پارڪر تي سومرن جي حڪومت
سڀني تاريخ نويسن سومرن کي پرمار راجپوت سڏيو آهي، جن سنڌ تي ساڍا ٽي سؤ سال حڪومت ڪئي. اڄ تائين پارڪر ۽ ڍاٽ ۾ جيڪي گيت ڳائجن ٿا، تن ۾ بہ ”سوڍو سومرو“ ڪري ڳايو وڃي ٿو. سومرن جي حاڪمن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي. سومرا سن 1300ع ڌاري مسلمان ٿيا. محمود بيگڙي، ٿر تي ٽي ڪاهون ڪري، سومرن کي مسلمان ڪيو.
(1) سومرو 1051ع کان 1054ع
(2) ڀونگر پھريون 1054ع - 1068ع
(3) دودو پھريون 1068ع -1092ع
(4) سنگهار 1092ع - 1106ع
(5) خفيف 1106ع - 1141ع
(6) عمر پھريون 1141ع - 1180ع
(7) دودو ٻيو 1180ع - 1193ع
(8) پنھون 1193ع - 1226ع
(9) کينھرو پھريون 1226ع -1241ع
(10) محمد طور 1241ع - 1256ع
(11) کينھرو ٻيو 1256ع - 1259ع
(12) طائي 1259ع - 1283ع
(13) چنيسر 1283ع - 1300ع
(14) ڀونگر ٻيو 1300ع - 1312ع
(15) دودو ٽيون 1312ع - 1313ع
(16) چنيسر ٻيو 1313ع - 1332ع
(17) خفيف ٻيو 1332ع - 1355ع
(18)عمر ٻيو 1355ع - 1390ع
(19) ڀونگر ٽيون 1390ع - 1400ع
(20) همير 1400ع - 1439ع
مارئي
”ستي سـَـتَ مـَـتَ ڇوڙيي، ست ڇوڙيي پـَـتَ جاءِ.“
ننگر پارڪر جي نزديڪ، پر ڏھہ ڪوھہ ڏُور، ”ڀالوا“ نالي هڪ ڳوٺڙو ڀڀڪي سان بيٺل نظر ايندو. ڀر ۾ ست ڀـِـٽون، وراڪو ڏيئي، ڳوٺڙي کي گود ۾ ويھاري ويٺيون آهن. ڪنھن کي ڪل ڪانہ هئي تہ هن سکريءَ سـِـيم ۾ ڪا خاصي کستوري کـُـلندي، جا سنڌي خواتين جو ڳاٽ سـَـتَ جي سـُـرهاڻ سان ساريءَ دنيا ۾ اوچو ڪندي! ست جي سرهاڻ سان ٽمٽار، انھيءَ ٿري ڪنوار بنسبت ڪيترن اديبن ۽ عالمن پنھنجا سينا ڦولي پڌرا ڪيا آهن تہ هوءَ ڪير هئي. ڪڏهن ڪنھن قربائتيءَ ڪچھريءَ ۾ ويٺي ڳالھہ چـُـرندي آهي تہ رٻاري چوندا آهن تہ مارئي رٻارڻ هئي. اسان جو ويس وڳو بہ ساڳيو آهي، جو مارئيءَ جو هو. آهي بہ ائين. رٻارڻيون اڃا تائين مٿي تي اوني چـُـني، ۽ اُن جو گهاگهرو پھرينديون آهن. شاديءَ مھل بہ ساڳيو ويس، البت ڪجهہ ڀرت ڀريل هوندو آهي. شاديءَ مھل ڪاريءَ چـُـنيءَ ۽ ڪاري گهاگهري جو ڪارڻ اهو ڏسيندا آهن تہ عمر جڏهن مارئيءَ کي کڻي ويو، تڏهن ماروئڙن مھڻي کان ڪارو ويس ڪيو هو. اڄ ڏينھن تائين رٻارڻيون، مرگهہ نيڻيون، جـُـسي ۾ ڀريل، گوريون ۽ ڦـُـٽريون پيئون لڳنديون آهن. راجپوت توڻي رٻاري ”جـُـهار“ جو لفظ اُچارين. مارئي بہ عمر جي وحشياني قيد ۾ قابو هوندي بہ جھانگيئڙن کي جـُـهار ٿي موڪلي:
ججها ڏج جـُـهار، منھنجا مارو مير کي،
گهڻو اُڪنڊي آهيان، منھنجا پرچن شل پھنوار،
ويڙهيون تڙ ولھار، ڏٺي مون ڏينھن ٿيا.
