ڪھاڻيون

بوءِ

هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ ننڍيون وڏيون 32 ڪھاڻيون شامل آهنِ. ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين جا موضوع توڙي اسلوب ڌيان ڇڪائيندڙ آھن. انور ڪليم جي ڪھاڻين جي زمين پنھنجي ئي ديس جي آهي، هو سنڌ جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ آهي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار سجاڳ نظر اچن ٿا. هن پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين کي ئي پنھنجي ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آهي. سندس لکڻين ۾ ڀرپور رس چس ۽ ڀرپور رواني آهي.

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • انور ڪليم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book بوءِ

هو منڊيلا ناهي

دونھين ۽ ٻوسٽ جي باوجود اھي سڀ ھوٽل جي ڪرسين تي ائين ڄميا ويٺا ھيا ڄڻ خدا انھن کي زمين تي موڪليو ئي ان ڪري ھيو تہ جئين ھُو پوري توجهہ سان صرف ۽ صرف فلمون وغيره ڏسن. ھڪ طرف تہ ويٺل ماڻھن مان گهڻن جون اکيون دونھين جي ڪري سڙي رھيون ھيون تہ ٻي طرف ٽي وي تي ھلندڙ نظارن کي ڏسي سندن اکيون ٺري بہ رھيون ھيون.
انھن ويٺلن مان صرف ڪجهہ ئي ماڻھو اھڙا ھيا جيڪي اتي صرف چانھہ پيئڻ آيا ھيا ۽ ڪالو بہ انھن مان ھڪ ھيو. سنھڙو، ڊگهو قد، گهنڊيدار وار، رنگ ڪارو... ان ڪاري رنگت جي ڪري ئي سندس نالو ڪالو مشھور ٿيو ھيو. سندس غير موجودگيءَ ۾ کيس ڪالو ٽانگي وارو چئي بہ ياد ڪيو ويندو ھيو. ڪجهہ سمجهہ ڀريو ٿيو تہ جڏھن کيس ڪو ”ڪارا“ يا ”ڪارو “ چئي سڏيندو ھيو تہ ھُو وڏي واڪي کيس چوندو ھيو.
”ھا ھا... آءٌ ڪارو تنھنجي.... سان آءٌ ڪارو تنھنجي ....سان“
ماڻھو بہ چڙ کائڻ بدران کلي پوندا ھيا.
جڏھن جوان ٿيو ۽ ”ڪارو“ چوڻ تي چڙ برقرار رھيس تہ ماڻھن وري کيس ”ڪالي خان“ چوڻ شروع ڪيو ۽ ڪافي سال ڪالي خان رھيو وري اھو ڪالي خان بہ مختصر ٿي ” ڪالو“ بڻجي ويو ۽ ھن بہ ماڻھن سان چڙڻ ڇڏي ڄڻ سمجهوتو ڪري ڇڏيو.
ٽانگو ھلائيندڙ ڪالو بہ ان ھوٽل تي چانھہ پيئڻ وارن ۾ شامل ھيو.
چانھہ جي انتظار ۾ ويٺل ڪالو جون نظرون بہ ٽي وي تي ھلندڙ پروگرام ۾ کتل ھيون.
ڪالو، ھوٽل مالڪ جي ڪائونٽر ڀرسان ويٺو ھيو ۽ پڙھيل لکيل اھو ھوٽل جو مالڪ خبرون ڏسڻ جو بہ شوقين ھيو.
اوچتو ئي خبرن جو خيال ايندي ئي هوٽل جي مالڪ رموٽ کڻي ٽي وي تي خبرن جو چينل ھلائي ڇڏيون.
ويٺل سڀ ماڻھو سندس عادت ۽ شوق مان واقف ھيا ان ڪري منھن تہ خراب ڪيائون پر ڪجهھ چئي نہ سگهيا.
خبرن واري چينل تي ڪنھن ڪاري رنگ، گهنڊيدار وارن واري غيرملڪي جي تصوير ڏيکاري ڪا خبر ٻُڌائي پئي وئي.
