سنڌ شناسي

پراڻو پارڪر

ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.

Title Cover of book پراڻو پارڪر

پارڪر جي رس رهاڻ ۽ قربائتي ڪچھري

اسان جي سنڌ ۾ نوي سيڪڙو آدم ٻھراڙيءَ يا ڳوٺن ۾ رهي ٿو. ”ڳوٺ“ دراصل سنسڪرت جي ”گوشٽ“ لفظ مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ”گوسٿا“ ، جو ڦري ٿيو ”گئو آستان“ ، معنيٰ ڳانيـِـن جي بيھڻ جو هنڌ. ڪنھن گام جي گوندري وٽ بيھي نظر ڊوڙائبي تہ گوريون ڳايون (ڳئون)، مينھون متاريون، ڪـُـنڍيون ۽ ڪاريون، ڀـَـليون ڀٽاريون چئني پاسي چـَـرنديون نظر اينديون. ماڻھو ڪي ميدانن ۾ تہ ڪي ڀـِـٽن جي ڀر ۾، ڪکانئان جهوپڙا اڏي، ساٿين کي سڏي، گوڏو گوڏي سان گڏي، رهاڻين ۾ روح کي ريجهائي پيا زندگيءَ جا ڏکيا سکيا ڏينھن ڪاٽين. ڳوٺن ۾ اڄ بہ ساڳي سادگي ۽ اصليت ملندي، جا ڳوٺاڻن جو ورثو آهي. اِهي ئي ننڍا ڳوٺ ۽ بستيون اسان جي ملڪ جو سچو سرمايو، اسان جي اصليت جو آئينو آهن. ڳوٺڙن جي زندگي هڪ عجيب ۽ پـُـر لطف زندگي آهي. سارو ڏينھن سج جي سخت تپت ۾، پيرين اگهاڙا، هٿن ڪھاڙا، پـُـٺن ساندارا، سـِـيم مھاڙ ڪريو، جهنگ جهاڳيندا وتن- ڪي ڪاٺين لاءِ تہ ڪي سانڍين لاءِ. ڪي وري ساٿين کي سڏ ڪري، سيم جو چپو چپو جاچي، سج لٿي اچي گهرن ڀيڙا ٿين. مانيءَ جا چار چـَـڪ ڀري، اچي ڪچھريءَ ۾ ڪانڀ ڪڍي ويھندا. اوتاري جو مالڪ هوند سارو، حـُـقو ڀري اچي حاضر ٿيندو. ”جھڙو هلامڻ هيرلو، تھڙي سون سـُـجاڻ.“ مکيہ کاڌو ٻاجهريءَ جي ماني ۽ لـَـسي، نہ ڪڻڪ سان قـُـرب، نہ چانورن سان چاهه. البت آفيم جي علت ٺـَـڪرن ۽ برهمڻن ۾ ججهيري ڏسبي، پر واپاري قوم اهڙيءَ علت کان آجي آهي. طبعيت جي تفريح لاءِ شھرين واري ورونھہ صفا ڪانھي. نڪا سئنيما، نڪو ٿئيٽر، نہ وري هنن وٽ هوٽلون آهن، جتي هو ڪوڙ ڪـُـٽين. جيتوڻيڪ جاهليت منجهن جام آهي، تہ بہ ڪچھريءَ جا قابل آهن. هنر پروليءَ جو رواج عام آهي. ڪي ڇند چون، ڪي ڏهيڙا ڏين، تہ ڪي ڳجهارتن ۽ ڳوڙهن ۾ ڳالھائين. مطلب تہ عجيب غريب موضوع ڇيڙي ويھندا آهن. هڪڙو ڄڻو اُٿي ڀريل ڪچھريءَ ۾ سوال وجهندو. سڀ ماٺ ميٺ ۾ سوال ٻـُـڌندا. جنھن کي سوال ايندو، سو جواب ڏيندو، اهڙي سوال - جواب جو نمونو پيش ڪجي ٿو.
سوال: ناري ٻولي نيھہ سان، تون هو چـَـتـُـرَ سـُـڃاڻ،
پنج ”پ“ تي پيارا پـُـرش ني، تنھن جا ڪريو وکاڻ.
(ناري نھايت نرمائيءَ سان چوڻ لڳي تہ اهي پنج شيون ”پ“ جون ٻڌايو، جيڪي پرش کي پياريون هجن.)
جواب: پان، پاگهہ، پدمڻي، پريمل ۽ پوشاڪ:
پنج پيارا پـُـرش کي، ڦـِـر پـُـڇ سڏ پاڳ.
(پان، پٽڪو، پدمڻي، ڪٽنب ۽ پوشاڪ: اهي پنج ئي شيون مرد کي پياريون هونديون آهن.)
سوال: ڌن ڌن تنھنجي ڌيان کي، ڌن ڌن راجڪمار،
پنج ”ڪ“ تي پيارا ڪامڻي، ڦـِـر چئـِـي ڏيکار.
(اي راجڪمارو، جيڪي پنج شيون ڪامڻيءَ کي پسند هجن، اهي ٻڌايو.)
جواب: ڪنڪـُـو، ڪاجل، ڪانگسي، ڪانچرئو ۽ ڪنٿ:
پنج پيارا ڪامڻي، سـُـڻ پـُـرش سـُـچنت.
(ڪنڪـُـو تلڪ لاءِ، ڪجل اک لاءِ، ڪانگسي وارن کي ڏيڻ لاءِ، ڪپڙو اوڍڻ لاءِ ۽ ڪنٿ: اهي پنج شيون استريءَ کي پياريون آهن.)