مارئيءَ کي ڪي وري ڪڇ ڪيراڪوٽ جي ڄام ڦول جي ڌيءُ ۽ لاکي جي ڀيڻ ڪري ٿا ڪوٺين. ڄام ڦول کي پنج راڻيون هيون، جن مان پنج پٽ پيدا ٿيا: ڏولا راءُ جي ڪنيا مان ساند، چاوڙي مان سور، سوڍيءَ مان کينھرو، ڌوڻ مان ڌائو، سونل مان لاکو. سونل راڻي ڪڙ ڌر رٻاري کي جهنگ مان لڌي هئي، تنھن سندس رمڻيڪ روپ ڏسي، اُن کي رٻاري ڄام ڦول سان پرڻايو.
وڪئي ڪڙ ڌر بن ۾، لڌي اِندر پري،
سوغات ساساري، اچي پرڻائي ڦول کي.
اُن لاءِ ملاحظه ٿئي هڪ بيت:
قاضي امرڪوٽ جا، تون توري ڪج تپاس،
مون ناناڻو مـُـرڌر، ڏونگر ڪڇ ڏاڏاس،
ڦول سندي ڌيئڙي، لاکي جي ڀيڻاس،
لکئي ڪارڻ پنھنجي ئي، ڪيو ٻاليڻو پاس،
ويھي پلنگ پاس، لوئي ڪيئن لڄائيان!
ٻي روايت آهي تہ مارئي ڄام ڦول جي رکات، ميراڏيءَ مان پيدا ٿيل آهي. جنھن وقت امرڪوٽ جي ستا، راڻي چاند جي هٿ ۾ هئي، تڏهن لاکي جون روجھڙيون روز بروز چاند جي باغ جون ڪـَـچيون ڪـَـليون کائي وينديون هيون. هڪ ڏينھن اُنھن چورن گرفتار ڪرڻ لاءِ چاند هڪ چمتڪار گهوڙي تي چڙهي پٺيان پيو:
چاند ڪري چاهه، شيوا ڪئي شنڪر جي،
اُتريو عرش مٿاهه، گهڻي مـُـلھہ جو گهوڙو.
روجھڙين کي وڃي ڪيراڪوٽ جي دروازي وٽ دسيائين. پھريدارن چاند کي چوکنڀو ٻڌي، لاکي وٽ حاضر ڪيو. لاکي حڪم ڪيو تہ راڻو ثابت ڪري تہ روجھڙين برابر ڪـَـليون کاڌيون آهن تہ پنھنجيءَ ڀيڻ جو سڱ ڏيندس، نہ تہ راڻو مون کي سڱ ڏئي. راڻي، انھن جو پيٽ چيرائي ڏٺو تہ برابر ڪليون نڪري آيون، جي اڃا هضم ڪين ٿيون هيون. وعدي موجب، لاکي سڱ ڏيڻ قبول ڪيو. راڻو هڪ ئي رات ۾ پالڻي سوٽهر وٽ ڀالوا پھچي ويو ۽ اُن جي رٿ تي چڙهي، وري ساڳيءَ رات ڪيراڪوٽ ويو. لاکي جي روح کي پالڻي جو رٿ وڻي ويو. پالڻي کي جڏهن انھيءَ ڳالھہ جي کڙڪ پئجي ويئي، تڏهن راتو واھہ ڀڄي نڪتو. اوچتو ميراڏي اُن رٿ ۾ وڃي ستي هئي، جا تنھن وقت گرڀوتي هئي. وچ واٽ تي هوءَ سجاڳ ٿي، مگر پالڻو واپس پھچائڻ لاءِ تيار نہ هو- ۽ ائين ميراڏي ڀالوا پھتي.