ھوٽل جي مالڪ ٽي وي تي جيئن ئي ان ڪاري رنگ واري غير ملڪي جي تصوير ڏٺي، فورن جذباتي انداز ۾ سلوٽ ڪري زور سان چوڻ لڳو.
”سلام آ منڊيلا تنھنجي ھمٿ کي واھہ... واھہ...“
جيسيتائين خبر ۾ منڊيلا جي تصوير ۽ سندس خبر ھلندي رھي تيسيتائين ھوٽل جو مالڪ ٻڌندو گهٽ رھيو، جذباتي انداز ۾ ھوريان ھوريان ڪجهہ چوندو رھيو.
خبرون ختم ٿيون تہ مالڪ رموٽ سان چينل مٽائي ڇڏيو ڪالو کي بيري چانھہ آڻي ڏني.
ڪالو حيران ھيو تہ آخر ھن ڪاري رنگ واري ماڻھو ۾ اھڙي ڪھڙي خوبي ھئي جو مالڪ کيس سلوٽ، سلام ڪندو رھيو؟
ھو رھي نہ سگهيو تہ ھوٽل مالڪ کان پڇيائين.
”آخر ان ڪاري رنگ جي ھمراھ ۾ اھڙي ڪھڙي ڳالھہ آھي جو توھان کيس سلوٽ ڪيو؟“
اڪثر ماڻھو، پھريان تہ پاڻ ڪجهہ ٻڌڻ لاءِ پريشان ھوندا آھن، جڏھن ٻڌي ٻڌي ڪن ڀرجي ويندا اٿن تہ وري ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ پريشان ھوندا آھن، ھوٽل مالڪ بہ شايد ڳالھائڻ، ٻُڌائڻ لاءِ پريشان ھيو جو فورن چوڻ لڳو.
”ڪالو... ھي آفريڪا جو ھڪ بھادر اڳواڻ اٿئي... نيلسن منڊيلا... پنھنجي قوم جو سچو ۽ بھادر اڳواڻ، ھن پنھنجي بھادري سان دنيا تي ثابت ڪيو تہ ڪاري رنگ جي ماڻھن کي بہ جيئڻ جو اوترو ئي حق آھي جيترو اڇي رنگ جي ماڻھن کي....“
ڪافي دير تائين ھو ڳالھائيندو رھيو ۽ ڪالو حيرت مان ٻُڌندو رھيو.
ڪالو کي حيرت ٿي رھي ھئي تہ ڪاري رنگ جو ڪو اھڙو انسان بہ آھي جنھن سان پنھنجي ملڪ کان ٻاھر بہ ماڻھو محبت ڪن ٿا.
”ڪاري رنگ جي ماڻھو سان محبت“ وارو خيال ايندي ئي ھن ھڪ لمحي لاءِ ڇرڪي، ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو ڄڻ کيس خوف ھجي تہ ھن ڪائي غلط ڳالھہ سوچي آھي ھڪ ٻيو خيال تيزيءَ سان سندس ذھن ۾ آيو.
”ڇا مون سان بہ ڪو محبت ڪري سگهي ٿو؟“
ھُن ھڪ ڊگهو ساھہ کنيو.
زندگيءَ ۾ ھن وقت تائين ھُو پاڻ تہ گهڻن ئي انسانن سان محبت محسوس ڪندو رھيو خاص طور ڪجهہ عورتن سان، پر کيس ڪڏھن بہ محبت جي جواب ۾ محبت ڪا نہ ملي ھئي.
ڪافي عرصي تائين ھُو، ھن سان ، ھُن سان محبت محسوس ڪندو رھيو بلڪھ محبت ٻئي کي محسوس بہ ڪرائيندو رھيو پر ڪٿان بہ ڪو جواب نہ ملڻ ڪري ھُو سمجهي ويو تہ ڪاري رنگ جي انسان کي محبت ڪرڻ جو ڪو بہ حق ڪونھي.
ڪنھن فلم، ڊرامي يا ڪھاڻي جي ڪنھن ننڌڻڪي ڪردار وانگر ھو واقعي بہ ننڌڻڪو ھيو. ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سندس ماءَ کيس نانيءَ جي حوالي ڪري ٻي شادي ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سندس ماءَ ۽ ناني بہ گذاري ويون تہ ھُو لاوارث بڻجي ويو.
