سنڌ شناسي

پراڻو پارڪر

ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.

Title Cover of book پراڻو پارڪر

ڀيريئـَـي گاروڙيءَ جو ڪارونجهر جبل ۾ نانگ جي ڳولا ڪرڻ

ٽـِـڪن نہ ٽائيم تي، ويھي ڪيا مون وس،
ماءُ ماريندم، تن گاروڙين جا گس،
چاشنيون ۽ چش، وڻن نہ ويراڳين کي.

گاروڙي بہ ڪاپڙين جو هڪ قسم آهي. ڀيريئـَـي جي وارتا ٿر، مارواڙ ۽ ڪڇ ۾ عام طرح ڏاڍي اُتساھہ ۽ اُمنگ سان ٻـُـڌي ويندي آهي. هن ڳالھہ جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري آهي تہ ٿر جا ماڻھو جڏهن ڀاڙي تي رات جو اُٺن تي چڙهي ويندا آهن، تڏهن اُتي واٽ ۾ ساڄي هٿ پاسي جي ڀيرَو پکي ٻوليندو آهي تہ بـَـد سوڻ سمجهي سڀ اُٺ بيھاري ڇڏيندا آهن، جيستائين اُن پکيءَ جو آواز بند نہ ٿئي. ڪو سگهڙ هوندو آهي تہ هيئن چوڻ شروع ڪندو آهي:
آگيو بيتال، کاپرو چور، ڀيريو گاروڙي،
جي ڏائي هوئي، توجـَـيڻي آئي.

مٿين ٽنھي جا نالا وٺي، جيڪڏهن ڏائو پکي ڳالھائيندو هجي، تہ ساڄي طرف اچي، اعتبار ڪيو ويندو آهي تہ ائين چوڻ سان آفت ڪانہ ايندي.

ڀيريئـَـي جو جنم:
راجا ساليواهن، جنھن جي پويان هندن جو سنبت شروع ٿيو، تنھن جي پوٽي جو نالو ”ڀٽي“ هو. سندس اولاد، جيسلمير جا ڀاٽي راجپوت آهن. چوڻي آهي تہ:
گڍ دهلي، گڍ آگرو، گڍ بيڪانير،
ڀلو چـُـڻايو ڀاٽيئي، گڍ جيسلمير.