ڀالوا جو ڪيڏو نہ اُچو ڀاڳ، جڏهن هي هيرو پالڻي جي پڌر ۾ پيدا ٿيو. ڌيري ڌيري مارئيءَ جي ملوڪيت جا ڳـُـڻ اوڙي پاڙي ۽ سيم سيڍيءَ ۾ ڳائجڻ لڳا. سندس نوڪر ڦوڳ، مارئيءَ جي سونھن ڏسي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو. هميشہ اوڇي اک مارئيءَ ۾ کـُـتل هوندي هيس. موٽ ۾ آه ۽ شوڪاري کان سواءِ پلئه ڪي ڪين پوندو هوس ۽ هيءَ سانگين جي سـُـرهاڻ، سـَـرتين سان گڏ، ٺھي ٺـُـڪي، ٺاهوڪي ٿي، مٿي تي ٻيلھڙو کڻي هلندي هئي تہ بدنام بدوُرُسي رک ٿي پوندو هو. سورهن جي وهيءَ ۾ هن پدمڻيءَ کي پالڻيءَ پنھنجي ڀائٽي ”کيتسنگهه“ سان مڱايو. مارئيءَ جي مڱڻي ٿيڻ بعد ڦوڳ جي رهي کهي اُميد تي بہ پاڻي ڦـِـري ويو ۽ ڀالوا کي ڀنڀرڪي ۾ ڦٽو ڪري، لنگهي ويو ڍاٽ ڌڻيءَ وٽ. ڍاٽ ڌڻي، عمر سومرو، امير امرائن کي سھڻيون صلاحون ڏيئي رهيو هو:
پـَـرناريءَ جي پـِـريتڙي، پنج پرڪارن کاءِ،
ڌن هاري جوڀن گهٽي، پنجن ۾ پت جاءِ،
جيئري کاءِ ڪليجو، مـُـئي نرڪ لي جاءِ.
ايتري ۾ ڪنٺي جي ڪـَـرڙي آدميءَ اچي سلام ورايو. ڀريل ڪچھريءَ جون اکيون هن کائـُـڙ جي کـَـريل آدميءَ ۾ کـُـپي ويئون. ويٺلن وَجهہ پيچ تي سڃاتو. اُن اڻڄاڻ انسان، بادشاھہ کي ٻاهر اچڻ جو اشارو ڪيو. ٻين کي نصيحت آميز نقطا ٻڌائيندڙ عمر،هڪ واري پرائيءَ صلاح ۾ اچي ويو. عمر کي عشق جي ڦند ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڦوڳ پنھنجو ڦند ڦهلائڻ لڳو:
ميان تون ملير جي، سڻج خبر چار،
مارئيءَ نالي نيڪ آهه، عورت شھريار،
سرس آھہ سج ڪنان، سھڻين جي سردار،
سھڻي ناهي سنڌ ۾، اهڙي ڪا مختيار،
هلي تون هڪوار، ميان ڏسج مارئي.