ھن جھڙي ئي ھڪ اڪيلي. ننڌڻڪي شخص دلاور ٽانگي واري کيس پاڻ سان گڏ رکيو ۽ ڪافي سال بعد دلاور مري ويو تہ سندس ملڪيت ۾ ڇڏيل ٽانگو، گهوڙو ڪالو جي حوالي ٿيا ۽ ھُو ھڪ آزاد خودمختيار انسان طور زندگي گذارڻ لڳو صرف ڪجهہ سال تائين ھُو پنھنجي شاديءَ متعلق سوچيندو ۽ پاڻ مرادو ڪوشش ڪندو رھيو پر ڪاري رنگ سان گڏ غربت واري بدصورتي جي ڪري بہ کيس ڪو رشتو ڏيڻ لاءِ تيار نہ ھو. نيٺ ھن اھو خيال بہ دل مان ڪڍي ڇڏيو.
اوچتو ھُو خيالن جي وھڪري مان نڪري آيو.
ڇرڪ ڀري ھوٽل جي وال ڪلاڪ ڏانھن نھاريائين تہ وات مان رڙ نڪرندي نڪرندي رھجي ويس.
اسڪول مان موڪل جو ٽائيم ٿي چڪو ھيو، بلڪھ ھو معمول کان ليٽ ھو. تڪڙ ۾ اٿي چانھہ جا پيسا ڏئي ٻاھر نڪتو ھڪ ديوار جي ڇانوَ ۾ بيھاريل ٽانگي تي ويھي ھڪ طرف ھلڻ لڳو.
”ڪٿي بي بي نڪري نہ وئي ھجي“ ھن پنھنجي منھن ڳالھايو.
ھُو ھر پردي دار عورت کي ”بي بي“ چئي مخاطب ڪندو ھيو ۽ ھن وقت جنھن ”بي بي“ کي ياد پئي ڪيائين اھا ھڪ اسڪول ماسترياڻي ھئي جنھن کي ھر روز صبح جو گهر کان اسڪول ۽ موڪل وقت اسڪول کان گهر ڇڏيندو ھيو. جنھن جي عيوض بي بي کان ڪڏھن ڪڏھن خرچي، صبح جي چانھہ کان سواءِ ھر مھيني باقاعده ھڪ مخصوص رقم پڻ ملندي ھئيس.
اڄ بہ عادت موجب اسڪول جي موڪل کان اڳ ھوٽل تي چانھہ پيئڻ ويٺو تہ خبرن ۾ غير ملڪي ڪاري رنگ واري ليڊر جي خبر کان پوءِ پنھنجن خيالن ۾ رھي کيس ڏاڍي دير ٿي چڪي ھئي.
”ٽي وي نڀاڳي شئي ئي اهڙي آھي ڏسڻ ويھو تہ باقي سڀ ڪم وسريو وڃن“
ھُن ٻيھر پنھنجي منھن ڳالھايو.
اسڪول جي گيٽ تي پھتو تہ صرف چوڪيدار ئي کيس ٻاھر بيٺل نظر آيو.
”بي بي ھلي وئي ڇا؟“
ڪالو بي صبريءَ مان چوڪيدار کان زور سان پڇيو. چوڪيدار جي جواب ڏيڻ کان اڳ گيٽ جي ننڍي در مان بيبي ٻاھر نڪتي ۽ بغير ڪجهہ چوڻ جي ٽانگي جي پوئين حصي ۾ ويھي رھي.
بيبي ھڪ وڏي چادر سان پاڻ کي ڍڪي رکيو ھيو.
”ڇو ڪالو اڄ دير ڪيئي؟“
بي بي کان کيس انھيءَ سوال جي اُميد ھئي.
ھو تڪڙي تڪڙي چوڻ لڳو.
”بس بي بي... چانھہ پيئڻ ويٺس تھ....“
”چانھھ پيئڻ ۾ ايڏي دير؟“.
بي بي مُرڪي پڇيو ھيو.
ڪالو بغير پوئتي ڏسڻ جي بہ سندس مُرڪ کي محسوس ڪيو ھيو.