1947ع کان اڳ جيسلمير جي ڀاٽين جو ڪم صرف ڌاڙا هڻڻ هو. اهي ڌاڙيل سڄي ٿرپارڪر تائين اچي ڌاڙا هڻندا هئا. ڳوٺ ڪانٽيي، تعلقي ڇاڇري ۾، ڀاٽين ڏينھن ڏٺي جو چار دفعا ڌاڙو هنيو هو. ڀاٽي صرف ننگر پارڪر کان ڪنارو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ جيسلمير جي مھاراجا جي ڪنيا ڀٽياڻي، پارڪر جي راڻي چندن کي پرڻايل هئي. جيسلمير جي ڀاٽين جي پنجين پيڙهيءَ تي راجا ”ڀاڻ“ راڄ ڪندو هو. ڀاڻ جو ڀڀڪو هنڌين ماڳين مشھور هو. ڀاڻ کي ٻہ ڪنور هئا، هڪ سٻرو ۽ ٻيو مورو. ننڍي هوندي ئي سٻرو موت جي سيجا تي سـُـتو، تنھنڪري راڄ ستا ۽ گاديءَ جو موڙ موري کي مليو. موري جي بادشاهيءَ ۾ ڪا بہ خامي ڪانہ هئي. سندس حد ۾ قحط ڪنارو ڪندو هو. پئسي جي پرواھہ ڪانہ هئي. ايتري هوندي بہ موري جو من ملول ۽ اندر اُداس رهندو هو. مورو هڪ اهڙي مرض ۾ مبتلا هو، جنھن جو اوکو نہ ويدن وٽ هو ۽ نہ ڦـَـڪي فقيرن وٽ هئي. هن جي دل جي دوا هئي اولاد، جنھنڪري ان کي سدائين لال جي لوري لڳل هوندي هئي. سندس مرڻ بعد خاندانيءَ جي تباهيءَ جا آثار نمودار ٿيڻ لڳا. حڪومت جو حق هيئن هليو وڃي، تنھن ڳڻتيءَ موري کي ڳاھہ ۾ ڳاهي ڇڏيو هو. رات ڏينھن ڀڳوان جي بندگي ۽ اللھ جي عبادت ڪندي بہ موري جي منوڪامنا سڦلتا جي درجي تي ڪانہ پھتي. اهڙيءَ طرح، ارمان ۾ آنسو پئي وهايائين، تہ اوچتو شھر ۾ اهڙو افواھہ اٿيو تہ هڪ سچو سنياسي، ڪنڦاڙ ڪاپڙي، لاهوتي لانگوٽيو، قلعي جي دروازي وٽ دونھي دکايو ويٺو آهي. جڏهن موري کي، هن مڃيل مھاتما ۽ پرديسي بزرگ جي پروڙ پيئي، تڏهن امالڪ ان فقير وٽ پھتو. ساميءَ جي پيرن تي سـِـر رکي، درويش اڳيان پنھنجو درد ڀريو داستان ذري پـُـرزي ظاهر ڪيائين. ويراڳيءَ راجا کي ورلاپ ڪندو ڏسي، دکايل تي ديا آندي، ۽ پنھنجي ڌوُڻيءَ مان رک جو ذرو ڏيئي، کيس چيائين تہ ”اي راجا، تو کي پُٽ ٿيندو، پر گاروڙي، موالي، ۽ جوڳي ثابت ٿيندو.“
ساميءَ ڏني چـَـپـِـٽي، ڀڀوت مان ڀري،
پـُـٽ تہ ايندو موروا، پڻ گاروڙي گهري.

راجا اولاد بغير اُجهايل هو، تنھن چيو تہ: ”اي مھاتما، اوهان جا ست وچن! جي موري کي موالي پٽ ٿيندو تہ بہ وانجهپڻي جو ٽـِـڪو ٽـَـرندو.“ تڏهن فقير وري بہ پنھنجي ڌوڻـِـيءَ مان سيلي جي چپٽي ڏيندي چيو تہ: ”اي راجا، تو کي ٻيو پٽ ٿيندو، اُهو تنھنجي مرڻ پڄاڻا حڪومت جو وارث ٿيندو.“ راجا سنياسيءَ جا چـَـرڻ چمي روانو ٿيو. جوڳيءَ جو وچن جوٺو نہ نڪتو، ۽ ترت موري جي گهر ٻن پٽن جو جنم ٿيو. موري پٽن جو ٻڌي دل کولي دان ڪيو.
پاٽـَـوِي ڪنور ڀيريو، ڪيھر ٿيو ٻيو،
هي جيسلمير جو راڄيو، هـُـو گاروڙي ٿيو.

