪنڙو، ڪاٺياواڙ ۾ آهي، ڪي ڪارونجهر کي ”ڪنڙو“ چوندا آهن. پوءِ هوٿل ڪنڙي ڏونگر ۾، اوڍي کان انجام وٺي چوڻ لڳي تہ ”اي اوڍا ڄام،جيڪڏهن سنسار کي اها سـُـڌ پيئي تہ اوڍي جي گهر هوٿل پري آهي، تہ پنھنجي پريم ۾ زبردست انقلاب اچي ويندو! ان ڏينھن کان وٺي اسين هميشہ لاءِ جدا ٿي وينداسين.“ اوڍي اهو انجام ڪيو تہ هو ڪنھن تي بہ اها حقيقت ظاهر نہ ڪندو: ”اي نگامري جي نيلڻي، اوڍي جو مرڻ يا جيئڻ هاڻ هوٿل جي هٿ ۾ آهي.“
”چاهي مار جيار، مرڻ چڱو محب سان،
جيوَ جيوارڻھار، نيڻان تنھنجو نگامري.“
پوءِ رواج موجب، چؤنريءَ جا چار ڦيرا ورتائون، ۽ ان طرح ٻنھي ڄڻن هڪٻئي کي پاڻ اَرپي، رڻ ۾ شادي رچائي:
رڻ ۾ ڪريو مانڏرو، وڇائي ڏاڙهون ڊاک،
اوڍو هوٿل پرڻيا، سورج ڀرجانءِ ساک.
-----
چؤنريءَ آنٽا چار، اوڍي هوٿل سان ڏنا،
نِگامري ايڪ نار، ٻيو ڪيھر جو راڄيو.
ڪنڙي جي ڪـُـنڊ ۾ اوڍي ۽ هوٿل سنسار جي سک جا ڏھہ سال ڏاڍيءَ سڪ ۽ پريم سان پورا ڪيا. انھيءَ وچ ۾ هوٿل جي گود ٻن هيرن ”جيسل“ ۽ ”جکري“ سان چمڪي رهي هئي.
وسڪاري جي موسم هئي. اُڀ سڄوئي ڪارن ڪڪرن سان ڍڪجي ويو هو. اُتر جي ٿڌي ۽ وڻندڙ هوا، هر هر هوٿل جي ڪارن ۽ ڊگهن وارن کي وکيري، اوڍي جي ڳلن تي هلڪيون ٿڦڪيون ٿي هنيون. سارنگ جي هيءَ سونھن سوڀيا ڏسي، پکي پکڻ مڌر سر اَلاپي رهيا هئا. هيءَ سندر فضا اوڍي جو اندر سھي نہ سگهيو، ۽ گرم آنسوئڙا سندس اکين ۾ ڀرجي آيا:
اُتر سيڙهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا،
هينئڙو تڙڦي مـَـڇ جان، ساجن سنڀريا.
اوڍي کي اوچتو پنھنجا ڀاءُ برادر، دوست ۽ راڄڌاني چت چڙهي آئي ۽ هاريل هـِـنئين سان هوٿل کي اندر جي آنڌ مانڌ کان واقف ڪيائين. پوءِ ٻنھي جي اکين مان ڳوڙها ٽپ - ٽپ ڪري وهڻ لڳا. ايتري ۾ مور اچي ٻولڻ لڳو. هوٿل کي اها ڪمھلي لات ڪانہ وڻي:
”مـَـتَ ٻول، مـَـتَ ٻول، مورلا، لـَـو تو آگهو جا،
ايڪ تو اوڍو آڻھرو، اُوپـَـرَ تنھنجو گهاءُ.
ماريس تو کي مور، سڄڻ جاڃڙاوا ڪري،
آهين چـِـت جو چور، اوڍو تو اُداس ڪيو“ .
هوٿل جا ڪٺڻ ويڻ سڻي، مور پنھنجي سندر ڪنٺ کي اوچو ڪري چوڻ لڳو:
”اسين گڙِ جا مورلا، ڪانڪـَـر پيٽ ڀـَـران،
رُت آئي نہ ٻولان، هينئون ڦاٽ مران.“
(اي پدمڻي، اسان جو ٽڪاڻو آهي ڏونگر، سو پٿر کائي پيٽ ڀرڻو ٿو پوي، ۽ هينئر جڏهن وسڪاري جي رُت آئي آهي، تڏهن جي ماٺ ڪريون تہ هڪدم اسان جو هـِـينئون ڦاٽي پوي!) اِئين چئي، مور ڌيمي سـُـر سان وري ٽـُـهوُڪڻ لڳو. مور جو ان طرح ٻولڻ هوٿل کي وِھہ کان بہ ڪـَـڙو لڳو. سو، پنھنجيءَ نازڪ ٻانھن سان تير ڇڪي، ڪمان تي چاڙهيائين. انھيءَ تي اوڍي هڪدم هوٿل جو هٿ جهلي ورتو ۽ چوڻ لڳو:
”گـَـهلي مَ تانگهلڙي، لانٻا بانڌ مَ ڏور،
گلي گلي گٽڪسي، تون ڪـِـتا اُڏائيس مور!“
(چري، ڪنڙي جي ڪنڊ ۾ مور ٻولي رهيا آهن، تون ڀلا ڪيترن کي ماريندينءَ؟)
”ڪرپا ڪيجي نہ ماريئي، جنھن جا رَتا نيڻ،
تڙ ويٺا ٽهوُڪا ڪري، نـِـتَ سنڀاري سيڻ.“
(اوڍو چوڻ لڳو: اي هوٿل، ويچارن مورن کي ڇو ٿي مارين، انھن جي ڊگهي ڳچي ۽ رَتا نيڻ ڪھڙا نہ ٺاهوڪا ٿا لڳن! اهي تہ سدائين پڪارون ڪري پنھنجن سڄڻن کي سنڀاري رهيا آهن.)