”بي بي... چانھہ پئندي... ھوٽل جي ٽي وي تي ھڪ غير ملڪي ڪاري رنگ واري ليڊر جي خبر ھلي تھ...“

بي بي سندس ڳالھھ وچ ۾ چيو.
”ھا... ھُو نيلسن منڊيلا...“
”اوھان بہ کيس سڃاڻو؟؟“
ڪالو حيرت مان پڇيو.
”ھا... ھو احترام ۽ محبت لائق شخص آھي“
ڪالو حيرت مان فورن چئي ويٺو.
”ڪاري رنگ ھجڻ جي باوجود؟؟“
”ھا.. ڪاري رنگ جو ھجڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟... ھو ٻين ڪاري رنگ جي ماڻھن جي حقن لاءِ ئي تہ وڙھي پيو...“

بي بي جي لھجي ۾ ڄڻ ھُن لاءِ احترام ۽ محبت ھئي.
ڪالو چپ ٿي ويو. سندس ذھن ۾ بي بي جو جملو گوجندو رھيو.
”ڪاري رنگ جو ھجڻ سان ڇا ٿو ٿيئي“
”ڪاري رنگ جو ھجڻ سان ڇا ٿو ٿيئي“
گهوڙو پاڻمرادو گهر پھچڻ تي بيھجي ويو ھيو پر ڪالو خيالن ۾ گم رھيو.
”چو ڪالو ڇا ٿيو؟“ بي بي لھڻ لاءِ تيار ھئي پر لٿي نھ.
ڪالو ڇرڪ ڀريو بي خيالي ۾ ڇوڻ لڳو.
”بي بي ... ھتي ماڻھو ڪاري رنگ جي انسانن سان محبت ڇو نٿا ڪن؟“
چوڻ کان پوءِ شايد ڪالو پنھنجي دل ۾ ڪائي شرمندگي محسوس ڪئي ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
بي بي، ايتري عرصي ۾ پھريون ڀيرو ڪالو جو لھجو ٽٽل محسوس ڪيو.
پھريان تہ حيران ٿي وري ساڳئي مھربان مُرڪ سان چيائين.
”نہ ڪالو... اھا صرف ٿنھنجي سوچ آھي... ھر انسان ۽ ھر جاءِ ھر رنگ جو انسان محبت ۽ احترام لائق آھي.“
ڪالو ڪو بہ جواب نہ ڏنو.
بي بي ٽانگي کان لٿي تہ ھُو بہ ٽانگو واپس ڦيرائي موٽيو.
ھڪ اسپتال جي ڀرسان ھُو ھرروز بيھندو ھيو اتي کيس اڪثر سواري لڳندي ھئي/ملندي ھئي..
اتي بيٺي بہ ھو بي بي متعلق سوچيندو رھيو.
بي بي جي باري ۾ ھن کي ايتري عرصي ۾ اھا ئي خبر پئي ھئي تہ ھوءَ پنھنجي ماءَ سان گڏ رھي ٿي ھن پاڻ شادي ڪانہ ڪئي ھئي پر پاڻ کان ننڍين ٽن ڀينرن جون شاديون ڪرايون ھيائين ۽ آخري ڀيڻ جي شادي تہ ڪالو کي بہ ياد ھئي پر ان کان پوءِ بي بي پاڻ شادي نہ ڪئي.
ڇو؟ اھو سوال اڪثر ڪالو جي ذھن ۾ اڀرندو ھيو پر کيس جواب جو ڪوبہ اندازو نہ ھيو ۽ اڄ تہ ھُو ان سوال تي الائي تہ ڇو پاڻ بہ بار بار سوچي رھيو ھيو.
اڄ کيس ائين لڳي رھيو ھيو ڄڻ بي بي جي چھري جو رنگ اڇو ھجڻ باوجود هوءَ بہ سندس وانگر ئي ننڌڻڪي آھي... لاوارث آھي.
ان رات جڏھن ڪالو گهر آيو تہ کيس لڳو تہ ھو اڄ پيسه ڪمائي کيسي ۾ کڻي ڪو نہ آيو آھي. بلڪھ ڄڻ بي بي جون ڳالھيون ڪمائي ذھن ۾ کڻي گهر آيو ھجي..