موري پنھنجي موڀي پٽ جو نالو ”ڀيريو“ ، ۽ ننڍي جو نالو ”ڪيھر“ رکيو. ڀيريو گاروڙي ٿيو، ۽ ڪيھر راجا ٿيو. ڀيريو ننڍي هوندي کان ئي دنيوي ڳالھين کان پري رهندو هو. سارو ڏينھن ڪانن مان مرليون ٺاهي وڄائيندو هو، ۽ پنھنجن سنگتين کي بنسريون ڏيئي، انھن کي وڄائڻ سيکاريندو هو. پندرهن سالن اندر هن پنھنجيءَ وديا ۾ ڪا بہ ڪسر ڪانہ ڇڏي، ۽ ايتري عرصي ۾ پنھنجا اڍائي سؤ سنگتي بہ ٺاهي ڇڏيائين، جي ڀيريئـَـي کان سواءِ پلڪ بہ پري نہ گذاريندا هئا. راجا مورو، ڀيريئـَـي جي اها گـَـت پـَـسي کيس وقت بوقت سمجهائيندو هو تہ: ”تون هاڻ وڏو ٿيو آهين، سڀاڻي راڄ هلائيندين، تنھنڪري انھن ڳالھين کان باز اچ.“ پر ڀيريئي تي ان جو ڪوبہ اثر نہ ٿيندو هو ۽ اُٽلندو موري جا قول باھہ تي گيھہ جو ڪم ڪندا هئا. نيٺ هڪ ڏينھن موري چيو تہ: ”تو کي هڪ مھيني جي مھلت ٿو ڏيان، تون انھن سڀني ڳالھين کي ڇڏي ڏي، نہ تہ توکي سزا ڏيندس!“ ڀيريئـَـي ڳالھہ ٻڌي، ساٿين کي سڏي، برھہ جون بنسريون زور سان وڄايون:
گڏجي گاروڙي ٿيا، جاما پھري تـَـن،
مھيتپ سندا من، مرلين موهي ڇڏيا.

ڀيريئـَـي جي ديس نيڪالي:
ڀيريئـَي کي ائين بگڙندو ڏسي، موري، راجا جي حيثيت ۾ حڪم ڏنو تہ چوويھن ڪلاڪن اندر ڀيريو جيسلمير جي حد مان نڪري وڃي. ڀيريئـَـي پنھنجي پيءُ جي حڪم جي ترت تعميل ڪئي، ۽ پنھنجا تمام ساٿي سنڀرائي، گام جي گوندريءَ، پنھنجي پياري جنم ڀوميءَ کي آخرين الوداع ڪري، منڊلي مچائي، روانو ٿيو. ڀيريئي جي منڊليءَ جي مھاڙ سنڌ طرف هئي، آخر ٿورن ڏهاڙن بعد آديسين پنھنجو اوتارو سنڌ جي اُڀرنديءَ سرحد تي ڪيو، جتي جوڌپور ۽ سنڌ جون سرحدون گڏجن ٿيون ۽ پڇمائي ڏونگر آهي. پڇمائي ڏونگر تي پرديسي پنھنجا پکا تاڻي، گهڻا روز ٽـِـڪي پيا. هڪ ڏينھن ڀيريو ٽـَـڪر کي ٽيڪ ڏيو ستو پيو هو، تہ پٿر جي اندران آواز آيو ڀيريو ڇرڪ ڀري اُٿيو، ۽ اُن آواز کي غور سان ٻڌڻ لڳو. ڏٺائين تہ هڪ گـروُ پنھنجن چيلن کي ”يوگ وديا“ جو اڀياس ڪرائي رهيو هو. ڀيريئـَـي اُها وديا، اُتي ئي ٻاهر ويھي سکڻ شروع ڪئي. جڏهن آخرين امتحان تي گرو پنھنجن چيلن کان سوال پڇڻ لڳو، تڏهن چيلا منجهي بيھي رهيا. ڀيريو ٻاهران وديا ۾ ڀڙ ٿيو هو، تنھن ان جا جواب ٻاهر ويٺي ڏنا. گروءَ سوچيو تہ منھنجن سوالن جا سچا جواب ائين ڪير ڏيئي رهيو آهي. نيٺ ڀيريئـَـي جو لڪل ڀيد ظاهر ٿيو، تڏهن گروءَ چيو تہ: ”اي گاروڙي، تون هن وديا ۾ ڪيئن گوءِ کڻي وئين! اهڙو ڪير گروُ آهي، جنھن تو کي من - وديا ۾ گوهر ڪيو؟ ڀيريئـَـي هٿ ٻڌي عرض ڪيو تہ: ”اي مھاتما، منھنجا گروُ توهان ئي آهيو: توهان پنھنجن ششن کي پئي سمجهايو، تڏهن مون ان کي تمام ڌيان سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي“ . ڳالھہ ٻڌي، گرو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ گاروڙيءَ کي هر گفتار ۾ پريڻ سمجهي، پنھنجو شش بڻايائين. گروءَ پوءِ ڀيريئـَي کي سموري وديا سيکاري ڀڙ ڪيو.
ڀيريئـَي پنھنجي سموري وديا ختم ڪئي، ۽ گروءَ کان موڪلايو. اُستاد کيس آسيس ڏني ۽ چيائينس تہ: ”اي گاروڙي، ڪھڙي بہ نانگ جي شڪتي تو اڳيان تڇ آهي. پر جو نانگ تون نہ ڏسي سگهين ۽ اهو تو کي اهڙي هنڌ چڪ پائي جو تنھنجي نظر اُتي نہ پوي، تہ تون مري ويندين. ٻيو تہ جيڪڏهن درياءَ اورانگهيندين تہ تنھنجي سموري وديا ختم ٿي ويندي. هي ٻيئي ٻول ياد رکج.“ پوءِ سڀني گاروڙين گروءَ کي نمسڪار ڪئي ۽ ڪڇ ڏانھن ڪوچ ڪيو.
ويراڳين جي هن پلٽڻ، پارڪر جا پھاڙ لتاڙي، ڪڇ جي اُتر واري ٻيٽ تي پنھنجو ديرو دمايو، جنھن کي ”شيشا پٽڻ“ ڪوٺيو وڃي ٿو. شيشا پٽڻ تي ان وقت سنگهار ذات جي هڪ سندر ۽ ڪنواري ڪنيا، ”سڳئي سنگهار“ راڄ ڪندي هئي. ڀيريئـَـي گاروڙيءَ پنھنجن ساٿين کي چئن - چئن جا ٽولا ڪري، سڄي ڪڇ ڀوميءَ ڏانھن، اُتي جي تمام وديا حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو.
ڀيريئـَـي ٻيلي ڌار ڪيا، ٽولي ٽولي پنج،
ڪلنگيون جن ڪپار ۾، ڪر ماڻاسر جا هنج.

