او آدمخور
ٿيو ائين هيو جو ڪجهہ دوائون وٺڻيون هيون پاڙي جي اسٽور تان نہ مليون تہ ان علائقي ڏانھن هليو آيُس جٿي ڪئي مشھور ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون هيون، ۽ گهڻا ئي ميڊيڪل اسٽور ۽ ليبارٽريون پڻ هيون جنھن اسٽور تان دوائون وٺڻ لاءِ ويُس اهو پراڻو دوست هيو زبردستي ويھاري چانھہ لاءِ ڇوڪرو موڪليائين.
دوائون بہ ڪڍندو رهيو ڪچهري بہ ڪندو رهيو سج لھڻ وارو هيو جلدي ۾ بہ هُيس پر هن جي خلوص کي ڏسي خاموش ويٺو رهيس اوچتو ميڊيڪل اسٽور کان ٻاهر هڪ زوردار آواز آيو.
”او آدمخور .. اڄ بہ 860 روپيھ ڪمايا اٿم“
حيران ٿي هيڏانھن هوڏانھن نھاريم پر ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي تہ حيرت ۽ سواليھ نظرن سان اسٽور واري دوست ڏانھن ڏسڻ لڳس.
هو بہ مُرڪيو ڄڻ چوندو هجي
”ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آيئيءَ نہ؟“
چانھہ اچي وئي تہ هن ڪرسي منھنجي ڀر ۾ سوريندي هڪ طرف اشارو ڪري چيو
”هُو ڏس“
هن جنھن طرف اشارو ڪيو هيو نھاريم تہ هڪ نوجوان صاف سٿري لباس ۾ هڪ طرف بيٺل نظر آيو هن جي اڳيان هڪ اسٽول رکيل هيو جنھن مٿان ڀُڳل ڇولا رکڻ وارو ٿال/ ٽري رکيل هو ۽ اسٽول جي هڪ پائي سان ٻارن لاءِ ڦوڪڻا ٻڌل هيا.
مون وري اسٽور واري دوست ڏانھن ڏٺو تہ هُو مُرڪي هوريان هوريان ٻڌائڻ لڳو
”منھنجي اسٽور جي ڀرسان هڪ مشھور ڊاڪٽر جي ليبارٽري آهي جٿي هر وقت مريضن جي رش رهي ٿي... اتي ٽيسٽ وارن جا نالا لکڻ ۾ پيسا وٺڻ لاءِ ڊاڪٽر طرفان جيڪو ماڻھو رکيو ويندو آهي ان جي پگهار روزانہ تہ 200 روپيا ۽ مھيني ۾ تہ ڇھہ هزار روپيھ ڏني ويندي آهي.
گهڻي رش ۽ گهٽ پگهار جي ڪري اڪثر ان ڪم لاءِ رکيل ماڻھو ڀڄي ويندا آهن.
ڪجهہ عرصو اڳ هڪ نوجوان ان ليبارٽري تي اهو ڪم ڪرڻ لڳو پر گهٽ پگهار جي ڪري هن ڊاڪٽر کي چيو تہ پگهار ڪجهہ وڌايو
ڊاڪٽر کيس دڙڪا ڏنا ۽ انھيءَ پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو
نوجوان کيس گهڻو ئي چيو تہ سائين ايتري ٿوري پگهار ۾ گذارو ڪو نہ پيو ٿئي، ان کان وڌيڪ تہ ڇولا کپائڻ وارو ڪمائي ٿو.
تنھن تي ڊاڪٽر کيس ٽوڪ واري لھجي ۾ چيو
” تہ تون بہ وڃي ڇولا کپاءِ هتي ڇا ٿو ڪرين“
بس ان ڏينھن ئي اهو نوجوان اتان نڪتو ٻئي ڏينھن تي گهر مان ڇولا تيار ڪري اچي ان ليبارٽري جي سامھون ئي اسٽول تي رکي کپائڻ لڳو.
هُو ائين صاف سٿرن ڪپڙن ۾ هو ۽ بغير ڪنھن هٻڪ ۽ شرمندگي جي بيھي ڇولا کپائڻ لڳو
پھرين ڏينھن تي ڊاڪٽر کيس ڇولا کپائيندو ڏسي ٽوڪ طور مُرڪيو پر هن نوجوان جي چهري تي ساڳيو اعتماد ۽ اطيمنان هيو منجهند تائين هن جا ڇولا کپي ويا
ان وقت ڊاڪٽر جو بہ اتان گذر ٿيو نوجوان ڊاڪٽر ڏانھن ڏسڻ کان بغير ئي هڪ طرف منھن ڪري زور زور سان چوڻ لڳو
”او آدمخور.... اڄ 380 روپيھ ڪمايا اٿم“
ڊاڪٽر جو منھن ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو پر نوجوان اهڙو تاثر ڏنو ڄڻ هن ڊاڪٽر کي ڏٺو ئي ناهي
بس ان ڏينھن کان اهو معمول بڻجي ويو
نوجوان ڇولا کپائي وڃڻ کان اڳ ڊاڪٽر کي ٻُڌائڻ لاءِ زور زور سان ”او آدمخور“ چئي ڪمايل رقم ٻڌائڻ لڳو. ڊاڪٽر هڪ ٻہ ڀيرا نوجوان سان اٽڪي پيو پر نوجوان جو چوڻ هيو تہ هُو ڊاڪٽر کي نہ پر سامھون واري دوڪاندار دوست سان مخاطب هوندو آهي
ان ڏينھن کان اها جنگ جاري آهي
نوجوان ڇولن سان گڏ ٻارن لاءِ ڦوڪڻا بہ رکڻ شروع ڪيا آهن.
ڊاڪٽر اتان ايندي ويندي تڪڙي گذرڻ لڳندو آهي،
اسٽور وارو دوست ڪجهہ لمحا خاموش ٿي وري چوڻ لڳو
”وڏي ڳالھہ اها آهي تہ اهو نوجوان اتان نڪري واقعي بہ ڊاڪٽر جي ڏنل پگهار کان ڪافي وڌيڪ ڪمائڻ لڳو آهي پر... هن جي هي ڪھاڻي هن علائقي ۾ دوڪانن تي گهٽ پگهار ۾ ڪم ڪرڻ وارن ملازمن لاءِ ڄڻ مثال بڻجي وئي آهي.
ڊاڪٽر وٽ جيڪو بہ ڪم لاءِ بيھي ٿو ۽ کيس هن همت ڀريئي نوجوان بابت خبر پئي ٿي تہ هو بہ دير سوير اتان نڪري پنھنجو ڪو نہ ڪو ڪم ڪرڻ لڳن ٿا.