ھر ھر کيس ياد پئي آيا.
”ڪاري رنگ جو ھجڻ سان ڇا ٿو ٿيئي...“
”ھر رنگ ... ھر ملڪ جو انسان محبت ۽ احترام لائق آھي...“
” بي بي شادي ڇو نہ ڪئي؟؟“
بي بي... لاوارث... ننڌڻڪي...“
”بي بي..... بي بي...“
”ڪاري رنگ جو ليڊر... جرئت مند...“
ڪافي دير تائين اھي سڀئي ڳالھيون سندس ذھن ۾ ولوڙجنديون رھيون تہ ھڪ نئون سوال ھڪ نئون خيال سندس ذھن ۾ اُڀريو.
”مان بہ ڪاري رنگ جو آھيان... تہ ڇا ان سان ڪوبہ فرق نٿو پَوَي؟“
”يا بي بي مون کي ائين نٿي سمجهي جيئن ٻيا سمجهن ٿا؟“
صبح ٿيندي ئي ھو ان سوچ تي بيھي رھيو.
”مون کي بہ ھمٿ کان ڪم وٺڻ گهرجي... مون کي بي بي کان صاف صاف پڇڻ گهرجي تہ ڇا منھنجي ڪاري رنگ جي ھجڻ سان ھن تي ڪو فرق نٿو پَوَي؟؟
”جرئت.... جرئت...“
صبح جو اسڪول ٽائيم تي بي بي کي وٺڻ آيو تہ الاءِ ڇو ھُو بي بي سان اکيون ملائڻ بنا ڪنڌ جهڪايون رھيو... سندس رويو صاف تبديل محسوس ٿي رھيو ھيو.
ھن جي ذھن ۾ بار بار ڪو چئي رھيو ھيو.
”جرئت ... جرئت....“
”ڪاري رنگ جو ھجڻ سان ڇا ٿو ٿئي“
اسڪول جيئن جيئن ويجهو ٿيندو ويو تيئن هُن جي اندر ۾ شور وڌي رھيو ھيو.
”جرئت... جرئت...“
اسڪول پھچي ويو هيو.
ھن جا چپ ڏڪي رھيا ھيا..
ھن چور نظرن سان ڏٺو، بي بي لھڻ جي تياري ڪري رھي ھئي ... پر لٿي ڪانھ.
”ڇا ڳالھہ آھي ڪالو... ڪجهہ چوڻ ٿو چاھين؟“
ھُن بي بي جو آواز ٻُڌو..
اھو ئي پرسڪون... مھربان آواز.
”جرئت... جرئت“
آخر ھن سموري سگهه گڏ ڪري چيو.
”بي بي ڪنھن اڻ پڙهيل مرد ۽ پڙهيل عورت جي شادي ٿي سگهي ٿي؟“
”ها“
”اوهان ڪنھن اڇي رنگ جي عورت کي ڪاري رنگ جي مرد سان شادي ڪندي ڏٺو؟“
”ها...ها“
”تھ.... ڇا... اوهان مون سان شادي ڪري ....“
هن جو جملو اڌ ۾ رهجي ويو.
گهوڙو ڏڪيو ھيو يا بي بي؟
بس ڪالو ھڪ لمحي لاءِ محسوس ڪيو تہ سمورو ٽانگو لڏي ويو ھيو.
بي بي صرف ھڪ لمحي لاءِ ھن ڏانھن ڪاوڙ مان ڏٺو وري ڪجهہ ڳالھائڻ بنا ٽانگي مان لھي اسڪول جي گيٽ مان غائب ٿي وئي...
اُن هڪ لمحي ۾ ئي ڪالو ڄاڻي ورتو تہ هو منڊيلا ناهي. جنھن سان ڪو محبت ڪري، پر هو تہ اُهو ڪارو سُرمو آهي، جنھن کي هڪ حد تائين تہ برداشت ڪري سگهجي ٿو، پر حد کان وڌندي ئي هرڪو ڊاهڻ/مٽائڻ لڳندو آهي.