ڀيريئي ٻيلي ڌار ڪيا، ٽولي ٽولي چار،
اُتي وڄائيون ونسليون، لڌا لعل سنگهار.

شيشا پٽڻ ۾:
گاروڙين جا گـَـلا، ٽولا ڪري، ڪڇ جي ڌرتيءَ ۾ نانگ ڪـُـلھن تي کڻي ڦرڻ لڳا. هڪ ڏينھن ڪاپڙين جي قطار ”شيشا پٽڻ“ جي سيم ۾ اچي لٿي. شيشا پٽڻ جي ڪنواري ڪنيا جھڙي هئي صورت ۾ سرس، تھڙي هئي وديا ۾ برک. سڳئي، پنھنجي وديا جي زور تي، ايترن نانگن کي وس ڪري چڪي هئي، جو سمورا نانگ سندس وڏين ۽ سھڻين اکين جي اشاري هيٺ هئا. صرف هڪ ڀڄنگراج نانگ هو، تنھن کي نمائڻ لاءِ سڳئيءَ جي سموري وديا سڦل ثابت ٿي هئي. سڳئي کي سـُـڌ پيئي تہ اڄ گاروڙين جا گـَـلا گام ۾ آيل آهن، تنھنڪري پنھجين سھيلين کي سنڀرائي، آديسين وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي:
”ڪٿان اچو گاروڙيا، ڪيھو اوهان جو ڏيھه،
سڳئي پڇي جي، سي نانگ ڏيکاريو نانگڙا.“

سڳئيءَ جي سوال تي هڪ آديسيءَ اُتر ڏنو:
”اسين گاروڙي اُتي جا، جتي جيسلمير،
گـُـر اسان جو ڀيريو، پورو ڇيل ڇـُـڳير.“

