سنڌ شناسي

پراڻو پارڪر

ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.

Title Cover of book پراڻو پارڪر

تعليم

”علم بنا آدمي، آهي پسونءَ سمان.“ جنھن قوم ۾ علم جي روشني نہ آهي، سا آهستي آهستي صفحهءِ هستي تان نابود ٿي وڃي ٿي. علم جھڙي اکـَـٽ خزاني سان جا قوم مالا مال آهي، سا سدائين آسودي ۽ سـُـکي هوندي. اهو ملڪ خوش قسمت چئبو، جنھن جو هر فرد تعليم جي دولت جو ڌڻي هجي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ ننگر پارڪر تعلقو ئي آهي، جو علم ۾ سڀني کان پـُـٺتي پيل آهي. سڄي تعلقي ۾ پھرين ٽي - چار پرائمري اسڪول هوندا هئا، جتي گجراتي سيکاري ويندي هئي، تنھن کان پوءِ گجراتي بند ڪري، سنڌي شروع ڪئي ويئي. ان کان پوءِ، 1954ع کان اڳ تائين، وڌي ٻارهن اسڪول ٿيا. 1947ع کان اڳ، سڄي تعلقي ۾ هڪڙو ئي مڊل اسڪول هو، سو بہ 1947ع جي لڏ پلاڻ بعد بند ٿي ويو، ۽ انگلش ڪلاس کليو. 1954ع ۾ سنڌ وزارت جي تعليمي اسڪيم هيٺ، ننگر پارڪر تعلقي ۾ زوري تعليم رائج ٿي. هن وقت، لازمي تعليم هيٺ هئڻ ڪري، تعلقي ۾ سؤ کن پرائمري اسڪول آهن. 1956ع ۾ مير محمد بخش خان لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ هو، جنھن ڪوشش وٺي ننگر پارڪر ۾ مڊل اسڪول کولايو. هن وقت بہ صرف ننگر ۾ ئي مڊل اسڪول آهي. ڪجهہ وقت ٻلھاريءَ ۾ انگلش ڪلاس هو، پر هاڻي بند ٿي ويو آهي. اڳي ننگر پارڪر ۾ زنانو پرائمري اسڪول هو، سو بہ هاڻ بند ٿي ويو آهي. لازمي تعليم سبب اسڪولن جو تعداد وڌڻ ڪري، هن وقت ننگر پارڪر تعلقي ۾ اٽڪل ساڍا ٽي هزار ٻار تعليم پرائي رهيا آهن.