ديوي جو ھٿ
گهڻا ئي دوست مخالفت ڪري رھيا ھئا تہ آفتاب کي نہ وٺي ھلجي ھنن جو چوڻ هو تہ آفتاب جو دماغي توازن درست نہ آھي، ھو ڪٿي به، ڪڏھن بہ ڪائي بہ عجيب حرڪت ڪري سگهي ٿو. خاص طور تي ٻه، ٽي ڏينھن اڳ پيش آيل واقعو تہ ڪنھن کان بہ ڪو نہ وسريو ھيو.
ٿيو ائين ھيو جو ھو ڪجهہ دوست ڪاليج کان واپسيءَ تي ڪنھن پرائيويٽ بس ۾ اچي رھيا ھيا.
بس ۾ سوار ھڪ اڌڙوٽ عمر جي ماڻھوءَ بس جي ڪنڊيڪٽر کي اڌ ڪرايو ڏيندي چيو.
”مان تعليمِ بالغان، اسڪول ۾ پڙھندو آھيان... مون کان اڌ ڪرايو وٺ“
ڪنڊيڪٽر وڏو ٽھڪ ڏنو، ڪجهہ ٻيا ماڻھو بہ ٿورو مرڪيا پر پاڻ کي شاگرد سڏائيندڙ جي منھن تي ساڳي سنجيدگي ھئي.
”ڪاڪا... ھن عمر ۾ بہ تون اڃان شاگرد آھين؟“
ڪنڊيڪٽر جي لھجي ۾ ٽوڪ ھئي ھن وري سخت لھجي ۾ ھن کان پورو ڪرايو گهريو. شاگرد سڏائيندڙ ھمراھ ھڪ ڪارڊ ڏيکاريو پر ڪنڊيڪٽر ھن تي وري کلڻ لڳو اتي ڀرسان بيٺل آفتاب ڪنڊيڪٽر کي ٿڦ ھڻندي ڪاوڙ ۾ رڙ ڪري چيو.
”علم حاصل لاءِ عمر جي ڪائي بہ حد نہ ھوندي آھي“
ڪنڊيڪٽر ڦيرو کائي ڪري پيو، سيٽ جو لوھي حصو ھن جي مٿي ۾ لڳو جنھن جي ڪري ھن جي مٿي مان رت وھڻ لڳو، ڳالھہ وڌي وئي، چڱو خاصو جهڳڙو ٿي پيو.
ھو سڀ وڏي مشڪل سان اتان ڀڄي نڪتا، پوءِ سڀن آفتاب کي قصوروار ڄاڻائيندي ڇنڊ پٽي. پر آفتاب پنھنجو قصور مڃڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو ھو:
”سڄو ڏوھہ ان جاھل ڪنڊيڪٽر جو آھي.. جيڪو ھڪ وڏي عمر جي شاگرد سان بدتميزي ڪري رھيو ھيو...“
سڀن کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ پرائي ڦڏي ۾ نہ پئبو آھي پر آفتاب جو چوڻ ھيو تہ اھو ڦڏو پرايو نہ پر اسان سڀن جو ھيو جنھن تي ھر ھڪ کي ڳالھائڻ کپي ھا...
ھاڻ اھو واقعو مثال بڻائي دوست کيس ٽوئر تي وٺي وڃڻ کان انڪار ڪري رھيا ھئا. جڏھن تہ ڪجهہ دوستن جو چوڻ ھيو تہ آفتاب ھڪ سچو ۽ کرو ماڻھو آھي...
خاص طور دوستن سان ھو پرخلوص رھندو آھي... پنھنجي مٿان رکيل ڪنھن بہ ذميواري کي تہ نڀائيندو آھي پر ٻين جون ذميواريون بہ پاڻ نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
ائين مخالفت ۽ حمايت واري ڊگهي بحث کانپوءِ طئي ڪيو ويو تہ آفتاب کي ٽوئر تي وٺي ھلبو، پر کيس ائين ضرور چيو ويندو تہ ھو ڪنھن بہ قسم جي ڪائي گڙٻڙ نہ ڪندو.
آفتاب کي ٽوئر جو ٻڌايو ويو، ھو ان وقت بہ عادت موجب ڪو ڪتاب پڙھي رھيو ھيو. ھن چوڻ بنا ڪنڌ ڌوڻي ھلڻ لاءِ راضپو ظاھر ڪيو.
ھڪ دوست جي ڪار تي کائڻ پيئڻ جو سامان رکي ھو شھر کان نڪري آيا. ھنن جو پروگرام ڪنھن ڳوٺ جي ڀر پاسي ۾ ڪجهہ گهڙيون سڪون سان گذارڻ جو ھيو.
ھنن مان ھر ڪنھن وٽ وندر لاءِ ڪا ئي نہ ڪا ئي شئي ھئي ڪنھن وٽ ننڍڙو گٽار ھيو. ھڪڙي وٽ بانسري ھئي ٻن دوستن ننڍڙا ٽيپ رڪارڊر کنيا ھيا ۽ آفتاب وٽ ٻه، ٽي ڪتاب ھيا جنھن تي ٿوري دير لاءِ سڀ دوست مٿس کليا بہ ھيا.
