سُڪل وڻ تائين سفر
هوٽل جون تقريبن سموريون ڪرسين تي ماڻھو ويٺل نظر آيس.
ڪو چانھہ پيئندي، ڪي ماني کائيندي ڳالھيون ڪندي نظر پئي آيا.
اوچتو ئي سندس نظر خالي پيل ڪرسي تي پئي تہ هُو تيزي سان اتي پھتو پر اُتي اڳ ۾ ويٺل ٻن نوجوانن کي ڏسي هٻڪي بيھي رهو انھن نوجوانن مان هڪ نوجوان ٽيبل تي ڪنھن ڪاغذ تي ڪجهہ لکي رهيو هيو ۽ ڀر ۾ ويٺل نوجوان شايد کيس ڪجهھ چوندو پئي ويو.
انھن جي ويجهو پھچي ڀرسان خالي ڪرسي ڏسڻ باوجود هُو هٻڪي بيھي رهيو تہ هنن نوجوانن بہ ڪنڌ ورائي هن ڏانھن ڏٺو، ڪجهہ لمحا هُو سڀ هڪٻئي ڏانھن خاموشي مان ڏسندا رهيا.
نوجوانن کي مصروف ڏسي هنن جي ڀرسان ويھڻ مناسب نہ سمجهندي هُو واپس ورڻ لڳو هيو تہ انھن مان هڪ نوجوان کيس تيزي سان سڏ ڪيو.
”چا چا سائين، اوهان هت ويھي سگهو ٿا“
ٻئي هنڌ ڪنھن خالي جو آسرو گهٽ هجڻ ۽ هڪ نوجوان جو پاڻ مرادو کيس اجازت ڏيڻ تي هٻڪندي ويھندي چوڻ لڳو.
”مھرباني پُٽ، اوهان کي برو تہ نہ لڳندو؟“
”نہ نہ سائين، هوٽل ڀريو پيو آهي ٻي هنڌ ڪرسي نہ ملندوَ“
ڪاغذ تي ڪجهہ لکندڙ نوجوان ساڻس وري بہ ڳالھايو هيو جڏهن تہ سندس ڀرسان ويٺل ٻئي نوجوان جي چهري جي تاثرات مان صاف محسوس ٿي رهيو تہ هُن کي ان ڪراڙي جو اُتي ويھڻ ڪو نہ وڻيو هيو پر پوءِ بہ هُو خاموش رهيو هيو.
”ها تہ اڳتي ڇا لکان؟“
ڪاغذ تي ڪجهہ لکندڙ نوجوان پنھنجي ڀر ۾ ويٺل نوجوان ڏانھن ڏسندي پڇيو.
پر سندس دوست ڪو جواب ڏيڻ بدران هڪ نظر نئين آيل ڪراڙي تي وڌي ۽ خاموش رهيو.
لکڻ وارو نوجوان سمجهي ويو تہ نئين آيل ماڻھو جي ڪري سندس دوست کيس ڪجهہ چوڻ لکرائڻ کان هٻڪي رهيو آهي.
هُن کلندي، نئين آيل ماڻھو ڏانھن ڏسي پنھنجي دوست کي چيو.
”ڇڏ يار هن کان ڇا جو شرمائڻ ... نہ اسان هن کي سڃاڻيون، نہ اسان کي سُڃاڻي جو وڃي ڪنھن سان ڳالھہ ڪندو“
نئون آيل همراھہ هڪ لمحي لاءِ شرمندگي منجهان هنن ڏانھن ڏٺو ۽ چوڻ لڳو.
”مون کي شايد هتي نہ ويھڻ گهرجي ها... مون...“
”نہ نہ سائين ويٺا رهو... هي مون وارو دوست حد کان ڪجهہ وڌيڪ شريف ۽ شرميلو آهي... ڀلا هڪ نوجوان ڇوڪرو پنھنجي محبوبہ ڏانھن خط لکرائي پيو تہ ان ۾ شرم جي ڪھڙي ڳالھہ؟“
محبوبہ جي ذڪر تي ٻيو نوجوان ڪجهہ وڌيڪ بي چين ڏسڻ ۾ پئي آيو جڏهن تہ نئون آيل ڪراڙو ڪو جواب ڏيڻ بدران هلڪو مرڪي پيو.
”ڀلا سائين جواني ۾ ماڻھو اهو سڀ ڪجهھ ناهي ڪندو ڇا؟“
لکندڙ نوجوان وڏي بي باڪي سان پڇيو ان وچ ۾ هوٽل جو بيرو آيو هيو جنھن کي نئين آيل ڪراڙي چانھہ جو آرڊر ڏنو ان وچ ۾ ٻنھي نوجوانن نئي آيل ڪراڙي جو جائزو ورتو.
