اسٽوڊنٽ
مون تيل لڳل وارن تي وڏي محنت ڪئي پر مطمئن ڪو نہ ٿي رھيو ھيس جو ڀر ۾ بيٺل، جنيد، بابر ۽ وسيم ڪاوڙ مان، مونکي ڏسي رھيا ھيا.
مون کي صاف سٿرا ڪپڙا پاتل ھيا بس وار اسٽائل ۾ اچن ھا تہ مان بہ انھن جھڙو ئي، صاف، سٿرو ۽ ”اسٽوڊنٽ“ ڏسڻ ۾ اچان ھا..
اصل ۾ آءٌ ايتري محنت ان ڪري ئي ڪري رھيو ھيَس تہ جيئن ڏسڻ ۾ انھن جھڙو پڙھيل لکيل بلڪھ اسٽوڊنٽ ڏسڻ ۾ اچان.
نہ تہ آءٌ ھڪ اڻ پڙھيل، ھڪ ميمڻ سيٺ جي دوڪان تي معمولي پگهار تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرو ھيُس ۽ منھنجا ھي ٽئي دوست پڙھندڙ شاگرد ھيا. پر اسان چئن جي وچ ۾ گهري دوستي ھئي. آءٌ سيٺ وٽ ڪم کان فارغ ٿي ايندو ھيُس تہ ھنن ٽنھي سان گڏ گهمندو، راند روند ڪندو وتندو ھئيس...
اڄ ھنن پروگرام ٺاھيو تہ اڄ ھڪ ٻي شھر جي ويجهو لڳندڙ ميلو گهمجي. مون بہ ڪو بھانو ڪري سيٺ کان موڪل ورتي ۽ ھاڻي تيار ٿي ميلي تي وڃڻ جي تياري ۾ ھياسين.
پروگرام اھو ھيو تہ ھتان بس ۾ سوار ٿي وڃڻو ھيو ۽ بابر، جنيد ۽ وسيم مون کي ھلڻ لاءِ چيو ۽ ائين بہ چيائون تہ صاف سٿرا ڪپڙا پائجائين تہ جيئن پڙھيل لکيل ڇوڪرو لڳين ۽ بس ڪنڊيڪٽر کي ”اسٽوڊيٽ“ چئي اڌ ڪرايو بچائي سگهون..
آءٌ صاف سٿرا ڪپڙا پائي آيو ھئس ۽ ھڪ سيلون تي بيھي وارن تي محنت ڪري رھيو ھئيس تہ جيئن انھن جھڙو پڙھيل لکيل ”اسٽوڊنٽ“ ڏسڻ ۾ اچان.
منھنجي دير ڪرڻ تي بابر ڪاوڙ مان اڳتي وڌيو برش منھنجي ھٿ مان کَسي، منھنجا وار سيٽ ڪرڻ لڳو.
”ڪھڙي ضرورت ھئي، ھن کي بہ وٺي ھلڻ جي“ منھنجي پويان بيٺل جنيد ڪاوڙ مان چيو.
ڪنھن ڪجهہ بہ نہ چيو بس مُرڪي پيا.
”بس ٺيڪ آھين... ھاڻي ھل...“ بابر برش رکندي چيو.
۽ اسان سيلون مان نڪري بس اسٽاپ ڏانھن وڌڻ لڳاسين. جنھن بس ۾ چڙھياسين ان ۾ ڪافي رش ھئي. اسان مان صرف وسيم کي ھڪ سيٽ ويھڻ لاءِ ملي باقي سڀ ٻين ماڻھن سان گڏ بيھي رھياسين.
منھنجي ھڪ طرف بابر ۽ جنيد ھيا تہ ٻي طرف کان ھڪ پڪي عمر جو ھلڪي ڏاڙھي صاف ڪپڙا پاتل شخص ھيو. ھن جي ڪلھي تي ڪاٺيءَ جي ھڪ پيتي لڙڪيل ھئي جنھن جي شيشي مان رنگ برنگي منڊيون نظر اچي رھيون ھيون ۽ ان شخص جي ھڪ ھٿ جي سڀن آڱرين ۾ منڊيون پاتل ھيون. اسان جي علائقي ۾ اڪثر جوڳي فقير يا باگڙي ائين مُنڊيون کپائيندي نظر ايندا آھن پر ھي شخص نہ جوڳي نہ ئي باگڙي پيو ڏسجي.
”ٻُڌ...“ مون بابر جو آواز ٻڌو ھو. پنھنجي حساب سان آھستي ڳالھائي رھيو ھيو مون ھن ڏانھن ڏٺو تہ ھو چوڻ لڳو.
”جڏھن بس جو منشي (ڪنڊيڪٽر) اچئي تہ کيس ”اسٽوڊنٽ“ چئي اڌ ڪرايو ڏجائين“
مون ڪنڌ لوڏي ھاڪر ڪئي.