شھر کان ٻاھر، ھڪ ڳوٺ کان ٿورو پري ڪچي رستي تي گاڏي بيھاري ھو سڀ ھيٺ لٿا. ڀر ۾ وھندڙ واھہ (نيھن) سان گڏ ڊگها ساوا وڻ، ٿڌڙي ھوا ۽ پري پري تائين نظر ايندڙ ساوڪ ھنن کي مجبور ڪيو تہ ھو ھتي ئي پڪنڪ ملھائن. گاڏيءَ مان سامان ڪڍندي، کلندي ڀوڳ ڪندي ھو ڏاڍا خوش پئي نظر آيا، جڏھن تہ آفتاب ھڪ ڪتاب کڻي واھہ جي ڪناري ھلندي ھنن کان ٿورو اڳتي ھڪ وڻ ھيٺان ويھي ڪتاب پڙھڻ لڳو. اهو ڪتاب يونان جي خوبصورت ديوي وينس بابت هو. جنھن کي هو ٻيھر شوق مان پڙهي رهيو هو. ڪڏھن ڪڏھن ڪتاب کان نظرون ھٽائي ھو وھندڙ پاڻي ڏانھن تہ ڪڏھن پري کان نظر ايندڙ ڳوٺ ڏسي وري ڪتاب پڙھڻ لڳندو ھيو ائين ڪافي وقت گذري ويو.
ھڪ ڀيري ھن ڪتاب کان نظرون ھٽايون، اوچتو سندس نظر واھہ جي پاڻي ۾ ترندڙ ڪنھن شئي تي پئي. ھن چتائي ڏٺو ۽ ڇرڪي پيو.
اھو ھڪ ھٿ ھيو.. ڪتاب سندس ھٿن مان ڇڏائجي ويو ھن پنھنجي دوستن ڏانھن ڏٺو، اھي سڀ کلڻ ڳالھائڻ ۾ مگن ھيا. ھن وري پاڻي ۾ ترندڙ ھٿ ڏانھن ڏٺو اھو ھٿ ڪناري جي ويجهو اچي چڪو ھيو ۽ ھن ڏٺو تہ اھو ھٿ ڪنھن عورت جو ھيو...
ھو اٿيو، واھہ جي ڪناري واري ھڪ ٻوٽي ۾ ھٿ وجهي، جهڪي ھن ان ھٿ کي پڪري پاڻ ڏانھن ڇڪيو. وڍيل ھٿ کي ڪناري تي دھشت ۾ اڇلائي ھن کي چتائي ڏسڻ لڳو... پوءِ ھوريان ھوريان اڳتي وڌي ھن ان ھٿ کي کنيو. ٻي لمحي خوف ھن جي ذھن مان نڪري چڪو ھو. ھو ڪنھن عورت جي ھٿ جي خوبصورت بناوٽ، اڇي اجري رنگ کي عجب مان ڏسڻ لڳو، توڙي جو جسم مان جدا ٿيل ھٿ، رت نڪري وڃڻ جي ڪري ڪنھن ڀتر جيان ڏيک ڏئي رھيو ھيو.
”ايڏو خوبصورت ھٿ؟“ ھن ڄڻ پاڻ سان ڳالھايو.
اھو ھٿ کڻي ھو دوستن وٽ آيو، ڪنھن عورت جو وڍيل ھٿ هُن جي هٿ ۾ ڏسي ھن جي دوستن کان رڙ نڪري وئي.
”ڊڄو نہ ..“ ھن دوستن کي تسلي ڏني.
”ڊڄو نہ پر خوش ٿيو... اسان کي انتھائي قيمتي ۽ تاريخي شئي ھٿ اچي وئي آھي“
دوست آفتاب کي حيرت مان ڏسڻ لڳا.
”يونان جي انتھائي خوبصورت دَيوِي وينس جا ھي ھٿ آھن... جنھن کي پاڻ مصور ڪپي ڇڏيو ھيو“
آفتاب جي ھن جملي تي ھنن ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو وري آفتاب ڏانھن ائين ڏسڻ لڳا ڄڻ ھو پاگل ٿي ويو ھجي.
”توھان ھن ھٿ کي سنڀاليو مان ڏسان ٿو متان ديوي جو ٻيو ھٿ بہ ملي وڃي“ آفتاب عورت جو وڍيل ھٿ ھنن ڏانھن وڌايو تہ ھو ڇرڪي پوئتي ھٽيا.
”اڙي بي وقوف...“ راھب ھن کان عورت جو وڍيل ھٿ کسندي چيو.
”بي وقوف ھي يونان جي دَيوِي جي وڍيل ٻانھن نہ پر سنڌ جي ڪاري ڪري ماريل ڪنھن عورت جو ھٿ آھي... ھن کي اڇلاءِ نہ تہ ڪنھن مصيبت ۾ پئجي ويندين“
راھب اُھو وڍيل ھٿ پري اڇلايو .
دوستن کيس زبردستي ڪار ۾ ويھاريو ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ اتان نڪري آيا. آفتاب ڪار ۾ بہ رڙيون ڪندو رھيو.
”دَيوِي جو ھٿ... دَيِوي جو ھٿ“