جڏهن عمر، مارئي جي حسن جي وارتا ڦوڳ جي واتان ٻڌي، تڏهن انصاف جو گلو ڪپيندڙ عمر، گنگا جي ڪپڙن جي هٻڪار تي غش کائيندڙ عمر، پرائي لـڄ لـُـٽڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو. ترت تکي توڏي تي تيار ٿي، ٻيئي ڄڻا امرڪوٽ جي حد اورانگهي، ڇاڇرو ڇڏي، ننگر جي نزديڪ ٿيا. هڪ الڙ ۽ اڻڄاڻ ڳوٺاڻيءَ نينگريءَ کي ڪھڙي ڪـَـرَ تہ اڄ ساٺيڪن تي نہ وڃان. سرتين سج اُڀرئي کان اڳ ۾ سڏ ڪيو. مارئي بہ ٺھي ٺڪي، چـُـوڙين ۾ لانٻا جھانٻا وجهي، لسي للاٽ تي چـِـندي چھٽائي، ڪنن ۾ پنڙيون پائي، پـُـٺئي جي ڪـَـس کي ڪاٺي هڻي، سينڌ سجائي، سرمون پائي، مـَـٽُ مٿي تي ۽ گهڙو چيلھہ تي رکي، ساهيڙين سان گڏجي اٿي هلي. لاکيڻي لوڏ، ڇا چئجي، قدم قدم تي قربان وڃجي! هر ڪنھن جي هلڻيءَ هنجهہ کي حيران ٿي ڪيو پر مارئيءَ جو مھانڊو مڙيان ئي ملوڪ هو:
”جھڙي صورت سج، تھڙي مورت مارئي.“
کوھہ تہ ڀالوا جي ڀر ۾ هو. سموري ٽولي، ٽلندي ۽ ٽهڪندي، اچي اُتي پھتي. ٻيلھڙا پـَـٽ تي رکي، واري سان پاڻي ڀرڻ لڳيون. اڄ کوھہ تي انھن البيلين کان سواءِ ٻي ڪا بہ پھر حاضر ڪانہ هئي. هي چنچل ڇوريون، پنگهٽ جي پـُـربھار فضا ۾، گهڻيءَ مھل تائين هڪ ٻئي سان کيچلنديون، ڊوڙنديون ۽ ڳائينديون رهيون. اوچتو هڪڙو اوٺي سوار اڳتي وڌي آيو. پنگهٽ وارو گهاٽ، جو ٿورو اڳ ۾ ڦُوليو نٿي سمايو، سو هڪدم سانتيڪو ٿي ويو. سموريون ڪامڻيون يڪايڪ خاموش ٿي ويئون. سوار وک وڌائيندي، کانئن پاڻيءَ جو سوال ڪيو:
ڏسي منھن مارئيءَ جو، عقل ٿيس خطا،
چيائين چوڙيلين کي، سـُـکيون هجو سدا،
اسين مسافر اُڃ ۾، مايون مرون ٿا،
پاڻي پياريو اسان کي، ”ڪريو دير نہ ڪا،
مارئي کڻي گهڙا، آئي اڳيان عمر جي.
مارئي جيئن پاڻي پيئارڻ لڳي، تيئن عمر جي ٻـُـڪ مان سمورو پاڻي هيٺ هارجي ويو، عمر جي آڏي اک مارئيءَ جي مھانڊي ڏانھن هئي. ٿورو اڳڀرو ٿي، جهرڪيءَ کي جهڙپ ڏيئي، شڪاري باز ڍٽ ڏانھن ڍري پيو. ٽلندڙ ٽولي ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. مشڪندڙ مھانڊا، حيرت ۾ هڄي ويا. ڀالوا جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ روڄ راڙو، ”ماروُ! ماروُ!“ ّ جو ماتام مچي ويو.
عمر سومري هن اٻوجهہ ڳوٺاڻيءَ نينگري کي ڇنن مان ڇنائي امر ڪوٽ ۾ اچي، ماڙين ۽ محلا تن ۾ ويھاريو. مارئي پکن ۾ پيدا ٿيل پدمڻي، تنھن کي عمر جا محلات مـُـور نٿي وڻيا. عمر سومري نئين سـَـج نوان کاڄ آڻي ٿي ڏنا، پر مارئي روئندي ۽ رڙندي ٿي رهي. اباڻن ۽ ساهيڙين جي سڪ ۾ سندس منھن اٻاٽجي ويو. سھڻا ۽ ڊگها وار اڻ سينگاريل ئي رهيا. عمر کي عرض ڪرڻ لڳي:
”نہ سانگي نہ وانگي، ڪو جھانگي پـَـسان،
نہ اوٺي نہ ڳوٺي، ڪو ڏيھي ڏسان!
نہ مون موڪلاڻي پرين سان ڪئي،
الائي تہ مون تي ڪا آفت پئي!
ڏسي لال کهنبي، چـِـٽن سان چـُـني،
لوئي ڪيئن لاهيان، ڏاڏاڻن ڏني.