سڳئيءَ ڀيريئي جي ساٿين کي نانگ ڏيکارڻ لاءِ چيو. سامين پنھنجي کارين جا ڍڪ جيئن مٿي کنيا، تيئن سمورا نانگ گم هئا. سڳئي پنھنجيءَ وديا سان نانگن کي گم ڪري ڇڏيو. مڻيڌر نانگن بجاءِ، ٻن مـُـنھن وارا ننڍا ٻچا هلي رهيا هئا. گاروڙين پنھنجا جنتر هلايا، پر سڳئـَي اڳيان موالين جا منتر جهٽ جهلي نہ سگهيا:
سڀ سڳئيءَ سـوسيا، خالي ٿيا ڪرنڏ، (=) کاريون)

هلن اِنھيءَ هنڌ، ٻہ - مونھين سندا ٻچڙا.
نانگ ويا نڪري، جن جي مٿي مڻي،
ٻہ - منھين سندا ٻچڙا، رهيا ڪـَـرَ کڻي.

ڀيريئـَـي جا ساٿي، سڳئيءَ کان هار کائي، هڪدم ڀيريئـَـي وٽ اچي پھتا. ڀيريئـَـي سندس سنگتين کي خالي کارين آيل ڏسي چيو:
”ڪا، ڪو گڏيو ٻيٽ، ڪا ڪو گڏيو شينھن،
ڪٿ وڃايا کاريا، ويس وڃايا ڪيئن؟“

جوڳين جواب ڏنو:
”نہ ڪو گڏيو ٻيٽ، نہ ڪو گڏيو شينھن،
سگهڙ نار سڳئي، لٽيا ڌوري ڏينھن.“

جوڳيئڙن جو جواب ٻڌي، ڀيريو باھہ ٿي ويو، ۽ سڳئيءَ جي سگهڙپائي پرکڻ لاءِ، سامين کي سڏي، شيشا پٽڻ جي ماڳ روانو ٿيو.
ڀيريئـَـي جو تعارف سڳئيءَ ڪيترن ڏهاڙن کان ٻڌي رهي هئي، سو سندس ملڻ لاءِ خواهشمند هئي، پر ديدار دُر لڀ هو. اڄ اوچتو ڀيريئـَـي پاڻھي اچي پڌر ۾ پکا هنيا. اها سـُـڌ سڻي، سڳئيءَ ڏاڍي سرهي ٿي، ۽ پنھنجيون نو ورڻيون ست سؤ سکيون ساڻ ڪري، ڀيريئـَـي کي ملڻ لاءِ، ڇم ڇم ڪندي، ڇانوڻيءَ ۾ ڪاهي پيئي. ڀيريئـَـي ۽ سندس ساٿين هن جو شاهاڻو استقبال ڪيو، ۽ کيس مانيءَ جي دعوت ڏنائون. سڳئيءَ کلي وراڻيو تہ: ”اي ويراڳيو، آديسين جي اوتاري ۾ ستن سون جو سامان ڪٿان آيو؟“ ڀيريئـَـي پنھنجي شڪتيءَ سان ٿوري دير اندر کاڌو تيار ڪيو. ايترو جلدي کاڌو تيار ڪرڻ ۽ ٻي شڪتي ڏسي، سڳئيءَ ان تي مفتون ٿي پيئي. ڀيريو بہ ان جي آڏي اک سڃاڻي ويو. ائين هڪٻئي تي هرک هاري ويٺا. سڳئيءَ جي سھڻي صورت ڏسي، ڀيريو سڀ ڀاڻ ڀلجي ويو. سڳئيءَ کي شڪست ڏيڻ ڪاڻ آيل ڪاپڙي، اُٽلندو اُن جي اکين جو پاڻ شڪار ٿيو. سنگهار جي تيز تير اهڙو تہ اندر ۾ اونھو گهاءُ ڪيس جو ڀيريئـَـي جي سموري همت هارجي ويئي. جڏهن ٻنھي جي زباني عشق جي ڪورٽ ۾ ظاهر ٿي، تڏهن سڳئيءَ چيو تہ: ”ڀيريا، مون پرتگيا ڪئي آهي تہ جيڪو ڀڄنگ نانگ کي وس ڪري ايندو، ان سان مان شادي ڪنديس“ ڀيريئـَـي کي سڳئيءَ جي سونھن موهي ڇڏيو هو، تنھن انجام ڏنو تہ مان اُن نانگ کي وس ڪري ايندس. ائين چئي هن ڪـَـڇيءَ ڪنوار کان موڪلائي، دوستن کان ڌار ٿي، مـُـرلي کڻي، مارواڙ ڏانھن مھاڙ ڪئي.

