سنڌ شناسي

پراڻو پارڪر

ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.

Title Cover of book پراڻو پارڪر

ننگر پارڪر ۾ رهندڙ قومون

ننگر پارڪر ۾ هندو بہ رهن ٿا ۽ مسلمان بھ. 1947ع جي لڏ پلاڻ ۾ ننگر پارڪر، ويرا واهه، شولو، ڪاسبي ۽ آڌيگام مان ڪي لوهاڻا ڀارت هليا ويا آهن.
مسلمانن جون هيٺيون ذاتيون رهن ٿيون:
سيد - هيءُ ورڻھاريو ۽ قابل شاھہ ۾ رهن ٿا. کوسا- ننگر پارڪر، سامي ويري ۽ ڪٻڙي ۾ رهن ٿا. سما- ڊاڀي ۾ رهن ٿا. چانڊيا- موندرو، ٻورلي چانڊيا، هستڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ رهن ٿا. ساند - پـِـيلو، پھڻاريو، ساهو ساند، وغيرہ ڳوٺن ۾ رهندڙ آهن. خاصخيلي - ڀالوا، رتنياري وغيرہ ڳوٺن ۾ رهن ٿا. تعلقي ۾ مسلمانن جون ٻيون بہ هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: اُتر، سومرا، کوکر، رند، نھڙي، راهما، شيدي، حجام، ڪنڀار، مڱڻھار، لنگها، مڱريا، لنجا، جوڻيجا، سنگراسي، هاليپوٽا، سميجا، راڄڙ، جيسر، ڀٽي، جنھنجي، ٿيٻا، ديدار، ڏيٿا، اوٺا، چنا، ڪيريا، ڏوهٽ، ڪيلھڻ، گجـُـو وغيرہ.
هندن جون هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: شرمالھه، برهمڻ، راجگر برهمڻ، سارسوت برهمڻ، جين، لوهاڻا، راجپوت، رٻاري، سوٽهڙ، چارڻ، جاٽ، مالھي، سونارا، کٽي، نائي، سامي، لوهار بجير وغيرہ.
اڇوتن جون هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: مينگهواڙ، ڀيل، ڪولھي ۽ ڀنگي.