”ريل مچيلا ڏونگرا، چارو لڳي چڪور،
وساريا سنڀاري ڏئي، اي نہ مارجي مور.“
اوڍي کي نھايت ڏکارو ڏسي، هوٿل هيٺيون ويڻ اُچارڻ لڳي:
”ڇـَـپـَـرَ ڀـِـجاڻي ڇـَـڪ هوئا، ٽنٻڪَ ٿي ويا نيڻ،
ڪيم ٿي اُتم گوريان، چڙهي تنھنجي چت سيڻ.“
اوڍو جنھن پٿر تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو، سو بہ ڳوڙهن سان آلو ٿي ويو، تڏهن هوٿل چوڻ لڳي: ”اي اوڍا ڄام، اڄ ڪھڙيءَ ڪامڻيءَ کي ياد ڪري رت روئي رهيو آهين؟“ اوڍي پنھنجو اُداس چهرو مٿي کنيو ۽ چيائين:
”ڪنڙي موتي نـِـپجي، ڪڇ ۾ مـِـلسـِـي مـَـٺ،
هوٿل جھڙي پدمڻي، ڪڇ ۾ نيڻن نہ ڏِٺَ!“
(هوٿل جھڙو هيرو ڪنڙي کان سواءِ ڪٿي بہ پيدا نٿو ٿئي، اتي تہ رڳو مـَـٺ ٿين ٿا: تو جھڙي پدمڻي تہ مون پنھنجي ملڪ ڪـَـڇ ۾ ڪڏهن ڪانہ ڏٺي.)
”کير ٻـُـري ۽ ٻاوَلِي، ڦل ڪنڊا ۽ ڪک،
هوٿل هلو ڪـَـڇڙِي، جت ماڻھو سوايا لک.“
(اي هوٿل، جيتوڻيڪ اُتي ڪنڊا ئي ڪنڊا آهن، گلن ڦلن جو چهچٽو نہ آهي، تڏهن بہ منھنجو ديس آهي، جتي هر ماڻھوءَ جو ٻول سوا لک لھي ٿو.)
پوءِ اوڍو پنھنجي وطن جي ساراھہ هيئن ڪرڻ لڳو:
”ونڪا ڪوُنئر مڪٽ ڀڙ، ونڪا واڇڙيئي وَڇ،
ونڪا ڪوُنئر تو ٿئي، پاڻي پيئي جو ڪـَـڇ.“
(ڪـَـڇ جا ماڻھو بھادر، گهوڙا تکا، ۽ ڍڳا ڀلا ٿين ٿا. تون جيڪڏهن ڪونئر! ڪڇ ڌرتيءَ جو پاڻي پين، تہ هن کان بہ وڌيڪ مھاوير ٿئين، تنھنڪري اي جنم ديوي، منھنجي ڀوميءَ ڏانھن هل.)
”هرڻ آکاڙا نہ ڇڏي، جنم ڀوم نـَران،
هاٿي ڪي ونديا جبل، وسِرسي مـُـوُئان.“
(هرڻ کي پنھنجو اصلي آکاڙو، ماڻھوءَ کي پنھنجي جنم ڀومي، ۽ هاٿيءَ کي ولدڀا جبل مرڻ تائين ڪونہ وسرن. پنھنجو وطن تہ هر ڪنھن کي مٺو آهي.)
”گـِرَ موران، بـَـن ڪونجهران، آنٻا ڏار سوُئان،
سڄڻ ڪـُـوَچن جنم گهر، وِسرسي موُئان.“
(مور کي ڏونگر، ڪونج کي جهنگ، طوطي کي انب جي ٽاري ۽ ماڻھوءَ کي سڄڻ جو ڪڙو ويڻ ۽ پنھنجو جنم گهر، مرڻ کان پوءِ وسرندا.)
هوٿل، اوڍي کي انت اُداس ڏسي، سندس وطن ورڻ قبول ڪيو.