ڀڄنگ نانگ جي ڳولا:
مارواڙ ۾ اچي هن مواليءَ ڏونگر جو پٿر پٿر نھاريو، پر کيس ڪٿان بہ نانگ جو گس ڪونہ مليو. هڪ ڏينھن، نانگ کان نراس ٿي، هڪڙي وڏي پٿر وٽ اچي ويٺو تہ اوچتو کيس هڪ شاهي ٻـِـر نظر آيو. هڪدم ڇلانگ ماري ٻـِـر وٽ آيو، ۽ مڌر آواز سان مرلي وڄائڻ لڳو. ٿوريءَ دير بعد ڀڄنگراج ٻـِـر کان منھن ٻاهر ڪڍيو، پر هڪدم ٽپو ڏيئي ڀڄي ويو- ڄڻ تہ ڀيريئـَـي کي سڃاڻي ورتو هئائين. ڀيريو ان جي پٺيان پيو. نانگ ڀڄندو ڀڄندو، ڪارونجهر جبل ۾ وڃي نڪتو. اڄ ڏينھن تائين ڪن هنڌن کي ڀڄنگ نانگ جي نالي سان پڪاريو وڃي ٿو. گاروڙي ڳولا ڪندو، ڪارونجهر جبل ۾ آيو. نانگ وري بہ اتان ڀڄڻ جي ڪئي، ۽ ڪڇ جو درياءُ ٽپي ڀـُـڄ ڏانھن رخ رکيائين. ڀيريو پڻ درياءُ ٽپي ويو. اتي کيس گروءَ جو ڏنل وچن ياد پيو، پر سڳئيءَ جي عشق ۾ اُن جي بہ پرواھہ ڪانہ ڪيائين. نانگ، اٽڪل ڪري، رات وڳڙي ۾ هڪ سندر لٺ بڻجي، واٽ تي پئجي رهيو. جيئن ڀيريو اُتان لانگهائو ٿيو، تيئن نگاھہ وڃي لٺ تي پيس ۽ هڪدم اها کڻي ڪلھن تي رکيائين. نانگ پنھنجو موقعو آيل ڏسي، پٺن جي اهڙي هنڌ تي کيس چڪ پاتو، جتي ڀيريئـَـي جي نظر نٿي پھتي. اهڙيءَ طرح گروءَ جو ٻيو وچن سچو نڪتو. نانگ جي چڪ پائڻ تي ڀيريو بيھوش ٿي ڪري پيو.
ڀيريئـَـي جي چيلن کي جڏهن ان ڳالھہ جي سـُـڌ پيئي تہ اُهي ڊوڙندا گروءَ وٽ پھچي ويا، پر گرو منٽن جو مھمان هو. چيلن کي آيل ڏسي، ايترو چيائين تہ: ”منھنجي مرڻ بعد منھنجو ماس ائين نہ وڃائجو: اوهين سڀ گڏجي اهو کائي ڇڏجو.“ ڳالھہ ختم ٿيڻ تي هن شڪتيوان پـُـرش جا پران اُڏامي ويا. پوءِ چيلن گڏ ٿي، سندن بدن کي ڳترا ڳترا ڪري ماس ڪڍي، ڪـُـنن ۾ وجهي، کڻي باھہ تي چاڙهيو.