”ڇا چونديس؟“
مون ھٻڪندي چيو.
”اسٽيو...ڊنٽ“
جنيد ھلڪو ٽھڪ ڏنو.
”اسٽيو نھ... اسٽوڊنٽ .... ڪيئن؟“
مون ڪافي سوچي سوچي ھوريان اچاريو.
”اس ٽو... ڊنٽ “
”ھا... پر تڪڙ ۾ چئو“
آءٌ پنھنجي منھن ڀُڻڪندو رھيس اسٽوڊنٽ ... اسٽوڊنٽ جڏھن پڪ ٿيم تہ صحيح پيو چوان تڏھن بابر کي چئي ٻڌايم.
ھن کلي چيو.
”شاباش... ھاڻي واقعي شاگرد لڳين پيو“
ڪجهہ دير کان پوءِ ڀر ۾ بيٺل جنيد اوچتو پڇيو.
”ڇا چونديس؟“
ھُن جي اوچتي پڇڻ تي آءٌ گهٻرائجي ويس پر وري ڪوشش ڪري ”اسٽوڊنٽ“ چوڻ ۾ ڪامياب ٿيُس.
ڪجهہ دير کان پوءِ ڪنڊيڪٽر بابر وٽ آيو تہ ھن ”اسٽوڊنٽ“ چئي اڌ ڪرايو ڏنو وري جنيد بہ ائين ڪيو تہ ڪنڊيڪٽر ڪاوڙ مان چيو.
”اڙي ڇورا وڃو اسڪول مرو... ميلو ڏسڻ ضروري آ ڇا؟“
منھنجي نظر اوچتو ڀر ۾ بيٺل منڊيءَ واري تي پئي الاءِ ڇو مون کي لڳو تہ ھو مُرڪي پيو.
ڪنڊيڪٽر منھنجي ڀرسان آيو تہ مون بہ اڌ ڪرائي جيتري رقم کيس ڏني پر نہ ھن ئي ڪجهہ چيو نہ آءٌ اسٽوڊنٽ چئي سگهيس...
ڪنڊيڪٽر اڳتي وڌي ويو بابر چيو.
”اسٽوڊنٽ نہ چيئي؟“
”چوڻ وارو ھيم تہ ھو اڳتي نڪري ويو“
مون کلندي چيو ھو ٻئي بہ مرڪي پيا.
ميلي تائين پھتاسين بس مان لھي ميلي ڏانھن وڌڻ لڳا ھياسين جو پويان آواز ٻڌوسين.
”پُٽ ٻڌو تھ..“
اسان سڀ بيھجي ويا ھياسين.
مون منھن ڦيرائي ڏٺو تہ اھو منڊيون کپائڻ وارو اسان جي پويان بيٺو ھيو.
”توھان پڙھو ٿا؟“ ھن بابر، وسيم ڏانھن ڏسندي چيو.
”ھا “ بابر نہ سمجهڻ واري انداز ۾ چيو.
” ۽ ھي ... “ ھن ھڪ آڱر سان مون ڏانھن اشارو ڪيو.
جواب ڏيڻ بدران اسان سڀني ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو.
”يقينن ھي پڙھي ڪونہ پيو..“
اسان وري بہ خاموش رھياسين.
ھُو اسان ڏانھن ڏسندو رھيو نيٺ ھوريان ھوريان چوڻ لڳو.
”توھان پڙھو ٿا سٺي ڳالھہ آھي پر ھن ڇوڪري کي صرف ڪرايو بچائڻ لاءِ شاگرد ڇو پيا سڏرايو؟ ھن جي زندگي بدلائڻ، سنوارڻ لاءِ ھن کي واقعي ڇو نٿا پڙھايو...“
ھُو چپ ٿي اسان کي ڏسندو رھيو وري خاموش ٿي ھڪ طرف وڌي ويو..
مُنڊي کپائڻ واري جي نصيحت مون سميت ڪنھن کي بہ نہ وڻي ھئي پر اسان وري ميلي جو خيال ايندي ئي ھن جي ڪيل نصيحت کي ڪنھن ڊرامي جو نہ وڻندڙ سين سمجهي وساري ميلي ۾ گم ٿي وياسين.
ان کان پوءِ عرصو تہ ڊگهو گذاريو آھي پر ڪھاڻي ڏاڍي مختصر آھي.
ان ڏينھن مون صرف هڪ ڏينھن شاگرد بڻجي اڌ ڪرايو تہ بچايو ۽ باقي سڄي زندگي مختلف مزدوريون ئي نصيب ٿيون. جڏهن تہ جيڪي دوست حقيقي اسٽوڊنٽ هئا، انھن جي زندگي اڄ بہ مون کان بهتر گذري رهي آهي.