هُو خوش لباس، صحت مند پئي ڏسڻ م آيو پر گڏو گڏ صاف لڳو پئي تہ هُو ڪو ڳوٺاڻو هيو سندس هٿ ۾ پلاسٽڪ جي ننڍڙي ٿيلي ۾ ڪو سامان پڻ هيو.
”ٻڌائي ساجد تہ اڳتي ڇا لکان؟“
ساجد هڪ نظر وري ڪراڙي تي وڌي ۽ جان ڇڏائڻ واري لھجي ۾ چوڻ لڳو.
”بس لکينس تہ ڪجهہ ڏينھن ۾ آءُ پنھنجي والدين کي سندس گهر موڪليندس“
لکڻ واري نوجوان اهو سڀ لکيو ۽ وري ساجد ڏانھن ڏسڻ لڳو.
”بس ايترو ڪافي آهي“ ساجد تڪڙي چيو.
لکڻ واري هڪ اڌ جملو لکي وري ان ڪراڙي ڏانھن ڏسي چيو.
”اوهان جو ڇا خيال آهي محبت واقعي لڪي لڪي ڪرڻ گهرجي؟“
ڪراڙي هڪ نظر ٻنھي ڏانھن نھاري هوريان هوريان چوڻ لڳو
”سائين اوهان پڙهيل لکيل ماڻھو آهيو اوهان ئي بهتر ڄاڻو ٿا تہ ڇا ڇا ڪرڻ مناسب آهي يا نھ... هوئين بہ اڄ ڪلھہ دور ڪجهہ تبديل ٿي چڪو آهي... هر شئي جا معيار ئي بدلجي ويا آهن...“
آخري جملو چوندي ڪراڙي جو لھجو ڪجهہ اُداسي ڀريو محسوس ٿيو هيو.
”اوهانجي دؤر ۾... يعني اوهانجي جواني واري دؤر ۾ محبت جا ڪھڙا معيار ھيا؟“
لکڻ واري نوجوان بغير ڪنھن تڪلف جي ڪراڙي کان پڇيو.
سوال ٻڌي ڪراڙي هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ خاموشي سان ڪجهہ سوچڻ لڳو، شايد ڪي بي شمار يادون هڪ ئي وقت سندس ذهن کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳيون هيون نوجوانن کي پاڻ ڏانھن ڏسندو ڏسي هوريان چوڻ لڳو.
”اهو سچ آهي تہ نوجواني جون پنھنجون ڪجهہ گُهرجون، خواهشون هونديون آهن پر انھي باوجود بہ پنھنجي ڀر پاسي جي ماحول رسمن، رواجن کي بہ ڏسڻو ٿو پَوَي اسان جي نوجواني واري دؤر ۾ ڪنھن بہ مرد توڙي عورت جي محبت لڪيل هوندي هئي تہ سندس عزت ۽ زندگي محفوظ هوندا هيا هن دور ۾ تہ پنھنجي محبت جا قصا عام ڪرڻ کي بهادري ۽ فخر جھڙي ڳالھہ سمجهيو پيو وڃي.“
ان وچ ۾ هوٽل جو بيرو هن لاءِ چانھہ رکي ويو هيو ۽ ڪراڙو ڪافي دير تائين چانھہ جي ڪپ کي خاموش ٿي گهوريندو رهيو هيو.
”اهو تہ شايد اڄ ڪلھہ بہ اوهان ۾ رسم آهي ڪارو ڪاري ڪري مارڻ جي“
لکڻ واري نوجوان جو لھجو ڪجهہ ٽوڪ ڀريو هيو.
”ها “ ڪراڙي ڪنڌ هيٺ ڪري چيو.
نوجوان نہ سمجهي سگهيا تہ هن جي لھجي ۾ شرمندگي آهي يا ڏک؟
”ڇا محبت ڪرڻ وارن کي برداشت ڪرڻ بي غيرتي آهي؟“
” آءُ ڪجهہ نٿو چئي سگهان نوجوان... ڪڏهن ڪڏهن غلط رسمن کي بہ هلائڻو پوي ٿو“
ڪراڙي هوريان چيو.
”پر اها غلط ڳالھہ آهي تہ اهڙي فطري جذبي رکڻ وارن کي غلط سمجهيو وڃي“
نوجوان جو لھجو ڪجهہ تيز هيو.
”پر اوهان ڏسي رهيا هوندا تہ اڄ ڪلھہ محبت جي نالي تي ڇا ڇا نہ ڪيو پيو وڃي.“
”ها ڪجهہ غلط بہ ٿي رهيو آهي پر پوءِ بہ محبت کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو هجڻ گهرجي“
نوجوان پنھنجي ڳالھہ تي ضد وانگر بيٺو رهيو ڪراڙو ڪجهہ لمحا کيس خاموشي سان، غور سان ڏسندو رهيو وري آهستي چوڻ لڳو.