چون ٿا تہ ان وقت اوچتو هڪ برهمڻ گهمندو آيو، تنھن چيو تہ: ”اي گاروڙيو، ڇا ڪري رهيا آهيو؟“ برهمڻ جو ويس ڏسي، ويراڳين وراڻيو تہ: ”اي مھراج، اسان جو گـُـر ڀيريو گذاري ويو آهي، ان جي حڪم پٽاندر، سندس سرير کي رڌڻ لاءِ ڪـُـنن ۾ چاڙهيو اٿئون.“ مھراج ڳالھہ ٻڌي چيو تہ: ”اڙي رام رام، توبھه، ڀڳوان، توبھه! گروءَ جو ماس چيلا کائين، تنھن کان مرڻ بھتر آهي. بس، اڄ کان اُستاديءَ جو دؤر ختم ٿي چڪو! ماس بہ وري ڀيريئـَـي جو، جنھن جو سارو سرير زهر سان ڀريل آهي: کائڻ شرط سڀ مري ويندؤ!“ مھراج جي ڳالھين تي سڀني گاروڙين کي اعتبار اچي ويو ۽ هڪدم رڌل ڪـُـنا کڻي درياءَ ۾ ڦٽا ڪيائون. انھن ڪـُـنن جو واس ڪن چيلن کي آيو، تہ هو اڌ وديا ۾ قابل ٿي پيا ۽ اڳڪٿيون ڪندا ڦرندا هئا. اُهي ڪـُنا، ترندا، ڪامروُ ديش جي ڪامڻين کي هٿ لڳا، تنھنڪري ڪامروُ جون ڪامڻيون علم ۽ آديسين کان گوءِ کڻي ويئون.
سڳئيءَ سنگهار اها ڳالھہ ٻڌي، تڏهن پنھنجي محبوب جي ايڏي قرباني سھي نہ سگهي، ۽ جتي ڀيريئي دم ڏنو هو، اُتي اچي، اگني جلائي، پاڻ ساڙي ڇڏيائين. اڄ بہ اُتي ڀيريئـَـي ۽ سڳئيءَ جي سماڌي ٺھيل آهي.
نانگ، اُتان ٿي ڀـُـڄ جي ڏونگر ۾ آيو. چون ٿا تہ اڳي نانگ مينھن جي موسم ۾ جڏهن ٻـِـر کان ٻاهر اچي ڄڀ هلائيندو هو تہ کنوڻ، ٻڪرار ٿي، مارواڙ کان برسات وسائيندي، ٿر، پارڪر ۽ ڪڇ کي آباد ڪندي، ڀڄ جي ڏونگر ۾، ان نانگ تي ڪڙڪندي هئي. برسات اهڙا راڱا ڪندي هئي، جو ڳوٺن جا ڳوٺ برباد ٿي ويندا هئا. ڀڄ جو سابق مھاراجا نانگ - پنچميءَ جي ڏينھن ان جي ٻـِـر ۾ کير جون گهاگهروُن هارائيندو هو. جڏهن انگريز سرڪار کي اها خبر پيئي، تڏهن نانگ جي ٻـِـر ۾ شيھو ڀرائي ڇڏيائون. تنھن کان پوءِ نانگ الائجي ڪيڏانھن گم ٿي ويو! نانگ جي عمر لاءِ چوڻي آهي:
سؤ ورهيہ جي سامڙي، ڪروڙ ورهين جو ڪانگ،
تن کان عمر اگيري، ٿئي ٿي سـِـيسَ نانگ.

----
گوندر گذاريو ڪاپڙي، پڌر وڃن نہ پاڻ،
تن آيل آديسين جي، روئان ڪاڻ رهاڻ،
هت نہ پسجن پاڻ، ويا ويراڳي نڪري.

(شاهه)