ائين، سھي سنڀري، شام ڌاري اچي ڪيراڪوٽ جي گوندري ۾ پھتا. هوٿل نھايت ڄاڻو ۽ هوشيار استري هئي، تنھن اوڍي کي چيو تہ: ”پھرين تون اڪيلو وڃي پنھنجي ديس جو واءُ سواءُ وٺي اچ تہ راڄ جو ڪاروبار ڪيئن پيو هلي.“ اوڍو، اها ڳالھہ مڃي، اڪيلو ئي رات جي وڳڙي ۾ گهٽين جو گشت ڪرڻ لڳو. ڏٺائين تہ ڪيراڪوٽ ۾ ڪـُـنياءُ جي زبردست لھر ڇانيل آهي. جنھن جنم ڀوميءَ ۾ اڳي اوڍي جو اِسم عام کي چـِـت چڙهيل هو، اُتي هينئر اوڍي جي نالي کي بہ ماڻھو وساري چڪا آهن. اوڍي ساري رات رُلي اهو مامرو سمجهي ورتو، ۽ هوٿل کي اچي چوڻ لڳو تہ ”هي شھر ڇڏي، پاٽڻ ۾، ويسلڏي واگهيلي وٽ هلڻ کپي!“
پاٽڻ ۾ ، ڪجهہ ڏينھن کان هڪڙي ڪيھر شينھن دهشت مچائي ڇڏي هئي. وڏا وڏا پھلوان جوان ان کي شڪار ڪرڻ کان بان ڪري بيٺا هئا. ببر شينھن جي دل ڏاريندڙ گجگار سان، ٻارن ۽ ٻڍن جون دليون دهلجي رهيون هيون. واگهيلو سخت پريشانيءَ ۾ گرفتار هو. پاٽڻ جي پھريدارن جي ٻانھن ۾ اهو ٻل نہ هو، جو هن آفت جو انت آڻي سگهن. شير جي ڊپ کان، ڪنھن کي مجال نہ هئي جو شھر کان ٻاهر پير ڌري! اوچتو گام جي گوندري وٽ، ”جيسل“ جي ڪمان مان نڪتل تـِـير، شير جي چيلھہ کي ڪوري، آرپار لنگهي ويو. آدمخور شينھن، تاڏون ڪندو، رنڀندو، اتي جو اتي ڪـِـري پيو. ساري راڄ ۾ واه - واه ٿي ويئي! ويسلڏي کي خبر پيئي، تہ هڪدم هلي آيو. ڏسي تہ اوڍو ۽ سندس ٻہ پٽ بيٺا آهن! هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين ڀاڪر پائي مليو. پوءِ کين عزت سان محل ۾ وٺي آيو، ۽ اوڍي کان پڇيائين تہ ”جيسل ۽ جکري جا ناناڻا ڪٿي آهن؟“ اوڍي ڪئين جـُـڙتو نالا ورتا، پر ڪچهري چوڻ لڳي تہ ”انھن ماڻھن کي ڌيئن جو اولاد تہ آهي ئي ڪونھ!“ وري جيسل ۽ جکرو، ٻيئي، ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ تلوارون مياڻ مان ڪڍي بيھي رهيا. پنھنجي پيءُ اوڍي کي چيائون: ”اسان جي ماءُ تي ڪھڙو ڪلنڪ آهي، جو ماڻھن وٽ سندس نالو ظاهر نٿا ڪريو؟“ پيءُ پنھنجي پٽن کي ڪيترن ئي حيلن سان سمجهايو تہ هو ضد نہ ڪن، نہ تہ کين پڇتائڻو پوندو، پر ٻنھي مان ڪو هڪڙو بہ پنھنجيءَ ڳالھہ تان ڪونہ مـُـڙيو. اوڍي جي اکين آڏو ڪاري رات ڇانئجي ويئي، ۽ پنھنجيءَ پياريءَ هوٿل جي ڏنل انجام کي ياد ڪري، اندر ۾ روئڻ لڳو. سـُـجهي آيس تہ هاڻ هوٿل اِجها ٿي هٿن مان وڃيم. پر ڪري بہ ڇا“ ويچاري سان گدري ۽ ڪاتيءَ واري ڪار هئي. آخرڪار، پنھنجي ڇاتيءَ تي پٿر رکي، چوڻ لڳو: تہ ”هوٿل پري!“ اهو نالو ٻڌي، ساريءَ ڪچهريءَ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو: ”اوڍي جي گهر، هوٿل!“
هوٿل کي ان وقت ئي خبر پئجي ويئي، سا پنھنجي قرب جي ڪھاڻي لکي، انھيءَ دم ۾ ڪنڙي ڏونگر ڏانھن رواني ٿي ويئي:
چٺيون لکيون چار، هوٿل جي هٿڙي،
اوڍا وانچي نھار، اسان اچڻ ايترو.
آون پکي اُڏايان، نہ سگهڙ نہ پار،
هوٿل هلي ڀونئري، اوڍا تو جـُـهار.
اوڍو ۽ هوٿل هميشہ لاءِ هڪٻئي جي جدائيءَ ۾ جهرندا رهيا. اونداهيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ سنجوڳ جو سورج ڪڏهن بہ ڪونہ اُڀريو.
سامھين ڌار ڏيوا ٻري، بجلي چمڪ ڀران.
اوڍا اڄ آڻھرو، هوٿل ناھہ گهران.