”معاف ڪجائين نوجوان صرف ڳالھيون ڪرڻ يا ٻين کي نصيحت ڪرڻ سولو آهي پر پاڻ برداشت ڪرڻ ڏکيو“
”نہ نہ سائين... حوصلو ۽ حقيقت پسندي هجي تہ ڪائي ڳالھہ مشڪل ناهي“
نوجوان جو لھجو اٽل هيو.
ڪراڙي نوجوان ڏانھن ڏسي ڪجهہ چوڻ چاهيو پر ڪجهہ سوچي خاموش رهيو.
نوجوان کيس نرم لھجي ۾ چيو.
”چاچا سائين... اوهان جيڪو ڪجهہ چوڻ چاهيو ٿا بغير ڪنھن هٻڪ جي چئو، مون ۾ برداشت ڪرڻ جو حوصلو آهي.“
ڪراڙو چوڻ لڳو.
”نوجوان... ڳالھہ ڪجهہ ڪئوڙي آهي ڪٿي توهان ناراض نہ ٿيو؟“
”ضرور چئو چاچا... مان بہ پنھنجي حوصلي کي آزمائڻ ٿو چاهيان“
نوجون کلي چيو.
ڪراڙي ڊگهو ساھہ کڻي چيو.
”تہ پوءِ ٻڌاءِ تہ جيڪڏهن تنھنجي ڌيءَ، تنھنجي ڀيڻ سان ڪو محبت جي دعوا ڪري تہ ....؟“
جملو اڌ ۾ ڇڏي ڪراڙو هن ڏانھن غور سان ڏسڻ لڳو، ڄڻ کيس ڊپ هيو تہ نوجون جواب ۾ کيس ڌڪ هڻدو يا گاريون ڏيندو.
خط لکڻ واري نوجوان هڪ ڊگهو ساھہ کنيو، سندس چهرو ائين ئي پرسڪون رهيو جڏهن تہ ٻئي نوجوان ساجد، ڪراڙي ڏانھن ڪاوڙ واري انداز ۾ گهوري ڏٺو خط لکڻ واري نوجوان هن ڏانھن ڏسندي هوريان چوڻ لڳو.
”سائين... اوهان ٺيڪ پيا چئو تہ اهڙي ڳالھہ پنھنجي ڌيءَ، پنھنجي ڀيڻ بابت برداشت ڪرڻ ڏکيو آهي. پر... پر آءُ وري بہ چوندس تہ اسان کي سهپ ۽ برداشت کان ڪم وٺڻو پوندو... آءُ اوهان کي اهو ٻڌائيندي قطعي شرمندو ناهيان تہ ها مون پنھنجي ڀيڻ کي پنھنجي سئوٽ ڏانھن خط لکندي پڪڙيو هيو...“
ڪراڙي سان گڏ ساجد بہ ان ڏانھن ڇرڪي ڏٺو نوجوان انھي پرسڪون انداز ۾ چوندو رهيو.
” ۽ مون ان ٻنھي جي شادي ڪرائي ڇڏي“
ساجد ۽ ڪراڙو حيرت مان هن ڏانھن ڏسندا رهيا ڪافي دير تائين ڪنھن بہ ڪجهہ نہ ڳالھايو.
ڪراڙي چانھہ جي ڪپ مان هڪ وڏو ڍڪ ڀريو ڪپ رکي بغير ڪجهہ ڳالھائڻ جي اتان اٿي ٻاهر نڪري آيو، ڪجهہ فاصلي تي بس اسٽاپ هيو ۽ هُو پنھنجي ڳوٺ جي بس ۾ سوار ٿيو سڄو رستو هو ڪجهہ سوچيندو رهيو.
ڳوٺ پھچي بس مان لٿو تہ تازي هوا جي احساس سان گڏ شھر، شھر جون ڳالھيون ڄڻ وساري ويٺو ۽ ڪچي رستي تان هلندي هڪ طرف هڪ ڊگهي، سڪل وڻ تي نظر پيئس تہ هڪ دم بيھي رهيو ۽ اکيون ڦاڙي ان وڻ ڏانھن ڏسڻ لڳو.
اوچتو سندس اکيون ڀرجي آيون چپن ۾ هلڪو لرزو پيدا ٿيو. هو غور سان سڪل وڻ کي ڏسي ياد ڪرڻ لڳو تہ ڪئين ڪئي ورھہ اڳ... جڏهن هُو بہ جوان هيو ۽ هي وڻ بہ سائو هيو تڏهن هن ان وڻ جي هڪ ٽاري سان پنھنجي ڀيڻ کي محبت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سندس ئي رئَي سان ڦاهي ڏني هئي.