ڪـَـڙي، ڪـُـرِڪَ، ڪٺمال، زيور، زري،
هـَـسي، هار پايان، ڪھڙي نڪ وري.
اُڏر ڪانگڙا، من اباڻا اچن،
ڪڍي قيد مان، من ويچاري وڃن!“
واهڻ جي ڇوڪريءَ کي وطن جي اهڙي سڪ هئي، جو عمر جي زوراور زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندي بھ، ور ور وطن ڏانھن پئي واجهايائين. رات جو ڏکڻ واريءَ دريءَ وٽ بيھي، ڏيھہ جو اوسيئڙو ۽ انتظار ڪندي رهي. کنوڻين جا کيڏ ۽ پڙاوا پسي،سندس چـِـت چُور چُور ٿي ويندو هو. وڏيون ۽ سھڻيون اکيون، جلد ڏرا ڏئي وييون. ڏيھہ جي ڏولائي ۾، سرتين کي ساريندي ۽ ڇيلڙن جي ڇانگ کي ياد ڪندي، ملير ڏي مھاڙ ڪري، عمر کي پيئي آزي نيزاري ڪندي هئي:
”ملڪ ماروُ مير جو، آھہ لکپت لاکاٽ،
جويون جيسلمير جون، آهن ڪـُـل ڪنواٽ،
لويارين ۾ لوڏ گهڻي، وڏي سونھن سماٽ،
ڪنوارين ۾ قوت گهڻي، منگهہ ولوڙين ماٽ،
مٿن کاريون، هٿن ٽاريون، مرگهہ ڏيو موڙاٽ،
چولا چوڙيلن جا، آهن ٽونئر ٽـِـڪـُـن سان ٽاٽ،
پائي ڳچي ڳاٽ، ڪوٽن مرندي مارئي!“
سنڌ جي سر زمين جي هيءَ سدا ملوڪ پدمڻي، عمر جي وحشياڻي ڪاررواين هوندي بھ، سـَـت کان ڪنھن پر ڪانہ سـِـري. آخرڪار مارئيءَ جو ست ڏسي، عمر ڏيل ۾ ڏري ويو ۽ مارئيءَ کي ڀيڻ ڪري، مٿي تي پوتي اوڍائي، ڏائجو ڏيئي، سندس ملڪ پارڪر پھچائي آيو. اُٺ جي اڳئين چوڪ تي چڙهي، مارئيءَ عمر جي انصاف جا ڳـُـڻ ڳايا. لاکيڻي لطيف شاھہ ڀٽائيءَ دنيا کي هن سـَـتيءَ جو پيغام پھچايو:
”جنھن سـَـتيءَ ست نہ ڇڏيو، سا مارئي مـَـرڄائي،
اچي عمرڪوٽ ۾، تنھن لـڄ نہ لڄائي،
پيئي بندياڻي بند ۾، ڪوٺين ڪـُـڄائي،
جا سانگين سيڏائي، سا مـُـور نہ مـُـرڪي ماڙئين.“
مارئيءَ جي ڪـُـنڊي
ڀالوا ۾، ڏيڍ ميل پنڌ تي اڃا بہ اهو کوھہ موجود آهي، جتي مارئي پنھنجي مال کي پاڻي پيئاريندي هئي. هينئر اُهو کوھہ ڏٽجي ويو آهي. اُن کوھہ جو پاڻي تمام کارو هو. عمر ان کوھہ تان مارئيءَ کي کنيو هو. کوھہ جي ڀرسان هڪ ڪـُـنڊي يا ڪونڊي آهي، جنھن ۾ مارئي پنھنجي مال لاءِ پاڻي رکي ڇڏيندي هئي. اُن جا ٽي پاسا اڃا تائين سلامت بيٺا آهن. اُن ڪونڊيءَ جي ويڪر چار فوٽ، ڊيگهہ ڇھہ فوٽ، ۽ اونھائي هڪ فوٽ کن آهي. (مسٽر چنا ان وقت جي ڪليڪٽر، 1946ع ۾ هن ڪـُـنڊيءَ جي مرمت ڪرائي هئي.)